ابڙو غلام هالاڻي

ابڙو غلام ھالائي: غلام رسول ”غلام“ ولد لطف -الله- خان ابڙو پنھنجي والد جي نوڪريءَ دوران 4 -جولاءِ- 1920ع تي ننگر -ٺٽي- ۾ پيدا ٿيو. ”غلام“ ھالائي فائينل جو امتحان پاس ڪري 1946ع ۾ پرائمري -استاد- مقرر ٿيو. پاڻ ھڪ سٺي -استاد- سان گڏ سٺو مصور، اديب، شاعر ۽ موسيقار به ھو، کيس گھڙي وڄائڻ ۾ مھارت حاصل ھئي. -استاد- بيبي خان ۽ -استاد منظور علي خان- سان ڪيترا ڀيرا گھڙي تي سنگت ڪرڻ جو شرف حاصل ڪيائين. پاڻ ھڪ بهترين ڊراما نويس پڻ ھو ۽ ڪيترائي پنھنجا ڊراما اسٽيج تي پيش ڪيائين. ”غلام“ صاحب شعر و سخن جي ھر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آھي. ”بزم رفيق“ ۽ ”بزم طالب الموليٰ“ سان خاص طور وابستگي ھيس ۽ ”الخالق ادبي اداري“ جو پڻ بنياد رکيائين. رٽائرڊ ٿيڻ بعد ”سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن“ ھالا جي زير اھتمام ”روشن تارا“ اسڪول جو آخري عمر تائين ائڊمنسٽريٽر ٿي رھيو. 27 -آگسٽ- 1984ع تي انتقال ڪيائين ۽ ھالا ۾ پنھنجي اباڻي قبرستان ۾ دفن ٿيو
سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي ويب سائيڻڊ   www.sindhiadabisangatsindh.com
  • Add to Phrasebook
     
    • No word lists for Sindhi -> English...
       
    • Create a new word list...
  • Copy

Good Wishes