تاجل بيوس - شاعر
خيرپور جي ڪچي ۾ ڳوٺ پير حيات شاهه ۾ تاج محمد سمون 22 سيپٽمبر 1938ع ۾ جنم ورتو. ڪنهن کي به اها خبر نه هئي ته هي ننڍڙو ٻار وڏو ٿي تاجل بيوس بڻبو ۽ سندس ڪلام سنڌ منهنجي امان سونهن تنهنجيء مٿان ڇا لکي ڇا لکان سندس سڃاڻ بڻجي ويندو. سندس والد مرحوم محمد جعفر ڪو وڏو ماڻهو ته ڪونه هو پر ان باوجود هن پنهنجي پٽ کي سٺي تعليم ڏياري. تاجل بيوس ايم اي ته معاشيات ۾ ڪئي، پر هن جي اندر ۾ ننڍپڻ کان وٺي هڪ ڏات ڌڻي لڪل هو، جيڪو گيت تخليق ڪندو رهندو هو. اهو ئي سبب هو جو تاج محمد ادب جي دنيا ۾ تاجل بيوس ٿيڻ کي پسند ڪيو.
سندس سنڌ لاء ڳايل شاعري جيڪا سنڌ جي تراني طور ڳائي ويندي آهي.
سنڌ منهنجي امان سونهن تنهنجيء مٿان ڇا لکي ڇا لکان
يا ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت تي چيل
تون ته ملندو رهندين خوابن ۾ ڪو ڪيئن ٿو چوي ڪو ڪيئن ٿو چوي يا وري
منهنجي لاء مارون هو رنا ڪيئن نه هوندا، پَلوَ پاند تن جا ، دامن تنين جا يار ڀنا ڪيئن نه هوندا جهڙا لازوال ڪلام تخليق ڪيا.
تاجل بيوس جي وڏي ڳاله اها آهي ته هن سنڌ جي وستين ، واهڻن ، ڪوهستان ، ٿر، بر، ڪاڇي، اتر ، سري ، وچولي ، ڪچي ۾ رهندڙن جي درد کي ئي نه ڏٺو، پر هو جڏهن 70ع واري ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ ۾ لڏي آيو ته هن ڪراچي جي ڀوائتي صورتحال تي به قلم کي وهايو
ڪراچي کي ڪير؟ واڳن جيئن ويڙهي ويا
وجهي وات وڻن ۾، چمڙن جيئن چوڦير
گهاتو، پڄو گهير، ٿيا سڏ ساڻيهه جا
سنڌ جي سونهن کي ڳائن جو سندس انداز سندس ڪلام
جتي ليار پيرون پٽن تي پچن ٿا
اتان منهنجا مارو، ميارون مڪن ٿا
مان چٽو پيو نظر اچي
جيتوڻيڪ هو وڏن سرڪاري عهدن رجسٽرار آف ڪمپنيز ۽ ناڻي کاتي ۾ وفاقي جوائنٽ سيڪريٽريءَ جهڙن اهم عهدن تي به رهيو، پر پوءِ به اهي نوڪريون کيس ”بيوروڪريٽڪ ڪلچر“ جو حصو بڻائي نه سگهيون ۽ سندس سڄي زندگي شاعراڻي سادگيءَ ۾ گذري . شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جو هڪ سال تائين صلاحڪار پڻ رهيو. معيشت جي ماهر هجڻ ڪري تاجل بيوس هڪ اسٽاڪ ڪميشن جو چيف ايگزيڪيوٽو به رهي چڪو، پر ان باوجود هن سنڌي ادب، خاص ڪري شاعري ڪرڻ، ڪتاب ڇپرائڻ، پروگرامن ۾ وڃڻ واري ڪرت جاري رکي. تاجل سنڌيء سان گڏ اردو حلقي ۾ مشهور هيو. پاڻ شاعريء سان گڏ نثر ۾ به بهترين ڪم ڪيو اٿن
تاجل بيوس جا ڇپيل ڪتاب
(1) جڏهن ڀونءِ بڻي (شاعري) 1982ع،
(2) انبن جهليو ٻور (شاعري) 1983ع،
(3) سرجيندڙ ساڻيهه جا (شاعري) 1985ع،
(4) سنڌ منهنجي امان (شاعري) 1989ع،
(5) ڪاڇي مٿان ڪونج (شاعري) 1990ع،
(6) ڪنڌيءَ ڪونئر ترن (شاعري) 1991ع،
(7) ڪنڌيءَ اڪ ڦلاريا (شاعري) 1992ع،
(8) ڏور به اوڏا سپرين (هند جو سفرنامو) 1992ع،
(9) سرخ گلابون ڪئ موسم مين (اردو شاعري) 1994ع،
(10)صحرا ستر جن (شاعري) 1995ع،
(11) تنهنجا نيڻ غزل (شاعري) 1996ع،
(12) وڏا وڻ وڻڪار جا (شيخ اياز سان گڏ شاعري) 1997ع،
(13) انداز بيان اور (اردو شاعري) 1997ع،
(14) ڏوريان ڏوريان مَ لهان (شاعري: 9 مجموعا گڏ) 1997ع،
(15) آريجن کان الهاس نگر (هند ۽ سنڌ جي اديبن جا خط) 1997ع،
(16) اديون ڙي اوهان ڇا ڏٺو! (هند جو سفرنامو)2002ع،
(17) ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪٿا:ڀاڱو پهريون) 2003ع،
(18) ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪٿا:ڀاڱو ٻيو) 2003ع،
(19) ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪٿا:ڀاڱو ٽيون) 2003ع،
(20) چپ انجيل جي حاشين جهڙا (شاعري) 2003ع،
(21)جهڄان پسي جهوڪ (ڪهاڻيون) 2007ع،
(22) سج چنڊ تارا ڪتيون (شخصيتن جا خاڪا) 2004ع،
(23) سامي سودو پريم جو (ساميءَ جي بيتن جي واين ۾ تبديلي) 2003ع،
(24) انگريزي شاعريءَ جي مختصر تاريخ 2004ع،
(25) پکي ساڳي پار جا (شاعري) 2004ع،
(26) سون سريکا چار سين (شخصيات) 2004ع،
(27) گل ڇنو گرنار جو (ڪافيون) 2006ع،
(28) تاجل بيوس جو رسالو (شاعري) 2006ع،
(29) ملير جي مارئي (شهيد بينظير ڀٽو کي منظوم خراج) 2008ع
انکانسواء سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپائيء هيٺ آهن
تاجل بيوس سنڌي ادب سان گڏ اردو ادب تي به ڪم ڪيو. تاجل بيوس رڳو سنڌ نه پر هند ۾ رهندڙ سنڌي ڪميونٽي ۽ اديبن ۾ چڱي سڃاڻپ رکندڙ هو، جنهن ڪري هندستان جي سنڌي اديبن کيس ڪيترن ئي اهم ايوارڊن سان پڻ نوازيو. کيس 1996ع ۾ نارائڻ شيام گولڊ ميڊل مليو. سنڌي ادبي سڀا پاران کيس فرسٽ ڪلاس ايوارڊ، پروفيسر رام پنجواڻي گولڊ ميڊل کانسواءِ 29 سيپٽمبر 2001ع ۾ کيس ڀارت ۾ مارئي ايوارڊ دهلي پڻ ڏنو ويو. تاجل بيوس لڳ ڀڳ 12 اهم ايوارڊ، گولڊ ميڊل حاصل ڪيا. ايتري قدر جو کيس سهيوگ فائونڊيشن ممبئي وارن 1999ع ٻيو ڀيرو نارائڻ شيام ايوارڊ ڏنو۔
تاجل بيوس سنڌي شاعريء جي سڀني صنفن تي طبغ آزمائي ڪئي آهي جن ۾ سندس گهڻو ڪم وائي ۽ ڪافي وارو آهي. تترن جون ٻوليون، بانسري جي دل موهيندڙ آواز، عورت جي مظلومي، غلامي، ارتقا، انتظار، ڪارونجهر جي ڪور کان وٺي هن هر موضوع تي بيت ، گيت ، غزل ۽ نثري نظم ، چئو سٽا ، ٽه سٽا ۽ طويل نظم گهڻو مشهور آهن. جيتوڻيڪ هن جي اها معصوم خواهش رهي، ته سنڌ ۾ کيس اياز کان پوءِ سڀ کان وڏو شاعر تسليم ڪيو وڃي، جنهن جي رد عمل ۾ مٿس تنقيد به ٿي ته کيس حد کان وڌيڪ نظر انداز به ڪيو ويو، پر ان کان ڪنهن به ريت انڪار ممڪن نه آهي ته هو اياز کان پوءِ ڳڻجندڙ شاعرن جي مالها جو هڪ نظر ايندڙ ۽ محسوس ٿيندڙ گُل آهي. مان نثري نظم جو کيس اياز کان به وڏو شاعر تسليم ڪندو آهيان. سندس ڪتاب “انبن جهليو ٻور ” ان جو مثال آهي.
سندس بيتن مان ڪجه چونڊ بيت هيٺ ڏجن ٿا :
هَلُ ڪڪوريل ڪاڪ تي، جتي نيهنن نظامُ
آهي ننڊ حرام، جاڳڻ سوڀ سرير جي
*
ڇڻندا سڱر سوڪ، ڇڻ، ڇڻ ڪري ڇڻ تي
مارُن وٽان موڪ، صبح اينديون سوکڙيون
*
آيا اُتر پار کان، ڪڪر ڪاريءَ رُوءَ
وَٺا مينهن مندائتا، جرڪي پيئي جُوءِ
کاهڙ جي خوشبوءِ، ڄڻ ڪا اوت عنبير جي
*
ڪنڌيءَ ڪنايو، آيا سانوڻ ڏينهڙا
اِجهو ڪو آيو، کڻي ڪرس ڪٺار تي
*
سَرجي نڪتا ”سنڌ“ مان، ملير ۽ مارُون
ڪيون جن ڪَتيءَ ۾، اُٺي اُڪارُون
جَڙيل آهن جن سان، تن، من جون تارُون
تڙ، تڙ تنوارُون، سُڻان تان سرَهي ٿيان
*
آڇيو حُور اياز کي، جنت وارو جام
اوري لڌائين عشق مان، شاهه، سچل ۽ شيام
ڪيائين ڪلتار کي، صبح جو سلام
پٺيان مريدڻ جت هو، اڳيان ڄام نظام
سمن جو سردار ۽، ڄامن سندو ڄام
ڪيائين ڪلام، سنڌيءَ ۾ سلطان سان
تاجل بيوس پنهنجي تخليق ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو پوئلڳ رهيو. اهو سبب هو، جو تاجل بيوس آخري ايامن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جيان پنهنجو ”تاجل جو رسالو“ پڻ لکي مارڪيٽ ۾ آندو. تنقيد ته هر اديب تي ٿيندي رهندي آهي ۽ تاجل بيوس به ان تنقيد جو ٿورو گهڻو ضرور نشانو بڻيو، پر هن ۾ اها مايوسي نه هئي، جيڪا اڪثر ڪري تخليقڪارن کي مايوس ڪري ڇڏيندي آهي. ڪراچي ۾ زندگي جو وڏو عرصو گذاريندڙ تاجل بيوس ”تاجل جو رسالو“ پنهنجي پيءُ، ماءُ ۽ ان گهر واريءَ نالي ڪيو، جنهن کي هو مٺڻ سڏيندو هو.
4 ڊسمبر 2008 تي نصير سومرو جي ڪتاب “جل تي ڪنول جيئن ” جي مهورتي تقريب اڪيڊمي آف ادبيات ڪراچيء جي آفيس ۾ ٿي رهي هئي. شام جو ساڍي چئين بجي تاجل کي تقرير لاء سڏيو ويو ۽ تاجل پنهنجي کيسي مان لکيل ڪاغذ ڪڍي ڳالهائڻ شروع ڪيو ته بجلي هلي وئي ۽ تاجل موبائل جي ٽارچ جي روشنيء ۾ پنهنجي تقرير پڙهي پوري ڪئي ء کيس مٿي ۾ سور پئجي ويو ۽ هو اتي ئي بيهوش ٿي ويو. جتان کيس جناح اسپتال نيو ويو ٻن ڏينهن کانپوء ٻڌايو ويو ته کيس فالج جو حملو ٿيو آهي پوء کيس اتان لياقت اسپتال نيو ويو پر تاجل ٻيهر هوش ۾ ڪونه آيو ۽ 13 ڊسمبر تي پاڻ اسان کان موڪلائي ويو. تاجل بيوس چوڪنڊيءَ جي ان تاريخي قبرستان ۾ آرامي ٿيو، جنهن ۾ دفن ڪرڻ جي به هن پاڻ وصيت ڪئي هئي