ضیاء الدین ضیاء

IMG 20231215 WA0136سنڌ جي مشهور شاعر، ليکڪ، صحافي ضياءَ الدين ضياء 15 ڊسمبر 1910ع تي سنڌ جي ناليواري شاعر، ليکڪ، صحافي شمس الدين "بلبل" جي گهر ۾ ميهڙ ضلعي دادو ۾ جنم ورتو، ھن مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان ايم اي، ايل ايل بي ڪئي، ان کان پوءِ وڪالت شروع ڪيائين، ھن پنھنجي والد صاحب جي نقش قدم تي هلندي ننڍي ھوندي کان ئي لکڻ ۽ شاعري شروع ڪئي، ھن پنھنجي والد صاحب جي ياد ۾ "بزم بلبل" جي عنوان سان ادبي فورم جو بنياد وڌو، ھن مختلف نوڪريون ڪيون، سنڌ مدرسته الاسلام ۾ ليڪچرار رهيو، اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر، ضلعي پبلڪ پراسيڪيوٽر رهيو، وڪالت ڪيائين، ھن شاعري ڪئي، ڪالم لکيا، مضمون، مقالا لکيا، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ (تحفه ميهڙ، خطبه ضياءَ، ضياءُ القلندر، قرب قلندر) وغيره شامل آهن، هفتيوار اخبار "تنظيم عوام" جو باني ايڊيٽر، ماهوار "اديب سنڌ" جو ايڊيٽر رهيو، ھن 14 ڊسمبر 1966ع تي وفات ڪئي.. 

Good Wishes