کيئل داس فاني


(نسيم بُخاري)

اڄ 8 اپريل ان عظيم استاد ۽ عظيم انسان کيئل داس ’’فاني‘‘ جي وڇوڙي جو ڏينهن آهي جنهن جي صحبت سنڌ ۽ هنڌ کي ننڍي کنڊ جي وڏي شاعر شيخ اياز نامور اديب نور الدين سرڪيءَ سميت ڪيترن ئي هستين سان نوازيو اها ڳالھ پوري پڪ سان ڪري سگهجي ٿي ته جيڪڏهن کيئل داس ’’فاني‘‘ انهن شخصيتن ۾ موجود صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان نه اتساهي ها ته سندن موجوده ادبي سڃاڻپ شايد سامهون نه اچي ها کيئل داس ’’فاني‘‘ 04 اپريل 1914ع تي ميان جي ڳوٺ ۾ ولي رام بيگواڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو اهو ميان جو ڳوٺ جنهن مان بول چند واسومل راجپال مشهور 1932ع ۾ سنڌي رسالو ’’سنڌو‘‘ ڪڍندو هو جيڪو بعد ۾ سندس ادارت هيٺ شڪارپور ۽ جيڪب آباد مان 1947ع تائين شايع ٿيندو رهيو بول چند ورهاڱي کان پوءِ ساڳيو رسالو 1965ع تائين هندستان مان به شايع ڪندو رهيو ’’فاني‘‘ جي ابتدائي تعليم ۾ استاد ڪريم بخش ٽانوريءَ جو وڏو عمل دخل رهيو آهي کيئل داس ’’فاني‘‘ جهڙيءَ ريت پنهنجي نصابي شاگردن کي ادبي سازگار فضا ۽ ماحول بخشيو بلڪل اوهڙي ئي مهرباني هن سان سندس استاد ۽ مشهور شاعر اديب آغا صوفي ڪئي هئي جنهن سان ’’فاني‘‘ 1929ع ۾ مليو هو جيڪو شڪارپور ۽ ان جي آس پاس جي اڀرندڙ شاعرن لاءِ ڇپر ڇانوَ هو ۽ سندن شاعريءَ جي وزن بحر جي نه رڳو تڪ طور ڪندو هو پر ان ڏس ۾ وڌيڪ رهنمائي به فرمائيندو هو ان کان وڌ اهو ته شڪارپور ۾ ادبي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مشاعرو منعقد ڪندو هو ’’فاني‘‘ خود پاڻ اعتراف ڪري ٿو ته مون کي ياد آهي ته منهنجو پهريون غزل لفظ کان بي خبر هوندي هيئن جڙي ويو هو.

’’صبا سچ هئو ته سهڻن ۾ اسان جو يار هو يا نه

ٻڌائج محب منهنجو دل گهريو دلدار هو يا نه‘‘

جتي سهڻن جي ٽولي ۾ ڪئي تعريف ٿئي هن جي اتي ’’فاني‘‘ مزدورن جيان ڪمي ڪمدار هو يا نه

کيئل داس ’’فاني‘‘ شيخ اياز ۽ نورالدين سرڪيءَ سميت ڪيترن کي ’’نيو ايرا‘‘ هاڻوڪي قاضي حبيب الله بوائز هاءِ اسڪول ۾ پڙهايو جتي شيخ اياز انگريزيءَ جي پهرين درجي کان ٽين، چوٿين درجي تائين کائنس تعليم ۽ ادبي تربيت حاصل ڪئي شيخ اياز پاڻ لکيو آهي ته ’’فاني‘‘ ’’منهنجي زندگي ۽ اوسر ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي مان سندن ٿورا نه ٿو لاهي سگهان جي ’’فاني‘‘ منهنجي زندگيءَ ۾ ڪردار ادا نه ڪري ها ته منهنجي شاعري اتي نه هجي ها جنهن جاءِ تي اڄ آهي فاني لفظن جو سنگتراش آهي هو انهن کي گهڙي، ڇلي، مهٽي، سهٽي، هڪ خوبصورت نظم ۾ مجسم ڪندو رهيو آهي ’’فاني‘‘ جون ڪي سٽون جادوءَ جو اثر رکن ٿيون سندس لفظ خوبصوت ڄار آهن، جن ۾ هو اڏامندڙ جذبن کي نهايت اٽڪل سان ڦاسائي ٿو’’.

کيئل داس ’’فاني‘‘ ايم اي انگريزيءَ ۾ ڪئي هئي ’’نيو ايرا‘‘ موجوده قاضي حبيب الله ۾ استاد ٿيڻ کان پوءِ پاڻ ڪشن چند ’’بيوس‘‘ جي مهربانيءَ سان سي اينڊ ايس ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو جتي به ادبي سرگرمين کي اوج رسائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين ورهاڱي کان پوءِ پاڻ هندستان ۾ ڀوتال ڪاليج ۾ پروفيسر مقرر ٿيو جتان 1973ع ۾ رٽائرڊ ٿيو صوبائي حڪومت جي ادبي اقادميءَ جو نائب صدر بڻيو مرڪزي ادبي اقادمي جو ميمبر رهيو ڪنوينر سنڌي ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ڪاميٽي، آل انڊيا ريڊيو جو گائڪ ۽ گيت ڪار رهيو انٽر ڪاليج جو پرنسپال به ٿيو هندستان ۾ سندس پهريون شعري مجموعو 1984ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي جڏهن ته ٻيون شعري مجموعو پيلا پن ۽ خزا جي خوشبو 1990ع ۾ شايع ٿيو فانيءَ جي ناٽڪن تي مشتمل ڪتاب مڪتي مارڳ به سندس حياتيءَ ۾ ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي هندستان جي مختلف شهرن ۽ خاص ڪري ڀوپال ۾ سندس ناٽڪ اسٽيج تي پيش ٿي هال ۾ ويٺل ماڻهن جو داد وصولي چڪا آهن انهن سمورن حوالن جو خالق ۽ مالڪ  8 اپريل 1995ع ۾ ڀوپال ۾ وڇڙي ويو فاني نه رڳو هن دنيا مان موڪلائي ويو پر هن کي پنهنجي ۽ دنيا جي فنائيت جو به پورو پورو شدت سان احساس هو شايد ان ڪري ئي هن پنهنجو تخلص ’’فاني‘‘ رکيو هو دنيا جي مختصر زندگيءَ وارو احساس سندس رڳ رڳ ۾ رچي ويو هو ان ڪري هن حياتيءَ جي پل پل جو نه رڳو قدر ڪيو پر ان کي سجايو به ڪيو جيئن هن کي استاد عبدالڪريم ٽانوري يا ادبي استاد آغا صوفيءَ جي صحبت هڪ نعمت بڻجي نصيب ٿي ائين ئي هن پاڻ ٻين لاءِ لاڀائتو ٿيڻ جو نه رڳو ارادو ڪيو پر ان کي عمل جو روپ به ڏئي ڏيکاريائين ’’فانيءَ‘‘ جي شاعري نه رڳو فني حوالي سان پڪي پختي آهي پر اها فڪر انگيز به آهي هن جي شاعريءَ ۾ جدت ۽ نفاست سان گڏوگڏ لاجواب رواني به آهي.

کيئل داس فاني جتي ڪلاسيڪي صنفن، بيت، گيت ۽ ڪافيءَ ۾ پاڻ ملهايو آهي اتي عروضي صنفن، غزل، نظم ۽ مصدس، مربع، چو سٽي ۽ ربائيءَ ۾ به شاندار تجربا ڪيا آهن هن جي انفراديت سندس نرالو ۽ مُنفرد اسلوب آهي جيڪو ساهت جو سينگهار آهي 1995ع ۾ سندس وفات کان پوءِ سندس شعري مجموعو ‘‘سمنڊ سمايو بوند ۾‘‘ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرايو جيڪو ترتيب انور فگار هڪڙو ڏنو آهي جنهن جي سال کان پوءِ شڪارپور جيم خانه ڪلب ۾ سنڌي ادبي سهڪاري  ڪاميٽيءَ پاران مهورتي تقريب ٿي هئي 2018ع ۾ فانيءَ جي شخصيت تي نقش ناياب منگي يادگار ڪاميٽي ۽ بزم مسرور طرفان هڪ پروگرام ٿيو آهي جڏهن ته هندستان ۾ 2011ع ۾ پريم پرڪاش جي صدارت هيٺ ورسيءَ جي موقعي تي پڻ ياد ڪيو ويو آهي.

فانيءَ جي حوالي سان وڪي پيڊيا تي پروفائيل نه ٿو ملي، گوگل تي انگريزيءَ ۾ ڪو مواد موجود نه آهي نه ئي وري اردوءَ ۾ انٽرنيٽ تي ڪي وچور ملن ٿا باقي سنڌيءَ ۾ ڳولهڻ سان ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو ۽ حسيب ناياب منگيءَ جا ٻه مضمون ملن ٿا کيئل داس فانيءَ تي نه ته ڪنهن سنڌي نيوز چينل ڪا دستاويزي فلم ٺاهي آهي نه ئي وري هن جي جنم ڏينهن يا ورسيءَ جي مناسبت سان وڏي پيماني تي سنڌي ميڊيا ڪا خصوصي ڪوريج ڏني آهي  1997ع جي جولاءِ مهيني ۾ روزاني حلال پاڪستان خصوصي صفحو شايع ڪيو هو جيڪو ڊاڪٽر قاضي منظر حيات ترتيب ڏنو هو جنهن ۾ شيخ اياز، نقش ناياب منگي، قاضي منظر حيات، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، حميده قاضي، حسيب ناياب منگي ۽ انيس الرحمان جون تحريرون شايع ٿيون هيون.

ڪيڏي نه افسوس جي ڳالھ آهي ته 1995ع کان اڄ ڏينهن تائين کيئل داس فانيءَ کي 25 سالن جي عرصي ۾ جيڪڏهن ساريو به ويو آهي ته شڪاپور ۾ ٻه ڀيرا هڪڙو ڀيرو هندستان ۾ سو به هندستان جي ڀوپال شهر ۾ جتي هو رهيو باقي هندستان جي ٻئي ڪنهن به شهر ۾ کيس ساريو نه ويو آهي سنڌ جي وڏن شهرن ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ ڪڏهن به کيس اجتماعي طور تي ياد ڪرڻ جي ڪا تقريب منعقد نه ٿي سگهي آهي نه ئي سنڌ جي وڏن ادارن يا ادبي نمائندگي رکندڙ تنظيمن اها ضرورت محسوس ڪئي آهي سنڌي ادبي بورڊ ڪتاب شايع ته ڪيو پر ان جي مهورت نه ڪرائي آهي.

سنڌ جي يا هند جي ڪنهن به يونيورسٽيءَ ۾ کيئل داس فانيءَ جي حوالي سان ڪا پي ايڇ ڊيءَ جي ٿيسز نه لکي وئي آهي نه ئي وري ڪو مونوگراف منظر عام تي آيو آهي مون کي ياد نه ٿو اچي ته کيئل داس فانيءَ جي شخصيت فن ۽ فڪر جي حوالي سان ڪنهن سنڌي رسالي ڪو خاص ايڊيشن شايع ڪيو ٽه ماهي مهراڻ 2018ع ۾ وفا منظور چوهاڻ جي هڪ تحرير ضرور شايع ڪئي آهي.

کيئل داس فاني سنڌ جي جنهن شهر شڪارپور ۾ ادبي منزلون ماڻيون ۽ خدمتون سرانجام ڏنيون ان شهر جي امر ڪردار سنڌ ۽ هند جي نامور سياستدان شهيد الله بخش جي بي درد ۽ ناحق خون تي به قلم کنيو آهي هن لکيو آهي.

افسوس! ويو سنڌ جو سرتاج گذاري

دنيا کي روئاري

حاسد تون ڏئي ڦوڪ ڏيئو گل نه ڪرين ها

هن ملڪ مٿان قهر مصيبت نه ڌرين ها

ڇو ميڙ اسان جي مان وئين مڙس اٿاري

فانيءَ جي رومانوي شاعري ڪمال جي آهي مثال طور هڪ هنڌ لکي ٿو ته

تو بن گل، لالاڻ چُڀي ٿي،

ساوڪ ۽ سرهاڻ چڀي ٿي

چانڊوڪي چانڊاڻ چڀي ٿي

اونڌھ آه اماس

دل ۾ آهي دلاسو آس

ٻئي هنڌ لکي ٿو

اڀري چنڊ لهي ويو پل ۾ ڇيڙي سڪ جو ساز،

ڪيئن اچي آرام ڪنن ۾ ڪونجي ٿو آواز،

دل جو ديپ جلائي هلندس پير پير ۾ پائي هلندس

ڏيئو نه ڍرڪڻ ڏيندس توڙي تيز لڳي طوفان

پريتم تو لئه من مستان

اڪيلائيءَ ۾ پنهنجن اڌمن واري ڪيفيت کي احساساتي رنگ ڏيندي جڏهن شعر تخليق ڪري ٿو ته اهي لفظ سرجي ٿا پون ته

جيئن جيئن اڀ ۾ بجلي ڀڙڪي

تيئن تيئن وياڪل دل ٿي ڌڙڪي  

البيلي جي اوسيئڙي ۾،

پل پل سر سريءَ تي لڙڪي

ڪڪرن کي جهولي ڦهلايان، سرتيون ساوڻ

’’فاني’’ پنج ڪڙا به شاهڪار لکيا آهن مثال طور دنيا جي پس منظر ۾ لکي ٿو ته

لڳي ٿي دنيا قبرستان

گهمن ڌرتيءَ تي زنده لاش

رهي ڪنهن ۾ به نه آهي شناس

ٿئي ٿي انسانيت حيران

لڳي ٿي دنيا قبرستان  

فانيءَ جي گيتن ۽  پنج ڪڙي جا مٿيان حوالا ان جي گيتن سان انصاف نه آهن فقط آجزاڻو اظهار آهن فانيءَ جي نه رڳو شاعري پر هڪ هڪ صنف طويل مقالي جي تقاضائو آهي جنهن تي ڪنهن ٻئي ڀيري لکبو هتي فقط ان کي ساري فاني ٻين کي ياد ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته جيئن اسان پنهنجي محسنن کي ساريون انهن کي ڪنهن به صورت ۾ نه وساريون ڇو ته انهن کي نظرانداز ڪري اسان ساڻن نا انصافي نه ٿا ڪريون انهن کي ته پنهنجي جيون ۾ جيڪو ڪارائتو ڪردار ادا ڪرڻو هو سي ڪري ويا کين اسان جي مڃتا آهي نه پرواھ اسان هنن کي ساري پنهنجو پاڻ کان هڪ طرح جي اها پڪ وٺون ٿا ته اسان جو ايندڙ نسل به اسان کي ياد ڪري اڄ جيڪڏهن اسان ئي پنهنجن عظيم انسانن کي نه سارينداسين ته پوءِ اهو ڪيئن ٿو ممڪن بڻجي سگهي ته اسان کان پوءِ ايندڙ به اسان کي ياد ڪن ڪنهن کي اها خبر آهي ته فاني 1940ع ۾ ٺهيل پهرين سنڌي فلم ايڪتا جو ليکڪ هو جيڪا ليکڪ ڪريم بخش نظاماڻي ٺاهي هئي جنهن جو هيرو به ڪريم بخش پاڻ ٿيو هو ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي سوانح حيات ڪيئي ڪتاب ٻن جلدن تي ڇپجي پنهنجي رنگين مزاج ڳالهين جي ڪري زبردست داد حاصل ڪري چڪي آهي مطلب ته چئي سگهجي ٿو ته کيئل داس فاني سنڌي فلم جو به باني ڪار آهي ته پوءِ اوهان پاڻ ٻڌايو ته سنڌ ڌرتيءَ جي اهڙي لائق پٽ کي ڀيٽا ڏيڻ کپي يا نه.

                                                                                

Good Wishes