’بيوس'، ڪشنچند تيرٿداس کتري
ڪشنچند تيرٿداس کتري 'بي وس'، جديد سنڌي شاعريءَ کي نئون موڙ ڏيڻ وارو شاعر هو ۔ ھُن 25 فيبروري 1885 تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو ۔ سندس پيءُ تيرٿداس کتري حڪيم هو ۔ بيوس کي ٻ ٻيا ڀائر به هُئا، هِڪ تولارام، جيڪو اَنگريزي ماستر هو ۽ ٻيو موتيرام ڪورٽ ۾ ڪلارڪ هو ۔ ٽرئي ڀائر اڃا پڙهندا هُئا ته سندن پيءُ لاڏاڻو ڪري ويو ۔ اِن ڪري ڪشنچند لاءِ نوڪريون ڪرڻ ۽ گھر جون زميواريون سنڀالڻ ضروري ٿي پيو ۔ پيءُ جي وفات کان پوءِ سندس ماءُ گھر ۾ حڪمت ڪرڻ لڳي، کيس پاڙي وارا ڏاهي ڪري چوندا هُئا ۔ بيوس پورهيت ماءُ جي خرچ تي پرائمري ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾ پڙھندو هو ۔ ھڪ ڏينھن هاسٽل جي سپرنٽينڊنٽ رات جو دير سان ڪشنچند جي ڪمري جي بتي ٻرندي ڏٺي، وڃي ڏٺائين ته 16 سالن جو نئوجوان ڪرسيءَ تي ننڊر ۾ پيو هو ۽ پاسي ۾ ڪاغذ جي ھڪ ٽڪري تي هِڪ نظم لکيو پيو هو ۔ جيڪو پڙھي ڏاڍو متاثر ٿيو ۔ ٻ ڏينھن بيوس جي ڪلاس ٽيچر کيس مبارڪ ڏيندي چيو ته تون ھڪ ڏينھن ضرور مهان شاعر ٿيندين ۔ اهو سال 1901هو ۔ اِن کان پوءِ 1925 کان 1940 تائين بيوس پنھنجي اَدبي ڏات ذريعي سنڌي ٻوليءَ جو بهترين شاعر بڻجي ويو ۔ ھُن جديد سنڌي شاعريءَ جو بنياد رکيو ۔ ٽئگور کان متاثر ٿيو ۽ سندس شاعريءَ جي متالي لاءِ اَنگريزيءَ جي ڄاڻ حاصل ڪيائين ۽ لاڙڪاڻي جي گيان -باغ ۾ 1940 کان 1947 تائين ھفتيوار اَدبي ڪلاس ھلائي، ٽئگور جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي ليڪچر ڏيندو رھيو ۔ بيوس ٻارن لاءِ نهايت خوبصورت شاعري ڪئي آھي ۔ اُن زماني ۾ دادا شيوڪ ڀوڄراج، بيوس جي ٻاراڻن ناٽڪن ۾ ڪردار اَدا ڪندو هو ۽ اُهي ناٽڪ بيوس جي گھر ٻاھران ٿيندا هُئا ۔ اُتي ٻالڪن جي ٻاريءَ جا ميڙ به ٿيندا هُئا ۔ ھن فرشتي صفت -انسان لاڙڪاڻي ۾ ٻارڙن جو پهريون وڏو ميڙ به ڪوٺايو هو ۔ سندس ٻاراڻن گيتن جو ڪتاب "مئوجي گيت" جي نالي سان ڇپيل آھي ۔
بيوس سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾ سدائين زنده رھندو ۔ ھُن جي شاعراڻي واٽ تي ھلندي، ھوندراج دکايل، هري دلگير، نارائڻ شيام ۽ شيخ اياز سنڌي ٻوليءَ جا ديو قامت شاعر ٿي اڀريا ۔ بيوس جي شاعريءَ جي ڪتابن جو تفصيل ھن ريت آھي -- ”سامنڊري سپون" (1929), داڻا (بيوس ۽ ٻين جي شاعري 1939), گرو نانڪ جيون ڪوتا (1935), مئوجي گيت (1935), انڊلٺ (هِڪ پھسلا ناٽڪ 1939), شعر بيوس (1951), بيوس گيتا 1960), سڏ پڙاڏو ساڳيو (بيوس جي شاعريءَ جو گڏيل ڪتاب 1984), ڪليات بيوس (مرتب محمود شاھ بخاري 1991), ڇ ڇ پئسا، ٻ ٻ پايون (مرتب نصير مرزا 2001) شايع ٿيل آھن ۔ اِن کان سواءِ سندس شاعراڻي ڏات، شخصيت ۽ فن تي ڪيترائي ڪتاب ترتيب ڏئي ڇپايا ويا آھن ۔ جهڙوڪ ”ڪشنچند بيوس (ليکڪ هري دلگير 1982), بيوس جي ڪوتا جو جائزو (مرتب هري دلگير 1993), بيوس هِڪ اڀياس 1972), شاعر ته بيوس (بلديو گاجرا 1983) ۽ بيوس هِڪ گلدستو (ليکڪ هري دلگير 1993 ۽ وغيرھ ۔ ياد رهي ته ڪشنچند بيوس جي هر شاعري، سندس فن ۽ شخصيت تي لکيل ڪتابن جا ڪيترائي ڇاپا شايع ٿي چُڪا آھن ۔ ڪشنچند بيوس ٭23 سيپٽيمبر1947* تي وفات ڪئي ۔