پرڏيهي عالمن جا خط (03 ڊسمبر 1979)
آر. اي. ڪارسن
آر. اي. ڪارسن 1913 ع ۾ آشبرٽن، نيوزلينڊ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان وٺي “ڪينٽبري ڪاليج ۾ داخل ٿيو، جتان ايم. اي ڪيائين. ان کانپوءِ “اينجليڪن بورڊ آف ٿيولاجيڪل اسٽڊيز’’ نيوزيلينڊ مان “لائيسنشيئيٽ آف ٿيولاجي’’ ۾  ڊپلوما ڪيائين. آر. اي. ڪارسن 1940 ع ۾ ڪراچي آيو. ٻه سال هڪ ٽيوٽر رکي سنڌي ٻولي سکيائين. هي صاحب “چرچ مشنري سوسائٽي’’ سان وابسته هو، ۽ ڪيترا سال ٻين حيثيتن سان گڏ “ سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي’’ جو سيڪريٽري ٿي رهيو. “چرچ مشن پريس’’ جي سنڀاليندڙ جي حيثيت سان، هن سوسائٽيءَ پاران ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايا. هن سنڌيءَ ۾ “خدا جو ڪٽنب’’ ڪتاب لکيو، جيڪو “سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي’’ طرفان شايع ٿيو هو. هي صاحب 1957 ع تائين سنڌ ۾ رهيو، هن وقت نيوزيلينڊ ۾ رهي ٿو.  مون جڏهن “ڪراچي ضلعي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقي ۾ حصو’’ جي موضوع تي پي. ايڇ. ڊي لاءِ کوجنا شروع ڪئي ته ڪراچي ضلعي جي اشاعتي ادارن جي سلسلي ۾ “ سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي’’ جو به احوال هٿ ڪرڻو پيم. انهي ڪري ڪراچي جي پادرين ۽ آڳاٽن ڪرستانن سان ملڻو پيو. مسٽر ڪارسن جو پٽ ڪرستانن جي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ اُستاد هيو (آهي؟)، جنهن جي وسيلي هن سان رابطو قائم ڪيم، ۽ پنهنجي گهربل معلومات حاصل ڪيم. آر. اي. ڪارسن منهنجي خطن جي جواب ۾ جيڪي ٻه خط لکيا، اهي هيٺ ڏجن ٿا.
(انگريزيءَ ۾)

Good Wishes