(تو بن جاني! هيءَ جهان)

”نه سبب نه سرت، نوڙت رڳو نفرت سان“

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 

چوندا آهن ته اکين ڏٺي تي اعتبار ڪجي، پر پوءِ به ور ور ڏئي اکيون مهٽي ڏسجي ته آئون ڇا پيو ڏسان. پر اسان وٽ هٿ- ٺوڪين ڏاهن ۾ ايترو ته اضافو اچي ويو آهي، جيڪي ڏسڻ بدران ٻڌڻ تي ڳنڍ ٻڌي ماڻهن لاءِ رايا قائم ڪندا . پوءِ مجال جو انهيءَ دين ايمان تان ڦرن. نه فقط ايترو، پر اهو پنهنجو فرض ڄاڻندا ته ٻڌيءَ ڳالهه کي تصديق ڪرڻ بدران گهر گهر ۽ در در پهچائين. انهن جي اهڙي اڍنگي روش ماڻهن کان پنهنجا آدرش کسي ورتا آهن. هنن ائين ڪيترن آدرشن کي عوام دشمن ۽ عوام دشمنن کي آدرش بڻائي ڇڏيو آهي. هنن جي انهيءَ ڪرت ڪيترن لٽيرن کي ليڊر ۽ رهبرن کي رهزن جو نالو ڏئي ڇڏيو آهي. ڪيترا شريف، ڪيترا محنتي ۽ ڪيترا ڀل مانس ماڻهو انهيءَ سازش ڪري زندهه هوندي به مئلن ۾ شمار ٿي چڪا آهن.

اهو احمقپڻو يا بي وقوفي نه آهي. پر هڪ مذموم سازش آهي. جڏهن غير يا عوامي خير خواهي جون دشمن قوتون ڪنهن کي اجتماعي مفاد وٽان ڪم ڪندي ڏسنديون آهن. جڏهن ڪو ماڻهو ذهني ۽ فڪري انقلاب آڻڻ لاءِ سوچيندو ۽ لوچيندو آهي ته پنهنجن ئي ماڻهن مان ڪنهن کي انڌو هاٿي بڻائي لشڪر جو ذيان ڪرايو ويندو آهي.

سنڌ ۾ اهڙن ڪوٽ-کٽندڙ ۽ وانگار تي آدرشي انسانن خلاف ڪات ڪهاڙا کڻڻ وارن جي ڪمي ڪانهي. اهو اسان جي شعور جو امتحان آهي ۽ اها هڪ گندي سازش آهي، جنهن تي اسان جي حقيقي ڏاهن، دانشورن ۽ مفڪرن کي سوچڻ ۽ لوچڻ گهرجي.

مخالفت ٿيڻ گهرجي، شڪايت ٿيڻ گهرجي ۽ تنقيد ٿيڻ گهرجي. پر ان جو سبب هجي، ڪارڻ هجي يا اها سرت سمجهه سان ڪئي وڃي. نه ڪي اکيون ٻوٽي ڪنهن جا لاهه ڪڍيا وڃن. هن تباهيءَ برباديءَ مان بچڻ جو واحد طريقو اهو آهي ته مخالفت ڪندڙ يا تنقيد ڪندڙ جيڪڏهن ڪنهن سبب کانسواءِ آهي ۽ هنن وٽ ڪا شاهدي ثابتي ڪانهي ته گهٽ ۾ گهٽ اسان انهيءَ جي چوڻ، لکڻ ۽ يا ٻڌڻ تي ايمان آڻي نه ويهون ۽ پاڻ سوچڻ جي ڪوشش ڪريون ته انهيءَ تنقيد مان، انهيءَ مخالفت مان پنهنجو قدبت وڌائڻ چاهي ٿو، اسان کي دڳ لائڻ گهري ٿو يا اجائي پٽڪي ڊاهه ڪري ٿو. ان ڪري سياڻن چيو آهي ته اهي ڪن پون ٻن، جيڪي ستي نه وٺن سرت سان.

جيڪي ماڻهون ڏين، پر ڏکوئن ڪو نه. انهن خلاف ذهنن ۾ زهر رکڻ سان پنهنجي شخصيت ۽ وجود جي نفي ڪرڻ برابر آهي. اهڙي نفي اڳتي هلي اجتماعي نفيءَ جي صورت وٺي ٿي. اهڙين حالتن ۾ جڏهن عوام جو ڪو اوهي واهي ڪونهي، جڏهن ماڻهو ماڻهوءَ کي ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونهي ۽ ڪو ماڻهو پنهنجي هڙان ۽ وڙان عوام جي خدمت ڪري ٿو، قوم جي چڱائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙي ٿو، ته اسان هن پٺيان لاهي پاهي پونداسين ته پنهنجو ئي نقصان ڪنداسين. لطيف سائين فرمائي ۽ صلاح ڏئي ويو آهي ته ”جيها جي تيها، سي مون مارون مڃيا.“ اسان ڪهڙي ڏاهي ۽ فيلسوف جي ڳالهه مڃي آدرشي انسانن خلاف ڪات ڪهاڙا کڻون ٿا. جيڪو ماڻهو ڌرتيءَ جي ماڻهن سان محبت نه ٿو ڪري، اهو ڌرتيءَ سان دوستيءَ جي ڪوڙي دعويٰ ڪري ٿو. ڪو ڌرتيءَ جو ويري آهي ۽ عوام جو دشمن آهي ته ان کي شاهدين ثابتين سان وائکو ڪرڻ وطن دوستي ۽ عوام دوستي آهي، باقي بنا سرت ۽ سوچ جي، بنا سبب ۽ ڪارڻ جي مخالفت ڪندڙ قوم جو ويري آهي ۽ هو انڌيءَ هاٿيءَ جيان پنهنجي لشڪر کي ناس ڪرڻ وارو آهي.

Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

Website: www.drpathan.com

 

Good Wishes