شوڪت حسين شورو

[2:13 AM, 7/4/2020] Baba Dur Mohammed: Wish you happy birthday respectable Shoukat Hussain Shoro
WhatsApp Image 2020 07 04 at 2.13.05 AM

شوڪت حسين شورو

شوڪت حسين شورو: سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪهاڻيڪار شوڪت حسين شوري جو جنم 4 جولاءِ 1947ع تي ٺٽي ضلعي جي تعلقي سجاول جي ڳوٺ حاجي نور محمد شوري ۾ ٿيو.

سندس پيءُ عبدالڪريم شورو زميندار هئڻ سان گڏ ناليوارو وڪيل هو، جيڪو پوءِ جج به ٿي رهيو. هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان چار درجا سنڌيءَ جا پڙهي پوءِ انگريزي پڙهڻ لاءِ سجاول جي چانڊيا هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي، جتان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. 1966ع ڌاري سچل آرٽس ڪاليج، حيدرآباد مان بي. اي (پاس) ۽ 1968ع ۾ سنڌي شعبي، سنڌ يونيورسٽي مان ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي.

هن لکڻ جي شروعات شاگردي واري دور 1964ع ۾ ڪئي، سندس پهرين ڪهاڻي ‘اکيون روئي پيون’ جي عنوان سان 1964ع ۾ ماهوار روح رهاڻ رسالي ۾ شايع ٿي.
سندس ڪهاڻين جا چار مجموعا
(1) ‘گونگي ڌرتي ٻوڙو آڪاس’ (1981ع)،
(2) ‘اکين ۾ ٽنگيل سپنا’ (1983ع)،
(3) ‘گم ٿيل پاڇو’ (1989ع) ۽
(4) ‘رات جو رنگ’ (2011ع) ڇپجي چڪا آهن.

هي پهرين سنڌي ادبي بورڊ مان شايع ٿيندڙ ماهوار رسالي ‘گل ڦل’ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو، بعد ۾ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تي بطور اسڪرپٽ پروڊيوسر پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهيو، تنهن کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اداري انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر ٿيو، جتي 2006ع تائين خدمت ڪيائين.

شوڪت حسين 1984ع کان 2013ع تائين سنڌي اديبن جي وفدن سان گڏ هندستان جا دورا ڪيا آهن ۽ هتان لڏي ويل هندو سنڌي اديبن سان سندس ادبي ناتا اٿس. سندس ڪيترائي ڊراما مختلف سنڌي چئنلن تان نشر ٿي چڪا آهن. کيس خدمتن جي مڃتا طور بهترين ڪهاڻيڪار سارنگا پبليڪيشن 2001ع سميت ڪيترائي اوارڊ ۽ اعزاز قابل ذڪر آهن.

نوٽ : پاڻ هن وقت سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر پڻ آهي.
[7:20 AM, 7/4/2020] Baba Dur Mohammed: ابڙو غلام ھالائي
ابڙو غلام ھالائي: غلام رسول ”غلام“ ولد لطف الله خان ابڙو پنھنجي والد جي نوڪريءَ دوران 4 جولاءِ 1920ع تي ننگر ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. ”غلام“ ھالائي فائينل جو امتحان پاس ڪري 1946ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. پاڻ ھڪ سٺي استاد سان گڏ سٺو مصور، اديب، شاعر ۽ موسيقار به ھو، کيس گھڙي وڄائڻ ۾ مھارت حاصل ھئي. استاد بيبي خان ۽ استاد منظور علي خان سان ڪيترا ڀيرا گھڙي تي سنگت ڪرڻ جو شرف حاصل ڪيائين. پاڻ ھڪ بهترين ڊراما نويس پڻ ھو ۽ ڪيترائي پنھنجا ڊراما اسٽيج تي پيش ڪيائين. ”غلام“ صاحب شعر و سخن جي ھر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آھي. ”بزم رفيق“ ۽ ”بزم طالب الموليٰ“ سان خاص طور وابستگي ھيس ۽ ”الخالق ادبي اداري“ جو پڻ بنياد رکيائين. رٽائرڊ ٿيڻ بعد ”سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن“ ھالا جي زير اھتمام ”روشن تارا“ اسڪول جو آخري عمر تائين ائڊمنسٽريٽر ٿي رھيو. 27 آگسٽ 1984ع تي انتقال ڪيائين ۽ ھالا ۾ پنھنجي اباڻي قبرستان ۾ دفن ٿيو.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان

Good Wishes