7، آئزلينڊ ويو ٽيريس، ويڪانٽي، نيوزيلينڊ
31، جنوري 1977
پيارا مسٽر در محمد پٺاڻ
مسٽر جي. اي ڪارسن جي والد 3، تاريخ وارو اوهان جو لکيل خط  مون ڏانهن موڪليو آهي. مون کي شڪ ٿو پوي ته اوهان گهڻن سوالن جا جواب آئون ڏئي ته به سگهان. 22 سال ٿيندا جو سنڌ ڇڏي اٿم، ان کان به ڪجهه سال اڳ منهنجو “سنڌي ڪرسچن لٽرري سوسائٽي’’ سان لاڳاپو ٽٽي چڪو هو. آئون 1933 ع کان انهيءَ  سوسائٽيءَ جو سيڪريٽري ٿي رهيس، حيدرآباد واره مس وارڊ سوسائٽيءَ  جي ڪمن ۾ ڏاڍي مشغول هوندي هئي، ان کانسواءِ سکر  جا مسز جنڪسن ۽ ڊاڪٽر ويسٽرن به انهيءَ ڪم ۾ سٺي دلچسپي وٺندا هئا. 
مسلمان مترجمن ۾، جنهن جو نالو ياد اٿم سو هو شايد مرزا بيگ (مون کي پڪ نه پيئي ته اهوئي سندس سڄو نالو هو). مون کي اهو به ياد ڪونهي ڪو مسٽر چندو رام  سوسائٽي لاءِ ڪتاب ترجمو ڪيا هئا، پر مسٽر  ڀڳتاڻيءَ انهيءَ  سلسلي ۾ گهڻو ڪجھه ڪيو هو. مون گهڻائي ڪتاب ترجمو ڪيا هئا، هن وقت انهن جا نالا ياد نه ٿا اچن. اهڙن ڪتابن ۾ بئسل ميٿيوز جو  “پال دي ڊانٽ ليس’’ به هڪ هو، سنڌيءَ ۾ اصلوڪا ڪتاب به لکيم، جن ۾“ موت کان پوءِ ڇا؟” قابل ذڪر آهي. ان کانسواءِ ڀڳتاڻي صاحب سان پيٽرسن سمٿ جو ڪتاب’’ ڪرست جي حياتي’’ به ترجمو ڪيو هيم.
منهنجي مختصر سوانح هن ريت آهي:
چارلس وليم هسڪل، 7 اپريل 1905 ع تي بريڊ فورڊ، انگلنڊ ۾ ولادت، تعليم نيوزيلينڊ ۾ ،جتان ڊائوينٽيءَ ۾ بئچلر ڊگري  ۽ ٿيولاجيءَ ۾ لائينيشئٽ جو ڊپلوما حاصل ڪيم. جيئن مٿي چئي چڪو آهيان ته سنڌيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪيم. خاص ڪري ناتال جون موڪلون انهيءَ ڪم لاءِ وقف هونديون هيون. سنڌي ۾ هڪ گرامر به مرتب ڪيو هيم، جو به ڪرشچن لٽريچر ۾ هڪ سٺي ڪوشش آهي. سنڌي انگريزي لغت مرتب ڪرڻ لاءِ مون هڪ هندو اديب جي وڏي مدد ڪئي. انهيءَ جو نالو هن وقت ياد نه ٿو پوي. مون سنڌيءَ جي تعليم به هندو عالمن کان ورتي هئي، مگر انهن جا نالا به ياد نه ٿا پون، ڇو جو 40 سالن جو عرصو گذري چڪو آهي. ساڳي نموني اهو به وسري ويو ته ڪيترو وقت “سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي’’ سان وابسته رهيم، اهو عرصو به ستن سالن کان گهٽ ڪونه هوندو. اوهان جي مدد ڪرڻ لاءِ ته من ماندو آهي، ليڪن ڇا ڪريان ٻاهتر کي اچي پهتو آهيان، ۽ ياد گيري به ساٿ ڇڏي ويئي آهي.
نيڪ تمنائن سان اوهانجو پُرخلوص
سي. ڊبليو. هسڪل

Good Wishes