“گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان“
“ سماجي تنظيمن ۽ سماج سڌارڪن بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيندڙ مواد.

  facebook 1712414717584 7182387899626434922 گل حيات انسٽيٽيوٽ ڪنهن سرڪاري، نيم سرڪاري يا درٻاري مالي خواه اخلاقي مدد کان سواءِ بي لوثيءَ سان تاريخي اھميت واري مواد جي ميڙي چونڊي ڪئي آھي. اسان جي محبتن ۽ خدمتن واريون ڳالھيون جڏھن ملڪي سرحدون ٽپي ويون تہ آمريڪا، برطانيه، ھالينڊ ۽ ھندستان کان ڪھي آيل عالمن کان علاوه سنڌ ۽ پاڪستان جي اڻ ڳڻين عالمن، دانشورن، سياسي اڳواڻن، مدبرن، صحافين ۽ سماجي ڪارڪنن ھن اداري جي پر خلوص خدمتن جي واکاڻ ڪئي آھي. اداري جي مڃتا جو اندازو انهي ڳالھہ مان لڳائي سگهجي ٿو تہ نيڌر لئنڊ ۾ قائم دنيا جي وڏي کان وڏي آرڪائيوز جي اداري “ انسٽيٽيوٽ فار سوشل ھسٽري“ اسان جي اداري سان الحاق ڪرڻ لاء خط و ڪتابت ڪئي.
گل حيات وس پڳي ڪيترن ادارن جھڙوڪ سچل چيئر، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، لطيف چيئر، سنڌي لئنگويج اٿارٽي جي مواد ۽ معلومات فراھم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آھي. ھن اداري مان ڪيترا ماڻھون لاڀ پرائي ڊاڪٽر آف فلاسافي جي ڊگري وٺي چڪا آھن ۽ اھو سلسلو اڃا جاري آھي. 
   سنڌي سماج اسان جي سماجي سڌارڪن جي مۡحبتن ۽ خدمتن جي رنگ ۾ رتل آھي.انگريزن جي زماني ۾ خاص طور تي ھندن تہ سماجي خدمتن ۾ بي مثال ڪم ڪري ڏيکاريا. فقط ھڪ شھر شڪارپور کي ئي مثال ڪري وٺو، جنهن ۾ سيٺ اوڌوداس جڏھن اسپتال ٺھرائي ٿو تہ پنهنجو نالو انهي ڏاڪي ڏاڪي تي لکرائي ٿو جنهن تي چڙھي اسپتال ۾ ماڻھو اندر داخل ٿئي ٿو . ھن شھر ۾ “ سي اينڊ ايس ڪاليج“ آھي. جڏھن ڪاليج ٺھڻ لاءِ چندو گڏ ڪرڻ شروع ڪيو ويو تہ ٻن ھندن يعني چيلارام ۽ سيتل داس چندي ڏيڻ ۾ ھڪ ٻئي سان ريس ڪئي ۽ ھڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ  جي ڪوشش ڪئي تان جو پنچائت ويٺي ۽ ٻنھي کي ماٺ ڪرايائون  ۽ ڪاليج تي نالو ٻنھي جو رکيائون. جيئن تہ  چيلارام عمر ۾ وڏو ھو، ان ڪري ھن جي نالي جو پھريون حرف اڳ ۾ رکيائون ۽ سيتل داس ننڍو ھو جنهن جي نالي جو پھريون حرف پوءِ ۾ رکيائون. اندازو لڳايو تہ سماجي ڪم ۾ ريس ڪيئن ٿئي ٿي؟، ضد ڪيئن ٿئي ٿو؟ اھڙا مثال سنڌ کانسواءَ ٻيا ڪٿي ملندا. 
   گل حيات انسٽيٽيوٽ سماجي خدمتن ۽ سماجي سڌارڪن کي اھم موضوع ڄاڻي انهن بابت مواد ۽ معلومات جي ميڙي چونڊي پئي محفوظ ڪئي آھي. اوھان گل حيات جي ويب سائيٽ تي کوڙ سارن سماجي سڌارڪن جي زندگين جا احوال ۽ سندن سماجي خدمتن بابت گھڻو ڪجه پڙھي سگهندا. گل حيات ادارو انگريزن ڪي دور کان وٺي اڄوڪي دور تائين قائم ٿيل سماجي تنظيمن جي نالن جي ھڪ لسٽ ترتيب ڏني آھي، جيڪا طويل ترين لسٽ آھي ۽ ان ۾ ھزارين سماجي تنظيمن جا نالا ڏنا ويا آھن. اھڙي ريت  سماجي ڪارڪنن ۽ سڌارڪن جي نالن جي لسٽ پڻ جوڙي وئي آھي. منهنجي بابا ھن دور جي لڳ ڀڳ سمورين سماجي تنظيمن سان لاڳاپو قائم ڪيو ۽ ذاتي طور تي گذارشون ڪيون تہ اھي ميمبر شپ فارم جي فوٽواسٽيٽ ڪاپي گل حيات کي ڏين، پر ڪا جوڳي موٽ ڪان ملي جنهن جا وڏا روحاني راز ۽ ڪارڻ آھن. انهي ڪري جڏھن اسان اھڙي مواد گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ لڳ ڀڳ سموري مکيه سماجي ڏي خط لکي گذارش ڪئي تہ پنهنجي تنظيم کي تاريخ جي ورقن ۾ امر بڻائڻ لاءِ اسان سان تعاون ڪيو ۽ ھن ريت معلومات ڏياري موڪليو: 
1. تنظيم جي آئين، منشور ۽ رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ جي ڪاپي.
2. تنظيم طرفان شايع ڪرايل عيد ڪارڊن، دعوت نامن، ڪتابن، سوينئرس، پوسٽرن، پمفليٽن ۽ اسٽڪرن جي ڪاپي.
3. پروگريس رپورٽن جي ڪاپي.
4. اخبارن ۾ تنظيم بابت شايع ٿيل خبرن، تبصرن ۽ رپورٽن جي ڪٽنگ جي ڪاپي.
5. وزيٽرس بوڪ جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي.
6. منٽس بوڪ جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي.
7. موجودن ۽ سابق عھديدارن جا ڪوائف ( نالو،ولديت، ذات، ڄمڻ جي تاريخ، ڄمڻ جو ھنڌ، تعليمي لياقتون، روزگار، تنظيم سان وابستگي، عھدي ملڻ جي تاريخ ۽ ايڊريس) 
اسان جي سوين خطن ۽ گذارشن جو کڙ تيل ائين پئي نڪتو آھي جو موڪليل ڪبوتر جو تہ ڇا پر ان جي ڪنهن کنڀ جي بہ خبر نٿي پوي. اجتماعي ڪمن ۾ ، قومي ڪمن ۾ ۽ ھن جھڙن تحقيقي ڪمن ۾ عدم دلچسپي، مسھپ ۽ بخل جهڙوڪ اسان سنڌين جي قومي نفسيات جو حصو بڻجي چڪو آھي.پر مايوس ٿيڻ وارا اسان بہ ڪو نہ آھيون ۽ سالن کان مواد جي ميڙي چونڊي جاري آھي ۽ اڳتي بہ جاري رھندي. 
  مون اڄ ھن پوسٽ ۾ جيڪا تصوير ڏني آھي اھا 6 صفحن تي مشتمل اسان جي اپيل آھي جيڪا اسان سماجي تنظيمن ۽ سماجي سڌارڪن ڏانهن ڏياري موڪليندا آھيون.
گل حيات اداري ۾ چڱين خاصين سماجي تنظيمن جو چڱو خاصو مواد موجود آھي، جن منجهان “سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن“ ۽ “ سڪ پريت“  جو مواد ٻين تنظيمن کان وڌيڪ آھي. انهن ٻنهي تنظيمن سان بابا سائين جو گھرو واسطو رھيو آھي. ان ڪري  انهن ٻنهي تنظيمن کان مواد وٺڻ ۾ اسان کي آساني ٿي آھي. “ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن“ اھا پھرين تنظيم آھي جنهن بابا سائين کي پھريون گولڊ ميڊل ڏنو ھيو. بابا سائين ٻنهي تنظيمن جي پليٽ فارم تان ڪيترا ليڪچر بہ ڏنا ۽ انهن جي فنڪشنس ۾ مقالا بہ پڙھيا. ڪجه سال اڳ “ سنڌ گرجوئيٽس ايسوسيئيشن“ جي ڪراچي شاخ محترم اشرف کھاوڙ جي تحرڪ سان بابا کي ايوارڊ ڏنو ھيو. بيگم اشرف عباسي ۽ سندس پٽ حاجي منور عباسيءَ جن جي ٺاھيل ڪلھوڙا عباسي تنظيم بہ بابا سائين کي ميڊل ڏنا.  
      سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ سنڌ جي سماجي تنظيمن بابت خبرون شايع ٿينديون رھن ٿيون. ڪڏھن ڪڏھن تنظيمن وارا پنهنجي فنڪشن جو اکين ڏٺو احوال يا رپورٽ بہ شايع ڪندا آھن. اسان اھو اخباري مواد سالن کان وٺي گڏ ڪندا ويندا آھيون ۽ جنهن مان ڪيترا جلد ٺاھي ورتا اٿئون . منهنجي ھن پوسٽ لکڻ جو مقصد اھو آھي تہ سنگت کي ٻڌائي سگهان تہ گل حيات اداري ۾ انگريزين جي دور کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين سماجي تنظيمن ۽ سماج سڌارڪن بابت چڱو خاصو مواد موجود آھي. ڪڏھن بہ ڪنهن اداري يا فرد کي انهي مواد جي ضرورت محسوس ٿئي تہ گل حيات ۽ اسان جي دلين جا دروازا ھميشه کليل رھندا.( ممتاز پٺاڻ)

Good Wishes