ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 (تو بن جاني! هيءَ جهان)

”قرب ۽ قربت جا ڪاٿا، هي ته ناهن هوت“

ماڻهوءَ جي ملهه بابت هر دور ۾ چيو ۽ ڳالهائيو ويو آهي ۽ اهڙي ٻڌل راءِ ڪن اصطلاحن ۽ لفظن کي به جنم ڏنو. اديبن ۽ ليکڪن، شاعرن ۽ دانشورن جي حوالي سان انهن جي رغبتن، نسبتن ۽ روين ڪري ڪي درٻاري ۽ سرڪاري سڏيا ويا ته ڪي عوامي ۽ انقلابي چيا ويا.

هر ڪو ماڻهو موتيءَ-داڻو آهي ۽ هن جو ملهه ڪٿڻ يا ملهه مقرر ڪرڻ جي ممڪن آهي ته پوءِ اهو مشڪل به ضرور آهي. قومن جي عظمتن جا اندازا ۽ انهن جي روشن مستقبل طرف سفر جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگهبو آهي ته معاشري ۾ ماڻهو جو ڪيترو  قدر آهي. ماڻهو يا فرد ئي سماج ۽ قوم جي اڪائي آهي، بلڪه پيڙهه آهي. ان ڪري جنهن معاشري ۾ ماڻهوءَ جو قدر ڪو نه هوندو، اها قوم ٻين قومن وٽ قدر وڃائي ويهندي، بلڪه ذهني ۽ فڪري غلاميءَ تي گذارو ڪندي.

اسان جي معاشري ۾ ماڻهوءَ جو ڪيترو قدر آهي؟ ان جو هڪ هٽ-واڻيئي وانگر سولائيءَ سان حساب ڪتاب لکي ۽ سمجهي سگهي ٿو. اسان جي آدمشماريءَ جي ذري گهٽ اڌ آبادي عورت ذات تي مشتمل آهي. ان کي اسان جي معاشري ۾ سيڪنڊ ڪلاس سٽيزن جي حيثيت به حاصل ڪانهي. اسان  ان جي هر هڪ عظمت ڀرئي روپ جا ويري آهيون. زال آهي ته جهڙوڪ زرخريد غلام آهي، ماءُ آهي ته جهڙوڪ مفت جي نوڪرياڻي آهي، ڀيڻ آهي ته سر تي وبال آهي. ڌيءُ آهي ته پٽ کان گهڻو هيٺ ۽ گهٽ آهي. کيس پڙهائيندي، جهڙوڪ اسان کي ٻرو ٿيندو. هوءَ شادي ۾ ور ۽ گهر جي چونڊ جو سوچيندي ته اسان جي غيرت تباهه ٿي ويندي. هن نوڪري ڪئي ته جهڙوڪ اسان جو نڪ وڍجي ويو. اسان عورت ذات جو قدر ائين ڪيون ٿا ۽ عورت جي گود کي انسان جي پهرين درسگاهه طور ۽ ماءُ جي پيرن هيٺان جنت هجڻ واري ڳالهه مڃڻ لاءِ ئي تيار ناهيون. ائين پنهنجي اڌ آباديءَ جي بي قدري ڪيون ٿا.

هاڻي اچو ٻارن جي آباديءَ تي. گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ اسڪولن ۽ ادارن کلڻ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سڄيءَ آدمشماري جو ذري گهٽ چوٿون يا پنجون حصو ٻارن جو آهي. ٻار، اسان جي معاشري ۾ مڇ جو وار آهي. هو وڏن آڏو ڳالهائي ته بداخلاق سمجهيو ويندو. استاد کان سوال ڪري ته بدتميز ڄاتو ويندو. اسان هن کي گهر مان ڪڍي اسڪولن جي چوديواريءَ ۾ واڙيون ٿا. ڪٿي هن لاءِ استاد غائب ته ڪٿي اسڪول جي اڌوري ۽ اڻپوري عمارت، تعليمي ادارن ۾ لائبريرين، ليبارٽرين ۽ راند جي ميدانن جو ته اسان فقط خواب ئي ڏسي سگهون ٿا. جيڪڏهن ٻار جو اسان قدر ڪيون ها ته باجماعت مٽن مائٽن ۽ يارن دوستن سان هن کي ڪاپي نه ڪرايون ها. هن کي تعليمي اداري ۾ وڃي ڏسون ها ۽ استادن سان ملئون ها ته اسان جو ٻار پڙهي ٿو يا اتي کري ٿو. استادن ۽ انتظاميه ٻارن کي پنهنجو نه ڪيو ۽ اسان جي شاگرد ٻارن جي وڏي اڪثريت کي جلوسن ۽ گوڙن وارن سياست جو ٻارڻ بڻايو ويو.

اهڙي ريت ٻارن کي ڇڏي ٻڍڙن ۽ وڏڙن جي قدردانيءَ جو اندازو لڳايون. هتي وري اسان وهيءَ-وڇوٽي ۽ پيڙهيءَ-وڇوٽيءَ جي تلوار هٿ ۾ کنيون بيٺا آهيون. اسان پوڙهي گهوڙي جو ته خيال رکنداسين، پر پوڙهي پيءُ ۽ ماءُ کان اهو به نه پڇنداسين ته هنن پيٽ ڀري ماني به کاڌي آهي يا نه؟ اسان اهو سمجهندا آهيون ته پوڙهو ماڻهو ڪڏهن بيمار به ڪو نه ٿيندو آهي. هن کي مکين مارڻ کانسواءِ ۽ اجائي تنگ ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه ايندو به ڪونهي. اولڊ از گولڊ ۽ پوڙهو اٺ ٻن ڪنواٽن برابر جون چوڻيون اسان جي فقط ڪتابن ۾ آهن ۽ نه ڪي اسان جي سوچن ۽ لوچن ۾!

عورتن، پوڙهن ۽ ٻارن جي قدرداني جو اهو عالم آهي. هاڻي اچو باقي بچيل آباديءَ تي، اٿڻ ويهڻ وارن انهن باقي بچيل ماڻهن جو حشر ڏسڻو هجي ته سرڪاري ادارن ۽ اسپتالن جو چڪر لڳايو. وڏيري جي ڪمدار کان وٺي سرڪاري عملدار تائين ويچاري ماڻهوءَ سان ائين ڪئي وڃي ٿي جو ٻرڙن به اهڙي ٻارن سان ڪا نه ڪئي هوندي.

اسان هنڌين ماڳن پنهنجو مقدر ڦٽايو ۽ منهن پٽايون گهمندا وتون ٿا. ڪو حال پڇڻ وارو ڪونهي ۽ ڪو قياس ڪرڻ وارو ڪونهي. اسان جو جيڪڏهن ڪٿي قدر آهي ته ان ڪري ته اسان قدر ڪندڙ جي ڪنهن نه ڪنهن ڪم اچي سگهون ٿا. پوءِ ڪم لٿو ۽ ڊکڻ وسريو.

هنن حالتن ۾ جتي جڏهن ڪنهن جو ڪو قدر ڪو نه ٿيندو ته پوءِ اتي لياقتن ۽ صلاحيتن جي نيلاميءَ ۽ خريداريءَ جي بازار گرم ٿيندي آهي. پر جيڪڏهن ڪو عوامي يا انقلابي ٿيو  ته نه ان کي ڏسبو نه ٻڌبو نه ان سان سهڪار ڪبو نه ان جي ويجهو وڃبو. پوءِ ماڻهن جي نئين سر صف بندي ٿيندي آهي. ڪي سرڪاري بڻجي ويندا آهن ته ڪي درٻاري. اهو به ايتري قدر جو ماڻهپي ۽ انسانيت جي زبان تي به زاري ۽ زاريءَ جا لفظ اچي ويندا آهن.

Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

Website: www.drpathan.com

 

Good Wishes