پر ڏيهي عالمن جا خط

ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ

(31 مارچ 1980ع)

موتي پرڪاش:

موتي پرڪاش 15، مئي 1931 تي دوڙ، ضلع ٺٽي ۾ ڄائو. بي. اي (آنرس) ڪيل اٿس. 1947 ع کان پوءِ سنڌ ڇڏي وڃي بمبئي ۾ آباد ٿيو ۽ تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪيائين. سندس لکيل ڪتابن ۾“انڌيرو اجالا’’ (ناول 1954 ع)، “ ادبي گل’’ (مضمون 1957 ع)، “ادينه’’ (انگريزي مان ترجمو ڪيل ناول 1952 ع) ۽ “ڪلندي’’ (ترجمو ڪيل ناول 1953ع) ذڪر ڪرڻ لائق آهن. سندس لکيل هڪ خط هيٺ ڏجي ٿو:

 

دبئي 10- اپريل 1977 ع                                                ادا

هي خط ملندءِ ته عجب ضرور لڳندءِ. سال کن اڳ يا شايد ان کان به گهڻو عرصو اڳ تنهنجو هڪ خط بمبئي ۾ مون کي پهتو هو. مون به مختصر ۾ توکي پهچ ڏني هئي. خبر ناهي ته اهو خط توکي پهتو ڪين نه. ان بعد خط و ڪتابت بند ٿي ويئي.....۽ ٻئي چپ ٿي وياسين.

16 فيبروريءَ کان مان هتي دبئي ۾ آهيان، نوڪري جي بهاني آيو آهيان. اڃا اڪيلو آهيان منهنجي رفيقه حيات ۽ ٻه ٻار اڃا بمبئي ۾ آهن. ڏهن پندرهن ڏينهن ۾ هتي ايندا ٿوري وقت لاءِ.........وري هليا ويندا. هتي نوڪريءَ کي ڇڏي ٻه مقصد کڻي آيو آهيان پاڻ سان ته ڪنهن نه ڪنهن نموني جيڪڏهن هند- پاڪ جي سنڌي ادب جي مٽا سٽا ممڪن ٿئي ته هتان ڪريون، يا ٻنهي ملڪن جو ادب هتي جمع ڪريون. اتي ڪن دوستن سان لکپڙه ڪئي اٿم. ڀارت ۾ به موهن ڪلپنا ۽ ٻين سان لهھ وچڙ ۾ آهيان. اميد ته اتان چڱو ذخيرو اچي ويندو. هاڻي ٻڌائي ته ان ۾ تون ڪهڙي مدد ڪري سگهندين؟

مون هتان ٿورا پنهنجا ڪتاب ڪنهن دوست کي موڪليا آهن. ٽپال خرچ گهڻو ٿو اچي، تنهنڪري ڇا اهو ممڪن آهي ته ٽپال رستي مٽا سٽا بدران ڪنهن نه ڪنهن ڀلي شخص جي معرفت ڏي وٺ ڪريون يا سمنڊ ذريعي ڪتاب موڪليون ۽ وٺون؟ ان لاءِ جيڪڏهن توهين چاهيو ته پئسن موڪلڻ جو بندوبست مان ڪريان يا ڪتابن عيوض ڪتاب موڪليان. يارن دوستن سان صلاح مصلحت ڪري احوال ڏج.

مان پاڻ پي-ايڇ-ڊي لاءِ مقالي ۾ رڌل آهيان. عنوان آهي “سنڌي شعر ۾ عورت جي تصوير.’’ مان سمجهان ٿو ته اها تصوير تيستائين مڪمل نه ٿي سگهندي، جيستائين مون کي سنڌ جو ادب دستياب نه ٿيو آهي. مون کي خاص طور هي ڪتاب کپن: “حامد، گل، خاڪي، سانگي، شاه عنايت، عبدالڪريم، بيدل بيڪس ۽ روحل جا ڪلام. اتي ضرور اهي رسالا موجود هوندا. مون کي خبر ڪڍي لک ته ڪنهن سان لکپڙھ ڪريان.

توهان جي نزديڪ آهيان. توهان سڀني سان ملڻ جي تار اٿم. اها ڳالھه ڪيئن ممڪن ٿي سگهندي. منهنجي اچڻ جو مکيه مقصد ٿيندو کوج لاءِ مصالحو ڪٺو ڪرڻ ۽ دوستن سان گڏجڻ. ٻڌاءِ ته ڇا ڪريان؟ تنهنجو جواب اچڻ بعد ئي توکي وڌيڪ لکندس. جواب  ۾ سرنامي تي جيڪڏهن منهنجو نالو لکڻ واجب نه سمجهين ته فقط پوسٽ باڪس لکڻ سان به خط پهچي ويندو. احوال جلد ڏج، انتظار رهندو. دوستن يارن جا سرناما موڪليندين؟ خاص طور تنوير عباسيءَ جو پتو گهرجي. شيخ اياز جي خبر کپيم.

يادگيرين مان

موتي پرڪاش

پوسٽ باڪس 106، دبئي (يو.اي.اي)

(هلندڙ)

 

(8 آڪٽوبر 1979ع)

ٻولي ۽ علم ادب جي خادمن کي ٽن گروهن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪڙا “تخليق’’ جي ذريعي علم ادب جا گهڙا ڀرن ٿا، ٻيا “تنظيم’’ وسيلي ادبي بوستان مان گل چونڊي ملڪي ماڻهن لاءِ مالها ٺاهن ٿا، ۽ ٽيان وري “تحقيق’’ جي سهاري سان پنهنجي وڏڙن جي سيڙي چونڊيءَ کي محفوظ ڪن. علم ادب جا ٽئي پهلو اهم آهن، هرهڪ کي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي اهميت حاصل آهي. ٻولي ۽ علم ادب جي ترقي تڏهن ٿي سگهي ٿي، جڏهن عالم ۽ اديب، شاعر ۽ محقق پنهنجو پنهنجو ميدان سنڀالي بي لوٽ بڻجي ڪم ڪن. اسان وٽ ٽنهي ميدانن کي ملهائڻ وارا ته موجود آهن، پر ڪمي هن ڳالھه جي آهي ته انهن ۾ رابطي ۽ تعاون بدران غلط فهميءَ جي فضا پيدا ٿيل نظر اچي ٿي. بد قسمتيءَ سان اسان جي علم ادب جي انهن ٽنهي شعبن وارا الڳ الڳ هڪ سر جي مسيت ٺاهي، عجيب تاثر ڏئي ٿو. انهن مان هرهڪ ائين ڀانئي ٿو ته باقي ٻئي اجايو ڪاڳر ڪارا ڪري رهيا آهن. ليڪن حقيقت ائين نه آهي. ادب جي عمارت انهن ٽنهي ٿنڀن تي ٻڌل آهي ۽ ڪنهن به شعبي کي نظر انداز ڪري نٿو سگهجي.

ناچيز جو علم ادب جي ٽنهي شعبن سان واسطو رهيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪهاڻي، شعر، ڊرامو يا مضمون وغيره لکي پنهنجي تخليقي قوتن کي به آزمائيندو آهيان. “سنڌ سگهڙ سنگت’’ منهنجي تنظيمي شعبي سان دلچسپيءَ جو نتيجو آهي. ان کانسواءِ پنجن ڇهن سالن کان وٺي تحقيقي ميدان ۾ به قدم رکيو اٿم. مونکي خبر آهي ته سنڌي ٻولي ۽ ادب جا ٽئي شعبا تن، من ۽ ڌن جي قرباني گهرن ٿا.

خاص ڪري تحقيق جو ڪم ته ڪوئان جي واپار جهڙو آهي. هن ميدان ۾ حد کان وڌيڪ خيال رکڻو پوي ٿو. ٻي صورت هن ڪم کي هٿ لائڻ سان هٿ ڪارو ۽ پير لائڻ سان پير ڪارو ٿي پوي ٿو. آءُ جڏهن “ڪراچيءَ جي ادبي تاريخ’’ جي موضوع تي تحقيق ڪري رهيو هوس ته مونکي وقت ۽ حالتن جي سڪن جا پئي پاسا ڏسڻا پيا، ڪٿان ڏک مليا ته ڪٿان سک.

تحقيق جي ٻي جاکوڙ جو نالو آهي تحقيقي سهولتن جي ڪمي، ڪن عالمن جو ادبي بخل، ڄاڻ جي کوٽ ۽ ذاتي شوق جا تير هن ئي ميدان ۾ سهڻا پوندا آهن. هن تحقيقي ڪم جي دوران مونکي ڪيترن ڏيهي توڙي پرڏيهي عالمن سان خط و ڪتابت ڪرڻي پيئي ۽ کانئن معلومات گهرائڻي پيئي. اڄ اهي خط منهنجي ذاتي نماء کان وڌيڪ ادبي تاريخ جي ورقن جهڙي حيثيت رکن ٿا. انهيءَ ڪري اهي خط آزاد جي پڙهندڙن تائين پهچائڻ لاءِ هن ڪالم کان هڪ نئون سلسلو شروع ڪجي ٿو.....

 

منگها رام ملڪاڻي

منگها رام ملڪاڻي، سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي دنيا جي هڪ ڄاتل سڃاتل شخصيت آهي. پاڻ ادبي کيتر ۾ ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ گل ڀريا اٿن، تن کي ڪڏهن به فراموش ڪري نٿو سگهجي. جيئن ته پاڻ پنهنجي زندگيءَ جو احوال هيٺ ايندڙ خطن ۾ تفصيل سان ڏنو اٿن، انهيءَ ڪري اڳ ۾ دهرائڻ اجايو آهي. “ڪراچي ضلعي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو’’ جي موضوع تي جڏهن پي. ايڇ. ڊي لاءِ کوجنا جي شروعات ڪيم ته معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ سرحد جي هن پار ڏي به هٿ وڌائڻو پيو. ڀاءُ جسونت ڪمار جي معرفت پروفيسر منگها رام ملڪاڻي جي ايڊريس ملي ۽ ائين اسانجي وچ ۾ خط و ڪتابت جو آغاز ٿيو. جسونت ڪمار، ڀارتي اديبن جي ڏس پتي ڏيڻ جو وسيلو بڻيو، ڀيڻ پوپٽي هيراننداڻيءَ وري  ادبي ۽ علمي معلومات وٺي ڏيڻ جو ڪارڻ بڻي ۽ ڪاڪو منگها رام ملڪاڻي  وري هڪ ٻيو محاذ سنڀاليو. اهو محاذ هو منهنجي ادبي منصوبن جي تاريخي ۽ ادبي اهميت جو جائزو.

سائين منگها رام ملڪاڻيءَ منهنجي ادبي ڪم ۾ نهايت دلچسپي ڏيکاري ۽ مونکي سختيءَ سان منع ڪئي ته آئون “فرقيوار ادبي تاريخ’’ لکڻ کان باز اچان. آئون پي. ايڇ. ڊي کان سواءِ غير مسلم اديبن تي تفصيل سان ڪم ڪرڻ ٿو چاهيان ۽ ان لاءِ مون وٽ جواز به آهي. بهرحال ڪاڪي منگها رام ملڪاڻي منهنجي ادبي منصوبن تي ڀارتي اديبن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، اخبارن ۾ رايا ڏنا ۽ ٻين دوستن خاص ڪري “اتم’’ کي هن ڏس ۾ راءِ ڏيڻ تي زور ڀريو. پاڻ جيڪي خط لکيائون اهي هيٺ ڏجن ٿا:

 

5A/1 علي پور، ڪلڪتو 27  

26 جنوري 1976

سدا سلامت

دوست مهربان پٺاڻ صاحب

توهان جو خط پڙهي بيحد خوشي ٿي ته توهين ورهاڱي کان اڳ واري “غير مسلم ادب’’ تي تحقيقات ڪري رهيا آهيو. افسوس آهي جو صحت سالم نه هئڻ ڪري جواب ڏيڻ ۾ دير وڌي اٿم. ساڳي پيريءَ ۽ بيماريءَ ڪارڻ آئون اوهان کي ان تحقيقات ۾ مدد ڪرڻ کان مجبور آهيان ۽ معافي طلب آهيان.

آئون نهايت شڪرگذار آهيان جو اوهان منهنجي “سنڌي نثر جي تاريخ’’ جي قدر شناسي ڪئي آهي ۽ ان مان ڪجهه مواد حاصل ڪيو آهي. ان ڪتاب ۾ مون اديبن ۽ سندن تصنيف سان گڏو گڏ، پبلشرن، مگزينن ۽ سندن ايڊيٽرن وغيره جو به ذڪر ڪيو آهي. وڌيڪ معلومات ڏيڻ کان لاچار آهيان، جنهن لاءِ وري به معافي وٺان ٿو، پر هڪ ادبي دوست جو نالو ۽ سرنامو موڪليان ٿو، جنهن سنڌي ادب جي اونهي کوجنا ڪئي آهي ۽ توهان کي مدد ڪري سگهندو.

مسٽر اي جي اتم 4- اي هيرا آباد مينشن،

سيتلديو روڊ، ماهم بمبئي 16 (انڊيا)

“ڪراچيءَ جي ادبي تاريخ’’ تي پي. ايڇ. ڊي لاءِ مقالو تيار ڪري رهيا آهيو، تنهن جي ڪاميابيءِ لاءِ دعائون!

توهان ڪراچي ڪاليج ۾ ليڪچرار آهيو، تنهن ناتي منهنجا ڌنڌي ڀائي ٿيا. آئون “ڊي جي سنڌ ڪاليج’’ ۾ انگريزيءَ پروفيسر هوس.

وڌيڪ قرب سان منگهارام ملڪاڻي

 سدا خوش هجو.

 

5A/1 ٻلديو روڊ علي پور، ڪلڪتو، 27- 25 فيبروري 1926

دوست مهربان پٺاڻ صاحب

توهان جو ٻيو خط پڙهي مونکي گهڻو افسوس ٿيو آهي ته ٽپالي سرشتو جاري ٿيڻ بعد به، توهان جي پهرين خط جو جواب توهان کي ڪونه پهتو آهي، جو مون بروقت ڏنو آهي. توهان کي منهنجي پيريءَ ۽ بيماريءَ جو اونو آهي، تنهن لاءِ احسانمند آهيان پر تنهن هوندي به مان توهان جي کوجنا جي ڪارج ۾ مدد ڪريان ها. پر حقيقت هيءَ آهي ته مون وٽ ڪوبه وڌيڪ مصالحو موجود نه آهي. جيڪا به تحقيقات مون سالن جا سال ڪئي هئي سا “سنڌي نثر جي تاريخ’’ ۾ ڏيئي ڇڏي اٿم. ان ۾ ليکڪن ۽ سندن تصنيفن سان گڏو گڏ ميگزنن، ايڊيٽرن، پبلشرن ۽ ادبي ادارن جي جيڪا معلومات مونکي ملي سگهي سا درج ڪئي اٿم. ان ڪتاب مان توهان کي ڪجهھ واهر حاصل ٿي آهي، سو ٻڌي خوش ٿيو آهيان. پر وڌيڪ تفصيلوار حقيقتن لاءِ هيٺين شخصن جا نالا ۽ سرناما ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھه ڪرڻ کان مجبور آهيان.

1-                        مسٽر موتي رام رامواڻي معرفت “ڀارتواسي’’ ايڊيٽر گاجرا 36-38 اگياري لين، فورٽ بمبئي -1 (انڊيا)

2-                        مسٽر گوبند مالهي 6- بي، راکي بلڊنگ ايم جي روڊ، ڪانڊيولي بمبئي 27 (انڊيا)

 توهين انهن دوستن کي لکندا ته اميد آهي ته چڱو ئي کوجنا ڀريو مواد ملي ويندو.

وڌيڪ قرب سان،

منگها رام ملڪاڻي

سدا سلامت

 

ڪلڪتو ستين مئي 1976

دوست مهربان پٺاڻ صاحب

اميد ته منهنجو ٻيو ڪارڊ به اوهان کي پهتو هوندو ۽ ٻن وڌيڪ عالمن جا سرناما موڪليا هئم (خاص ڪري موتيرام رامواڻي) تن وٽان توهان کي ڪجھه گهربل تفصيل مليا هوندا. تنهن بعد توهان جو ٻيو خط به مونکي مليو آهي، جنهن ۾ پروفيسر پنجواڻي ماڙيوالا کي سفارش ڪرڻ لاءِ لکيو اٿو. پر انهن پروفيسرن، توڙي پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ کي ادبي تاريخ جي ايتري معلومات نه آهي جو توهان کي مدد ڪري سگهن. مالهي، اتم ۽ رامواڻي ئي توهان جي گهرج ڪي قدر پوري ڪري سگهندا، جنهن کان مان  پڻ نا واقف آهيان. توهان وڌيڪ لکيو آهي ته مان پنهنجي حياتيءَ جو احوال لکي موڪليان، جو هن خط رستي موڪليان ٿو ۽ ان سان گڏ سنڌ ۾ نڪتل پنهنجو فوٽو به موڪليان ٿو. اصلي فوٽو مون وٽ موجود نه آهي، جنهن ڪري اخباري فوٽو ٿو موڪليان.

پر مون توهان جي رٿيل غير- مسلم اديبن جي تاريخ تي غور ڪيو آهي ۽ سمجهان ٿو ته توهان جي رٿا بيحد ڪشادي ۽ غير عملي آهي، هڪڙو ته غير مسلم اديبن بابت لکڻ سان ڪتاب جو تاريخي سلسلو ڪٽجي ويندو ۽ اهو اڻ پورو رهجي ويندو. ڇو جو مسلم ۽  غير مسلم ليکڪن جون تصنيفون هڪ ٻئي سان ڳنڍيون پيون آهن ۽  هڪ ٻئي جي پورت ڪندڙ (Complementary) آهن ۽ الڳ ڪري نٿيون سگهجن. صرف غير مسلم اديبن جي تاريخ اڌوري ٿيندي، نه مڪمل. توهان جي تاريخ ڪن چند اديبن جو احوال ٿيندو ۽ نه ادبي تاريخ. ٻيو ته اوهين ليکڪن جون سوانح عمريون اهڙيون تفصيلوار ڏيڻ  چاهيو ٿا جو اهو رسالو تاريخ  ((History سان گڏو گڏ (Biographies) بنجي پوندو ۽ مقدار کان ٻاهر نڪري ويندو. ادبي تاريخ ۾ ليکڪن جي حياتيءَ تي مختصر چٽڪا لکڻ ضروري آهن. پر توهان ته زندگيءَ جي احوال سان گڏ ڪٽنب ۽ اولاد جو احوال به گهريو آهي، جو موڪليان ٿو. اهي صرف منهنجون صلاحون آهن ته ادب تي وڌيڪ زور ڏيو، سوانح، پبلشر، ڇاپخانا، ادارا وغيره ڪتاب ۾ آڻڻ گهٽايو. آخرين فيصلو وري به توهان تي ئي ڇڏيل آهي، مرضيءَ جا مالڪ آهيو.

منهنجو جنم حيدرآباد سنڌ ۾، 24 ڊسمبر 1896 ع ۾ ٿيو هو. منهنجو ڏاڏو ديوان شيوڪرام ان زماني جي روايت موجب، دٻدٻي وارو مختيارڪار هوندو هو ۽  پوءِ حيدرآباد جو پهريون ديسي سٽي مئجسٽريٽ بڻيو. سندس رهڻي ڪهڻي شاندار هوندي هئي ۽ جيڪب روڊ تي سرڪاري هاءِ اسڪول سان لڳو لڳ هڪ شاهي حويلي اڏايائين جنهن ۾  چيروليءَ جي چٽساليءَ جو ڪم فنڪار ڪاريگرن کان ڪرايائين. طارق اشرف کان معلوم ٿيو اٿم ته ان مڪان ۾ هاڻ (Art Exhibition) برپا ڪيل آهي. منهنجو پتا ديوان اڌارام هڪ زبردست زميندار هوندو هو، جنهن جون ٻنيون ٽنڊي محمد خان ڀرسان ٽن تپن ۾ چار هزار ايڪڙن تي پکڙيل هيون. هو نئين زماني جو زميندار هو جنهن پنهنجي ديهن ۾ زرعي سڌارا ڪيا ۽ هارين کي سهولتون ڏنيون.

سنڌي تعليم مون گهر جي سامهون، پرئڪٽسنگ اسڪول ۾ حاصل ڪئي، جتي شاعر محمد صديق “مسافر’’ منهنجو استاد هوندو هو. انگريزي تعليم گهر جي ڀرسان، سرڪاري هاءِ اسڪول ۾ ورتيم، جتي منهنجا آدرشي استاد هوندا هئا: نانا غلام علي صاحب ۽ مسٽر وليرام ٿڌاڻي، جي مئٽرڪ پاس ڪيل هوندي به انگريزيءَ ۾ ماهر هوندا هئا. آئون ٻنهي جو لاڏلو شاگرد هوندو هوس ۽ جيڪا به انگريزيءَ جي ڄاڻ پرايم سا ٻنهن استادن کان. غلام علي صاحب کي پوءَ “خانبهادر’’ جو لقب عطا ٿيو، ٽريننگ ڪاليج جو پرنسپال مقرر ٿيو ۽ آخر ۾ تعليم کاتي جو ڊائريڪٽر بڻيو. وليرام صاحب ماستري ڇڏي وڪالت پاس ڪئي ۽ حيدرآباد جو قابل وڪيل هو. عجب آهي ته وڏي هوندي، ٻنهي استادن سان منهنجو گهاٽو دوستيءَ جو ناتو ٻجهي ويو ۽ سندن آخرين دم تائين هڪ ٻئي سان اڪثر ملندا جهلندا هئاسون ۽  خط ڪتابت ڪندا هئاسون.

مئٽرڪ امتحان ۾ مان سڄيءَ سنڌ ۾ چوٿون نمبر آيو هوس، ۽ پنهنجي هاءِ اسڪول ۾ پهريون نمبر، جنهن لاءِ مون کي انعام مليو هو. ان روڪڙ انعام سان مون (S.J Co-operative Society) تان ويهه انگريزي ڪتاب چونڊي خريد ڪيا ۽ پتا وٽان مليل ڪن ڪتابن سان گڏي پنهنجي “هوم لئبرري’’ ٺاهيم، جا رفتي رفتي وڌي هزارن جي تعداد کي پهچي ويئي.

ڪاليجي تعليم ڪراچيءَ واري ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ پرايم، جتي مونکي ٽيون آدرشي استاد ملي ويو: پروفيسر صاحب سنگهه شاهاڻي، جنهن کي اسان شاگردن هڪ انگريز پرنسپال خلاف اسٽرائيڪ ڪرائي، پهريون ديسي پرنسپال ڪرايو. شاهاڻي صاحب نه صرف مشهور قلمدان هو، پر انگريزيءَ ۾ خاص مهارت رکندڙ هو. انگلش لٽريچر ڪلاس روم ۾ ٿيندو هو، هن جو به لاڏلو شاگرد هوندو هوس. هن پرنسپاليءَ جي ايام ۾ آرٽس ۽ سائنس کان سواءِ انجنيئرنگ ڪاليج ڪڍيو، لا ڪاليج کوليو، ڪامرس ڪاليج برپا ڪيو. مطلب ته چڱي چوکي سنڌ يونيورسٽي قائم ڪري ڇڏيائين!

گريجوئيٽ ڪرڻ بعد ڇهه مهينا پوني واري زرعي ڪاليج مان عملي تعليم وٺي، پنج سال مون پتا جون زمينون سنڀاليون، پر اَن جي چورين ۽ پرائين زالن ڀڄائڻ جا نبيرا ڪري آئون بيزار ٿي پيس. جيتوڻيڪ پڙهڻ جو ڪم ان اڪيلائي ۾ ئي شروع ڪيم ۽ لاڙي محاورو به چڱوئي سکي ورتم. هڪ ڏينهن اوچتو پرنسپال شاهاڻيءَ وٽان نوتو آيم ته پنهنجي جهوني ڪاليج ۾ اچي انگريزيءَ ۾ فيلو بڻج. انڌو گهري الله کان ٻه اکيون! آئون ٺهه پهه وڃي نوڪريءَ تي چڙهيس ۽ ڪجهه وقت بعد مون کي ليڪچرار مقرر ڪيائين. پرنسپال بوٽاڻيءَ پنهنجي ايام ۾ مونکي اسسٽنٽ پروفيسريءَ جو اضافو ڏنو ۽ بمبئيءَ ۾ لڏڻ کانپوءِ پرنسپال آڏواڻيءَ پنهنجي برپا ڪيل جئه هند ڪاليج ۾ پروفيسر ۽ آخر انگريزي شعبي جو اڳواڻ مقرر ڪيم. ڪي سال بمبئي يونيورسٽيءَ جي انگريزي توڙي سنڌي بورڊ آف اسٽڊيز جو چونڊيل ميمبر ٿي ڪم ڪيم. اهڙي طرح 37 سال پنهنجي پسنديءَ واري پيشي ۾ ڪاٽي، 1926ع ۾ رٽائر ڪري، هاڻي ڪلڪتي ۾ مربي پٽ جي ڪٽنب ۾ اچي پيري ۾ آسائش ورتي اٿم. ڌيءَ مئنا گهوٽ سوڌي لنڊن ۾ نوڪري ڪندي آهي.

 

ادبي پيشي کانسواءِ، منهنجو ٻيو شغل ناٽڪ آهي، ننڍيءَ ڄمار کان وٺي مون ڪيترين ئي ٻولين ۾ سوين ناٽڪ ڏٺا آهن. 40 ننڍا ناٽڪ سنڌيءَ ۾ لکيا آهن، انهن ۾ اداڪاري ڪئي اٿم، هدايتڪاري ڪئي اٿم، ناٽڪ لاءِ خاص شونق تڏهن جاڳم جڏهن 1923ع ۾ حقيقت پسند ناٽڪ جي باني خانچند درياڻيءَ سان ٻانهن ٻيلي ٿي، حيدرآباد ۾ “رابندرناٿ ناٽڪ منڊلي” برپا ڪئي سون، جنهن جو مهورت مها ڪويءَ ٽاگور پنهنجي مبارڪ هٿن سان ڪيو هو. اين. ايڇ. اڪيڊمي جي هال ۾، ٽاگور جي حضوريءَ ۾، سندس ئي انگريزي ناٽڪ چترا (Chitra) ڪري ڏيکاريم، جنهن ۾ مون سان گڏ دوست ٽهلرام آڏواڻي پارٽ ڪيو هو. ٻئي صبح سويل ڄيٺمل پرسرام نياپو مُڪو ته ڪوي اسان ٻنهي کي نيرڻ لاءِ نينڍ ڏني آهي! ڏڪندا، ٿڙڪندا، نارائڻ محل ۾ پهتاسون ته ڪويءَ ناشتو ڪندي فرمايو؛ “مون پنهنجو “چترا” انگريزي ۾ گهڻن ئي هنڌ اسٽيج تي آندل ڏٺو آهي، پر توهان جنهن اتساهه ۽ نزاڪت ۽ مشڌ اچارن سان ڪري ڏيکاريو، اهڙو اڳ ڪونه ڏٺو اٿم! شل وڌو ويجهو!” اهو شڀ موقعو عمر ڀر وسرڻ جو نه آهي. ان کانپوءِ مون کي “ايڪتا جو آلاپ” ترجمو ڪرڻ لاءِ رابندرناٿ منڊليءَ وٽان انعام مليو ۽ پڻ “کن جي خطا” ناٽڪ دليان جوڙڻ لاءِ تازو ڪلڪتي ۾ منهنجي ننڍي ناٽڪ “پريم جي سيجا” کي چٽاڀيٽيءَ ۾ انعام جڙيو. 1929ع ۾ ”سنڌي نثر جي تاريخ” لاءِ “ساهتيه اڪاڊمي” وٽان پنج هزار انعام مليو ۽ 1972ع ۾ ساڳيءَ اڪاڊميءَ مونکي فيلوشپ جو خطاب ڏنو.

Good Wishes