اميربخش اداسي لنڊ
سارجي سڳنڌ اميربخش اداسي لنڊ
سنڌي ۽ سرائڪي ٻوليء جو ڀلوڙ شاعر امير بخش اداسي لنڊ 1942ع ۾ ڳوٺ ميوو لنڊ دادو لڳ ڀٽي شاخ بکراڻي جي پڇڙي ۾ جنم ورتو. کيس شعرو شاعري ۽ ڳائڻ جو شوق ننڍ پڻ کان ئي هيو، شاعري ۾ ميرل فقير جويو کان اصلاح وٺندو هيو، ميرل فقير جڏهن جده ۾ پنهنجي استاد طالب لغاري جي نالي بزم کولي ته هي ان ۾ به سرگرم رهيو، سندس ڪلام سنڌ جي نالي واري لوڪ فنڪار جلال چانڊيو ۽ ٻين مشهور راڳين ڳايو آھي، پاڻ يڪتاري ۽ چپڙي تي سٺو ڳائيندو هيو، اڪيلائي ۾ جڏهن پنهنجي ڪافي جيء چوانء جيء، راز پنهنجي سان رات رهي پئين ، ٻڌائيندو هيو ته ٻڌندڙن تي سحر طاري ٿي ويندو هيو، جلال جو ڳايل سندس ڪلام
حسن وارا حسن پنهنجو ڪري ظاهر نه ايندو ڪر
لڳي ڪنهنجي نظر ويندئي صفا ٻاهر نه ايندو ڪر
ڏاڍو مشھور ٿيو، سندس دوستيء جي دائري ۾ احمد خان ممدهوش، محسن ڪڪڙائي، نواز رڪڻائي، ميهر فقير، راشد مورائي،حافظ محمدبخش خاصخيلي، همٿ فقير ۽ راحب ماڇي اچي وڃن ٿا، محبتي ماڻھو هيو، قرب جي هڪ ڪچهري ۾ ماڻھو کي پنهنجو ڪري ويندو هيو، 25.5.2004 تي دل جي دؤري سبب سول اسپتال دادو ۾ دم ڌڻي حالي ڪيائين ،جيسين سنڌي شاعري زنده آھي ،امير بخش اداسي زنده رهندو،وڇڙيو آھي ،وسريو ناهي.