ڊاڪٽر عبدالغفار جوڻيجو: مختصر تعارف ۽ ويچار
ترتيب: مٺل جسڪاڻي
ڊاڪٽر عبدالغفار جوڻيجو، پهرين فيس بوڪ دوست ٿيو، ان دوران لڪي لڪي منهنجا گهر وٽان گذري ويو، ته پاڻ ئي منهنجو ڪن کڻايو، ان کان گهڻا ڏينهن پوءِ، جڏهن مليو، ڄڻ اڳي ملندڙ هو، چمي ۽ ڀاڪر گڏ پهتو، مرڪڻ کلڻ ٿيو، ڳالهائڻ ٻولهائڻ ٿيو... دل چوندي آهي، وس ۾ هجي، چمي ڀاڪر جي سڪ ڪنهن جي به حوالي ٿئي، اهو نه ملي، ته ڊاڪٽر وٽ رسجي...
قربائتو ته آهي، شاعر ته آهي، مسيحا ته آهي، نڀائڻ جي ڪوشش ڪندڙ ته آهي، فيس بوڪ تي لائيو آن لائين جو، ريڊيو ٽي وي جهڙو پروگرام ڪرڻ جو شوق به رکي ٿو، اهو شوق پورو به ڪري ٿو. سندس يا ساڻس محبت ڪندڙن جو وڏو حلقو آهي.
ان کان اڳ جو آئون سندس تعارف ڪرائي، گهڻو لکي وڃان، اوهان سندس لکيل سندس تعارف ۽ ويچار پڙهو، کيس سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪريو. پنهنجي راءِ مون سان ونڊ ڪريو.
1. اوھان جو نالو؟
ڊاڪٽر عبدالغفار جوڻيجو
2. ولديت ذات سميت؟
نامياري تعليم دان محترم عبدالرزاق جوڻيجو جو فرزند آهيان.
3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ ھنڌ سميت):
منهنجو جنم تعلقي ڏيپلو کان ڪلوميٽر اتر طرف هڪ ڳوٺ راڻيويرو ۾ ٿيو، سال ۽ درست تاريخ ته نٿو ٻڌائي سگهان، باقي اسڪول ۾ داخلا وقت 20/05/1966 لکيل آهي، سا ڪا مستند ناهي. ڇو ته امان چواڻي ته تنهنجي ڄمڻ وقت سيءَ پئي پيا، پر منهجي بابا، جيڪو منهنجو استاد ڀي هو، تنهن منهنجي ذهانت کي پرکيندي، هڪ سال وڏو ڪري لکرائي، پهرئين ڪلاس ۾ داخل ڪيو۔
هاڻي آئون قاسم آباد ۾ رهائش پذير آهيان۔ نوڪري ڀي قاسم آباد جي تعلقه اسپتال ۾ اٿم۔
4. تعليم؟
تعليم جي باري ۾ ٻڌايان ته سڄي ڄمار سکڻ ۽ پروڙڻ لاءِ ٿوري آهي۔ مون لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو، هاڻوڪي لياقت يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز ۾ گريجيوشن ڪئي. بعد ۾ ڪميونٽي هيلٿ مئنيجمينٽ ۾ڊپلوما، اسلام آباد مان، امتيازي نمبرن سان، يعني پهرين پوزيشن کڻي پاس ڪيم. اهو منهنجي لاءِ اعزاز هو، ته پنجاب مان يا اسلام آباد مان ڪنهن ڪامپيٽنسي بئسڊ امتحان ۾، سنڌي هئڻ جي ناتي فرسٽ پوزيشن کڻان۔
5. ڪرت (پيشو)؟
ڪرت ته سنگت ۽ پڙھندڙن کي پتو پئجي چڪو هوندو، ته آڪٽوبر 1992ع کان سرڪاري نوڪر يعني ڊاڪٽر طور صحت کاتي جو ملازم آهيان۔
6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
ترجيحاتي مصروفيتون حالتن، موسمن ۽ دلي ڪيفيتن تي منحصر آهن۔ مطالعو، يعني ڪتاب پڙهڻ ۾ مصروف رهڻ۔ ادبي تقريبات ۾ شموليت ۽ ڪجھ پرائڻ ۽ گهر ۾ پنهنجي نياڻي سان گڏ وقت گذارڻ ئي منهنجين مصروفيتن جو محور آهن، باقي ڪجھ اڻ ٿيڻا ڪم ڀي قدرت ڪرائي ٿي. جنهن تي منهنجو وس ڪس نٿو هلي۔
7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟
ليکڪ ڀي آهيان. شاعر ڀي، پر شاعري منهنجو جياپو بڻي، نه ته آئون ڪڏهن ڪو هن اڏوهي کاڌل سماج جي سورن سببان مري مٽي ٿي چڪو هجان ها۔ شاعري مون ۾ پلي وڌي آهي ۽ آئون سندس ٿپڪين تي آسيس سمجهي، سڪون مان ڪا وائي يا نظم لکي، ڪجھ گهڙيون فرحت محسوس ڪندو آهيان۔
ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن م مواد ڇپيو آهي۔ شاعري جي گڏيل مجموعن ”شاعري جو آڪاش“ ۽ ”ننڊ جا نيڻ“ ۾ ۽ ”سخنور سنڌ ڌرتي جا“ نالن سان ڇپيل ڪتابن ۾ منهنجو مواد به آهي. ٻن ڪتابن جو مواد ترتيب ڏئي چڪو آهيان. انشاءَ الله ڪرونا وبا ٽري ته ڪم کي تڪميل تائين رسائجي۔ ”وات ۽ ڏندن جون بيماريون ۽ انهن جا جسماني اثرات“ تي لکيل ڪتابچو ڀي تڪميل ٿيل آهي، باقي ڇپائي جو عمل رهيل آهي۔
”ٿر جي پاڻي ۾ موجود فلورائيڊ جا صحت تي هاڃيڪار اثرات“ تي ريسرچ ۾ ايوارڊ مليو اٿم۔ انهي کانسواءِ احساس ايوارڊ، ڊينٽل ڪوئيز سنڌ ايوارڊ، ٿر رينجرز هيڊ ڪوارٽر جي ڪمانڊنٽ طرفان بهتر ڪارڪردگي ايوارڊ ۽ ڪجھ ٻيا ايوارڊ ڀي مليا اٿم۔
مون ڏهن شاعرن تي لائيو پروگرام ڀي ڪيا آهن ۽ سلسلو هلندڙ آهي۔
8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
مطالعو معنا خيز هجڻ کپي۔ مختلف ادبي ڪتاب۔ لطيفيات۔ اياز۔ جديد ۽ نوجوان ڪوتاڪار۔ پرڏيهي ادب۔ نيڻن کي پڙھڻ، پر اهو ڪم شايد آئون خوش اسلوبي سان سرانجام نه ڏيئي سگهيو آهيان۔ اڄ ڪلهه فلڪيات ۽ گرهن ۾ گم ٿيڻ جو شوق جاڳيو اٿم۔ سو مطالعو وسيع هئڻ گهرجي.
مٺل سائين، ڀٽائي ۽ فڪر لطيفي، منهنجو عشق رهيو آهي. باقي مسنون دعائون ۽ قرآن پاڪ جو ترجمون پڙھندو آهيان۔
9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
سير سفر سان ماڻھون مشاهدو ماڻي ٿو. خاص طور شاعر کي نوان خيال ۽ احساس ملي ٿا پون. سو سير سفر انتهائي ضروري آهي۔ پنهنجن ماڳن، دڳن کان علاوه ڏيساور ڀي سفر ضرور ڪجي۔
10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
ڪچھريون اسان کي هڪٻئي کي سمجهڻ ۽ پرڙڻ لاءِ ضروري آهن۔ اياز گل ته ايئن ڀي لکيو ته:
روز ملندا رهون ته بهتر،
فاصلا فاصلا وڌائين ٿا۔
11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
ادبي تقريبون هڪ قلمڪار کي نوان لاڙا ۽ نوان دڳ ڏيکارين ٿيون۔ ادبي حلقن مان اسان گهڻو ڪجھ پرايون ٿا. سو آئون ڪوشش ڪري، ادبي ميڙاڪن جو حصو بنجندو آهيان۔
12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
انسان بنيادي طور هڪ سماجي جانور آهي۔ سو سماجي جوڙجڪ ۾ سندس ڪارائتو ڪردار ڀي ضروري آهي۔ پنهنجن جي پرگهور لهڻ، ڪنهن درد ڀري دل جو مداوو ٿيڻ، منهنجي نزديڪ اعلى قدر آهن۔ ”احساس بنا ماڻهون اخبار پراڻي آ“۔ خاص طور اڄڪلهه جهڙي وبائن ۽ آفتن جي دور ۾، ڪنهن ضرورت مند جي ڪم ايندي خوشي ٿيندي اٿم۔
13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
عزيزن سان لڳ لاڳاپا۔۔.! آئون شايد انصاف سان، انهي سوال جو جواب نه ڏيئي سگهان! وت آهر ڪوشش ڪندو آهيان، ته منهنجو ڪردار مثبت هجي۔ آئون پنهنجن عزيزن جي عزت ڪندو آهيان۔ جيتوڻيڪ مٽن مائٽن ۾ اڳيون قرب ڪونهي ڪو، پر ڪوشش ڪجي، ته پنهنجي ذات، ڪنهن جي دل رنجائي جو سبب نه بڻجي۔
14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
دوست منهنجا اتساه آهن۔ سٺا دوست ئي منهنجي مشڪل گهڙين م آٿت بنجندا آهن۔ سنگت جو هڪ وسيع حلقو آهي. سڀن سان انصاف ڪندي پورو پوڻ مون لاءِ مشڪل آهي۔ ٻيو شگر ۽ دل جون بيماريون ننڍي وهيءَ ۾ وچڙي ويون اٿم۔ سو جن دوستن وٽ نٿو رسي سگهان، انهن کي هٿ جوڙ ضرور ڪندو آهيان۔ شل سڀئي سکيا سهنجا هجن۔
15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
منهنجي پسند جو رنگ ناسي نيڻ۔ خوشبو پهرين برسات، جڏهن واريءَ تي پوي ٿي ۽ جيڪا ڀنل مهڪار اٿي ٿي، انهي جي، ڪا خوشبو ثاني ناهي۔
16. اوھان جي پسند جي سواري؟
خواهشون انسان جي سيراندي کان سمهنديون آهن، سو پراڊو يا سفاري جيپ جي سواري وڻندي اٿم۔ جڏهن ته ننڍپڻ ۾ سائيڪل هلائڻ جو شوق هئم۔
17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
خواهشون ته جيئري جيءَ سان جڙيل هجن ٿيون۔ سندم سڳي سئوٽ سان دل هئم، پر سندس بيوفائي مون کي ڀاڱا ڀاڱا ڪري ڇڏيو۔ باقي خواهش اٿم ته اهڙو اختيار هجي، جو سنڌ ڌرتي تي مسڪين ماروئڙن جي درد جو درمان ٿي سگهان۔
18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
مٽ مائٽ ۽ سنگتي منهنجي چوڻ سان ڪجھ ڀي نه ڪندا۔ کين دلين م احساس ۽ اکين ۾ آشنائي هئڻ گهرجي۔
20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
عام ماڻھون، خاص طور سنڌي سماج، پنهنجي پاڻ ۾سهپ ڌاري، پنهنجن حقن جي حاصلات، باهمي اختلاف پري رکجن۔ پنهنجن ٻچن کي تعليم ڏيارين۔ کين خدمت ۽ فرض شناسائي جو درس ڏين۔ انهي طرح پنهنجي مٽي ۽ ماڳن جا محافظ بنجن۔
21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
مٺل سائين پيغام دٻٻو رکندڙ وڏا ماڻھون ڏيندا آهن۔ آئون ڀٽائي جون امر سٽون عرض رکندس ته:
محبت پائي من ۾، رنڍا رهڙيا جن،
تن جو صرافن، اڻ توريو اگهايو.