(تو بن جاني! هيءَ جهان)

”قلم ڪياڙيءَ جي وهيو، تون تان ڪٽ نه ڪنڌ“

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 

انسان صدين کان وٺي ويساهه-گهاتين جي پلصراط تان پئي گذريو آهي. ڪڏهن پاڻ سان ويساهه-گهاتيون ڪيون اٿس ته ڪڏهن ٻين پئي هن سان ويساهه- گهاتيون ڪيون آهن. بس، هن ائين طلسم جي جهان کي پئي منهن ڏنو آهي. هر ڪنهن سماج جي سرت-وندن ۽ معاشري جي جي مفڪرن انهيءَ صورتحال مان جان ڇڏائڻ لاءِ پئي کيس دڳ ۽ پيچرا ڏسيا آهن.

ماڻهوءَ کي اهو آٿت، ڀروسو ۽ يقين ڏياريو ويو آهي ته ماضيءَ کان مستقبل تائين، هر ڳالهه جو فيصلو ڪيو ۽ لکيو ويو آهي. ان کي ڪي قسمت چون ٿا ته ڪي مقدر سڏن ٿا. ”مقدر“ جي ڳالهه ۽ تشريح اسان پارن ماڻهن سان ائين ڪئي وئي آهي، جو بي بسيءَ کانسواءِ اسان وٽ چارو بچي ئي ڪو نه ٿو. حالانڪه ”مقدر“ لفظ جو بنياد آهي ”قدر“. قدر ۽ قيمت جو مطلب اهو آهي ته ڪهڙي شئي جو ڪيترو ملهه آهي. منهنجي خيال ۾ ان حوالي سان ”مقدر“ جو مطلب آهي اسان جي سوچن ۽ لوچن، قولن ۽ فعلن جي قيمت. مطلب ته جهڙا عمل هوندا، اهڙا نتيجا نڪرندا ۽ جهڙي سوچ هوندي، اهڙو رنگ لائيندي. ان ڪري انسان پنهنجو مقدر سنوارڻ يا بگاڙڻ جو پاڻ ذميوار آهي. هو پنهنجي سوچن ۽ لوچن جي نتيجن لاءِ ڪنهن ٻئي کي ذميوار بڻائي نه ٿو سگهي. جيڪو سندس ڪُنيءَ ۾ هوندو ۽ پچندو ، اهو ئي سندس پاٽ ۾ پوندو. ڪو ماڻهو دال چاڙهي، اهو بانور ڪري نه ٿو سگهي ته هن جي ٿالهيءَ ۾ ڪڪڙ جون ٻوٽيون ۽ ڪباب پوندو.

اسان سان ويڌن اها ٿي يا ڪئي وئي ته ”مقدر“ جي معنيٰ ماٺ ڪرڻ، صبر ڪرڻ ۽ قبول ڪرڻ ٻڌائي وئي. چيو ويو ته چپ ڪري ويهي رهو ۽ اکيون ٻوٽي انهيءَ ايجنڊا تي عمل ڪيو، جيڪا اسان لاءِ ڄمڻ کان اڳ والدين ۽ مائٽن جوڙي هئي. ائين انسان جنم ٻين کان وٺي ٿو، نالو ٻين کان وٺي ٿو ۽ پوءِ دين ڌرم کان وٺي ازدواجي ايجنڊا، ذريعه معاش، رهڻي ڪڻي، طور طريقا، قدر ۽ نظريا ورثي ۾ وٺي ٿو ۽ هن کي اکيون ٻوٽي انهيءَ ايجنڊا تي هلڻو آهي. جيڪڏهن منهن ڦيريندو ته باغي سڏيو ويندو. ان لاءِ هن کي ڏوهه يا عمل مطابق سزا ۽ موٽ ملندي.

فقط اها ئي ايجنڊا هجي ته ماڻهو ڪس ڪسر کائي ڪم هلائي سگهي ٿو. پر ويڌن اها آهي ته هن تي ايجنڊا مٿان ايجنڊا ٿاڦي وڃي ٿي. سياستدانن جي ايجنڊا، عالمن ۽ اديبن جي ايجنڊا، دانشورن جي ايجنڊا، پيرن فقيرن اميرن ۽ وڏيرن جي ايجنڊا، سماجي سڌارڪن جي ايجنڊا، سياستدانن جي ايجنڊا، عملدارن رعيت آزارن جي ايجنڊا، ۽ ٻيون کوڙ ساريون ايجنڊائون.

حالتون ائين ۽ اهڙيون جڙي پون ٿيون جو انسان پاڻ بچائڻ ۽ ٻين کي راضي رکڻ واري گهاڻي۾ چاڪيءَ جي ڏاند وانگر وهندو رهي ٿو ۽ ڪنهن ٻئي منزل طرف وڃڻ ۽ وڌڻ لاءِ سوچي به نه ٿو سگهجي. انسان اهڙي رستي تي بنهه ائين ٿو هلي جهڙوڪ ميلن جا ميل، بلڪه ساري حياتي هوا ۾ لڏندڙ ڏوريءَ تان گذري ٿو.

ڇا ههڙي صورتحال اسان کان اها تقاضا نه ٿي ڪري ته انسان کي ڪجهه آزاد ڇڏيو وڃي. هن جو جيڪو ”مقدر“ آهي. ان کي سمجهڻ لاءِ کيس موقعو ڏنو وڃي ۽ سندس انهيءَ مقدر ۾ ڪا ڦيرگهير ڪري، ڪجهه لکي يا ڊاهي وڌيڪ ملاوٽ نه ڪئي وڃي. انسان جي ذهني ۽ فڪري آزادي ئي بهتر ۽ سڀ جي فائدي واري روشن مستقبل جي ضمانت آهي. هن تي ذهني ۽ فڪري بيگر مڙهي وئي ته هو پاڻ ۽ پوري معاشري کي بيگار ڪئمپ بڻائي ڇڏيندو هو. هو ٻين لاءِ ايجنڊا ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ واري ڪرت سان لڳي ويندو ۽ نتيجي ۾ پنهنجي لاءِ ۽ ٻين لاءِ آزار بڻجي ويندو.

Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

Website: www.drpathan.com

 

Good Wishes