پروفيسر فدا احمد سرهيو:
سنڌي ٻولي جي ناليواري اديب, دانشور ۽ شاعر پروفيسر فدا احمد سرهيو جي والد جو نالو آخوند حافظ محمد سرهيو آهي، سندس جنم 8 جون 1932ع تي سعيد پور ۡٽڪر ضلع ٽنڊو محمد خان ۾ ٿيو، بعد ۾ لڏي اچي ٽنڊو محمد خان شهر ۾ رهائش اختيار ڪيائون، تعليم ايم اي (سنڌي)، بي ايڊ، اديب فاضل ۽ ڊرائنگ ايليمينٽري فرسٽ ڪلاس اٿس، شاعري، نثر نويسي، ٻاراڻو ادب سندس پسنديده سبجيڪٽ هئڻ ڪري ئي اڪثر طبع آزمائي به انهن تي ڪيائين. سندس تخليقن ۾ شيرين (افسانا) جهومڪ(ناول) اڻ ڇپيل آهن . ان کان علاوه جواهرات ( افسانا)، ڪرڻا (افسانا) ۽ عورت (افسانن، مضمونن ۽ مقالن جو مجموعو) مرتب ڪري اداره سنڌي ادب ٽنڊو محمد خان طرفان شايع ڪرايائين جڏهن ته هيٺ ڄاڻايل ڪتابن کي ترتيب ڏئي اداره سنڌي ادب ٽنڊو محمد خان طرفان شايع ڪرايائين. جن ۾ داستانِ غم (ناول)، چلولي (ناول) مصنف:حافظ شاهه حسيني، آئين زندگي نفسيات مترجم : حافظ شاهه حسيني. نئون سفر(ناول) ، نادره (ناول) مصنف: غلام علي کوکر، اديون ڏيوم صلاح (ناول) مصنف: شوق سنڌي، ڏوهاري ڪير؟ ( ناولٽ) مصنف: وڪٽر هيوگو/ مترجم ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، چور ( افسانا) مصنف: غلام علي الانا، قلوپطره (ڊرامون) مصنف: شيڪسپيئر ، سفرنامه ابن بطوطه: مصنف ابن بطوطه ٻنهي جو ترجمون ڪندڙ :حبيب بخاري، سجاڳيءَ جو سڏ (ڊرامون) مصنف: دائود سولنگي، ٻاراڻي ادب ۾ هيٺيون لوڪ ڪهاڻيون لکي اداره گلشن ادب ٽنڊو محمد خان طرفان شايع ڪرايائين، جن ۾ هڪ ڏينهن جو بادشاهه ، گامون سچار ، غيبي خزانو، ڏهه شهزاديون شامل آهن. ٻاراڻي ادب جي حوالي سان جيڪي ڪتاب مرتب ڪري اداره گلشن ادب ٽنڊو محمد خان طرفان شايع ڪرايائين، انهن ۾ ٽڙيل گل، گلشن جا گل، هٻڪار، پنکڙيون، هيرا موتي، هيرا لعل هزار، روشن تارا، موتئي جون مکڙيون، چمڪندڙ ستارا، کڙيا کٽڻهار، روشن ڏيئا شامل آهن. ان سان گڏوگڏ “ پاڻ وهيڻي پري” مصنف: محمد ابراهيم جويو، حيرت انگيز هيرو، معصوم محموده، مغرور بادشاهه، ڪنول شهزادي، ڪرامتي تختي، ڇٽيهه لکڻو نالي ڪتاب ترتيب ڏئي، اداره گلشن ادب ٽنڊو محمد خان طرفان شايع ڪرايائين. ٻاراڻي ادب جا ٻه ڪتاب “ هڪ ڏينهن جو بادشاهه” (ٻيو ڇاپو) ۽ “ روشن ڏيئا”، ٻالڪ پبليڪيشن ٽنڊو محمد خان طرفان شايع ڪرايائين. اداره سنڌي ادب ٽنڊو محمد خان طرفان پندرنهن ڪتاب، اداره گلشن ادب طرفان ايڪويهه ڪتاب ۽ ٻالڪ پبليڪيشن ٽنڊو محمد خان طرفان ٻه ڪتاب يعني ڪُل 38 ڪتاب شايع ڪرايائين، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊو جان محمد، گورنمينٽ ڪاليج سعيد پور ضلع بدين ۽ گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد خان جي سالياني ميگزينس جي سنڌي سيڪشنز جو انچارج ۽ ايڊيٽر پڻ رهيو، سال 1948 کان 1991ع تائين، اخبار تعليم، ماهنامه بادل، ماهنامه گلستان، گل ڦل حيدرآباد، ماهوار فردوس هالا، ماهوار نئين زندگي ڪراچي، ماهنامه راج فلمستان بامبي، پندره روزه “ميراث” ۽ “ روشني” ٽنڊو محمد خان ، گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو جان محمد ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان جي ڪاليج ميگزينس، اداره فروغ ادب ڪراچي جي ڪتاب ” جديد شعراءِ سنڌي“ ۽ سرهاڻ پبليڪيشن ٽنڊو محمد خان جي ڪتاب “ ٽڙندڙ مکڙيون “ ۾ مسلسل سندس مضمون، مقالا، افسانا، گيت، غزل ، ڪافيون ۽ ٻاراڻو ادب شايع ٿيندو رهيو. 1954ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو ميمبر ٿيو، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو ٽي ڀيرا سيڪريٽري پڻ رهيو، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) ٽنڊو محمد خان جو جنرل سيڪريٽري ، بزم بسمل ٽنڊو محمد خان، انجمن ترقي سنڌي ٽنڊو محمد خان ۽ يونائيٽڊ فورم ٽنڊو محمدخان جو جنرل سيڪريٽري رهيو، پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن ٽنڊو محمد خان جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو، انجمن خادم الاسلام ٽنڊو محمد خان (جنهن جي زير اهتمام دارالعلوم هاءِ اسڪول ۽ مخدوم بلاول انٽرميڊئيٽ سائنس ڪاليج هلندڙ آهن) جو بنيادي جنرل سيڪريٽري رهيو. اداره سنڌي ادب ٽنڊو محمد خان جو پهريون جنرل سيڪريٽري هو، جنهن جو بنياد حافظ شاهه حسيني سان گڏجي 1954ع ۾ رکيائين، جنهن جو چيئرمين حافظ شاهه حسيني هو، ان بعد ان اداري جو ئي پبليڪيشن سيڪريٽري، ايجوڪيشن سيڪريٽري، لائبريري سيڪريٽري ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر رهيو. ان کان علاوه اداره سنڌي ادب طرفان “مرڪز تعليم بالغان” قائم ڪرائي، ان ۾ درس ۽ تدريس جون خدمتون سرانجام ڏنائين. بزم گلشن سنڌ ۽ ٻالڪ سنگت سنڌ جو باني صدر رهيو، جن ٻنهي بزمن جون سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ شاخون قائم ٿيون، جن ۾ ٻارڙا هفتيوار ۽ پندرهن روزه ادبي گڏجاڻيون ڪري انهن ۾ پنهنجون لکڻيون پڙهي، اصلاح ڪرائيندا هئا. انهن ٻارڙن مان ڪيترائي فرد سنڌ جا وڏا نالا ٿي اُڀريا, جن ۾ خاص طور ڊاڪٽر تنوير عباسي، خان محمد پنهور، آڪاش انصاري، پير مظهرالحق ۽ ٻيا شامل آهن. اداره سنڌي ادب ٽنڊو محمد خان طرفان سال 1958 کان 1970 تائين ڪيترائي عظيم الشان آل سنڌ، سنڌي اردو يادگار مشاعره ڪرايا ويا. جن جون صدارتون مخدوم طالب المولى، فيض احمد فيض، غلام محمد گرامي، ابراهيم خليل، جوش مليح آبادي، حمايت علي شاعر، رشيد احمد لاشاري، محسن ڀوپالي ۽ ٻين ناميارن اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن ڪيون. انهن سرگرمين ۾ فدا سرهيو جو متحرڪ ڪردار رهيو، زندگيءَ جا چاليهه سال تعليم کاتي سان وابستگي رهيس. 1948ع ۾ فائنل پاس ڪرڻ جي ڇهن مهينن بعد پرائمري استاد مقرر ٿيو، ان وقت کان ئي افسانه نگاري جو شوق جاڳيس، پهريون افسانو ماهنامه ”فردوس“ هالا ۾ شايع ٿيس، ان کانپوءِ ماهوار ”بادل“ حيدرآباد ۾ سندس ٻيو افسانو شايع ٿيو. 1952 ۾ ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ ٽيچنگ ٽريننگ جي سلسلي ۾ داخلا ٿي اتي قابل استادن غلام محمد گرامي، رشيد احمد لاشاري، ع ق شيخ، محمد امين صديقي، پناهه علي شاهه، ابن الياس، غلام حسين جعفري، غلام علي الانا ۽ رحيم بخش ميمڻ ۽ ٻين جي رهنمائي ۾ لکڻ جون صلاحيتون وڌيس ۽ شاعري جو شوق جاڳيس. 1953ع ۾ ٽريننگ اسڪول خيرپور ميرس جي ناز هاءِ اسڪول ۾ آل سنڌ تعليمي ڪانفرنس ۾ ڪاليج طرفان شرڪت ڪري، شاعري جي مقابلي ۾ پهريون ايوارڊ حاصل ڪيائين. ساڳئي سال ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي يادگار ڊرامي ”مومل راڻو“ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري بهترين اداڪار طور پڻ پاڻ کي مڃرايائين، ٻئي سال 1954ع ۾ “ ليلا چنيسر” ڊرامي ۾ پڻ مرڪزي ڪردار ادا ڪري, خوب مڃتا ماڻيائين. ان وقت ٽريننگ ڪاليج مان نڪرندڙ اخبار تعليم ۾ پڻ سندس کوڙ ساريون تخليقون شايع ٿيون. 1954ع ۾ ٽريننگ ڪاليج مان فارغ ٿيڻ کانپوءِ اداره سنڌي ادب جي نالي سان قائم ڪيل ادبي اداري طرفان اشاعتي سلسلو ۽ لائبريري قائم ڪرائڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيائين، جن جو لائبريري سيڪريٽري ۽ پبليڪيشن سيڪريٽري پڻ رهيو ان کان پوءِ 1958 کان 1961 تائين بزم گلشن ادب ۽ 1964 جو ٻالڪ سنگت سنڌ جو بانيڪار صدر رهيو. شاعري ۾ پهرين "فدا عامري" ۽ بعد ۾ "فدا سرهيو" جو تخلص ڪتب آندائين. شاعري ۾ پنهنجو شعر هميشه ترنم سان پڙهندو رهيو. گلي ۾ مٺاس ۽ منفرد انداز سندس اهم سڃاڻپ بڻيل رهيا. 1973ع ۾ تعليم کاتي ۾ ليڪچرار بڻيو، 1992ع ۾ پروفيسر طور تعليم کاتي مان رٽائر ڪيائين، ڪيتري ئي وقت کان نظر جي ڪمزوري ، معذوري سميت مختلف بيمارين ۾ وڪوڙيل، گهر تائين محدود هئڻ باوجود به سندس حوصلا هماليه جبل جيان مضبوط رهيا، ٿورو ئي سهي پر مطالعي سان چاهه ڪڏهن به نه گهٽايائين. گهڻي وقت کان طبعيت جي ناسازي ۽ گهر تائين محدود هئڻ سبب 22 جنوري 2024ع بمطابق 10 رجب 1445 هجري تي وفات ڪيائين. کيس يارهن نياڻين ۽ ٽن پۡٽن جو اولاد ٿيو. سندس پۡٽن ۾ ڊاڪٽر سجاد احمد سرهيو, ڊاڪٽر نجيب احمد سرهيو ۽ حبيب احمد سرهيو شامل آهن.