اسان جي دور جون ڪي علمي ۽ ادبي جماعتون

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي واڌاري ۾ علمي، ادبي ۽ ثقافتي جماعتن اهم رول پئي ادا ڪيو آهي، اهي جماعتون هم خيال فردن کي گڏيل پليٽ فارم مهيا ڪنديون رهيون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ اسان جي عالمن، اديبن، شاعرن ۽ ٻين قلم ڌڻين پنهنجي صلاحيتن ۽ لياقتن کي گڏيل قوت جي روپ ۾ سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي مفاد خاطر پئي ڪم اندو آهي.

علمي ادبي ۽ ثقافتي جماعتون انگريزن جي دور ۾ قائم ٿيڻ شروع ٿيون، ”ميڪس ڊينسو هال لٽرري سوسائٽي“ سنڌ ۾ قائم ٿيل پهرين ادبي سوسائٽي آهي، جيڪا 1885ع جي آگسٽ ڌاران قائم ٿي، پادري بمبرج ان جو پهريون صدر ۽ جيمسٽي آرڊيشر ان جو پهريون سيڪريٽري ٿيو، سنڌي ٻولي جا ڪيترا ناميارا عالم، اديب ۽ شاعر هن جماعت سان گڏجياڻين ۾ شرڪت ڪندا هئا، انهن مان ڏيارام گدو مل، ڪوڙيل، چندن مل، ۽ هيرانند شوقيرام جا نالا ذڪر لائق آهن، سوسائٽيءَ جون هر هڪ اربع تي شام جو ساڍي ڇهين وڳي ڊينسو هال ۾ گڏجاڻيون ٿينديون هيون.

سنڌ ۾ ادبي سوسائٽين جو قيام ال انڊيا ڪانگريس ڪاميٽي جي ٺهڻ يا ائين کڻي چئجي ته سنڌ مدرسة الاسلام قائم ٿيڻ کان به اڳي ٿيو، هڪ صديءَ جي انهيءَ عرصي ۾ سنڌ ۾ هزار کان مٿي علمي، ادبي ۽ ثقافتي جماعتون قائم ٿيون، انهن جماعتن ۽ ادارن جو هڪ وچور مان تيار ڪري انسٽيٽوٽ آف سنڌ الاجيءَ ۾ رکيو آهي ته جيئن هر هڪ جماعت، اداري يا تنظيم تي تفصيل سان تحقيقي ڪم ڪري پنهنجي تاريخ جي وڃايل ورقن کي محفوظ ڪري سگهجي، انهيءَ لاءِ مون ”ڏات – ڌنين جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي خدمتن کي محفوظ ڪرڻ واري رٿا“ کي اهڙي نموني تيار ڪيو آهي ته جيئن قلم – ڌڻين ۽ ڏات – ڌڻين سان گڏ علمي، ادبي ۽ ثقافتي جماعتن، تنظيمن ۽ ادارن جي سرگرمين جو رڪارڊ به محفوظ ٿيندو هلي، انهيءَ سلسلي ۾ ”سنڌي ادبي سنگت“ ۽ ”بزم طالب الموليٰ“ جي سمورين شاخن سان رابطو قائم ڪيو آهي ۽ انهن ڏانهن پروفارما موڪليا ويا آهن، هن وقت تائين اداري ۾ ڪافي جماعتن جو جزوي ۽ بنيادي رڪارڊ ترتيب ڏئي محفوظ ڪيو ويو آهي، پر ان هوندي به هن دور جي سمورين علمي، ادبي ۽ ثقافتي جماعتن جو رڪارڊ محفوظ مون اڪيلي انسان جو ڪم نه اهي، جيڪڏهن اسان جي عالمن، اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن پنهنجي تاريخ دوستيءَ جي ثابتي ڏني ۽ ڀرپور سهڪار ڪيو ته هن دور جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي جماعتن جو رڪارڊ محفوظ ٿي ويندو، جيڪڏهن اسان پاڻ سستيءَ جو مظاهرو ڪيو ته پوءِ جيڪڏهن تاريخ ۾ وڃي سکڻو نالو رهيو ته به ڀاڳ ڀلا ليکبا. 1885ع کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين ڪيتريون جماعتون جڙيون ۽ ختم ٿي ويون. پر ايڪڙ ٻيڪڙ کان سواءِ ڪن جا نالا به اسان کي ياد نه ٿا اچن، ڪنهن کي پڪ ايندي ته اسان جي دور جي ”سنڌ گريجوئيشن ايسوسيئيشن“ کان اڳ 1912ع ۾ سنڌ گريجوئيشن ايسوسيئيشن شڪارپور ۾ قائم ٿي هئي! تاريخ ته هر دور ۽ هر موڙ تي پنهنجو سينو کولي بيهندي آهي، پر ڪي ڪي ڀاڳ ڀريا انهيءَ سيني جي خوشبوءِ ماڻيندا آهن، هن دور ۾ به سنڌ جي آئيندي جي تاريخ ”ڏات – ڌڻين جي رٿا“ جي آواز سان اسان کي سڏي رهي آهي، ڏسجي ته اسان علم دوستي ۽ ادب پروريءَ جا دعويدار ڪيترو ۽ ڪيئن ٿا اهو سڏ ٻڌون ۽ پاڻ کي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪرايون، هن هيٺ آءُ پنهنجي دور جي ڪن چند جماعتن جو مختصر تعارف پيش ڪريان ٿو، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان اجتماعي طور تي ٻولي ۽ علم ادب جي ڪيئن ۽ ڪيتري خدمت ڪرڻ جا هيراڪ آهيون.

1. ”اداره روح ادب ]سنڌ[“: هي ادارو محترم مخدوم محمد زمان صاحب طالب الموليٰ جي سرپرستيءَ ۾ قائم ٿيو، مرحوم سرشار عقيلي، اختر هالائي، عارف الموليٰ ۽ مرحوم محمد خان ”غني“ هن جماعت جا مکيه عهديدار مقرر ڪيا ويا. ”اداره روح ادب“ پنهنجي دور جي هڪ ادبي تحريڪ جو روپ ورتو ۽ ان جي حلقي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا شاعر ۽ اديب شامل ٿيا، اداري جو صدر دفتر هالا ۾ هو ۽ ان جون شاخون سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ به قائم ٿيون، هن اداري سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي اوسر، تبليغ ۽ اشاعت لاءِ قابل تعريف ڪم ڪيو.

2. ”الخالق ادبي ادارو ]هالا[“: هي ادارو غلام رسول ”غلام“ جي سرپرستيءَ ۾ قائم ٿيو ۽ محسن حسن ”ساز“، عثمان سنگراسي، محمد حسين ”آزاد“ ۽ ”انور“ هالاڻي ان جي قيام خواهه ڪارڪردگيءَ ۾ اهم حصو ورتو، هن اداري پنهنجين ادبي سرگرمين کان سواءِ پنهنجي ميمبرن ۾ تعليم جي اهميت ۽ عظمت جي احساس ڏيارڻ جي به ڪوشش ڪئي.

3. ”انجمن آفتاب ادب ]دادو[“: هيءُ ادبي انجمن دادو جي استاد شاعر حافظ محمد حسن چنه ۽ رئيس ضياءَ الدين ”ضياءَ“ جي ڪاوش جو نتيجو هئي، انجمن هن وقت تائين اڻ ڳڻين ادبي نشستن ۽ مشاعرن جو اهتمام ڪيو آهي. حافظ ”احسن“ هن انجمن جو روح روان ٿي رهيو.

4. ”انجمن علم و ادب ]هالا[“: هالا جي هيءَ علمي ۽ ادبي جماعت محمد اسماعيل عرساڻيءَ جي ڪوششن سان قائم ٿي، انور هالائي سيڪريٽري جي حيثيت سان سالن جا سال هن جماعت جي خدمت ڪئي، هن انجمن ڪيترو وقت سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جا گهڙا ڀريا.

5. ”انجمن علم و ادب ]ڳوٺ صوفي فقير[“: هيءَ انجمن محترم ”معمور“ يوسفاڻيءَ جي علم دوستيءَ جو نتيجو هئي، انجمن ڪيترو وقت ڳوٺ صوفي فقير ۾ علم جي ماحول کي روان دوان رکيو.

6. ”انجمن فروغ ادب ]هالا[“: هيءَ انجمن هالا جي دوست ۽ ادب پرور اديبن ۽ شاعرن جي ڪوششن جو نتيجو هئي، ڊاڪٽر سليمان شيخ، عبدالقادر ابڙو، عبدالرحمان قريشي، يوسف ابڙو ۽ الطاف شيخ هن انجمن جا مکيه ڪارڪن ٿي رهيا، انجمن طرفان ڪيتريون ئي ادبي گڏجاڻيون ٿيون، ان کان سواءِ انجمن اشاعتي پروگرام ذريعي ٻوليءَ جي فروغ لاءِ به تعريف جوڳو ڪم ڪيو. هن انجمن جو آڳاٽو رڪارڊ ڊاڪٽر سليمان شيخ جن جي مهرباني سان هٿ اچي سگهيو آهي، جنهن کي مون ترتيب ڏئي انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ۾ ڏات – ڌڻين واري رٿا جي حوالي سان محفوظ ڪيو آهي.

7. ”بزم ادب ]سکر[“: شروعاتي ڏهاڙن ۾ سکر ۾ پرائمري استادن جي ترتيب جو ڪاليج هوندو هو، ان کان پوءِ ئي اتر سنڌ ۾ ٻين هنڌن اهڙا ڪاليج قائم ٿيا، سکر ڪاليج ۾ استادن ۽ شاگردن جي تعاون سان ”بزم ادب“ نالي جماعت قائم ٿي، جنهن طرفان ادبي گڏجاڻيون ۽ مشاعرا منعقد ٿيا.

8. ”بزم ادب ]شهدادڪوٽ[“: هي بزم محترم گل حسن گوپانگ ۽ سندس شاعر ساٿين جي ڪوششن جو نتيجو هئي، بزم طرفان ڪجهه مشاعرا به سڏرايا ويا.

9. ”بزم ادب ]لاڙڪاڻو[“: هيءَ بزم محترم گل حسن گوپانگ ۽ سندس ساٿين جي تعاون سان قائم ٿي، هن بزم ڪيترن ئي پرائمري استادن کي شعر و شاعريءَ ڏانهن راغب ڪيو.ئ

10. ”بزم ادب]ميرپورساڪرو[“: هيءَ بزم پيرل پياسي ۽ سندس شاعر ساٿين جي ڪاوشن جو نتيجو هئي، بزم طرفان اڪثر ڪري مقامي نوعيت سان مشاعرا ٿيندا هئا، جن تر جي سيکڙاٽ شاعرن کي فني تربيت مهيا ڪري ڏني.

11. ”بزم ادب ]خيرپورناٿن شاهه[“: هي بزم خيرپور ناٿن شاهه جي ادبي شيدائين طرفان قائم ڪئي وئي، جنهن طرفان مقامي نوعيت سان مشاعرا به منعقد ٿيا، حڪيم محمد صادق بزم جي قيام ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

12. ”بزم اصغر ]ڪراچي[“: هيءَ بزم سنڌ جي نامياري شاعر مرحوم محمد جمن هالي پنهنجي پٽ جي نالي پٺيان قائم ڪئي، بزم طرفان ڪيترائي مشاعرا منعقد ڪرايا ويا، جن ۾ ڪراچيءَ کان سواءِ اندروني سنڌ جي شاعرن پڻ شرڪت ڪئي.

13. ”بزم بلبل ]ميهڙ[“: هيءَ بزم سنڌ جي نامياري شاعر مرحوم شمس الدين بلبل جي نالي، سندس ياد ۾ قائم ڪئي وئي، جنهن جو صدر مرحوم بلبل جو فرزند رئيس ضياءَ الدين ”ضيا“ هوندو هو، بزم طرفان ڪيترا مشاعرا سڏرايا ويا.

14. ”بزم حڪيم]ڪراچي[“: هيءَ بزم محترم عبدالرحمان ”نسيم“ ۽ سندس ساٿي شاعرن جي تعاون سان قائم ٿي، بزم جو نالو سنڌ جي نامياري شاعر، اديب، صحافي ۽ عالم حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي نالي پٺيان رکيو ويو هو، هن بزم جي طرفان ڪيترائي مشاعرا سڏرايا ويا ۽ ڪراچيءَ جي ماحول کي ادبي رنگ ڏنو ويو.

15. ”بزم صابر]نوان جتوئي[“: هيءَ بزم نوان جتوئيءَ جي شاعر جمال الدين ”مومن“ جي ڪوششن سان قائم ٿي، بزم ڪيترائي مقامي نوعيت جا مشاعرا منعقد ڪرايا ۽ ڪيتري عرصي تائين ڳوٺ جي ادبي ماحول کي معطر ڪري رکيو.

16. ”بزم طالب]خيرپور ناٿن شاهه[“: هيءَ بزم خيرپرو ناٿن شاهه جي اديبن ۽ شاعرن جي ڪوششن سان قائم ٿي، هن بزم طرفان ”درس ادب“ نالي هڪ شعبو قائم ڪيو ويو، جنهن ذريعي شاعريءَ سان شوق رکندڙ نوجوان طبقي کي سکيا ڏيڻ جو بندوبست ڪيو ويو، هن بزم جي قيام ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ ”افضل“ مصرپوري ”آثم“ ناٿن شاهي ۽ محسن ڪڪڙائي، ”وفا“ ناٿن شاهي، راز ناٿن شاهي، وغيره اهم ڪردار ادا ڪيو.

17. ”بزم طالب الموليٰ]سنڌ[“: هيءَ بزم سنڌ جي نامياري شاعر ۽ روحاني اڳواڻ حضرت مخدوم محمد زمان جي سرپرستيءَ ۾ 1954ع ۾ قائم ٿي، بزم پنهنجي دور جي هڪ ادبي تحريڪ بڻجي اڀري جنهن جون سنڌ جي مکيه ڳوٺن ۽ شهرن ۾ شاخون قائم ٿيون، بزم سنڌ ۾ شاعري جي شمع کي سالن تائين روشن ڪري رکيو ۽ ڪيتريون ئي ڪانفرنسون منعقد ڪرايون، هن وقت به هي بزم فعال ادبي جماعتن مان هڪ آهي، بزم جون شاخون پنهنجي علمي، ادبي ۽ ثقافتي خدمت وارين سرگرمين ۾ مصروف آهن، هن بزم جي شاخن پنهنجي سرگرمين ۽ خدمتن جو رڪارڊ انسٽيٽيوٽ آف سنڌلاجي ۾ محفوظ ڪرايو آهي.

18. ”بزم راشدي]خيرپورناٿن شاهه[“: هيءَ بزم حڪيم محمد صادق جي ڪاوشن ۽ سندس ساٿين جي تعاون سان قائم ٿي، بزم خيرپور ناٿن شاهه جي ادبي ماحول ۾ اڃا به وڌيڪ رنگ ڀرڻ جي تعريف جوڳي ڪوشش ڪئي ۽ شاعريءَ جي خدمت ڪئي.

19. ”بزم رفيق]هالا[“: هيءَ ادبي جماعت منصور و يراڳيءَ جي ڪوششن سان هالا ۾ قائم ٿي، جنهن جو سيڪريٽري غلام ابڙو هو، هن جماعت ورهاڱي کان پوءِ واري ٻڏتر واري ادبي ماحول کي گرمائي رکيو.

20. ”بزم سچل ]لاڙڪاڻو[“: شاعر هفت زبان حضرت سچل سرمست جي فڪر ۽ پيغام کي عام ڪرڻ ۽ سندس ياد کي تازي رکڻ لاءِ هيءَ بزم لاڙڪاڻي ۾ قائم ٿي، مرحوم عبدالله ”اثر“، ”محسن“ لاڙڪاڻوي ۽ لقمان حڪيم وغيره جهڙن ساعرن بزم جي جوت کي ڪافي عرصي تائين جلائي رکيو ۽ شاعريءَ جي متوالن نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو.

21. ”بزم سرشار]ڪراچي[“: مرحوم الله بخش ”سرشار“ عقيليءَ ڪراچيءَ ۾ رهڻ واري عرصي دوران اتان جي دل تي علمي ۽ ادبي خدمت ڪئي ۽ ڪيترن نوجوانن کي علم ادب جي دنيا سان مانوس ڪرايو، سندس وفات کان پوءِ ڪراچيءَ واسين سندس ياد ۽ علمي خدمتن کي تازي رکڻ لاءِ هي بزم ٺاهي، جنهن طرفان وقت به وقت مشاعرا ٿيندا رهيا، محترم صوفي دوست محمد ”ساجد“ سرشاري هن بزم جي قيام ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ اهم حصو ورتو.

22. ”بزم سروري]ڳوٺ صوفي فقير[“: سروري درگاهه جي ادبي تحريڪ جي نتيجي ۾ جيڪي سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۾ بزمون ۽ انجمنون قائم ٿيون، هتي ”بزم سروري“ به انهن مان هڪ هئي، محترم محمور يوسفاڻي هن بزم جي قيام ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ اهم حصو ورتو.

23. ”بزم سروريه]هالا[“: هيءَ بزم پروفيسر محبوب علي چنه جي ڪوششن سان قائم ٿي، ”محبوب“ سروري جماعت جو پهريون جنرل سيڪريٽري بڻيو، هن بزم ڪيترا مشاعرا منعقد ڪرايا ۽ ادبي خواهه علمي مباحثا ڪرايا، ان کان سواءِ ڪيترا ڊراما به هن بزم اسٽيج ڪرايا.

24. ”بزم خليل]حيدرآباد[“: هيءَ بزم مرحوم ڊاڪٽر محمد ابراهيم ”خليل“ جي دم سان آباد هئي ۽ 1948ع ڌاري قائم ٿي، هن بزم حيدرآباد جي نون خواهه پراڻن شاعرن کي پنهنجي جوت جلائڻ ۽ صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو، مرحوم عبدالله ”خواب“ ۽ بلاول پرديسي هن بزم جي سرگرم ڪارڪنن جي حيثيت سان خدمت ڪئي.

25. ”بزم فردوس]هالا[“: هيءَ بزم محترم مخدوم طالب الموليٰ جي سرپرستيءَ ۾ هالا ۾ قائم ٿي، هن بزم ڪيتري عرصي تائين هالا جي ادبي ماحول کي معطر ڪري رکيو.

26. ”بزم گلستان]هالا[“: هيءَ بزم منصور ويراڳي جي ڪاوشن سان قائم ٿي، هن جماعت ڪيتري وقت تائين نئين نسل کي ادبي تربيت مهيا ڪئي ۽ نوجوانن ۾ علم دوستيءَ جو جذبو جاڳايو.

27. ”بزم لطيف]ڳيريلو[“: سنڌ جي سدا حيات شاعر لاکيڻي لطيف جي نالي تي هيءَ بزم ”ناطق“ ڳيريلائيءَ پنهنجي ڳوٺ ۾ قائم ڪئي، هن بزم ڪجهه عرصي تائين تر جي ماحول ۾ ادبي رنگ پيدا ڪيو ۽ مقامي نوعيت جا مشاعرا منعقد ڪرايا.

28. ”بزم مخلص]ڪنڌڪوٽ[“: هيءَ بزم ڪنڌڪوٽ جي شاعرن ۽ اديبن قائم ڪئي، بزم جي نالي مان ئي ظاهر آهي ته اها سنڌ جي ظرافت جي بادشاهه نامياري شاعر محمد هاشم مخلص جي نالي سان منسوب ٿيل هئي، هن بزم ڳچ عرصي تائين سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي خدمت ڪئي.

29. ”بزم مولائي شيدائي]محمد پور اوڍو[“: اتر سنڌ جي بي لوث مگر نامياري اسڪالر مرحوم مولائي شيدائي جي ياد کي تازي رکڻ لاءِ هيءَ بزم محمد پور اوڍي ۾ قائم ڪئي وئي آهي، بزم طرفان وقت به وقت مشاعرا منعقد ٿيدا رهن ٿا.

30. ”بزم ناز ]خيرپور[“: خيرپور ميرس جي نالي وٺڻ سان مرحوم ڊاڪٽر عطا محمد ”حامي“ جو تصور خود بخود اکين اڳيان تري اچي ٿو، مرحوم سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سيکڙاٽ شاعرن جي فن کي جلا بخشي ۽ کين ناميارن شاعرن جي صف ۾ آڻي بيهاريو، مرحوم جيتوڻيڪ پاڻ پنهنجي وجود ۾ هڪ مڪمل انجمن هو، پر پوءِ هن پنهنجي ساٿين جي تعاون سان خيرپور ۾ ”بزم ناز“ به قائم ڪئي، خادم رفيقي انهيءَ ڏس ۾ سندس ڀروسي جهڙو ساٿي بڻيو رهيو، هن بزم طرفان ڪيترن ئي مشاعرن جو انعقاد ٿيو.

31. ”پاڪستان رائٽرس گلڊ]سنڌ شاخ[“: هيءَ گلڊ 1959ع ۾ قائم ٿي، جنهن جي قيام ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ سنڌي اديبن ۽ شاعرن به سرگرميءَ سان حصو ورتو، اهڙن ڏات – ڌڻين سان شيخ اياز، مرحوم گرامي، رشيد ڀٽي، محمد ابراهيم جويئي، علي محمد شيخ ۽ نياز همايونيءَ جا نالا ذڪر لائق آهن، هن گلڊ سنڌيءَ ۾ شايع ٿيل معياري ادب جي همت افزائي ڪئي ۽ سرڪار کان مستحق اديبن کي وظيفي وٺي ڏيڻ ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون.

32. ”جمعيت الشراء ]سنڌ[“: هي شاعرن جي جماعت ورهاڱي کان اڳ جي ادبي جماعتن مان هڪ آهي، جنهن جو 1946ع ۾ باقاعدي پايو وڌو ويو، هن جماعت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ادبي ڪانفرنسن جو انعقاد ڪرائي علم ادب ۽ عروضي شاعري کي عام ڪيو.

33. ”رائچند اڪيڊمي]حيدرآباد[“: هيءَ اڪيڊمي تازو قائم ڪئي وئي هئي، اڪيدمي ٿر جي نامياري استاد، اديب ۽ ليکڪ سرڳواسي رائچند جي ياد کي تازي رکڻ ۽ سندس خدمتن کي اجاگر ڪرڻ جو ڪم ڪندي، اڪيڊميءَ جي قيام ۾ سرڳواسي رائچند جي فرزند نفيس احمد شيخ جو وڏو عمل دخل آهي.

34. ”سچل سرڪل ]حيدرآباد[“: سنڌ جي نامياري سرمست شاعر حضرت سچل سرمست جي فڪر ۽ پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ هيءَ سرڪل سندن معتقدن طفان حيدرآباد ۾ جوڙي وئي، سردار بهادر شيخ محمد بخش صدر، آغا غلام النبي، آغا عبدالنبي، شيخ عبدالعزيز قنڌاري سيڪريٽري ۽ مولانا گرامي ان جو پروپيگنڊا سيڪريٽري مقرر ٿيا. هن سرڪل هفتيوار گڏجاڻين جو اهتمام ڪيو، گڏجاڻين ۾ سچل سائين ۽ سندس فڪر تي بحث ۽ خيالن جي ڏي وٺ جو موضوع بڻبو هو.

35. ”سنڌ رائيٽرس گلڊ]حيدرآباد[“: هيءَ گلڊ بزرگ شاعر نياز همايونيءَ جي ڪاوشن سان حيدرآباد ۾ قائم ٿي، گلڊ کي رجسٽرڊ ڪرايو ويو آهي، اميد ته هيءَ گلڊ سنڌي شاعرن، اديبن، عالمن، ليکڪن جي دل تي خدمت ڪندي.

36. ”سنڌ سڀيتا سنگت ]ڪراچي[“: هيءَ ادبي جماعت ”هلال پاڪستان“ جي اڳوڻي ايڊيٽر سراج الحق ميمڻ جي ڪوششن سان قائم ٿي، سنگت طرفان سنڌ سينٽر ۾ ادبي گڏجاڻيون ٿينديون هيون جن ۾ قمر شهباز، انور پيرزادو، در محمد پٺاڻ ۽ ٻيا اديب ۽ شاعر شرڪت ڪندا هئا.

37. ”سنڌ سگهڙ سنگت]لاڙڪاڻو[“: هيءَ جماعت ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي سرپرستيءَ ۾ 1975ع ۾ قائم ٿي، جنهن جون شاخون سنڌ جي مختلف ضلعن جهڙوڪ شڪارپور، دادو، سکر، خيرپور ۽ بدين ۾ به قائم ٿيون. سگهڙ سنگت سنڌ جي سگهڙن کي پهريون دفعو منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اهي مختلف هنڌن تي هفتيوار خواهه ماهوار گڏجاڻيون ڪرڻ لڳا، هن جماعت سگهڙن جي فن ۽ فڪر کي محفوظ ڪرڻ ۽ شايع ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي، سنگت شڪارپوري اديبن جي تعاون سان شڪارپور ۾ سنڌ سگهڙ ڪانفرنس به سڏرائي. هن سنگت جي قيام ۽ ڪارڪردگيءَ جو رڪارڊ به مون ترتيب ڏئي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ محفوظ ڪيو آهي.

38. ”سنڌ گريجوئيشن ايسوسئيشن]سنڌ[“: سنڌ جي هن سماجي، علمي ۽ ثقافتي جماعت جنهن نموني سان وطن واسين جي خدمت جي فضا قائم ڪئي، سا ڪنهن کان به ڳجهي ڪانهي، ليڪن ستت ئي جماعت کي نظر لڳي وئي، هن جماعت وڏي پيماني تي لاکيڻي لطيف ۽ سچل سرمست تي سيمينار سڏرايا ۽ سنڌ جي ناميارن شخصيتن جا ڏينهن ملهايا، جماعت سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي اشاعت، اوسر ۽ تبليغ لاءِ تعريف جوڳي نموني سان پاڻ پتوڙيو، ليڪن پاڪستان ۽ سنڌ سرڪار طرفان پنهنجي ملازمن کي هن سماجي جماعت کان پري رکڻ واري عمل جماعت جي ڪارڪردگيءَ کي بريءَ طرح متاثر ڪري وڌو آهي.

39. ”سنڌ ڪلچرل اينڊ ايجوڪيشنل ويلفيئر سوسائٽي]ڪراچي[“: هيءَ سوسائٽي ڪاڪا صديق ۽ سندس ساٿين جي تعاون سان قائم ٿي، جنهن طرفان ڪجهه عرصي تائين ڪراچيءَ جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي ماحول ۾ گرم جوشي جي فضا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، سوسائٽي ليڪچر به منعقد ڪرايا ۽ ٻه ٽي ادبي نوعيت جا جلسا به سڏرايا.

40. ”سنڌي ادبي محفل]باڊهه[“: هيءَ ادبي محفل غلام رسول ”راز“ ۽ گل حسن ”بيڪس“ جي ڪوششن سان قائم ٿي، هن محفل باڊهه جي شآعراڻي ماحول کي ڪنهن عرصي تائين دائم ۽ قائم رکيو.

41. ”سنڌي ادبي سنگت]سنڌ[“: هيءَ سنگت ورهاڱي کان اڳ جي ترقي پسند ادب واري تحريڪ جي نشاني آهي، سنگت سڀ کان پهريون 1947ع ۾ سوڀي گيانچنداڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي ۽ ٻين سندن ساٿين جي ڪوششن سان قائم ٿي، ليڪن ستت ئي پوءِ غير مسلم اديبن جي لاڏاڻي سبب ان جي ڪارڪردگي متاثر ٿي، 1956ع ۾ وري انهيءَ کي نئين سر منظم ڪيو ويو. ”سنڌي ادبي سنگت“ هڪ موثر تحريڪ ۾ تنظيم جو نالو آهي، جنهن جون شاخون سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن تائين ڦهليل آهن، هن سنگت سنڌيءَ کي آئين ۾ سرڪاري زبان طور تسليم ڪرائڻ واري تحريڪ ۾ بي مثال ڪارناما سرانجام ڏنا، سنگت جي شاخن جون هفتيوار گڏجاڻيون سنڌ ۾ علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين کي قائم ۽ دائم رکنديون اچن ٿيون، سنگت نئين نسل لاءِ هڪ تربيتي مرڪز جي حيثيت رکي ٿي، سنگت جي ڪن شاخن پنهنجو رڪارڊ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ محفوظ ڪرايو آهي.

42. ”سنڌي ادبي سوسائٽي]سکر[“: هيءَ سوسائٽي اسلاميه ڪاليج سکر جي سنڌي شعبي جي استادن ۽ شاگردن جي ڪوششن سان قائم ٿي، سوسائٽي شيخ راز، ڊاڪٽر شريف ۽ ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ جي ڪوششن سان ڪيترن شاگردن لاءِ ادبي ماحول پيدا ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترا اديب پيدا ٿيا، هن سوسائٽي هڪ اڌ ادبي ڪانفرنس به سڏائي.

43. ”سنڌي ادبي سوسائٽي]شڪارپور[“: هيءَ ادبي سوسائٽي شڪارپوري اديبن ۽ شاعرن جي ڪوششن سان قائم ٿي، صوفي جهامنداس ۽ مرحوم حبيب الله ڀٽي هن سوسائٽي جي قيام ۽ ڪارڪردگي ۾ اهم حصو ورتو، سوسائٽي ڪيترن ئي ادبي نشستن جو اهتمام ڪيو ۽ نون اديبن ۽ شاعرن کي ادبي ماحول پيدا ڪري ڏنو.

44. ”سنڌي ادبي سوسائٽي]ڪراچي[“: هيءَ سوسائٽي سنڌ جي نامور محقق ۽ عالم ڊاڪٽر دائودپوٽي جي ذاتي شوق سان 1949ع ۾ قائم ٿي، هن سوسائٽيءَ جو مکيه مقصد قديم ۽ عظيم ادب جي اشاعت هو، ڊاڪٽر مرحوم جي وفات کان پوءِ سيد ميران محمد شاهه ان سوسائٽي جو چيئرمين ۽ ڊاڪٽر غلام حسين جعفري ان جو سيڪريٽري مقرر ٿيو، هن سوسائٽي سنڌي ۾ مکيه نادر ۽ اهم ڪتاب شايع ڪرايا. 1965ع ۾ هن ئي سوسائٽي طرفان ”اديون“ رسالي جو اجراءُ ٿيو.

45. ”سنڌي سڌار سوسائٽي]ڪڪڙ[“: سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي واڌاري لاءِ هي جماعت احمد خان ”آصف“ ۽ سندس علمي و ادبي دوستن جي ساٿ سان ڪڪڙ ۾ قائم ٿي، سوسائٽي طرفان ڪيتريون ئي ادبي گڏجاڻيون سڏاريون ويون.

46. ”سنڌي رائيٽرس گلڊ]ڪراچي[“: ڪراچي جي اديبن علي نواز وفائي جي تحريڪ سان ”سنڌي رائيٽرس گلڊ“ قائم ڪئي، جنهن جي قيام ۾ تاج بلوچ ۽ يوسف شاهين اهم حصو ورتو، ليڪن هيءَ گلڊ محض ڪاغذي ڪاروائي تائين محدود رهي، ان کان ڪجهه عرصو پوءِ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي صدارت ۾ ساڳي ئي نالي سان ادبي جماعت جڙي. جنهن ۾ بدرالدين اڄڻ، مظهر الدين سومري ۽ منير چانڊئي وغيره به ڊاڪٽر پٺاڻ جو ساٿ ڏنو، هن گلڊ ڪراچيءَ جي گوئٽي انسٽيٽوٽ ۾ ليڪچر ۽ ورڪشاپ منعقد ڪرايا ۽ سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ پهريون دفعو سگهڙ ڪانفرنس به ڪراچيءَ ۾ سڏرائي. ستت ئي پوءِ محترم نياز همايولي حيدرآباد ۾ ”سنڌ رائيٽرس گلڊ“ قائم ڪئي ۽ اخبارن ۾ اشتهار ڏئي ۽ خطن وسيلي ”سنڌي رائيٽرس گلڊ“ جي وجود تي ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو، بزرگ اديب جي خواهش جو احترام ڪندي ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ”سنڌي رائيٽرس گلڊ“ کي ختم ڪري ڇڏيو.

47. ”سنڌي سرڪل]سکر[“: سنڌي سرڪل 1952ع ۾ شيخ مبارڪ اياز جي صدارت ۾ قائم ڪئي وئي، سرڪل جي سرگرم ڪارڪنن سان شيخ راز، آفاق صديقي وغيره جا نالا ذڪر لائق آهن، هن سرڪل جي سهاري مرحوم شيخ راز جي جاءِ تي سنڌي خواهه اڙدوءَ ۾ ادبي نششتون ٿيڻ لڳيون، سرڪل طرفان هڪ ادبي ڪانفرنس به ٿي، جنهن ۾ ڪراچي، حيدرآباد، اندرون سنڌ ۽ لاهور ۽ ملتان کان ڪيترن اديبن شرڪت ڪئي، بعد ۾ سرڪل ساليانه مشاعرا به ڪرايا.

48. ”سنڌي ليکڪن جي يادگار ڪاميٽي]شڪارپور[“: هيءَ ادبي جماعت شڪارپوري اديبن ۽ شاعرن جهڙو ڊاڪٽر عبادلخالق ”راز“، خللي مورياڻي، غلام رسول ميمڻ، نقش ناياب منگي، پروفيسر غلام حسين ڀٽي، نعمت الله ڀٽي، انور هڪڙي، بدرالدين اڄڻ، گرڏني مل ”گرل“ ۽ ٻين دوستن جي ڪوششن سان شامون ملهايون ويون ۽ ”سنڌ سگهڙ سنگت“ جي تعاون سان شڪارپور ۾ ”سنڌ سگهڙ ڪانفرنس“ منعقد ڪرائي وئي.

49. ”سنياسي ادبي سنگت]هالا[“: منصور ويراڳيءَ جي ڪوششن سان قائم ٿي ۽ عبدالقادر ”منور“، علي محمد ”ناز“ ۽ عبدالله ”بيوس“ هن جماعت جي ڪارڪردگيءَ ۾ اهم حصو ورتو، هن سنگت نه رڳو ٻوليءَ ۽ ادب جي اوسر ۽ تبليغ جو ڪم ڪيو، ليڪن اشاعت جي سلسلي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو.

50. ”شاهه عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي]ڪراچي[“: هيءَ سوسائٽي سنڌ جي وڏ گهراڻي جي هڪ ڌن – ڌڻيءَ سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي ڪوششن جو نتيجو آهي، هن سوسائٽي پاران ڪڏهن ڪڏهن وڏي پيماني تي ڪانفرنسون ۽ مشاعرا ٿيندا آهن، هن سوسائٽي پاران 1981ع ۾ هڪ شاندار ساهتيه ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، دولت مهتاڻي ۽ محمد براهيم جويي وغيره سندس سهڪار ڪيو، 1982ع جي آغاز ۾ وري هن سوسائٽيءَ پاران ڪراچيءَ ۾ ئي ”عورت ڪانفرنس“ ٿي، جيڪا پڻ ڪامياب وئي، مارچ 1984ع ۾ هن سوسائٽيءَ پاران هڪ وڌيڪ ڪانفرنس ٿي هي آهي.

51. ”شيخ عبدالمجيد سنڌي اڪيڊمي]ڪراچي[“: هيءَ اڪيڊمي سنڌ جي نامياري بي لوث تحريڪ آزاديءَ جي اڳواڻ مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي حياتيءَ ۾ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي صدارت ۾ قائم ٿي، هن اڪيڊميءَ سنڌ جي مشهور شخصيت جي ڪارنامن کي تازي رکڻ لاءِ ڪيترائي سيمينار منعقد ڪرايا آهن ۽ ان کان سواءِ اشاعتي ڪم به ڪيا آهن.

52. ”لطيف ادبي ايسوسئيشن]ڪراچي[“: هي جماعت عبدالڪريم سعدي، ڪاڪا صديق، آزاد جتوئي ۽ سندن دوستن جي لطيف دوستيءَ جو نتيجو آهي، ايسوسئيشن طرفان ڪراچيءَ ۾ ڪجهه جلسا به منعقد ڪرايا ويا.

53. ”لطيف اڪيڊمي]سکر[“: هيءَ اڪيڊمي مرحوم عبدالرزاق ”راز“ ۽ سندس ساٿين جي ڪوششن سان قائم ٿي، هن اڪيڊميءَ سکر ۽ شڪارپور جي اديبن ۽ شاعرن کي ادبي ماحول مهيا ڪري ڏنو.

54. ”مجلس احباب]نوان جتوئي[“: هيءَ ادبي جماعت نوان جتوئي جي ناميارن شاعرن جي ڪوششن سان قائم ٿي، مجلس مقامي نوعيت جا مشاعرا منعقد ڪرايا، محترم نجيف جتوئي هن مجلس جي قيام ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ اهم حصو ورتو.

55. ”محفل احسن ادب]دادو[“: هيءَ محفل دادو جي علم دوست اديبن ۽ شاعرن جي ڪوششن سان قائم ٿي، محترم ”محسن“ ڪڪڙائي ڪيترو وقت محفل جو جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو، هن محفل ڪيترو عرصو دادو جي ادبي ماحول کي معطر رکيو ۽ نون شاعرن کي پنهنجي ڏات جي جوت جلائڻ جو موقعو فراهم ڪري ڏنو.

 

 

Good Wishes