سنجر فقير منڌرو
ٽنڊي محمد خان جي يونين ڪائونسل لاکاٽ ۾ شاهه بخاري جو قبرستان ۽ درگاهه مشهور آهن. ان ئي يونين ڪائونسل ۾ هاڻ منڌرن جي آبادي جا ڪي نشان نٿا ملن. ان علائقي ۾ هڪ درويش صفت بزرگ ۽ شاعر رهندو هو. جيڪو سنجر فقير منڌري جي نالي سان مشهور هو. هن درويش سان ڪيتريون ئي روايتون ۽ ڏندڪٿائون منسوب هۡيون. جن مٿان هاڻ وقت جي دز چڙهي وئي آهي. سنجر فقير منڌرو ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ آچار منڌرو ۾ 1904ع ڌاري پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو محمد عثمان منڌرو هو. فقير جو ٻالڪپڻ اتي ئي گذريو. صفا اڻپڙهيل هئڻ باوجود ارڙهن سالن جي عمر ۾ شاعري ڪيائين. ٻارنهن سالن جي عمر کان ئي سندس لاڙو فقيريءَ ڏانهن هو، گهر ۾ رڳو ماني کائڻ واسطي ايندو هو. باقي ڏينهن رات شاهه بخاري جي قبرستان ۾ رهيو پيو هوندو هو. ڄڻ ته سندس سمورو جهان ئي اهو هو. سندس تڪيه ڪلام هوندو هو “ڌڙ سسيءَ کان ڌار، آهي ڪلمي جي پچار”! ڍڳين سان کيس تمام گهڻي اۡنس ۽ پيار هوندو هو، جنهن وقت به شاهه بخاري جي قبرستان کان ڍڳيون مٽينديون هيون ته ڊوڙي وڃي کين پيار ڪندو هو. ڍڳين سان پيو ڳالهائيندو هو، انهن ڍڳين کان موڪلائڻ وقت چوندو هو ته “هاڻي هلو، ڌڙ سسيءَ کان ڌار، آهي ڪلمي جي پچار”! پنجيتاليهه سالن جي ڄمار ۾ 1949ع ڌاري وفات ڪيائين. کيس ان ئي قبرستان ۾ سۡپردخاڪ ڪيو ويو. روايت آهي ته “هڪ دفعي فقير بدين شهر وڃي نڪتو، پنهنجي مُنهن بازار ۾ هلندو پئي ويو ۽ چوندو پئي ويو ته “ڌڙ سسيءَ کان ڌار، آهي ڪلمي جي پچار”! ائين چوندي، کِلندي، ٽهڪ ڏيندو ويو، ان زماني ۾ هندن جي اڪثريت سبب هندو سندس ڪلمي جي پچار ۽ ٽهڪن کان بدگمان ٿي مٿس ڏمرجي پيا ۽ پوليس ۾ رپورٽ ڪيائون. پوليس فقير کي جهلي ٿاڻي تي وٺي وئي، جتي به فقير جي اها ئي ڪار هئي ته “ڌڙ سسيءَ کان ڌار، آهي ڪلمي جي پچار”. صوبيدار به ڪو هندو هو، جنهن فقير کي بند ڪيو هو، فقير پنهنجي ڪِرت کان باز نه آيو، نيٺ صوبيدار کيس ڇڏي ڏنو.” ٻئي روايت موجب “هڪ ڍڳي هئي، جيڪا سندس پيءُ سندس نالي ڪري ڇڏي هئي، فقير ڍڳيءَ جو نالو “ڪجل” رکيو هو. چور سندس ڍڳيءَ ڪاهي ويا، سو فقير کي ٻُڌايائون ته چور “ڪجل” ڪاهي ويا آهن، دُعا ڪر ته موٽي وٿاڻ تي اچي، تنهن تي سنجر فقير کِلي هن ريت بيت چيو ته؛
“سنجر” ٿو ستائي، جنهن جو واسينگن تي وَر،
قادر پير “ڪجل” جو، ڪارڻ گهڻو ڪر،
واري آڻ وٿاڻ تي، تنهن واليءَ ڏيئي ور،
سڪو ڪين سر، پاڙي پرينءَ رسول جي.
فقير کي ڪي پسڻ پسجي ويا سو وري چيائين:
ڪاهي ويا “ڪجل” کي، وڪڻي آيا وري،
انهن جا ڀونگا ڀينگ ٿيا، وِين گهر ٻَري،
منهنجو سوال “سنجر” چئي. ويئي تڪ تري،
موهڄڻ ويا مري، ٿِين سُڃ “سنجر” چئي.
سنجر فقير منڌري جا اهڙا ڪيترائي واقعاتي بيت آهن. اها به روايت آهي ته سندس ٽيهه اکري به هئي، جيڪا اڻلڀ ٿي وئي، ان ٽيهه اکري مان فقط ٻه بيت هٿ اچي سگهيا آهن. جيڪي هيٺ ڏجن ٿا. (ا.ڀ)
(ب) بئون بار ڇڏ، لالن تي لائي،
مهار تن مين جي، جهليندا ٺاهي،
مديني ۾ “منڌرو” چئي پرور پهچائي،
ڪال مٽي ڪاهي، سانگين جو “سنجر” چئي.
(ث) ثئون سُڃاڻي نڪو ڄاڻي، اهو چرکو هو چاندي،
جيسين سِڪ “سنجر” چئي، تيسين مارڻ لئه ماندي،
قسمت هن ڪوٽ ۾، الا جڏهن آندي،
ڪل هئس ڪانڌي، تڏهن مديني مٽي ويا.