1884 کان سنڌ ۾ علمي ۽ ادبي تنظيمن ٺھڻ جي شروعات ٿي. هي اهو زمانو آھي، جڏھن “ ميڪس ڊينسو هال“ ڪراچئ ۾ لائبرري ۽ لٽرري سوسائٽي قائم ڪئي وئي. پادري بئمبرج ان جو باني هئو ۽ هو چاهي پيو تہ سنڌين ۾ هڪ طرف ادبي ذوق ۽ مطالعي کي پروان چاڙھيو وڃي ۽ ٻئي طرف پنهنجي ڪرسچن مذھب ۽ تهذيب بابت ۾ محسوس ڪرائڻ کان سواء تبليغ ڪئي وڃي. جيئن پرمانند ميوارام پنهنجي “ جوت “ اخبار ذريعي پوء اهڙو ڪم ڪري ڏيکاريو.
1885 کان پوء اڻ-ڳڻيون ادبي تنظيمون سنڌ ۾ قائم ٿيون. جڏھن “ جميعت الشعراء “ اندروني اختلافن سبب پوئين پساهن ۾ آئي تہ انهن حالتن ۾ “ ڀزم طالب المولا“ جو جنم ٿيو. هن تنظيم جو باني مخدوم طالب المولا نہ فقط پنهنجي وجود ۾ هڪ مڪمل انجمن هو، پر هن ڪيترين علمي ۽ ادبي تنظيمن جي قيام ۽ ڪارڪدگئ ۾ آدرشي ڪردار ادا ڪيو.
“ بزم طالب المولا“ هڪ طرف “ جميت الشعراء “ جي غير فعالئ واري خال کي ڀريو ۽ ٻئي طرف درگاه حضرت مخدوم نوح عليہ رحمت جي ادبي ذوق رکندڙ مريدن ۽ معتقدن ۾ ادبي ۽ ثقافتي روح ڦوڪيو. نتيجي ۾ سنڌ جي طول و عرض ۾ “ بزم طالب المولا“ جون شاخون قائم ٿيون ، جتي علم و ادب جي آبياري ٿيڻ لڳي. هن بزم جي سرپرستئ ۾ اڻ-ڳڻيا مشاعرا ٿيا ۽ ڪانفرنسن جو انعقاد ٿيو. مني صدئ کان بہ مٿي جي عرصي ۾ “ بزم طالب المولا“ فقيدالمثال علمي ۽ ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون.
اها وقت جي تقاضا هئي تہ “ بزم طالب المولا“ جي قيام ۽ ڪارڪردکئ کي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪيو وڃي. مان جڏھن سنڌالاجئ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر هئس تہ مخدوم جميل الزمان جي قرب ۽ عنايتن سان سندن ڏاڏا سائين جي ويجهو ٿيس ۽ “ بزم طالب المولا “ جي قيام ۽ ڪارڪدگئ جي ڊاڪيومينٽيشن ڪرڻ جي رٿ پيش ڪيم. پاڻ انسان-شناس ۽ وڏي علمي بصيرت جا مالڪ هئا. ان ڪري اهو منهنجي سهولت لاء مناسب ڄاتائون تہ مون کي “بزم طالب المولا “ ۾ شريڪ ڪيائون ۽ ڪيترو وقت سيڪريٽري بہ بڻايائون تہ جيئن آئون “ بزم“ جي اندروني ڪهاڻئ کان واقف ٿي سگهان ۽ ان جي روشنئ ۾ “ بزم طالب المولا “جي ڊاڪيومينٽيشن جي منصوبہ بندي بہ ڪري سگهان.
ڪنهن بہ تنظيم جي تاريخ مرتب ڪرڻ کان اڳ اهو تمام ضروري آھي تہ ان بابت مواد ۽ معلومات گڏ ڪجي ۽ خاص طور تي هنن پهلوئن تي توجھ ڏجي:
1. شروعاتي آئين ۽ ان کان پوء وقت بہ وقت ترميم ۽ تبديل ٿيندڙ آئين،
2. سووينئرس، رپورٽون ۽ قيام خواه ڪارڪدگئ سان لاڳاپيل ڇپيل مواد، پوسٽر، پمفليٽ ۽ ڪتابڙا،
3. بانئ، عهديدارن ۽ ميمبرن جا ڪوائف ناما،
4. مرڪز ۽ شاخن جي گڏجاڻين جون ڪاروايون،
5. وڏن مشاعرن، سيمينارن ۽ ڪانفرسن جون ڪاروايون ۽ احوال،
6. فوٽو گرفس
7. ٻين ادبي تنظيمن ۽ شخصيتن سان تيل خط و ڪتابت.
8. تنظيم جي ڪرانالاجي يا واقعاتي تاريخ.
مواد جي اها ميڙ سهيڙ وقت وٺندڙ ۽ محنت وارو ڪم آھي، ۽ اهو سمورو مواد گهٽ ۾ گهٽ ڇهن جلدن ۾ ڇپائي سگهبو.
منهنجي سالن جي تمنا هئي تہ هن پراجيٽ تي آئون ڪم ڪريان. انهئ حوالي سان مون مواد بہ چڱو خاصو گڏ ڪري ورتو آھي. ان ڪري مناسب ڄاتم تہ ڇپائئ واري ڪم جي شروعات ڪجي. هن پهرين جلد سان بسم الله ڪجي ٿي. هن پهرين جلد ۾ ڪجھ اهڙا دستاويزات ڏنا ويا آھن، جيڪي بزم طرفان لکيا ۽ ڇپيا ويا ۽ انهن جي تحقيقي ۽ تاريخي اهميت آھي.
ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ
باني گل حيات انسٽيٽيوٽ
خير محمد آريجا
14 آگسٽ 2020