غلام رسول سھتو

وفات: 3 اپریل 2021


IMG 20240404 WA0034سنڌ جو مشهور ليکڪ، صحافي، کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ سياستدان، پورھيت / ھاري اڳواڻ ڪامريڊ غلام رسول سھتو 8 آگسٽ 1948ع تي ڳوٺ علي نواز سھتو، محراب پور ۾ ڄائو، ھن جي سڄي زندگي جدوجهد ڪندي گذري، ھن پنھنجي سياسي، سماجي زندگيءَ جي شروعات ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن کان ڪئي، ھن ون يونٽ مخالف، ايم آر ڊي تحريڪن سميت مختلف تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتو، جيل ۾ به رهيو، سنڌ ھاري ڪميٽي ۾ به ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين، سنڌ قومي اتحاد جي پليٽ فارم تان اليڪشن به وڙهيو پر ڪامياب نه ٿي سگهيو، ھن مختلف موضوعن تي لکيو، صحافي رھيو، روزاني اخبار "سنڌ" جاري ڪيائين، ھن 3 اپريل 2021ع تي وفات ڪئي..

Good Wishes