Interview

زندهه قومون پنهنجي ماضي حال ۽ مستقبل تي هڪ ئي وقت نظر رکنديون آهن

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سان ڳالهه ٻولهه انٽرويو: شبنم گل، سيد فدا حسين شاهه

ڊاڪٽر درمحمد پٺان جي علمي ۽ ادبي شخصيت بيشمار حوالن سان اسان لاءِ انمول ۽ ناياب آهي جو هو تعليم جو ڊاڪٽر هئڻ سان گڏ هڪ معتبر استاد، شاندار لکاري، تنقيد نگار، مورخ، ڪالمنگار، شاعر، ڪهاڻيڪار، علم و ادب دوست انسان آهي جنهن جون تاريخ، تهذيب، علم الانسان، لوڪ ادب، ٻارڙن جي ادب، سوانح عمري ۽ ڪجهه ٻين موضوعن تي سورنهن کان مٿي ڪتابون ڇپجي چڪيون آهن. سندس لکيل هزارين مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن جي سونهن بڻجي چڪا آهن جن ۾ هر نئين ڏينهن نئون اضافوٿيندي ڏٺو ويو آهي. اهي تمام قابلِ فخر حاصلاتِ زندگي پنهنجي جاءِ تي معتبر ۽ قابلِ قدر سهي پر ڊاڪٽر صاحب جي شهرت جو خاص سبب “گل حيات اسٽيٽيوٽ” جهڙي باوقار تحقيقي اداري جو ٻوٽو ٻاري ان کي وشال وڻ بڻائڻ آهي.

گل حيات انسٽيٽيوٽ جو قيام
تاريخ عالم جي ايجاداتي دنيا ۾ ليئو پائڻ سان البرٽ پائيڪ جو قول سامهون اچي ٿو ته ”دنيا ۾ قريبن تمام عمده شيون غريب ماڻهن، غريب دانشورن، غريب محنت ڪشن، غريب مزدورن ۽ هنرمندن، غريب فلسفين، غريب شاعرن ۽ عقلمند غريبن تخليق ڪيون آهن“. اسان جي سنڌ ۾ علمي دنيا سان متعلق عمده شين مان هڪ ”گل حيات انسٽيٽيوٽ“ پڻ آهي جنهن جي ايجاد جو سهرو به اسان جي هڪ غريب استاد جي سر آهي جنهن وٽ علم سان گڏ ان کان به طاقتور شي مشعلِ راهه رهي آهي جنهن کي تخيل چوندا آهن. انساني ذهن سان متعلق علم محدود ٿئي ٿو جڏهن ته تخيل پنهنجي اندر سموري ڪائنات سمائڻ جي لامحدود صلاحيت رکي ٿو.

شبنم: توهان پنهنجي ادبي ڪيريئر جو آغاز ڪڏهن ۽ ادب جي ڪهڙي صنف کان ڪيو؟

در محمد پٺاڻ: اسان جو گهراڻو علم دوست گهراڻو هو. منهنجو ڏاڏو حاجي خدابخش خلافت تحريڪ ۾ حصو ورتو هو، کيس مطالعي جو بيحد شوق هو ۽ هن وٽ هڪ سٺي لائبريري هئي، جنهن ۾ چاچا در محمد جو ڪلام محفوظ هو. لکڻ جي شروعات مون شاعريءَ کان ڪئي. منهنجي پهرين شاعري عبرت اخبار ۾ ڇپي هئي. اهو 67ع جو دور هو، ان کانپوءِ ڪراچي ۾ ليڪچرار ٿي ويس، ان دور ۾ منهنجي پي ايڇ ڊي ۾ رجسٽريشن ٿي وئي ائين مون پنهنجي پاڻ کي نثرنگاريءَ ڏانهن راغب ڪيو. ان کانسواءِ مون ڪافي ڪالم اخبارن لاءِ لکيا. هلال پاڪستان ۾ مون جيڪي ڪالم لکيا اهي اڳتي هلي آئينو ۽ اولڙو جي عنوان سان ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا.

در محمد پٺاڻ: زنده قومون پنهنجي ماضي، حال ۽ مستقبل تي هڪ ئي وقت تي نظر تي رکنديون آهن، جيئن ته سنڌ عظيم به آهي ته قديم به ته سنڌ جي عظمت ۽ قدامت کي ثابت ڪرڻ لاءِ اسان کي ڪو نه ڪيو اهڙو نظام ضرور ٺاهڻ گهرجي جنهن جي حوالي سان اسان پنهنجي شاندار ماضيءَ جو مطالعو ڪري سگهون، حال جي تصوير چٽي سگهون ۽ ان مستقبل جو خاڪو جوڙي سگهون.

سنڌالاجي ڪيئن ٺهي اهو هڪ تاريخي پسمنظر آهي، جيڪو اسان کي ڏيان ۾ رکڻ گهرجي. ايوب شاهيءَ جي ڏهاڙن ۾ شريف ڪميشن ويٺي هئي، جنهن سنڌي ٻوليءَ جي حيثِت کي گهٽايو. تڏهن سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجو ردعمل احتجاج جي صورت ۾ ظاهر ڪيو، جنهن جو اثر سنڌ يونيورسٽيءَ تي پيو. انهن ڏينهن ۾ سنڌالاجي جو وائيس چانسلر رضي الدين صديقي هو. انهن ڏينهن ۾ سنڌي ادبي سنگت پنهنجو هڪ ڪنوينشن سڏايو ۽ ان ڪنوينشن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان انهن ڪجهه مطالبا ڪيا، جنهن جي جواب ۾ رضي الدين صديقي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي اڪيڊمي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ۽ اڳتي هلي اها سنڌي اڪيڊمي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي صورت ۾ سامهون آئي، جنهن سنڌي ٻولي، تاريخ ۽ ثقافت کي ڪورڪرڻ لاءِ ڪافي ڪم ڪيو آهي.

در محمد پٺاڻ: ايمانداريءَ سان چئجي ته منهنجو جواب نه ۾ هوندو. ان جا گهڻا سبب آهن. هڪ ته اسان جا ذريعا ۽ وسيلا محدود آهن ۽ جيڪو ڪجهه اسان جي اداري کي ڪم ڪرڻ گهرجي ان لاءِ ظاهر آهي ته گهڻو پئسو ۽ گهڻي افرادي قوت گهرجي. هتي تربيت يافته افراد قوت گهٽ آهي. سنڌالاجي جيڪو بنيادي طور تي هڪ ريسرچ جو ادارو آهي، ان جي هر سيڪشن ۾ هڪ پي ايڇ ڊي هئڻ گهرجي، ٻي ڳالهه اها ته سنڌالاجي جو هر سيڪشن پنهنجي جڳهه تي هڪ مڪمل ڊپارٽمينٽ ٿي سگهي ٿو. پر تنهن هوندي به سنڌالاجيءَ جو ڪم اوهان جي آڏو آهي.

در محمد پٺاڻ: ثقافت کي محفوظ ڪرڻ لاءِ يا ان جي تشهير ڪرڻ لاءِ سنڌالاجي ۾ جيڪي ذريعا آهن، انهن سان هڪڙو ته ڪتابن جي حوالي سان جيڪو ڪجهه لکيو وڃي ٿو ان کي اسان محفوظ ڪيو آهي. هن وقت سنڌالاجي ۾ هڪ بهترين لائبريري آهي، مان پاڻ ڪلچر۾ گائيڊ آهي، جنهن ۾ ڪجهه شگرد پي ايڇ ڊي ڪري رهيا آهن. ٻيو هتي سنڌالاجي ۾ سيڪشنز آهن. هتي آڊيو ۽ ريڊيو سيڪشن آهن ۽ ميوزيم به آهي، جنهن ۾ اوهان کي سنڌي ثقافت جي جهلڪ نظر ايندي. هتي ثقافت جي حوالي سان اڪثر فنڪشنز به ٿيندا رهندا آهن.

در محمد پٺاڻ: سنڌي ادب ۾ تاريخ جي حوالي سان ڪيترائي مسئلا آهن، جيئن لاکيڻي لطيف جو دور ماضي قريب جو دور آهي ۽ ان دور سان لاڳاپيل ڪيترا مسئلا آهن، جن اسان جي ادب کي اسان جي تحقيق کي گروهي ادب، گروهي تحقيق ۽ گروهي تنقيد ۾ يا صحافت نما بڻائي ڇڏيو آهي. مثال طور ڪي ماڻهو چون ٿا ته شاهه لطيف جيڪا شادي ڪئي اها لو ميرج هئي يا نه، يا ڪي چون ٿا ته شاهه لطيف پڙهيل هو يا نه. ڪجهه جو خيال آهي ته شاهه سائين سني هو، شيعو هو، يا انقلابي هو. ڪجهه ڏينهن اڳ قاضي قادن جي نالي تي بحث هليو، ڪي چون پيا ته صحيح نالو قاضي قاضن آهي، ته ڪن جو خيال ڪجهه ٻيو هو. يا اسان وٽ هڪ لاوارث ادب آهي، جنهن جي ڪا خبر نه آهي ته ان جا خالقڪير آهن. لاکيڻي لطيف جي ڪلام تي ڪن محققن ۽ نقادن اعتراض ڪيو ته سر ڪيڏارو لطيف سائينءَ جو آهي يا نه. اهي مسئلا آهن، جن کي حل ڪرڻ لاءِ اسان وٽ ڪو نه ڪو طريقو، ڪو نه ڪو ذريعو هئڻ گهرجي ۽ ڏات ڌڻين جي پراجيڪٽ جي رٿا انهن گهڻن مسئلن جو حل هئي. ان لاءِ اسان هڪ سوالنامو هڪ ڪمپريهنسو پروگرام ٺاهيو آهي، جنهن ۾ ڪو صحافي، اديب، شاعر ۽ ليکڪ پنهنجي مڪمل سوانح ڏئي ٿو. هن دور ۾ جيڪي به شخصيتون آهن، تن کي ڏات ڌڻين جي پراجيڪٽ وسيلي اسان ڪور ڪيو آهي. ائين اسان جو ادب سڀاڻي لاوارث ادب نه ٿيندو. ان جو تسلسل ڪٿي به نه ٽٽندو اهو هڪ مڪمل رڪارڊ هوندو.

در محمد پٺاڻ: سنڌي ادبي بورڊ ڪيترا واليوم لوڪ ادب جا ڇپرايا آهن، پر ان ڪم لاءِ اسان وٽ ٿورا ادارا آهن. ٿيڻ ته ائين گهرجي ته لوڪ ادب جي نالي تي ان ادب کي محفوظ ڪرڻ لاءِ هڪ ادارو هجي، جنهن ۾ سگهڙن جو رهيل اديب محفوظ ڪيو وڃي ۽ ان تي تحقيقي ڪم ٿئي، منهنجي تجويز اها آهي ته هڪ مڪمل ادارو هجي، ڪا اڪيڊمي هجي جيڪا عورتن ۽ ٻاراڻي ادب تي به ڪم ڪري.

در محمد پٺاڻ: اسان وٽ اديبن جون ڪنٽگريز آهن، انهن جا گهڻا قسم آهن. هڪڙا اديب ڄمندي کان صلاحيت يا لياقت رکندا آهن. بنيادي طور تي اديب اهو ِآهي، جنهن ۾ ڏات هجي پر اسان وٽ ڏات ڌڻين سان گڏ عهدي ڌڻي به آهن ۽ اسان وٽ اڪثر اديب مڊل ڪلاس سان تعلق رکن ٿا. انهن لاءِ وڏي ۾ وڏومسئلو خطرو ۽ اختلاف اهو آهي ته عهدن ۽ مرتبن وارا اديب انهن جو دڳ جهليو بيٺا آهن. اديبن ۾ گروهه بندي آهي، مان جيڪڏهن ڪنهن ڪانفرنس کي آرگنائيز ڪيان ٿو ته ڪوشش اها ڪندس ته منهنجي حلقي وارا، منهنجا دوست ان ۾ اڳتي اچن. گروهه نوازي اسان ۾ انڪري آهي ته سنڌ جو معاشرو ميرٽ آورينٽيڊ نه آهي. اسان وٽ لياقت ۽ صلاحيت جي مڃتا ڪانهي پر اسان وٽ ماڻهوءَ جي مڃتا جو سبب اهو آهي ته ڪهڙو ماڻهو ڪنهن جي ويجهو آهي. هن وٽ ڪيتريون سفارشون آهن. ٻي ڳالهه اها آهي ته اديب جيڪو نظرياتي ۽ فڪري قافلي جو اڳواڻ ٿئي ٿو، ان پنهنجي حيثيت بدلائي سيڪنڊري ڪري ڇڏي آهي. هڪ اديب باعمل آهي، هڪ اديب بي عمل آهي، ان جي ڪري وڏو تضاد پيدا ٿي ويو آهي. اسان وٽ اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن جي شخصيت ۽ ڪردار ۾ تضاد آهي، هو ڪنهن رتبي، عهدي يا نوڪريءَ جي لالچ ۾ سچ نه ٿو چئي، هو ڪمپرومائيزڪري ٿو، ان ڪري سياسي، سماجي ۽ شخصي تضاد جي ڪري ادب جي دنيا ۾ وڏو ڏڦيڙ آهي ۽ ان جو حل اهو آهي ته اسان پنهنجي اديب پنهنجي شاعر ۽ سگهڙ کي مڃون، ان کي عزت ڏيون ۽ ٻيون اهو هئڻ گهرجي ته ”ڪوڙ تون ڪفرت سين ڪافر ڪين م سڏاءِ“ اسان ۾ سچ چوڻ جي اخلاقي جرائت هئڻ گهرجي ۽ اسان جي قول عمل ۾ تضاد نه هجي. هو سچ ۽ حق جي پرچار ڪري ۽ عوام جي در وٺي.

در محمد پٺاڻ: اسان ڪو اهڙو خاڪو چٽيون ته اهي ڪهڙا ڪامن فيڪٽرز جن تي اسان اديب کي ملائي سگهون ٿا. اهي ڪامن فيڪٽرز هر مڪتبه فڪر لاءِ آهن، ان ۾ ٻولي آهي، ڌرتي آهي، گڏيل ماضي آهي، ثقافت آهي ۽ اسان جو آئيندو آهي ۽ اهي سمورا ڪامن فيڪٽرز اسان جي معاشري مان گم ٿيندا پيا وڃن. اسان وٽ جيڪي اديب آهن، جن کي پنهنجي ٻوليءَ تشخص ڏنو، اهي اڳتي هلي ٻين ٻولين ۾ لکن ٿا، جيڪڏهن اسان گڏيل آئيندي جي ڳالهه ڪيون ٿا ته ان ۾ به اسان وٽ تضاد آهن. هڪڙا ماڻهو چون ٿا ته اسان جو گڏيل آئيندو مذهب جي بنياد تي هجي ۽ ڪجهه ماڻهو انساني سماج جي برابري جي ڳالهه ڪن ٿا. هاڻ ڏٺواسين ته اسان جو قلم قبيلو انهن ڪامن فيڪٽرز تي متفق نه آهي، ان جو حل اهو آهي ته عوام کي ان سلسلي ۾ ڪو رول ادا ڪرڻ گهرجي، ته ان لاءِ پڙهندڙن جو طبقو اديبن تي عوامي عدالتون تشڪيل ڏين.

در محمد پٺاڻ: اسان جي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ هڪ هٽي آهي، اها اسان جي ادب ۾ به اچي وئي آهي. ان لاءِ اهو اديب جيڪو پاڻ کي ننڍو ٿو سمجهي ان کي به احساس ڪمتريءَ مان نڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪو نئون ڪتاب اچي ٿو ته ضروري نه آهي ته جو مهاڳ يا پيش لفظ ڪنهن ناليواري اديب کان لکرائجي. اسان جڏهن ڪنهن کي وڏو تسليم ڪيون ٿا ته هو اسان تي پنهنجي وڏ ماڻهپائپ مسلط ڪري ٿو. ان ڪري اهو ڪميونيڪشن گيپ کي ختم ڪرڻ جو طريقو اهو آهي ته اسان عزت نفس کان ڪم وٺون، پنهنجي انا خودداريءَ کي به آڏو رکون ۽ ڪڏهن اسان ڪنهن کي ذهني طور تي وڏو قبول  ڪيون ٿا ته ان جي معنيٰ اها آهي ته اسان معاشري جي ننڍ وڏائيءَ کي قبول ڪيون ٿا. ان ڪري اهو اديب جيڪو نظرانداز ڪيو ٿو وڃي، اهو پنهنجي قول فعل ۽ عمل سان ثابت ڪري ڏيکاري ته اديبن جا نه گريڊ ٿيندا آهن ته انهن ۾ ڪي ننڍ وڏايون ٿينديون آهن، ڪسوٽي مقدار جي حوالي سان نه پر معيار جي حوالي سان ٿيندي آهي.

در محمد پٺاڻ: اسان کي خوشفهميءَ به آهي جنهن اسان جا رستا روڪيا آهن. مجموعي طور تي اسان جيڪو ڪجهه لکيو آهي، ان سموري ادب کي عالمي سطح تي جي ادب سان نه ٿا ڀيٽي سگهون. اسان جيڪڏهن دنيا جهان کي پاڻ سان ڀيٽي  ڏسنداسين ته اسان کي احساس ٿيندو ته گهڻن شعبن ۾ ڄڻ اسان کي ڄاوا ئي نه آهيون. تحقيق اسان وٽ هاڻ آئي آهي. ترجما اسان گهڻا نه ڪيا آهن ۽ اهو به ڏسون ته تخليق ۾ اسان جي پهچ ڪيستائين آهي. ڪن شين کانپوءِ اسان جي مجموعي ادب کي عالمي سطح جي ادب سان ڀيٽڻ ظلم ڪرڻ جي برابر ٿيندو. زندگين جا گهڻا شعبا آهن، جن ۾ اسان ڪم نه ڪيو آهي ۽ اسان کي انهن ۾ اڃان محنت جي ضرورت آهي.

در محمد پٺاڻ: اسان وٽ نوجوانن ۾ اديب، شاگردن ۽ بيروزگارن جو هڪ وڏو قافلو آهي. هاڻ ڳالهه اها آهي ته اسان پنهنجي شخصيت جي تعمير ڪيئن تيار ڪيون ٿا. جيڪڏهن اڄ جو نوجوان پنهنجي قول فعل، علم ۽ عمل ۾ هم آهنگي پيدا نه ٿو ڪري، هو اڳتينه ٿو هلي سگهي. جيڪڏهن دنيا ۾ ڏوهه آهي، ظلم آهي يا تشدد آهي ته ڪن ڪن هنڌن تي سوچ ۽ حق جون اڪايون به نظر اچن ٿيون، نوجوان کي انهن اڪاين سان پاڻ کي وابستا ڪرڻو آهي. نوجوان کي سچائيءَ سان عمل جي ميدان ۾ اڳتي اچڻ گهرجي. هن وٽ زندگيءَ جو ڪو مقصد نه آهي ۽ نه ئي اها خبر ته هن کي ڇا ڪرڻُ آهي. ان ڪري نوجوانن لاءِ اهڙا موقعا پيدا ڪيا وڃن ۽ کيس محسوس ڪرايو وڃي ته هن ۾ ڪهڙيون صلاحيتون آهن. ٻي ڳالهه ته نوجوان کي ٻين جي تقليد ڪرڻ بدران پنهنجي پاڻ تي ڀاڙڻ گهرجي ۽ هيرو شپ جي چڪر مان ٻاهر نڪري اچڻ گهرجي. ان لاءِ هو فرد جي پٺيان نه پر نظرئي پٺيان لڳي ته وڌيڪ بهتر ٿيندو.

در محمد پٺاڻ: نوجوانن کي اهو پيغام آهي ته اسان استادن، اديبن، شاعرن يا انهن ماڻهن جيڪي زندگيءَ جي مختلف شعبن جا وارث، مالڪ يا ٺيڪيدار آهن، انهن کي فرشتو نه پر انسان ڄاڻن ۽ اسان جي ڳالهين کي الهامي ڳالهيون ڄاڻي اکيون ٻوٽي قبول نه ڪن پر انسان جون ڳالهيون سمجهي گنجائش به رکن ته اسان غلط ڳالهه به ڪري سگهون ٿا، ان ڪري اسان جي هر تحرير ۽ تقرير جو تجزيو ڪيو وڃي ۽ اهو تجزيو ان وقت تائين مڪمل نه ٿيندو، جيستائين اسان جي قول کي فعل سان علم کي عمل سان ۽ شخصيت کي ڪردار سان ڀيٽي نه ڏٺو ويندو.

انٽرويو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ واپسيءَ جي راهن جو سفر هو…. تڏهن مون سوچيو هو ته پنهنجي ماضي، پنهنجي تاريخ ۽ ثقافت سان عقيدت ۽ پيار ڪرڻ واري قوم پنهنجي اصليت پنهنجو ثقافتي ورثو وڃائي رهي آهي، مون مڙي ڏٺو سنڌالاجي گهڻو پوئتي رهجي وئي هئي ۽ اسان جي قدمن جي نشانن کي صدين جي ڌوڙ لٽي رهي هئي…..!!

error: Content is protected !!