ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 (تو بن جاني! هيءَ جهان)

”تون جا چئين تبديلي، ان جا گهڻا انگل “

اها انساني فطرت آهي ته هو ”حال“ ۽ ”حالتن“ مان خوش نه هوندو آهي ۽ انهن کي بدلائڻ جا ڏاڍا وڏا جتن ڪندو آهي. ايتري قدر جو انهيءَ اڻ-ڏٺي تبديليءَ لاءِ هو پنهنجي جان جي قرباني ڏيڻ کان به ڪو نه ڪيٻائيندو آهي. ڪي اهڙا انفرادي ۽ اجتماعي خواب آهن، جن جي تعبير لاءِ هو هميشه حيران، سرگردان ۽ پريشان رهي ٿو.

بهتر کان بهترين ٿيڻ جو شوق ۽ ڪا تبديلي آڻڻ جي آس جيڪڏهن منطقي طريقن سان واڳيل ناهن ته پوءِ نتيجا ڏاڍا ڀيانڪ ۽ تباهه ڪن ئي نڪرندا. ڇا اها تبديلي انهيءَ سوچ ۽ لوچ جو نالو آهي ته دنيا جهان کي ته بدلائجي، پر پنهنجي اندر ۽ ٻاهر ۾ ساڳيا لاٽون ۽ ساڳيا چگهه واري صورتحال هجي! هن خفت ۾ ماڻهو ٻين جو هٿ ٺوڪيو هادي ۽ رهبر ٿئي ٿو، پر پنهنجو منڪر ۽ ويري بڻجي وڃي ٿو. هن ئي موڙ تي ”نظرياتي مبلغ“ ٺيڪيدار بڻجي، بلڪه ڪمدار بڻجي قوم جي نظرياتي تشخص ۽ اجتماعي سوچ کي ڇيهو رسائيندا آهن ۽ بلڪه داعش يا طالبان جو ڪردار ادا ڪندا آهن. پوءِ اهي، ماڻهو سڌارڻ بدران ماڻهو مارڻ کي ئي عين ثواب ۽ زندگيءَ جو مقصد بڻائي ڇڏيندا آهن.

ان ڪري ڪنهن به تبديليءَ جو بنيادي شرط اهو آهي ته پهريون اها تبديلي پاڻ ۾ اچي ۽ اها تبديلي اسان کي ٻين اڳيان کليو ڪتاب بڻائي ڇڏي ته جيئن ماڻهو ان کي پڙهي پرجهي سگهن ۽ اتساهه وٺي سگهن. ايئن ئي تبديليءَ جي آس ٻين جي من ۾ واسو ڪري سگهي ٿي.

تبديليءَ جو ٻيو شرط اهو آهي ته اها وقت ۽ حالتن مان ڦٽي نڪري ۽ انهيءَ حوالي سان دلين خواهه ذهنن جي زمين ۾ اهڙو ٻج ڇٽيو وڃي. هن کي ٻين لفظن ۾ ايئن چئي سگهجي ٿو ته زميني حقائق کي سمجهڻ ۽ انهن جي برعڪس سوچڻ ۽ لوچڻ سان تبديليءَ جو رستو ته روڪي سگهجي ٿو، ليڪن ان کي منطقي نتيجي طرف وڌائي نه ٿو سگهجي. ان ڪري جيڪو زميني حقائق کي نه ٿو مڃي ۽ سمجهي، ان ۾ معامله فهمي جي صلاحيت گهٽ آهي ۽ هن جي سوچ ۽ لوچ جا مقصد ۽ مرادون هن لاءِ نقصانڪار ۽ ٻين لاءِ هاڃيڪار بڻجي ويندا. مثال طور منجهند ٽاڪ جو جڏهن نٽهڻ اس ۾ ڪانوءَ جي اک به نڪرندي هجي، اسان سج کي لاهي يا رات کي آڻي نه ٿا سگهون. ان لاءِ اسان کي انتظار ڪرڻو پوندو يا ڌرتتيءَ وقت پاڻ کي بچائڻو پوندو. ان ڪري ڪنهن به تبديلي لاءِ اوس ئي وقت جو انتظار ڪرڻو پوندو ڇو ته وقت کي پاڻ بدلائي نه ٿا سگهون، البته حالتون بدلائي سگهبيون، جيئن ڌرتتيءَ جو پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. اها ڪوشش جهڙوڪ حالتون بدلائڻ برابر آهي.

اهي دوست جيڪي ڪا سياسي، سماجي يا نظرياتي تبديلي آڻڻ لاءِ آتا آهن، انهن کي اڳ ۾ حالتون بدلائڻ جا جتن ڪرڻا پوندا ۽ حقيقتن، يا چئجي ته زميني حقائق کي نظرانداز ڪرڻ کان پاسو ڪرڻو پوندو. اهڙيءَ ريت اجتماعي تبديلين آڻڻ لاءِ اجتماعي ذهنن ۽ زبانن، عملن ۽ روين جي زمين تي هڪ جاکوڙي هاريءَ جيان ڪم ڪرڻو پوندو.

جيڪڏهن آئون ڪا تبديلي چاهيان ٿو ته ان جو اهو مطلب به مون کي وٺڻ نه گهرجي ته هر ڪو اکيون ٻوٽي اها ۽ اهڙي تبديلي چاهيندو ۽ گهرندو هوندو. ڇو ته انسان هڪ ئي وقت شاندارماضيءَ جي يادن ۽ حال جي صورتحال کان تڪڙو پاڻ آزاد ڪري نه سگهندو آهي. ان ڪري ماضيءَ ۾ مگن ۽ حال ۾ مست ماڻهو مستقبل، يعني تبديليءَ کي تڪڙو قبول ڪو نه ڪندا آهن.

اسان مان جيڪو ڪنهن نه ڪنهن ”تبديليءَ“ لاءِ سوچي ۽ لوچي ٿو، ان کي اها ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته هن جي خاندان ۽ هن جي قوم مان وڏي اڪثريت ماضيءَ سان محبت ۽ حال سان نسبت ڪري ڪنهن اهڙيءَ تبديليءَ کي قبول نه ڪندي، جنهن ۾ ان کي اهڙيءَ تبديليءَ ۾ ڪا ماضيءَ جي جهلڪ يا حال جي خوشبوءِ نه ٿي ملي. انهن ۽ ايترن ماڻهن جي مخالفت سان گڏوگڏ زميني حقيقتون پڻ ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن تبديليءَ کي تڪڙو قبول ڪو نه ڪنديون آهن، بلڪه ان جي شدت سان مخالفت ڪنديون آهن.

اهڙي ڳنڀير صورتحال ۾ تبديليءَ لاءِ سوچيندڙن ۽ لوچيندڙن کي پنهنجي حڪمت عملين تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، پاڻ کي تبديليءَ جو کليو ڪتاب بڻائڻو پوندو. ٻيءَ صورت ۾ فقط نعرن تي گذارو ڪرڻو پوندو.

Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

Website: www.drpathan.com

 

Good Wishes