جڳديش لڇاڻي

4 ڊسمبر 1939: جنم تاريخ


IMG 20231204 WA0019ھند سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ، نقاد، ڪھاڻيڪار، ڊراما نگار، ناٽڪ نويس جڳديش ويڀراج لڇاڻي المعروف جڳديش لڇاڻي 4 ڊسمبر 1939ع تي پير جي ڳوٺ سنڌ ۾ جنم ورتو، ورھاڱي کان پوءِ خاندان سان گڏ انڊيا ھليو ويو، ھن سنڌي ادب ۽ ھندي ادب ۾ ماسٽرس ڪيون، ان کان پوءِ ايم فل ڪئي، جڳديش لڇاڻي وڏو عرصو ڪاليج آف آرٽس، سائنس اينڊ ڪامرس الهاس ننگر سان لاڳاپيل رهيو، جگديش لڇاڻي سنڌي ٻوليءَ سان گڏ انگریزي ۽ ھندي ٻولين ۾ لکيو آهي، سندس مختلف صنفن جي تصنیفن ۾: خاموش زندگي، ادبي شناس، سِڌا ردل جي ڪشمڪش جو چتر، هڪ تصوير ٻه پاسا (ڪهاڻيون)، سنڌي ادب جي روپ ريکا، اصول ۽ آلوچنا، نئون ساهت، ساهت سروپ، اپبياس ۽ سنڌي اپبياس، شاهه ۽ صوفي مت، ساهت جي پرک، سنڌي ڪهاڻي جي اوسر، ادبي تصويرون (ريڊيو ناٽڪ ۽ ادبي خاڪا) وغيره مشهور آهن، جڏهن ته سندس لکيل ٽيلي اسڪرپٽس ۾: جوڳي جادو لائي ويا (رام پنجواڻي جي زندگي تي ٽيلي اسڪرپٽ)، پوڦٽي- پوپٽي (پوپٽي هيراننداڻيءَ جي جيون، رچنائن ۽ خيالن جي آڌارت ٽيلي اسڪرپٽ)، کريو نه تنهن جو کير (سنت ڪنور رام، جھولي لال ۽ هيمون ڪالاڻيءَ جي حياتي تي ٽيلي اسڪرپٽ)، جل ۽ جوتين وارو (جھولي لال جو جيون چرتر)، نيڻين ننڊ حرام (شاهه لطيف جي حياتي، ڪلام ۽ تخليقي تصور جي آڌارت ٽيلي اسڪرپٽ)، هي ڪوئي کسي نه سگھندو (ريڊيو فلم ناٽڪ)، ڏات ۽ ڏانءُ (ايم ڪمل جي شخصيت ۽ ادبي ڪم جو جائزو)، ڏور به اوڏا سپرين (شاهه لطيف، شيخ اياز ۽ تاجل بيوس تي وڊيو فلم اسڪرپٽ) وغيره شامل آهن، ٻارڙن لاءِ لکيل مواد ۾: جھرڪيءَ لڌو ٽڪو، روپ نگر جي راجڪماري، گلن ڦلن جي راڻي، ڪُني آندي ڪنوار، هڪڙو هو ڏاهري، گنگا گيان، ملي ڪبو مقابلو، لال هيري جي ڳولا، وگيان جون آکاڻيون وغيره شامل آهن

Good Wishes