ایاز قادري

IMG 20231215 WA0134سنڌ جي مشهور ڪھاڻيڪار، شاعر، ليکڪ، صحافي ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر پروفيسر اياز قادريءَ 19 جنوري 1927ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو، سندس والد فقير غلام سرور قادري به پنهنجي وقت جو سٺو شاعر هو،  اياز قادريءَ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ ڪراچيءَ مان بي. اي آنرس، ايم. اي (فارسي)، ايم. اي (سنڌي) ۽ ايل ايل بي ڪئي، ان کان پوءِ هن علامہ غلام مصطفئ قاسمي جي نگراني ۾ (سنڌي غزل جي اوسر) جي عنوان سان ٿيسز لکي پي ايڇ ڊي ڪئي، ڪجهه عرصو ايس ايم ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ليڪچرار رهيو، 1971ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو پهريون چيئرمين مقرر ٿيو، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ئي قائم ٿيل ”شاھ لطيف چيئر“ جو باني ڊائريڪٽر رهيو، ان دوران پروفيسر سيد وقار رضويءَ جي سان ملي شاھ لطيف  جي شاعريءَ جو نثري اردو ترجمو ڪيو، جيڪو پوءِ اڪادمي ادبيات چئن جلدن ۾ ڇپرايو، ڊاڪٽر اياز قادري جي شاعريءَ جو مجموعو ”زلف اياز" جي عنوان سان شايع ٿيل آهي، ڊاڪٽر اياز قادري ڪنهن دور ۾ ھڪ ھفتيوار اخبار "الحقیقت" به ڪڍي، ھو  سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل ء  جمعيت الشعراءِ سنڌ جو باني ميمبر رهيو، سندس ڪھاڻين جو مجموعو ”بِلو دادا“ پھريون دفعو 1956ع ۾ ڇپيو، جنھن جا پوء ڪيترائي ڇاپا اچي چڪا آهن، ھن مئڪسم گورڪيءَ جي مشهور ڪتاب آتم ڪهاڻي کي به سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو، سندس ٻين ڪتابن ۾ پرين جون ڪھاڻيون، مٽيءَ لڌو مان، عشقيہ داستان وغيره شامل آهن، ڊاڪٽر اياز قادريءَ 15 ڊسمبر 1997ع تي ھي جھان ڇڏيو.. 

Good Wishes