ڊاڪٽرعبدالڪريم سنديلو


سنديلو عبدالڪريم، ڊاڪٽر: سنڌ جو ناميارو اديب، محقق ۽ لوڪ ادب جو پارکو، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، 6 اپريل 1919ع تي ڳوٺ محراب خان سنديلي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. سندس والد جو نامو محراب خان هو. هن ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي شهر ۾ ورتي، ثانوي تعليم کانپوءِ 1947ع ۾ پرائمري استاد طور عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيائين. 1952ع ۾ بي. اي (آنرز) ۽ 1954ع ۾ ايم. اي (سنڌي) پاس ڪيائين. پنهنجي علمي قابليت سبب وقت جي عالمن اديبن جي قربت ۾ رهيو. ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي سندس علمي قابليت کي پرکي، کيس نومبر 1947ع ڌاري سنجهوري ۽ سانگهڙ تعلقن جو اسسٽنٽ ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ڪيو. سندس پنهنجي هڪ لکت موجب سروس ۽ رٽائرمينٽ جو تفصيل هن ريت آهي: گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ استاد (1949ع کان)، گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول ۾ استاد، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ليڪچرار 1954ع؛ ساڳئي ڪاليج ۾ پرنسپال 1964ع کان 1974ع؛ سيوهڻ ڪاليج جو پرنسپال 1974ع کان 1975ع؛ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جو پرنسپال 1975ع کان رٽائرمينٽ 5 اپريل 1979ع تائين.
سنديلي صاحب ’لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو‘ عنوان هيٺ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جي رهبريءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي مقالو لکي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري 1973ع ۾ ورتي. سندس پسند جو موضوع شروع کان لوڪ ادب ئي رهيو. هن ٿيسز ۾ سنديلي صاحب مختلف صنفن: وينجهار، سنڌ جو سينگار، ڏهس نامي ۾ آيل صنفن کانسواءِ مناظرا، مداحون، مناجاتون، معجزا، ٽيهه اکريون، مولود ۽ لوڪ گيت شامل ڪرڻ سان گڏ نثري صنفن ۾ لوڪ ڪهاڻين جو جائزو پڻ ورتو آهي. لوڪ ڪهاڻين تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مرتب ڪيل ستن جلدن ۾ متن ۽ مقدما جيئن ته ڀرپور نموني ڇپجي چڪا هئا، ان ڪري ڊاڪٽر سنديلي لوڪ ڪهاڻين کي گهٽ اهميت ڏني، جو سندس لاڙو نثري داستانن ۽ قصن ڏانهن گهٽ هو. اهو ئي سبب آهي جو نثري صنفن جي مثال ۾ رڳو هڪ ڪهاڻي ڏنائين. سنديلي صاحب جي اها ٿيسز انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ اڳتي هلي 1986ع ۾ شايع ڪئي.
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو سنڌ يونيورسٽيءَ جي بي. اي ۽ ايم. اي جو ممتحن رهيو، پبلڪ سروس ڪميشن ۽ ٻين يونيورسٽين جا پيپر به چيڪ ڪندو هو.
ڪجهه شاگردن جي ايم. فل ٿيسز جو گائيڊ ۽ 1988ع ڌاري هڪ شاگرد جو پي. ايڇ. ڊي گائيڊ به رهيو. مختلف هنڌن تي ريسرچ اسڪيمن تي به ڪم ڪيائين، جهڙوڪ: ادبي بورڊ جي ’جامع سنڌي لغات‘ اسڪيم ۾ ريسرچ اسسٽنٽ، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فيلو، سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڪيڊمڪ ڪائونسل ۽ بورڊ آف اسٽڊيز جو ميمبر، لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽيءَ ۽ شاهنواز لائبرريءَ جو ميمبر وغيره.
ڊاڪـٽـر سـنديـلـي کـي ڪـتـابـن: ’وينجهار‘ (1951ع)، ڏهـس نامه (1969ع)، تحقيق اللغات سنڌي (1955ع)، سچل لغات تي اوارڊ مليا. کيس 1984ع ۾ حڪومت پاران ادبي علمي خدمتن عيوض تمغه امتياز به ڏنو ويو.
سندس ڪيترائي ڪتاب اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن، جن ۾ اشتقاقي لغات لطيفي، شرنگار شاستر، هيوز جو گزيٽئر (ترجمو)، مڪلي ٽڪريءَ جو سير (ترتيب) ۽ ٻيا شامل آهن.
سنديلي صاحب، آگسٽ 1947ع ۾ شير محمد خان ڪورائيءَ جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي هئي، جنهن مان کيس پنجن پٽن ۽ پنجن نياڻين جو اولاد ٿيو، جن مان ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي وفات ڪري ويا. ٻيا حال حيات ۽ گهرن ٻارن وارا ٿيا. سندس فرزند ڊاڪٽر اسلم سنديلو، سندس علمي ادبي ورثي کي سنڀاليندو رهيو آهي، جيڪو پاڪستان ريلوي ۾ ڊاڪٽر آهي ۽ خود سٺو ليکڪ پڻ آهي.
سندس ڇپيل ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي، جيڪي سنڌي ادب ۾ حوالاتي ڪتابن جي حيثيت رکن ٿا:
(1) وينجهار (1951ع)، (2) تحقيق الغات سنڌي (1955ع)، (3) سنڌ جو سينگار (1956ع)، (4) ڏهس نامون (1969ع)، (5) ڪليات حسين ديدڙ (1971ع)، (6) ڪليات حاجي خانڻ چنجڻي (1977ع)، (7) پهاڪن جي پاڙ، (8) ساميءَ سنديون سِپون، (9) ڌاتو ڪوش'>سامي ڌاتو ڪوش، (10) سچل اللغات ، (11) ڪليات شاهه محمد ديدڙ، (12) رهبر ديوان گل، (13) انگي اصول، (14) ابتدائي سائنس ۽ (15) لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو (پي. ايڇ. ڊي مقالو: 1986ع).
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جون سنڌي لغات جي سلسلي ۾ خدمتون فراموش ڪرڻ جهڙيون نه آهن. ’جامع سنڌي لغات‘ جي ڪم ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان هڪ سال تائين ريسرچ اسسٽنٽ طور ڪم ڪيائين. ’سچل لغات‘، تحقيق لغات سنڌي، ڌاتو ڪوش'>سامي ڌاتو ڪوش سندس اهم لغتون آهنن.
ڊاڪٽر سنديلي صاحب جي شخصيت جو لوڪ ادب ۽ ٻوليءَ کان سواءِ هڪ اهم حوالو قابل استاد، تعليمي ماهر ۽ بهترين منتظم وارو به آهي. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، 02 جنوري 1990ع تي وفات ڪئي.

Good Wishes