اختر بلوچ

IMG 20231218 WA0148سنڌ جي مشهور ليکڪـا، سياسي سماجي شخصيت اختر بلوچ 16 ڊسمبر 1951ع تي سنڌ جي مشهور فنڪارا، ڪھاڻيڪاره جيجي زرينه بلوچ جي ڪک مان حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو، اختر بلوچ شروعاتي تعليم حيدرآباد ۽ ماسٽرس سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي، شاگردي واري زماني ۾ ھن سياست ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، خاص ڪري "ون يونٽ مخالف تحريڪ" ۽ "ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپايو تحريڪ" ۾ سندس ادا ڪيل ڪردار ڪنهن به صورت ۾ وساري نه ٿو سگھجي، ان دوران گرفتار ٿي ۽ جيل جون سختيون به سٺائين، جنهن جي سڄي روئداد ھن پنھنجي ڪتاب "قيدياڻي جي ڊائري" ۾ بيان ڪئي آهي، اختر بلوچ سنڌ جي تعليم کاتي ۾ استاد به رهي، قيدياڻي جي ڊائري کان سواءِ سندس ٻيا به ٻه ڪتاب "اميد سحر" ۽ "سنڌياڻي ماسڪو ۾" ڇپيل آهن، اختر بلوچ ننڍي کنڊ جي مشهور سياسي، ادبي شخصيت رسول بخش پليجي جي اڳ ڄائي ڌيءَ، پارليمنٽيرين ۽ ٺٽي ضلعي ڪائونسل جي اڳوڻي چيئرمين غلام قادر پليجو جي گهر واري، سنڌ جي اڳوڻي صوبائي وزير برائي سياحت و ثقافت ۽ سينيٽر سسئي پليجو جي ماءُ آهي.. 

Good Wishes