خلیفو محمد امین پلی
 
4 نومبر : تاریخ وفات


سنڌ جو مشهور ليکڪـ، شاعر، محقق خليفو محمد امين پلي 9 سيپٽمبر 1907ع تي پيدا ٿيو، ھن جو اصل نالو محمد قابل پلي درس ھو، ھن ڪا خاص تعليم حاصل نه ڪئي ھئي، پر تمام گهڻو ذھين ۽ ھوشيار ھو، پنھنجي منھن سنڌي، اردو پڙهڻ، لکڻ سکي ورتو، ھن ادب ۾ محمد هاشم "مخلص"، "خليق" مورائي، نور محمد نظاماڻي، مولانا دين محمد "وفائي" کان رھنمائي حاصل ڪئي، ھن ڪجهه وقت سياست به ڪئي، ھن تاريخ جو به وڏو مطالعو ڪيو، ھن پنهنجي گهر ۾ زبردست لائبريري قائم ڪئي، جنھن ۾ ناياب ڪتابن جو ذخيرو گڏ ڪيائين، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ديوان درس (شاعري)، فرس نامو (گهوڙن جي شناخت ۽ علاج بابت نظم)، فتح نامو اسلام (رزميه ڪلام)، واقعات عالم (قديم دور جا عجيب واقعا)، حيات جمال الدين، سوزِ سسئي (خليفي نبي بخش جي طرز تي لکيل)، اخلاق پسنديده (نصيحت آميز نڪتا)، يادگيريون (پنهنجون ۽ تر جي نامور ماڻهن جون يادگيريون)، چوڪون ۽ چهنڊڙيون، خلفاءِ غوثيه، پلي ذات جو اصل نسل، شاهنامه اسلام (منظوم سنڌي ترجمو)، هاشمي مهاجر، انشاءِ درس (خط) وغیرہ شامل آهن، ھن 4 نومبر 1957ع تي وفات ڪئي..
 

Good Wishes