سنڌ جو ڏاهو دانشور انور ابڙو
هڪ شخص هزار عڪس
آصف رضا موريو
انورابڙو سنڌ جو ناماچاري ليکڪ، شاعر، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، مورخ، تعليمدان، ايڊيٽر، سوانح نگار ۽ ڊرامه نگار آهي جيڪو ڪجهه سالن کان پنهنجي آتم ڪٿا پڻ لکي رهيو آهي. باقي هاڻي لڳي ٿو ته ادبي صنفن ۾ سندس لاءِ سفرنامو لکڻ رهجي ويو آهي. دنيا ۾ لکئي ۽ پڙهئي ويندڙ هر موضوع کي انور ابڙو پنهنجي قلمي جادوگري سان سينگاريندو رهيو آهي. جيڪڏهن ائين کڻي چئجي ته سندس نالو ٻڌي فنون لطيفه جون جمله صنفون شرم ٻوٽي جيان سڪڻڻ لڳنديون آهن ته غلط ڪونه ٿيندو. خوش مزاج، خوش لباس، خوش اندام، خوش گفتار، نرم خو ۽ آڌرڀائي طبيعت جو مالڪ هي بردبار انسان جيترو ظاهر ۽ ملنسار آهي اوترو ئي پنهنجي ادبي لڏي ۾ پراسرار، گهرو ۽ لڪل پڻ ڀانئيوويندو آهي.
انورابڙو جديد سنڌي ادب جي انهن لکارين منجهان آهي جن جي سوچ جي لکڻ لکائڻ جو انداز ڪليتن مختلف ۽ صاف هوندو آهي. هو هڪ حساس دل رکندڙ لکاري آهي جيڪو سماجن ۽ انسانن جي چڱ ڀلائي آهرِ پنهنجي قلمي ساڃاهه سميت سدائين جاڳرتائي ڪردار رهندو آيو آهي. ڪنهن لاءِ ڪجهه ڪرڻ جي بيچيني کيس مشاهدي تي اڀاريندي رهندي آهي ۽ جڏهن هو مشاهدو ڪندو آهي ته معاملن ۽ مسئلن جي پاڙ وڃي لهندو آهي. ڪٿي ڪٿي سندس افڪار ۽ نظريات سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو پر ان ڳالهه ۾اختلاف جي ڪابه گنجائش موجود ڪونه آهي ته سندس دل ۾ مخلوق لاءِ خلوص، پيڙا ۽ درد مندي جا جذبه اتم موجود آهن.
سنڌ جي ادبي، نظرياتي ۽ انقلابي آجپي جي واٽ وٺندڙ ننڍڙي ڳوٺ جي هن واهرو پنهنجو جنم سجايو ڪرڻ لاءِ سموري عمرسماج جي گهڻن پاسن ڏانهن هڪ متحرڪ ڪردار رهندي انسانن جي ازلي آزادي لاءِ قلمي مورچي تان هڙئون وڙئون ويڙهاند ڪندو رهيو آهي. سندس لکڻين ۾ سنهري ۽ نڪور موضوعن جي چونڊ انتهائي شاندار هوندي آهي. هي آدرش وادي انسان پنهنجي ڌرتيءَ تي ڪيڙن ماڪوڙن جيان چرندڙ پرندڙ بي پهچ ماڻهن جي گهپ اونداهي رستن ۾ پنهنجي لفظن آڌار نظرين جا ديپ ٻاري روشني ڪندو رهيو آهي ته من ڪو انڌيري واٽ جو مسافر سندس لڪيرن جي لاٽ پسي پنهنجي منزل جو گس ماڻي.
انور ابڙو جو جنم
انورابڙو جوجنم 1 جنوري 1965ع ڌاري باقراڻي تعلقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ لالي جا ڀاڻ ۾ ٿيو. وڏ وڙن جي گهر ۾ ڄمندڙ هن نومولود جا جوان ٿيڻ تي اهڙا هنر ظاهر ٿيا جن سان نه رڳوسندس شخصيت ۾ نکار آيو پر هن پنهنجي قلمي پورهئي سان سنڌ جي ادبي دنيا کي امير بڻائي لکين سيکڙاٽ اديبن قريبن جي ٻيڙي پڻ ڪنڌي لائي کين پنهنجي پير تي بيهاري شهرت جي آسمان تي به پهچايو. انور ابڙو جو تعلق کاڌي پيتي واري گهراڻي سان رهيو آهي پر پنهنجي لکڻين ۾ هو ڪنهن هاريءَ جو دل رکندڙ اهڙو آديسي ڀانئبو آهي جنهن جي سوچن پٺيان سندس وسيع مطالعي ۽ مشاهدي جا ڀنڊار جهاتيون پائيندا آهن.
ڳوٺ لالي جا ڀاڻ
انور ابڙو جي ڳوٺ جو نالو لالي جا ڀاڻ آهي. سنڌ جي اڪثر ڳوٺن تي اهڙا عجيب و غريب نالا پيل ملندا آهن جن جو ڪو تهذيبي، شخصي يا سماجي پسمنظر ضرور هوندو آهي. لالي جا ڀاڻ مان لڳي ٿو ته هن وستي کي جوڙن واري پهرئين ماڻهو يا ويڙهي جي چڱي مڙس کي يقينن ڍور ڍنگر رهيا هوندا. ڳاهئي، ٻاڪري يا ماهيي مال جي ڇيڻن يا ڦولڙين جي ڍڳ کي واهڻن ۾ ڀاڻ ڪوٺبو آهي جو ان مان زمينن لاءِ ڀاڻ جوڪم ورتو ويندو آهي. ائين لڳي ٿو ته ڪنهن لال محمد، لالو يا لال واري نالي جي ماڻهو جي اهڙي ڀاڻ جي ڍڳ سبب جيڪو ڪنهن جاءِ تي ڪٺو ٿيل هوندو تنهن ڪري هن ڳوٺ تي اهو نالو (ممڪن آ) پيو هجي. اهڙو ئي هڪڙو ڳوٺ لالي جا ڀاڻ جي ڀرسان ميهر جا مننهن جي نالي سان به آهي ميهر پڻ ذات جو ابڙو هيو.
ڏوڪري شهر کان ڳجهڙ وارو رستو وٺي ڳجهڙ پائي اڳتي وڌي واهوچا ڳوٺ اڪربو ته ٿورڙواڳيان لالي جا ڀاڻ جون زرعي زمينون آڌرڀاءُ ڪندي ملنديون جتي ڳوٺ جي اولاهين پاسي اوڀر منهون هڪ گهر موجود آهي جتي سنڌ جي هن سهڻو اديب انور ابڙو جنم ورتو هيو. ترائي ۽ بکر ڪارڙا به هن ڳوٺ جون پاڙيسري وسنديون آهن. اوسي پاسي ۾ پنهورن، چنن، ڪٽپرن، راهوجن ۽ ابڙن وغيره جون ٻيون به ڳچ آباديون آهن. لالي جا ڀاڻ جي ڀرسان ويجهڙو آبي وهڪرو رئيس ڪينال ڳوٺ کان قريبن اڍائي ڪلوميٽر اوڀر پاسي نانگ جي لڪير ٺاهيندي ڏکڻ طرف وهي ٿو. لالي جا ڀاڻ کي تر پاسي ۾ “جنگياڻي” به ڪوٺيو ويندو آهي جيڪوڳيريلي شهر کان قريبن ٻارنهن ڪلوميٽر ۽ لاڙڪاڻو شهر کان چاليهه ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي. هن ڳوٺ ڏانهن هڪ رستو مهين جو دڙو ريلوي اسٽيشن وٽان به وڃي ٿو. ڏوڪري کان جهنگياڻي تائين پراڻو ڌوڌڙيو رستو موجود آهن جنهن کي گاڏر چارو چئي سگهجي ٿو پر ان جي حالت زار سدائين سڪراتي رهي آهي جو جيڪڏهن اهو ڪڏهن پڪو به ڪيو ويو هوندو ته اهڙو …
انور ابڙو ترتيب: آصف رضا موريو