رستم سنڌ ، شير ميربحر 

facebook 1711610656617 7179015423493843883
شير ميربحر - رستم سنڌ ۽ پهرين درجي جو ملھ پهلوان
محمد سليمان وساڻ
اڄ 28 مارچ سنڌ جي عظيم شخصيت ۽ پنهنجي وقت جي رستم سنڌ شير ميربحر جي ورسي جو ڏينهن آهي۔ سنڌ جي قومي ملهه جو سدا حيات پهلوان رستم سنڌ شير ميربحر 21 جون 1924ع ۾ فاريسٽ آفيسر علي محمد مير بحر جي گهر ڳوٺ موسو ديرو تعلقي ڪنڊيارو، ضلعي نوشهرو فيروز ۾ جنم ورتو۔ شروع ۾ ئي سندس لاڙو ملھ طرف هو ۽ سندس والدين به کيس کير مکڻ کارائي اصل پهلوان ڪري ڇڏيو۔ هن ملھ جي شروعات ته پنهنجي تر کان ڪئي پر باقائده نالو ان وقت نئون ديرو ضلع لاڙڪاڻو ۾ ٿيل ملاکڙي کانپوء ڪڍرايوجنهن ۾ هن پهرين جوڙ جي مشهور ملهه پهلوانن اقبال جوڳي، پنڃل مهر ۽ هنڊال مڪراني کي شڪت ڏئي پهريون انعام کٽيو۔
شير ميربحر ٽن ڏهاڪن تائين ملاکڙي جي ميدان ۾ ناقابل شڪست رهيو ۽ ان عرصي ۾ هن ملڪي ۽ غير ملڪي پهلوانن کي زير ڪري رستمِ سنڌ جو اعزاز پاڻ وٽ رکيو۔ هن ملڪي پهلوانن کي ته ملاکڙي جي ميدان ۾ زير ڪيو پر 1962ع ۾ هالا ۾ ٿيندڙ دنگل ۾ چيڪو سيلواڪيه جي پهلوان جارج زيبسڪو کي شڪست ڏئي ملڪ جو مان مٿانهون ڪيو ۽ شير سنڌ جو لقب حاصل ڪيو، هن ملاکڙي جو اهتمام مخدوم محمد الزمان طالب المولى ڪيو . ٻيو مقابلو هندوستان جي گرنام سنگهه سان نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ٿيو جنهن کي پڻ شڪست ڏنائين. ان کانپوءِ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ انگلينڊ جي پهلوان آسٽن جيري کي شڪست ڏئي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪيو. هڪ ٻيو يادگار مقابلو خيرپور ميرس ۾ ٿيو جيڪو صدر ايوب خان ۽ والي رياست مير مراد علي خان پڻ ڏٺو. ان ملاکڙي ۾ پهلوان شير ميربحر افغانستان جي پهلوان قطب خان سميت ٽن پهلوانن کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي. جنهن تي ايوب خان کي مجبور ٿي چوڻو پيو ته شير واقعي شير آهي. 
شهيد ذوالفقار ڀٽو سندس خدمتن کي مدنظر رکندي 1974ع ۾ کيس ملهه جو قومي ڪوچ مقرر ڪيو هو. پر 1977ع ۾ عوامي حڪومتن کي ختم ڪندڙ ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ الحق سندس قومي ڪوچ وارو عهدو ختم ڪري ڇڏيو، جيڪو بعد ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل جي بحال ڪيو ويو.
سڄي عمر پهلوانن سان مقابلو ڪندڙ هي شير آخرڪار 1984 ۾ بڪين جي بيماري سبب اسپتال ۾ داخل ٿيو. 28 ماچ 1985ع تي وفات ڪري ويو. سندس آخري آرام گاهه ڳوٺ پهلوان شير ميربحر ۾ آهي.
حواله:
وڪي پيڊيه ويب
شيعه دوست ڊاٽ ڪام
سنڌ ساگر آف جوکيو ويب

Good Wishes