ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 (تو بن جاني ! هيءَ جهان)

”قلندر جي نگريءَ جو سانحو ۽ اسان جو نظرياتي سفر“

قلندر شهباز جي درگاهه ۽ درٻار ۾ جيڪو لونءَ-ڪانڊاريندڙ واقعو رونما ٿيو آهي، انهيءَ مان اسان کي نه فقط انسان-دشمنيءَ جي بدبوءِ اچي ٿي، پر انهيءَ ڪيترن ماڻهن جي ذهنن ۾ نظرياتي طوفان به آڻي ڇڏيو آهي. هن جلالي درويش جي معتقد فقيرن جي جلال کان هر ڪو ماڻهو ڊپ ڪندو هئو. ڪنهن کي ڪهڙي مجال جو قلندر شهباز جي شان ۾ ڪو گستاخي ڪري! انهيءَ ئي جلالي لعل قلندر جي گود ۾ سنڌ جا ڪيترا معصوم ۽  بيگناهه انسان شهيد ٿي ويا. اسان هن عظيم انسان جي سوانحه، خدمتن ۽ دور تي ڪا سائنسي بنيادن تي تحقيق ڪا نه ڪئي آهي.  وقت گذرندو رهيو آهي، ماڻهن مطالعي جي آڌار تي هن جلالي درويش جي سوانح ۽ منسوب واقعن کي هاڻي تحقيق جي نگاهه سان تورڻ شروع ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ انوکا ۽ عجيب سوال ذهنن ۾ اڀريا، پر انهن تي کليءَ طرح بحث نه ٿيو ۽ ڪي وضاحتون عوام اڳيان نه آئيون.

وڏي عرصي کان وٺي قلندر جي نگري ماڻهن جي روحاني تسڪين ۽ سڪون جو بي بدل مرڪز بڻي رهي آهي. دقيانوسي نظام کان مجبور ۽ مايوس ماڻهن جي اڪثريت هن درگاهه سان پنهنجي دل ۽ دماغ جا ناتا رشتا جوڙي ڇڏيا آهن. روئيندڙ اکين وارن کي هتي پهچڻ کانپوءِ پنهنجي چهرن تي مرڪون نظر اينديون آهن. جڏهن قلندر جي ميلي کي سرڪاري سرپرستي ملي ته ان ۾ مذهبي عقيدت سان گڏ ثقافتي رنگ به چڙهڻ لڳو ۽ سنڌ کان سواءِ پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان قلندر جا پوئلڳ هتي اچي حاضري ڀرڻ لڳا آهن.

جن ناعاقبت انديش ۽ عوام دشمن ماڻهن هن سانحي کي جنم ڏنو ۽ معصوم انسان ماريا، انهن جهڙوڪ ماڻهن جي روحاني نسبتن ۽ ثقافتي محبتن کي لٽڻ ڦرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي. هنن پنهنجي نظرياتي ڪٽرپڻي ڪارڻ مذهب دشمنيءَ وارو قدم کنيو آهي ۽ مذهب جي نالي ۾ اسلام-دشمني ڪئي آهي. خدا کي راضي ڪرڻ ۽ جنت حاصل ڪرڻ جي غلط فهمي ۾ دنيا کي دوزخ بڻائڻ شروع ڪيو آهي.

2005ع کان وٺي درگاهن تي اهڙن حملن جو تسلسل موجود آهي، جنهن مطابق درگاهه سيد رکيل شاهه، درگاهه بري امام، درگاهه داتا گنج بخش، درگاهه غازي عبدالله شاهه، درگاهه سخي سرور، درگاهه غلام شاهه غازي، درگاهه نانگو شاهه ۽ درگاهه جيئي شاهه نوراني کي نشانو بڻايو ويو ۽ ڪيترن ئي معصوم خواهه مظلوم انسانن کي بي گناهه ماريو ويو. انسان-دشمن قوتن جي ڌيان ۾ شايد اها ڳالهه هوندي ته انهن درگاهن ۽ مزارن تي ماڻهون خدا جي بدران غير خدائن اڳيان جهڪن ٿا ۽ وڏو شرڪ ڪن ٿا. پر اهي ناعاقبت انديش گناهه جي بدران گنهگار کي مارڻ ۽ شرڪ بدران شرڪ ڪندڙن کي ختم ڪرڻ کي ئي پنهنجي دين ايمان جو بنياد بڻائين ٿا. هو سوچين ٿا ته رب پاڪ جي وحدانيت کي اهي ائين ئي ماڻهن جي ذهنن ۽ دلين ۾ پيدا ڪري سگهندا. هو وحدانيت کي ائين ئي تسليم ڪن ٿا ۽ ان جي تبليغ ڪن ٿا، جيئن سندن هادي ۽ مرشد شيطان ڪئي هئي. شيطان به رب جي وحدانيت تي سودي بازي نه ڪرڻ جي نالي ۾ آدم-دشمنيءَ ڪئي ۽ لعنتي ٿيو. هي به انهيءَ جي ئي پوئواري ڪن ٿا.

انسانن جي هنن دشمنن کان اهو ڪيئن وسري ويو آهي ته سندن انسان-سوزي دراصل اسلام دشمني آهي. جڏهن مذهبي ۽ روحاني ماڳ مڪان قتل غارت لاءِ نشانو بڻايا ويندا ته نه فقط عوام کان روحانيت ۽ سڪون جو آخري سهارو کسجڻ لڳندو. بلڪه ماڻهن جي مذهبي ويساهه تي به منفي اثر پوندا. ڪي ماڻهو مذهب ۽ روحانيت کان متنفر ٿيڻ لڳندا ۽ ڪي ماڻهو رد عمل ۾ پنهنجي روحاني نسبتن ۽ مذهبي محبتن جو زوردار ۽ سگهارو اظهار ڪندا. پوءِ اهڙين حالتن ۾ جڏهن انتشار وڌندو ته ان جو فائدو ڪنهن به صورت ۾ عوام کي نه ملندو ۽ عوام دشمن قوتون ئي ان مان لاڀ پرائينديون.

چوندا آهن ته جڏهن ”توٻرا پئي سبيا، تڏهن اٺن ٿي رڙيو.“ انهيءَ مصداق مان هن ئي اخبار ۾ ۽ هنن ئي ڪالمن ۾ هن ڳالهه جي نشاندهي اڳ به ڪري چڪو آهيان ۽ خاص طور تي جڏهن ملڪ جي اترين علائقن ۾ وڏو آپريشن شروع ٿيو هو ۽ اتان ماڻهن ڀاڄ ڪري سنڌ جو رخ ڪيو هئو ۽ اسان جي مدبرن رهبرن سنڌ جي سرحدن تي وڃي ايندڙ ماڻهن جي آجيان ڪئي هئي ته مون خدشو ڏيکاريو هئو ته بين الاقوامي سياسي تناظر ۾ ۽ گوادر ۽ ڪراچيءَ جي آبي رستن تي هڪ هٽيءَ حاصل ڪرڻ واري ويڙهاند ۾ پرامن سنڌ ۾ ممڻ مچندو ۽ دهشتگرديءَ جون ڪارروايون وڌي وينديون ۽ ان لاءِ ڀاڄ جي روپ ۾ سنڌ ۾ دهشتگردن کي اچڻ جو موقعو ملي رهيو آهي. منهنجي اها  ڳالهه اخبار جي رڪارڊ تي موجود آهي.

قلندر جي نگريءَ جو سانحو اسان کي آخري سانحو سمجهڻ نه گهرجي. سنڌ جي ٻين درگاهن ۽ خانقاهن تي اهڙي قسم جي حملن جو انديشو موجود آهي. ان ڪري اسان کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻيون پونديون. ان لاءِ اولين توجه هن ڳالهه تي ڏيڻو آهي ته ڪنهن ازغيبي مدد ۽ سرڪاري سهڪار تي ڳنڍ ٻڌي مطمئن ٿي ويهڻ بدران پنهنجي ۽ پنهنجي قدرن نظرين، نسبتن ۽ محبتن جي حفاظت پاڻ کي ئي ڪرڻي پوندي ۽ ڪنهن محاذ لاءِ ڪنهن جواز کي پيدا ڪري ڏيڻو نه پوندو.

Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

Website: www.drpathan.com

 

Good Wishes