ممتاز علي پٺاڻ.
“الوحيد اخبار ۽ مسجد منزلگاه تحريڪ".

     facebook 1712320602674 71819931530820876521   تاريخي اهميت وارو مواد ڪيئن ڪڍجي ۽ ڪيئن محفوظ ڪجي, اهو پڇڻو ۽ سمجهڻو هجي تہ گل حيات ۽ بابا ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي ڪم کي ڏسجي. 
تاريخ نويسيءَ کان اسان جا محقق ۽ ليکڪ اڃا ڪوهين پري آھن. سڀ کان اهم ۽ سڀ کان پهريون ڪم هيءُ آھي تہ اسان واقعن, شخصيتن, پارٽين, تنظيمن ۽ ادارن بابت مواد ۽ معلومات گڏ ڪريون. ڇو تہ مواد هوندو تہ بهتر نموني سان لکي سگهبو. ن تہ جڏهن بہ لکبو تہ اهو اڌورو ۽ اڻپورو هوندو. اسان وٽ ايئن ئي پيو ٿئي.
        اخبارون مواد ۽ معلومات حاصل ڪرڻ جو بنيادي ذريعو ٿينديون آھن. بابا سائين انگريزن جي دور جون مکيہ اخبارون پڙھيون ۽ انھن مان نوٽس/مواد/معلومات ورتي. بابا اهو ڪم ايئن ڪيو آھي, جو شايد جن بہ نہ ڪري سگهي. مثال هن "ڊيلي گزيٽ" اخبار 1884 کان 1947 تائين صفحو صفحو پڙھيو. اهڙيءَ ريت "الوحيد" اخبار وري 1920 کان 1947 تائين ورق ورق پڙھي ۽ ان مان موضوع وار مواد ڪڍيو.
    "الوحيد" جڏهن مسلم ليگ جو آرگن بڻي تہ هن اخبار ۾ ”مسجد منزلگاه" بابت کوڙ سارو مواد ڇپيو ۽ اهو سمورو مواد گل حيات ۾ موجود آهي. انھيءَ مواد مان ٿورو مواد پڙھندڙن اڳيان پيش ڪريان ٿو:
 الوحيد، جلد ارڙهون، نمبر 189، 23 آگسٽ 1939ع، ص 4.
.....................................................................
مسجد منزل گاهہ
500 مجاهدن اڳيان مسجد جي احاطي جو دروازو کلي پيو. مجاهد مسجد اندر داخل ٿي ويا. هو بنا کاڌي پيتي جي سمورو وقت مسجد ۾ ويٺا رهيا. رات جو 5 سئو  مجاهدن کي پوليس لارين ۾ ڀري شهر جي ٻاهران ڇڏي آئي. مسلم ليڊرن جو سرڪار کي چتاءُ، ستياگرهين جي رهڻ لاءِ ڪو انتظام ڪريو نہ تہ سموري جوابداري مٿن پوندي. (خاص تار)
مجاهدن جو هڪ جٿو 3 سئو والنٽيئرن جو مسجد منزل گاهہ جي دروازي اڳيان اچي گڏ ٿيو. جٿي جي ڀيڙ ڪري دروازو کلي پيو سمورا والنٽيئر اندر گهڙي پيا. احراري ستياگره چڱو بهرو وٺي رهيا آهن ۽ ٻن ڏينهن اندر 5 سئو گرفتار ٿي چڪا آهن. (11 بجي رات (خاص تار)
وزيرن ۽ سندن حمايتن ميمبرن جي درن تي سول نافرماني ڪئي وڃي. سول نافرماني سکر جي ڊڪٽيٽر جو حڪم (خاص تار)
سکر 3 شيخ واجد علي مسجد منزل گاهہ جي ڊڪٽيٽر مسٽر علي محمد راشديءَ کي اجازت ڏني آهي تہ مسلمان وزيرن ۽ سندن حمايتي ميمبرن جي گهرن تي هو مٿئين مقصد لاءِ ڪراچيءَ ۾ ستياگرهي مرڪز کولين اهڙيءَ طرح مسٽر جي ايم سيد کي نواب شاهہ ۾ ۽ سيد خير شاهہ ۽ سرهندي بزرگن کي حيدرآباد ۾ مرڪزن کولڻ لاءِ هدايتون ڪيون ويون آهن. ميرپورخاص جي مرڪز جو بہ انتظام ڪيو ويو آهي.
وزيراعظم جي شڪارپور واري جاءِ تي هن وقت کان وٺي مظاهرو شروع ڪيو ويو آهي. اڄ صبح جو 10 بجي تائين 220 والنٽيئر گرفتار ٿي چڪا آهن.
مسجد منزل گاهہ بابت هندو اخبارن جي فرقيوارانہ ڪوڙي پروپيگنڊا، مسلمان مجاهدن معافي ڪا نہ ورتي آهي. سمورو وقت پرامن نموني ۾ ستياگرهہ هلي رهيو آهي.
هندو اخبارن جي ڪوڙن تي هرگز اعتبار ڪرڻ نہ گهرجي. (خاص تار)
گذريل ڏينهن چئن ڏينهن اندر مسجد منزل گاهہ جي سول نافرماني ۾ مجاهدن نهايت حيرت انگيز نموني ۾ سمورو وقت بلڪل عدم تشدد ۽ غير فرقيوارانہ روش ۽ منظم طريقي تي رهيا آهن. حالانڪ جيل جي اندر يا جيل کان ٻاهر کين گرمي ۽ بک جو سخت مقابلو ڪرڻو پيو آهي.
اخبار سنڌ آبزرور ۾ ستياگرهہ تحريڪ بابت جيڪي بہ خبرون شايع ٿيون آهن سي بلڪل شرارت انگيز آهن. جنهن ڪري ممڪن آهي تہ آئينده هلي حالتون فرقيوارانہ رنگ اختيار ڪن. 3 آڪٽوبر واري پرچي ۾ ستياگرهہ بابت سمورا ليک غلط آهن. سنڌ آبزور مسجد جي پرامن ۽ عدم تشدد واري ستياگره کي بدانتظامي وارو انڌاڌنڌ سڏيو آهي. هوڏانهن اوم منڊلي ۽ هنومان مندر جي هندن واري ستياگرهہ جي خوب حمايت ڪئي هئائين. هن هي ب لکيو آهي تہ (1) ستياگرهين 144 قلم واپس وٺڻ مان فائدو ورتو ۽ (2) آل انڊيا مسلم ليگ ستياگره جي اجازت ڪا نہ ڏني آهي ۽ (3) ڪن والنٽيئر، معافي ورتي آهي مگر اهي سموريون ڳالهيون آبزرور جون بلڪل غلط ۽ بي بنياد آهن.
ستياگرهہ تڏهن ئي شروع ڪيو ويو جڏهن وزيراعظم مسلمانن جي جائز مطالبن قبول ڪرڻ انڪار ڪيو. ان ۾ شڪ ڪو ن آهي تہ پهرين تاريخ شروع ۾ ستياگره مهمل رکيو ويو هو. آخر وزيراعظم جي آخرين جواب کانپوءِ ستياگرهہ جاري ڪيو ويو.
ان کانسواءِ سنڌ آبزرور هي بہ لکيو آهي تہ اگرچہ واري ڪائونسل ٽوڙي ويئي  آهي تہ بہ ڪنهن ميمبر استعيفيَ ڪا نہ ڏني آهي. هوڏانهن اها خبر بہ بلڪل غلط آهي. هندو اخبارن جي اهڙي پروپيگنڊا ماڻهن ۾ غير ضروري ڊپ ۽ مونجهاري پيدا ڪندي جا صوبا جي مفاد جي بلڪل خلاف آهي. هندو خاطو پنهنجن اخبارن کي بلڪل ڪوڙيون خبرون موڪلي رهيا آهن. جن تي اعتبار ڪرڻ نہ گهرجي. هندو اخبارون اسان جون ڏنل خبرون بالڪل شايع نٿيون ڪن.
سال ارڙهون، نمبر 225، 5 آڪٽوبر 1939ع، ص 8.
.....................................................................
مسجد منزل ستياگرهہ جي پهرين ڊڪٽيٽر جو پير الاهي بخش ڏي خط
منزل گاهہ ستياگره ڪميٽيءَ جي پهرئين ڊڪٽيٽر مسٽر واجد علي شيخ پير الاهي بخش تعليمي وزير کي خط لکيو آهي تہ اوهان کي سڌ آهي تہ ڪنهن لاچاري حالتن هيٺ مسلمانن کي منزل گاهہ حاصل ڪرڻ لاءِ ستياهہ گرهه جي باهہ مان لنگهڻو پيو آهي. اسان کي رواجي انصاف بہ الهہ بخش وزارت جي هٿ هيٺ نٿو ڏنو وڃي. انهيءَ ڪري مسلمانن جي پاران اوهان کي عرض ڪندس تہ اوهين وزيريءَ جي عهدي جي استعيفيَ ڏيئي اچو. جيڪڏهن 10 آڪٽوبر اندر استعيفيَ نہ ڏيندا تہ اسان کي لاچار توهان جي درن تي ستياگرهہ ڪرڻو پوندو، جيئن توهان کي سڌ پوي تہ اوهان مسلمانن ڏانهن ڪهڙو بي پرواهہ رهيا آهيو.
پير الاهي بخش جو جواب
پير الاهي انهيءَ جي جواب ۾ مسٽر واجد علي شيخ کي پير صاحب لکيو آهي تہ اوهان جي خط مان اوهان جو مشڪور آهيان جو اوهان مون کي لکيو آهي تہ مسلمانن جو سڏ اونائي مان استعيفيٰ ڏيان ڇاڪاڻ تہ منزل کان مسجد مسلمانن کي نٿي موٽائي وڃي. مان انهيءَ ڳالهہ کان واقف آهيان تہ مان خدا ڏانهن ۽ انهن مسلمانن ڏانهن جوابدار آهيان جن مسلمانن جو مان عيوضي آهيان. اوهان جي خط پهچڻ کان اڳيئي مون انهيءَ باري ۾ مقدم کنيا آهن ۽ مان پنهنجن ساٿين کي باز آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. جيڪڏهن انصاف نہ مليو تہ مان پاڻ کي مسلمانن جي حوالي ڪندس ۽ هنن جي راءِ جي خلاف نہ هلندس. مان اسيمبليءَ جي دوستن کي بہ انهيءَ باري ۾ گهرايان ٿو ۽ هنن سان بہ صلاح ڪريان ٿو.
وڌيڪ جاچ ڪندي معلوم ٿو ٿئي تہ اهو ناممڪن نہ آهي تہ سر غلام حسين  بہ پنهنجي عهدي جي استعيفيٰ ڏئي. (هه)
سال ارڙهون، نمبر 225، 5 آڪٽوبر 1939ع، ص1.
..........................................................................
ستيا گرهہ جي مجاهدن جو شوق جهاد
هڪ هزار مجاهد جيڪب آباد ضلعي مان سکر روانا.
جيڪب آباد 5
ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، ٺل کان 500 مجاهد اڄ 2 بجي ڇوٽي گاڏيءَ مان هتي لٿا. انهن مان 355 مجاهد 3 بجي واري ٽرين ۾ سکر ڏانهن ستياگرهہ لاءِ روانا ٿيا.
مجاهدن کي الله اڪبر جي نعرن سان الوداع ڪيو ويو.
ان کانسواءِ 500 ٻيا مجاهد ساڳين شهرن مان لارين ۽ خشڪيءَ جي رستي سکر ڏانهن روانا ٿي چڪا آهن. اهي سڀئي مجاهد پير صاحب ڀرچونڊي شريف جا مريد آهن. (خاطو)
سال ارڙهون، نمبر 227،  8 آڪٽوبر 1939، ص 4.
.................................................................
مسجد منزل گاهہ سکر تي ملٽري پهچي وئي.
 مسلمانن کي مسجد خالي ڪرڻ لاءِ حڪم.
سنڌ ۽ ڪراچيءَ جي مسلمانن ۾ جوش ۽ اضطراب مسٽر عبدالستار پيرزاده چيف پارليامينٽري سيڪريٽري جي احتجاجانہ استعيفيٰ.
سال ارڙهون، نمبر230، 11 آڪٽوبر 1939ع، ص 1.

Good Wishes