“تحقيق لاءِ بنيادي ٽول ۽ انسٽرومينٽس.“ (بابا سائينءَ جي نوٽس مان)

              سنڌ ۽ ھند ۾ جيڪا تحقيق ٿئي ٿي ۽ ان مان اسان جي معلومات ۾ معياري ۽ نئون اضافو ٿئي ٿو. ان تي جيترو بہ فخر ڪجي اوترو گھٽ آھي. تحقيق جا اسان ٻہ شعبا يا قسم  چئي سگھون ٿا . پھرين قسم ۾ “ڊگري لاءِ تحقيق “ اچي وڃي ٿي جنهن ۾ ماسٽر جي ڊگري، ايم فل جي ڊگري ۽ پي ايڇ ڊي جي ڊگري لاءِ تحقيق ٿئي ٿي.ھائير ايجوڪيشن ڪميشن وارا تہ پي اڇ ڊي جي ڊگرين بابت معلومات پنهنجي ويب تي رکندا آھن.سنڌ جي يونيورسٽين کي انهي ڪم کي مڪمل ڪرڻ گھرجي جنهن ۾ ماسٽر ڊگري ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڊگرين لاء ٿيل تحقيق جا ڪيٽالاگ ٺاھي ڪتابي صورت ۾ بہ ڇپرائڻ گھرجن ۽ ويب سائيٽس تي بہ رکڻ گھرجن. سنڌ جي ھر يونيورسٽي پنهنجي تحقيق تي اھڙا ڪيٽالاگ ٺاھي سگھي ٿي. تحقيق ۾ اھڙن ۽ ٻين قسمن جي ڪيٽالاگن جي وڏي اھميت ٿيندي آھي جنهن جو اندازو نوان محقق لڳائي سگھن ٿا .انھن مان خبر پوندي آھي تہ ڪھڙن شعبن ۾ ۽ ڪھڙن موضوعن تي ڪم ٿيو آھي. تحقيق جو ٻيو قسم آھي جيڪا ڪنهن ڊگري لاءِ نٿي ڪئي وڃي پر ليکڪ پنهنجي شوق ۽ جذبي مطابق ڪا ٽاپڪ کڻي ان تي ڪم ڪم ٿا.
 ببليوگرافي ۽انڊيڪس(مواد ڏسڻي) ٻہ اھم ريسرچ ٽول آھن جن تي مستقل طور تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي.سنڌالاجي بيبليوگرافي تي 2 ڪتاب ڇپرايا آھن جن کي مڪمل ڪرڻ ۽ اپ ڊيٽ ڪرڻ جي ضرورت آھي تہ جيئن اسان کي 1853 کان وٺي اڄوڪي ڏينھن تائين سنڌي ۾ ڇپيل ڪتابن جي ڄاڻ ملي سگھي.
 “انڊيڪس“ تي بہ اسان وٽ اٽي ۾ لوڻ برابر ڪم ٿيل آھي.ان سلسلي ۾ ٽہ- ماھي “مھراڻ“ ۽ “نئين زندگي “ ھڪ ھڪ دفعو “ڊيڪس نمبر“ شايع ڪرايا.جڏھن تہ سمورن ڪتابن رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيل مواد جي انڊيڪس ٺھڻ گھرجي. 
گل حيات ۾ بابا سائين ڪيٽالاگن ۽ انڊيڪس تي مستقل طور تي ڪم ڪندو اچي ٿو ۽ اميد ٿي ڪجي تہ “ڊيلي گزيٽ “ “الوحيد“  “توحيد“ تي ڪم جلدي مڪمل ٿي ويندو جڏھن تہ “سنڌو“ رسالي جي انڊيڪس اسان جي ويب سائيٽ تي پئي آھي.
“ توحيد“ رسالي بابت بابا سائين جي نوٽس جو مطالعو ڪيم ۽ خبر پئي تہ ھي رسالو 1923 ۾ نامياري عالم مولانا دين محمد وفائي جي ايڊيٽريءَ ۾ جاري ٿيو، 3 سال ھلڻ کان پوءِ 8 سال بند رھيو ۽ انجو ٻيو جنم 1934 ۾ ٿيو .بابا سائين وٽ انھي رسالي مان نہ فقط نوٽس ورتا آھن پر انهن جي انڊيڪس بہ ٺھيل آھي. ھن رسالي جا ڪيترا خاص نمبر بہ شايع ٿيا . سنڌ ۾  جڏھن مذھبي ڇڪتاڻ کي ھٿي ملي تہ ھن رسالي اسلام خلاف لکيل ڪتابن ۽ مضمونن جا جواب ڏنا.ان ڪري انھيءَ دئور جي مذھبي ڇڪتاڻ تي جڏھن ڪو تحقيق ڪندو تہ ھن رسالي کي نظرانداز نہ ڪندو.“توحيد“ مذھبي ۽ سياسي نوعيت وارو رسالو ھيو .انھي رسالي مولانا عبيداللہ سنڌي جي فڪر کي پروان چاڙھيو ان کانسواءِ جي  يوآءِ جي سياسي فڪرجي حمايت ۽ ترجماني ڪندي مسلم ليگ ۽ انجي اڳواڻن جي سرگرمين ۽ ڪارڪردگيءَ تي ناقدانه انداز سان گھڻو لکيو.ھن رسالي جي انڊيڪس جڏھن بابا سائين پوري ڪئي تہ ان مان گھڻو لاڀ وٺي سگھبو.(ممتاز پٺاڻ)

Good Wishes