عطاءاللـ انڙ
آء عطاءاللـ انڙ ولد مولوي حميداللـ انڙ منھنجو جنم ٧ ڊسمبر١٩۴۵ تي ڳوٺ نئون آباد تعلقو باڪراڻي ضلعو لڙڪاڻو ۾ ٿيو ١٩۴٨ ۾ درياھي ٻوڏ آئي جنھن ۾ اسانجو ڳوٺ ٻڏو منھنجو خاندان لڏ پلاڻ ڪري باڪراڻي ڀرسان ڳوٺ پٺاڻ ۾ رھائش پذير ٿيو اتي اسانجي زرعي زمين بـ ھئ اسانجي والد صاحب اتي وڏو ديني مدرسو کوليو جنھن کي اسانجي ڏاڏي حاجي غلام قادر خان انڙ جي ڀرپور مدد ھئ ھو پنھنجي دور جو مشھور سخي مرد ھو مدرسي ۾ سنڌي طالبن سان گڏ وڏي ڳاڻاٽي ۾ بلوچستان جا طالبالعلم ھيا جن کي فارسي ٻولي ۾ سبق ڏنو ويندو ھو اسانجو خاندان زمينداري سان گڏ دين اسلام سان رنگيل ھئا پر تصوفي رنگ رکندڙ ھئا آء پنھنجي مدرسي ۾ فارسي علم پڙھڻ سان گڏ پرائمري اسڪول ۾ بـ پڙھي رھيو ھيس ڳوٺ ۾ چئن درجن تائين انگريزي اسڪول بـ ھيو سنڌي تعليم کانپوء بنا ڪنھن رڪاوٽ جي انگريزي اسڪول ۾بـ داخلا ورتم ۽ مدرسي ۾ بـ پڙھندو رھيس وڌيڪ انگريزي تعليم لاء لاڙڪاڻي شھر اچڻو پيو تانجو مدرسي جي تعليم کي خيرباد چوڻو پيو تعليم جي معاملي ۾ والد صاحب منھنجي شوق ۽ چاھت کي سمجھي چڪو ھو ھن جي خيال ۾ اھو ويٺل ھو تـ جيڪو ڪريٿو اللــ
ڪري ٿو آخرڪار١٩٦٨ ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ايم ڪام جي ڊگري ورتي وقت جي مشھور آفيسر مامي امداداللـ انڙ جي چوڻ تي سرڪاري نوڪري ورتم پر مان شوق بغير پئي نوڪري ڪئي حقيقت ۾ منھنجي باطني دلچسپي ڪا ٻي ھئي ١٩٧٢ ۾ سائين جي ايم سيد جي حضور ۾ حاضري ڀرڻ کانپوء منھنجو ٿورو گھڻو جيڪونوڪري طرف توجھ ھو سو بـ ھٽي ويو ان کان علاوھ منھنجي والد صاحب مونکي چيو تـ اللـ سائين ايترو ڏنو اٿئي جو سرڪاري نو کيڪرنھنجي پٽي کانسواء بـ ھلي سگھندي تئن وڌيڪ ٽيڪ ملي تانجو فرسٽ ڪلاس جي
آفيسري کي پٺي ڏئي سائين جي ايم سيد سان وقت گذارڻ لڳم نظربندين دوران بـ گھر جو ڀاتي ليکيو ويندو ھيس اھو سلسلو باطني طرح اڄ بـ جڙيل آھي ڦوھ جواني جا گھڻي قدر مان ڏينھن راتيون توڙي عيدون سائين جي حاضري ۽ فڪري سکيا وٺڻ ۾ گذاريون تانجو شادي ب۴۴ سالن جي ڄمار ۾ ڪيم جنھنمان ٢ پٽ ٢ نيااڻيون جنم وٺي پھتا منھنجي اھڙي جذبي ۽ چاھ کي ڏسي سائين چيو تـ عطاءاللـ جو والد ڪامل عالم آھي جو پنھنجي پٽ کي مونسان ڇڏيو اٿائين جڏھن تـ گھڻن مولوين مفتين منھنجي خلاف فتوائون ڏنيون ھيون ١٩٧٢ کان پوء لاڙڪاڻي شھر جي قافلا سراء محلي ۾ رھون پيا زمينداري ماحول سبب ڳوٺ جي آخر ڇڏڻو پيو زمينون ڳوٺ ۾ آھن پر رھون لاڙڪاڻي ۾ ٿا ينڱ