درِشهوار سيد ڊاڪٽر

facebook 1703600750478 7145419442137444254درِشهوار سيد، ڊاڪٽر: نامور اديب ۽ سماج سڌارڪ ڊاڪٽر درشهوار سيد، سنڌ جي قومي سياستدان جي. ايم. سيد جي ڌيءُ جو جنم 21 مارچ 1942ع تي اباڻي ڳوٺ سن،  ضلعي ڄام شوري ۾ ٿيو. جيئن ئي پڙهڻ جيڏي ٿي ته ملڪ جو ورهاڱو ٿيو ۽ 1947ع ۾ هندن لڏپلاڻ ڪئي. ان ڪري سن جي  گرلز پرائمري اسڪول ۾ پڙهائيندڙ ماسترياڻيون پڻ لڏي ويون، جنهنڪري ابتدائي طور کيس حيدر منزل ڪراچيءَ ۾ ڀائرن سان گڏ رهايو ويو ۽ ابتدا کان مئٽرڪ تائين ۽ بعد ۾ بي. اي 1967ع ۾ سينٽ جوزف اسڪول ۽ پوءِ ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪيائين. 1969ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم. اي فلاسافيءَ ۾ ڪيائين، جڏهن ته فارسي زبان جو سرٽيفڪيٽ ڪورس سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان 1972ع ۾ ڪيائين. ان دوران ئي سندس والد جي. ايم. سيد کيس  پي. ايڇ. ڊي ڪرائڻ جو خيال ظاهر ڪيو. 1974ع ڌاري ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن وئي. پهرين 1978ع ۾ سسيڪس يونيورسٽي (Sussex University) ۾ داخل ٿي ۽ پوءِ لنڊن جي ايشين سائوٿ اسٽڊيز مان 1984ع ۾ پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. 
هيءَ پهرين سنڌي عورت آهي، جنهن شاهه لطيف تي انگريزيءَ ۾ ڊاڪٽريٽ ڪئي. سندس پڙهائيءَ جي معاملي تان ’آل سنڌ سيد سادات‘ جماعت سميت گھر جي ڪجهه  فردن مخالفت ڪئي، پر سندس والد جي. ايم. سيد هر ڳالهه کي پوئتي رکي کيس پڙهايو، جنهن جو احوال جي. ايم. سيد ۽ درشهوار جي وچ ۾ ٿيل خط و ڪتابت جي ڪتاب ’ڏونگر سي ڏورينديون‘ ۾ پڻ موجود آهي، جنهن ۾ کيس مخاطب ٿي جي. ايم. سيد هڪ هنڌ لکيو هو ته:  ”تنهنجي علم جي حصول جي ڪاميابي، منهنجي مشن جي تڪميل جو واڌارو آهي.“ پيءُ جي ان خواب کي سنڌ جي هن  لائق نياڻي سچو ثابت ڪري ڏيکاريو. سندس شمار سنڌ جي تعليمي ماهرن ۾ ٿئي ٿو. ڊاڪٽر درشهوار سيد کي سنڌي، انگريزي، اردو ۽ فارسي ٻولين تي عبور حاصل هو. کيس پيار ۽ احترام مان ’جيجي‘ به سڏيو ويندو هو. هن 1985ع کان 1991ع تائين ڪراچي يونيورسٽيءَ جي پاڪستان اسٽڊي سينٽر جوائن ڪيو ۽ اتي لڳاتار تاريخ جو مضمون پڙهايائين.  ليڪچرار ۽ اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تي فائز رهي. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ درس تدريس جا فـرض سـرانجـام ڏيـڻ سـان گـڏ، 1991ع ۾ ڪـراچـي يـونيـورسـٽـيءَ جـي ’شاهه عبداللطيف چيئر‘ جي ڊائريڪٽر جي عهدي تي فائز ٿي. سندس انگريزي ڪتاب ‘‘Universal Message of Shah Abdul Latif’ 1986ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو. ’لطيفي ڪهانيان‘ (اردوءَ ۾) 1993ع ۾ شايع ٿيو. ’شاهه عبداللطيف جي موسيقي‘ عنوان سان سندس ترتيب ڏنل ڪتاب ’شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر‘ 1992ع ۾ شايع ڪيو. سندس سنڌي، اردو، انگريزي ٻولين  ۾ لکيل کوڙ سارا مقالا مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. هن ڪيترن قومي ۽ عالمي سطح جي سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي ۽ اتي مقالا پڙهيا. کيس ڪافي تعداد ۾ اوارڊ به مليا، جن ۾ 1985ع ۾ ’ارنسٽ ٽرمپ اوارڊ‘، 1988ع ۾ ’لطيف گولڊ ميڊل اوارڊ‘. ساڳئي سال ’گورنمينٽ آف سنڌ ڪيش اوارڊ‘، 1990ع ۾ ’سچل سرمست اوارڊ‘ شامل آهن.  هن آل سنڌ وومين ايسوسيئيشن جو بنياد رکي، سنڌي عورتن ۾ جاڳرتا آڻڻ لاءِ ۽ انهن جي حقن لاءِ پتوڙيو ۽ ڪيترن شهرن جا دورا پڻ ڪيائين. 
ان کانسواءِ شاهه لطيف چيئر ۾ رهڻ دوران هن (1) ’تحقيق جو طريقيڪار‘، (2) ’شاهه لطيف تي تحقيق‘، (3) ’ببليوگرافي آف شاهه لطيف‘، (4) ’شاهه جو رسالو‘ (چئن ٻولين ۾) لکيا ۽ سهيڙي ڇپايا. 
ڊاڪٽر درشهوار سيد 26 ڊسمبر 1997ع ۾ وفات ڪئي

Good Wishes