ممتاز علي پٺاڻ.
“Some Features of Bureaucratic Administration in Sindh".
گل حيات انسٽيٽيوٽ جيڪي نادر ۽ اڻ لڀ تاريخي اهميت وارا پمفليٽ, ڪتابڙا ۽ دستاويز گڏ ڪيا آھن, انھن ۾ انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتابڙو
Some Features of Bureaucratic Administration in Sindha
بہ هڪ آھي. هي ڪتابڙو 1918 ۾ سنڌ پبلشنگ هائوس, حيدرآباد مان ڇپيو. هن پمفليٽ لکڻ جو مقصد اهو هئو تہ برطانوي قوم کي سنڌ جي سورن جا مذڪور ٻڌايا وڃن
ھي پمفليٽ ٽن بابن تي مشتمل آھي. پهريون باب رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي بيان تي مشتمل آھي. هن اهو بيان 1912 ۾ قائم ڪيل "رائيل ڪميشن" اڳيان ڏنو هو. پمفليٽ جي ٻيو باب رسائي ۽ لاپي بابت ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ ٿيل بحث تي آھي. هن بحث جي نتيجي ۾ سرڪار رسائيءَ ۽ لاپي بابت هڪ ڪميشن ويهاري هئي, جنهن سنڌ ۾ اچي مختلف ضلعن ۾ وڃي, وڏيرن ۽ زميندارن سان ملي رسائيءَ ۽ لاپي بابت بيان ورتا هئا ۽ هڪ هڪ ضلعي مان ورتل بيان الڳ الڳ ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايا هئا. انھن ڪتابن مان ڪجھ گل حيات ۾ موجود آھن. پمفليٽ جو ٽيون باب سر مانٽيگو ويب کي پيش ڪيل ميموريل آھي, جيڪو 1917 ۾ "سنڌ مسلم ليگ" ڏنو هو ۽ ان وقت سنڌ مسلم ليگ هڪ الڳ پارٽي هئي ۽ ان جو آل انڊيا مسلم ليگ سان ڪوبہ واسطو ڪونہ هو. ھن ۾ميموريل تي يوسف علي علي ڀائي (صدر), غلام علي چاڳلا ۽ حاجي عبدالله هارون جا نالا ڏنل آھن.
هن ڪتابڙي جو مهاڳ نامور سياستدان جيرامداس دولترام لکيو هو. جيرامداس دولترام اهو سنڌي سياستدان آھي, جيڪو ورهاڱي کان پوءِ انڊيا لڏي ويو هو ۽ کيس هڪ صوبي جو گورنر بڻايو ويو هو.
سنڌ مسلم ليگ جيڪو ميموريل ڏنو هو, ان مان اقتباس هتي ڏيان ٿو:.
Your Memorialists accord the fullest support to the joint Scheme of
Reforms which has been prepared by the Indian Nation Congress and the
All-India Moslem League as a first installment towards Self-Government.
These two bodies are the real representatives of the people of India. Your
Memorialists are convinced that the grant of the Reforms contained in the
Scheme framed by them, will prove beneficial to the Mussalmans of Sind.
Without going into the details of the Scheme which is already before you,
your Memorialists wish only to observe that the general principle underlying
it, which gives the people a determining a voice in the matters affecting the
internal administration and the raising and disposal of revenues is, a very
healthy one and must commend itself to acceptance by all lovers of liberty.
Your Memorialists beg respectfully to urge that the Reforms mentioned in
the Congress-League Scheme are urgently and immediately necessary for
the people of India. Their introduction will enable the people to devote very
large sums of money to education and the fostering of indigenous
industries- the two things necessary for the Judicial and the Executive
functions will go a great way to mitigate miscarriage of justice. Volunteering
and military training will preserve and strengthen the martial spirit of
Mussalmans which is last disappearing.