ممتاز علي پٺاڻ.
“ گل حيات ۾ ايم.آر.ڊيءَ بابت مواد".
انگريزن جي زماني کان وٺي اڄوڪي دور تائين ڪيتريون تحريڪون هليون. مثال طور: سنڌ جي ممبئيءَ کان علحدگيءَ جي تحريڪ, عدم تعاون جي تحريڪ, هجرت تحريڪ, مسجد منزلگاه جي تحريڪ, اوم منڊليءَ خلاف تحريڪ, ون يونٽ خلاف تحريڪ ۽ ايم.آر.ڊيءَ جي تحريڪ.
انھن تحريڪن مان ون يونٽ خلاف تحريڪ ۽ ايم.آر.ڊيءَ خلاف تحريڪن تي هڪ اڌ ڪتاب بہ لکيو ڇپيو آھي. پر انھن ڪتابن کي جامع ۽ غيرجانبدارانہ قلمي پورهيو چئي نہ ٿو سگهجي. ڇو تہ اهي فرد واحد جي ذاتي تجربن ۽ نامڪمل معلومات تي ٻڌل ڪتاب آھن.
ڪنهن بہ موضوع تي ڪتاب لکڻ لاءِ بنيادي ڳالھہ اها تہ انھيءَ موضوع تي پهريون گهربل معلومات گڏ ڪئي وڃي ۽ پوءِ ان جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري انھيءَ جي آڌار تي ڪتاب لکيو وڃي.
مواد ۽ معلومات جي ميڙي چونڊيءَ جو اسان جي ليکڪن ۽ محققن کي شوق ۽ ذوق تمام گهٽ آھي. اسان جي ادارن ۽ لائبررين ۾ بہ اهڙو افعال ڪونهي تہ موضوعاتي مواد گڏ ڪري محققن حوالي ڪن. ڪيترين لائبررين جا تہ اڃان ڪئٽالاگ بہ مڪمل ڪونہ ٿيا آھن, جن کي ڏسي, محقق پنهنجي ڪم وارو مواد ڪڍي يا وٺي سگهن.
اهي ڳالهيون ڳڻيندي, منھنجي والد صاحب ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ گل حيات انسٽيٽيوٽ ٺاهيو ۽ موضوعن تي مواد/معلومات گڏ ڪرڻ جي هڪ روايت قائم ڪئي. بابا نہ فقط مواد گڏ ڪيو آھي, پر ان کي تحقيقي تقاضائن مطابق مرتب بہ ڪري ڇڏيو آھي.
اسان "ايم.آر.ڊيءَ" بابت گڏ ڪيل مواد جو مثال ڏيون ٿا. هيءَ تحريڪ هلي تہ ان بابت سنڌي, اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ خبرون, اداريا, پريس رليزون,خط ۽ سياستدانن جا بيان شايع ٿيا. ڪو ڏينھن ڪونھي, ڪا اخبار ڪانهي ۽ ڪو تحريڪي اڳواڻ يا ڪارڪن ڪونهي, جنهن کي نظر انداز ڪيو ويو هجي. ايم.آر.ڊيءَ تي گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد ٽيهن جلدن کان بہ مٿي آھي. انھيءَ مواد کي وري موضوعن ۾ ورهايو ويو آھي, جهڙوڪ:
1. اڳواڻن جا بيان.
2. ايم.آر.ڊيءَ جون سرگرميون.
3. اخباري ايڊيٽوريل.
4. ايم.آر.ڊي تحريڪ دوران ڪائونسلن تان ڏنل استعيفائون.
5. ايم.آر.ڊي دوران ٿيل گرفتاريون.
6. گرفتار ٿيل اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي مليل سزائون.
7. ايم.آر.ڊي بابت سرڪاري موقوف وغيره.
انھي مواد ۽ انھن موضوعن کي ڌيان ۾ رکي "ايم.آر.ڊي بابت انسائيڪلوپيڊيا" تيار ڪري سگهجي ٿي ۽ مٿي ڄاڻايل هڪ هڪ موضوع تي الڳ ڪتاب لکي سگهجي ٿو.
منھنجي والد انھيءَ سورس مٽيريل کي آڏو رکي, نوٽس وٺڻ ٺاهڻ شروع ڪيا. "گرفتاريون" واري موضوع تي جيئن نوٽس لکيا اٿس, ان جو ٿورو مثال هتي ڏيان ٿو:
* غلام قادر جلباڻي (خانواهڻ, مورو ۾ مسلم ڪمرشل بئنڪ جا دروازا ڀڃڻ جي ڏوه ۾ کيس 15.8.1983 تي گرفتار ڪيو ويو.)
* رئيس غلام مصطفا جتوئي
(کيس 14.8.1983 تي ڪراچيءَ ۾ گرفتار ڪيو ويو)
* سيد نور احمد شاه
(هن 16.8.1983 تي نواب شاه ۾ پاڻ گرفتاري ڏني)
* رئيس خان محمد جمالي
( هن 18.8.1983 تي ڳوٺ غلام محمد جماليءَ ۾ پاڻ گرفتاري ڏني)
* رئيس غلام مصطفا جمالي
(هن 18.8.1983 تي ڳوٺ غلام محمد جماليءَ ۾ پاڻ گرفتاري ڏني)
* رئيس دلمراد جمالي
(هن 18.8.1983 تي پاڻ ڳوٺ غلام محمد جماليءَ ۾ گرفتاري ڏني)
* سيد مراد علي شاه
(هي ڀريا مان نوشھرو فيروز وڃي رهيو تہ کيس 17.8.1983 تي گرفتار ڪيو ويو)
بابا ايئن ڪيترن ئي گرفتار ٿيل ماڻھن جي تفصيلي لسٽ مرتب ڪئي آهي ۽ هر هڪ انٽريءَ جو حوالو بہ ڏنو اٿس تہ اها معلومات ڪهڙيءَ اخبار مان ورتي وئي ۽ اها ڪهڙي تاريخ تي ڇپي.
رسول بخش پليجو هن تحريڪ دوران جيل ۾ ھو ۽ اتي بيمار ٿي پيو. سڄيءَ سنڌ منجهان مطالبا ٿيا تہ سندس علاج ڪرايو وڃي. انھيءَ موضوع تي هڪ چڱو خاصو جلد موجود آھي.
سنڌ گواه رهي تہ گل حيات/منھنجي بابا ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ جي تاريخي اهميت واري مواد کي ڪيڏي نہ سليقي ۽ طريقي سان گڏ ڪيو آھي.