(تو بن جاني! هيءَ جهان)

”جي نينهن نشابر نه ڪري، سو تان ناهي نينهن“

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 

الله جنت نصيب ڪري مرحوم علي احمد بروهيءَ کي، نصيحتون ڪندو هو ته ”کلي مخالفت ڪري کوڙيءَ کي گهمرو نه ڏي. ائين دشمنيون وڌي ويندءِ ۽ تون ادبي لڏي ۾ جي. ايم. سيد ٿي ويندين ۽ اڪيلو رهجي ويندين.“ مکڻ ماڻهو هو جيترو ٻڌائيندو هو، ان کان وڌيڪ ٻڌندو هو، منهنجو موقوف اهو هوندو هو ته ڪنهن فرد واحد جي مخالفت ڇو ڪجي؟ مسئلو نظام جي خرابيءَ جو آهي، ان ڪري نظام، سوچ ۽ روين خلاف ٿي بيهجي ته بهتر آهي. انهن جي ئي  ته اوٽ ۾ ماڻهو ماڻهوءَ  کي بي وقوف  بڻائي ٿو، ان  جو استحصال ڪري ٿو ۽ نظرياتي غلام بڻائي رکي ٿو. مان کيس عرض ڪندو هئس ته ان ڪري مان نظام خلاف لکان ٿو، طبقن ۽ گروهن خلاف لکان ٿو، جن اسان جي روشن مستقبل واريءَ واٽ جي رستا روڪ ڪئي آهي. پوءِ ان ۾ کڻي ڪير به شامل هجي ۽ ان جو ڪهڙو به روپ هجي: وڏيري جو به روپ هجي يا پير فقير جو، استاد جو روپ هجي يا عملدار جو، ڊاڪٽر جو روپ هجي يا قلمڪار جو، جيڪڏهن انهن مان ڪنهن جا به رويا، ڪنهن جون به سرگرميون ۽ ڪنهن جا به عمل قوم جي اجتماعي مفاد خلاف وڃن ٿا ته ان خلاف لکڻ گهرجي، ڳالهائڻ گهرجي ۽ آواز بلند ڪرڻ گهرجي. جڏهن ۽ جتي به پنهنجي مفادن جي لاءِ ڪا هڪ هٽي قائم ٿيل هجي يا هٽ واڻيا اچي گڏ ٿين ته انهن ڊوهين جي ڊوهي ختم ڪرڻ گهرجي. اها ڪنهن دور جي نفي ناهي، اها ڪنهن نسل جي مخالفت ڪانهي ۽ اها ڪنهن طبقي تي مجموعي تنقيد ڪانهي، فقط ڪارين رڍن يا ڪنيءَ مڇيءَ جي نشاندهي ڪرڻ آهي.

ليکڪ جڏهن به سمجهوتي ۽ غير جانبداريءَ جي ور چڙهيو ته هن جي ڏات ۽ هن جو ڏانءَ ڪاڳر جا گل بڻجي ويندا. جن ۾ مقصد جي خوشبوءِ هوندي ئي ڪو نه. اهڙي تحرير پاڻ کي خوش فهمين ۽ پڙهندڙن کي دلبي جي اوڙاهه ۾ اڇلائي ڇڏيندي.

جيڪڏهن قوم سان عشق آهي ۽ جيڪڏهن گڏيل روشن مستقبل جي آس آهي ته اها محبت لڪائي نه ٿي سگهجي. ان تي ڪنهن عقل، مت ۽ شرم جو ڦيڻو اثرانداز نه ٿي سگهندو. پر محبت پنهنجو رنگ ڏيکاريندي ۽ عشق مان اهڙا آوازا اٿندا، جيڪي زمين آسمان جي ڪنن جون پاپڙيون ڳاڙهيون ڪري ڇڏيندا. سچ ٻڌجي، عشق جي آواز سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي، پوءِ ڀل ته اسان جي ڪنن جون پاپڙيون به ڳاڙهيون ڇو نه ٿي وڃن.

 سچ اهو آهي ته سنڌ  سورن ۾ آهي ۽ اسان مان هر ڪنهن سان دکن دردن جي هڪ مڪمل دنيا ساڻ آهي. ڪلهه  اسان سسئي  کي رولي ماريو، سهڻيءَ کي ٻوڙي ماريو ۽ مومل کي ساڙي ماريو. اڄ به ڪارو ڪاريءَ جي روپ ۾ عورت-ذات جو اهو ڪوس جاري آهي، پوءِ ڪير مڃيندو ته سنڌ ۾ روشن ضميريءَ پنهنجا پير پختا ڪيا آهن؟ چوندا آهن ته ”يار به چاڪي سينڌ به اڻڀي.“ پوءِ اهو ڪهڙو سبب آهي جو اڻ-ڳڻين مدبرن، مفڪرن، عالمن، اديبن ۽ شاعرن هوندي به اسان جي ڀينگ لڳي پئي آهي ۽ اسان لات منات بابت بڻائي فڪر- دوستيءَ بدران شخصيت- پرستيءَ جي رنگ ۾ ريٽا ٿي رهيا آهيون. اسان کي فقط گروهه، ذاتيون ۽ پنهنجا گروپ ڇو ٿا وڻن؟ اسان کان عقل ڇو موڪلائي ويو آهي ته پرو چانڊئي جي قبر تي به پڙ وجهون ته بينظير ۽ سندس پيءُ جي قبر تي به پڙ وجهون. اهڙي نموني قلندر ۽ ڀٽائيءَ جي مزارن تي به پڙ وجهون. اسان انهن ڪردارن جي ڪارڪردگيءَ ۽ ڪم ۾ فرق ڇو نٿا محسوس ڪيون ۽ سمجهون. اسان مجاورن ۽ موالين جي قوم ڇو بڻجي رهيا آهيون. اسان جي زندگيءَ جو مقصد پڙ وجهڻ، پٽڻ يا پنڻ يا ڇنڻ ڇو بڻجي ويو آهي؟

اهو احتساب ڪنهن جو ٿيڻ  گهرجي؟ عوام جنهن جو الله کانسواءِ اوهي واهي ڪونهي؟۽ بنهه بي يار مددگار بڻيو ويٺو آهي، يا انهن ڪاروباري سياستدانن جو، جيڪي پيرين پنڌ سياست ۾  داخل ٿين ٿا ۽ راتورات بنگلن ۽ پيجارن جا مالڪ بڻجي وڃن ٿا؟ انهن قلم-ڌڻين جو احتساب ڪريون، جيڪي ڳاڙهي ٻوڙ تي تاڙين وڄائڻ ۾ خوش ٿين ٿا يا محفلون مذاڪرا منعقد ڪري ذهني عياشيءَ کي قوم جي عظيم خدمت سمجهن ٿا؟ ڪو نينهن ته نشابر ٿئي، ڪو سچ ته عوام اڳيان اچي!!

Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

Website: www.drpathan.com

 

Good Wishes