ابوالفضل

 اڪبر اعظم جي درٻار جو رتن، ابوالفضل، سنڌ جي شهر سيوهڻ جو ويٺل هو. 6 محرم 958هه/ 14 -جنوري- 1515ع ۾ ڄائو. پنهنجي والد شيخ مبارڪ کان -تعليم- ورتائين. مضمون جي صنف ۾ وڏو ڪمال حاصل ڪيائين. 981هه/1573ع ۾ اڪبري درٻار سان وابسته ٿيو. تحرير جي ڪمال ۽ خلوص سبب خاص صلاحڪار مقرر ٿيو، پر هن جو عهدو -ٽن- هزار سپاهين جي سالار کان اڳتي نه وڌيو. -اڪبر بادشاهه- جڏهن ’دين الاهي‘ جوڙيو ته -ان- آزاد خيال دين جي سماجي، معاشي، اقتصادي ۽ زندگيءَ جي مختلف رُخن جي قانونن جوڙڻ ۾ هن رهنما جو ڪردار ادا ڪيو. -اڪبر بادشاهه- آخري دؤر ۾ هن کي حيدرآباد دکن موڪلي ڇڏيو، جتان واپسيءَ تي، شهزادي سليم جي مرضيءَ موجب هڪ نوڪر ’ٻنڌيله رئيس‘، گواليار کان پنجن ڪوهن جي مفاصلي تي انتري وٽ ربيع الاول 1011هه/22 -آگسٽ- 1602ع ۾ کيس قتل ڪري ڇڏيو. سندس بنا منڍيءَ وارو لاش آگري ۾ دفن ٿيو. ابوالفضل جي تصنيفن مان ’اڪبر نامو‘(3جلد)، ’آئين اڪبري‘، ’انشاء ابوالفضل‘ (ٽي مجموعا) مشهور آهن. ’عيار دانش‘ به هن جي -تصنيف- ٻڌائي وڃي ٿي. فارسي تحرير ۾ اڄ به هن کي ساراهيو وڃي ٿو. هيءُ -اڪبر بادشاهه- جي نون رتنن مان هڪ هو.
سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي ويب سائيڻڊ ٿورن سان

Good Wishes