(تو بن جاني! هيءَ جهان)
”ساهرن سان گڏ، پيڪن سان به کڻي رهائجي“
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
انهن حالتن ۾ جڏهن گهر گهر ۾ سياست هجي ۽ هر گهر ۾ سياسي ڌاڙا هجن، اتي جڏهن سياست تي ڳالهائبو ته هزارن ڌڙن ۽ گروپن مان فقط ۽ فقط هڪ اڌ ڌڙو هم خياليءَ سبب خوش ٿيندو، باقي ٻيا وڙهڻ جي حد تائين رسي پوندا. نه فقط ايترو پر جنهن جي حق ۾ ڳالهه ڪبي، اهو به سو في صدي خوش نه ٿيندو ۽ چوندو ته اسان تي ڪلمو ته پڙهيئي پر اهو پورو نه بلڪه اڌورو هئو. انهيءَ صورتحال ۾ ”ڪل پيران دا خير“ سواءِ ٻي ڪا حڪمت عملي جڙي ئي نه ٿي. پر سوچڻ ۽ لوچڻ وارا پوءِ به ڳالهائيندا. ڇو نه پوءِ سندن اندر مان آواز اٿن ته ”جي ٿو ڪڇان، ته پٽجن ٿيون مڇان- جي ٿو ڪريان ماٺ ته پوان ٿو ڪاٺ.“ سنڌ هن وقت سياست جو عجيب گلدستو بڻيل آهي. هتي پرستي ئي پرستي لڳي پئي آهي ان لاءِ اسان وٽ قوم پرست به آهن ته وفاق پرست به آهن. ڪميونزم پرست به آهن ته اسلام پرست به. هر ڪو پنهنجيءَ ڪرت سان لڳو پيو آهي. پر تنقيد ۽ تعريف جو رڪارڊ انهن جو ٺهندو، جيڪي ڪو اقتدار يا اختيار رکي ٿو. جيئن ته هن وقت سنڌ ۾ اقتداري ڌر اها وفاق پرست پارٽي آهي، جيڪا سنڌ- ڄائي ٺاهي ۽ ان جي اڄ به قيادت سنڌ-ڄاوا ڪري رهيا آهن. وفاق کان سواءِ سنڌ ۾ هن ئي پارٽيءَ وڏي عرصي تائين حڪمراني ڪئي آهي. هن پارٽيءَ کي نه فقط ٻين صوبن جي وفاق پرست پارٽين جي مخالفت ملڻي آهي، ليڪن سنڌي نفسيات پٽاندڙ سنڌي سنڌيءَ جي ئي گهڻي مخالفت ڪندو، ان حساب سان هن پارٽيءَ کي اها ”نفسياتي مخالفت“ به ڏسڻي پئي ٿي. سنڌي قوم پرست ڀلي اقتدار ۾ نه هجن، پر انهن جو انگ به ڪو گهٽ ڪونهي. جيئن ته سنڌي قومپرست اکيون ٻوٽي وفاق پرست کي قبول نه ڪندو، ان ڪري اقتدار واري وفاق پرست پارٽيءَ کي قوم پرستن جي مخالفت به سياسي ورثي طور ملندي رهندي. ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ هڪ ئي وقت سنڌي قوم پرست ۽ سنڌي وفاق پرست لاءِ وڏي حريف ۽ چئلينج برابر آهي. ان ڌڙي جي مخالفت به اقتدار واري وفاق پرست پارٽيءَ جو نصيب بڻيل رهندي. سنڌ جا وفاق پرست هجن يا قوم پرست سياستدان يا پارٽيون، اهي اهي سنڌ جي تقسيم يا سنڌ ۾ رهندڙن ماڻهن جي دلين جي تقسيم واري سياست کي رد ئي ڪندا. ڇو ته ان ۾ سندن روشن ضميريءَ، انسان-دوستيءَ ۽ سنڌ-دوستيءَ جو راز سمايل آهي. سنڌ ۾ اقتدار ۾ آيل وفاق پرست پارٽيءَ پنهنجي سياسي حڪمت عملي سان دلين جوڙڻ، همدرديون وٺڻ ۽ حريفن جي ووٽ بئنڪ کي ٽوڙڻ جي بهتر ڪوشش ڪئي آهي. البته ان جي اندروني سنڌ ۾ پنهنجي ووٽ بئنڪ بئلنس کي محفوظ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ منظم ڪوشش ڪرڻي پوندي. قوال امجد فريد جي مارجي وڃڻ واري واقعي کي اقتداري پارٽي سهڻي نموني سان ڪئش ڪيو. قوال جو تعلق ايم ڪيو ايم سان رهيو ۽ ايم ڪيو ايم جي هڪ ڌڙي کان ٻئي ڌڙي طرف سندس قدم کڄيا ئي ڪو نه جو ان کان اڳ هو الله کي پيارو ٿي ويو. هن سان حڪومتي همدرديءَ ۽ مالي سهائتا حڪومت-مخالف ڌرين کي وائڙو ڪري ڇڏيو. لالوکيت عرف لياقت آباد- ياترا اقتداري ڌر جي وڏي سياسي ڪاميابيءَ کان گهٽ ثابت نه ٿيندي. ان سان مخالف ڌر جي ووٽ بئنڪ تي اثر پوندو ۽ ڪن مهاجرن جي سنڌي-مخالفت وارن روين ۾ به مثبت تبديلي ايندي. هي دلين جي تقسيم جو نه پر دلين جوڙڻ وارو ڪم چئي سگهجي ٿو. اهڙين بهتر سياسي حڪمت عملين باوجود اندرون سنڌ جي حوالي سان ڏيئي هيٺان اوندهه جي ڏِکَ ملڻ نه گهرجي. مثال قوال امجد فريد کي ماريو ويو ته ٻئي طرف اندرون سنڌ ۾ سنڌي ڳائڻو الهڏنو خاصخيلي روڊ حادثي ۾ الله کي پيارو ٿي ويو. پنهنجو ۽ پرائو ذهن ۾ نه ٿا رکون. پر جيڪڏهن الله ڪارڻ ڳالهه ڪبي ته الهڏنو هر وجهه کان امجد فريد کا وڌيڪ سگهارو ۽ باصلاحيت ڳائڻو هئو. هر سنڌي فنڪار وانگر هن جي بدقسمتي هيءَ هئي ته کيس ماحول ۽ موقعو نه مليو جو دنيا ۾ پنهنجي فن ۽ صلاحيتن جو ڌاڪو ڄمائي ها. ٻئي ڀلا فنڪار هئا، ليڪن هڪ جي موت تي جهڙوڪ دنيا جهان ۾ ڪانڌپو ڪرايو ويو ۽ ٻئي جي موت بعد ان جي قبر تي ايڪڙ ٻيڪڙ ڏيئا مس ٻاريا ويا. اهو متڀيد چئجي يا حڪمت عملي؟ جيڪڏهن الهڏني خاصخيلي جي موت تي به گهڻيون اکيون آليون ٿين ها ۽ هن سان به امجد قوال جي شهادت جي واقعي وانگر همدريون ۽ مالي سهائتاون ساڳي انداز ۽ نموني سان ٿين ها ته هوند هر سنڌيءَ جي دکي دل ۾ حڪومتي روين جي نتيجي ۾ ڪا محفوظ ۽ مضبوط ڪنڊ جڙڻ لڳي ها. ان ڪري اقتداري ڌر کي اها منزل اڃا ماڻڻي آهي ۽ اهڙيون حڪمت عمليون جوڙڻيون آهن. جن جي نتيجي ۾ عام سنڌي پاڻ کي ٻين جي برابر سمجهڻ لڳي ۽ پنهنجي دل ۾ حڪومت لاءِ ٿڌي جاءِ جوڙي سگهي. انهيءَ طرف گهٽ توجهه ڏيڻ ڪري عام سنڌيءَ جي ذهن ۾ وهم واهيرا ڪرڻ لڳن ٿا، سوچن ۾ تبديليون اچن ٿيون ۽ ووٽ بئنڪ کي ڇيهو رسي ٿو. ڪراچيءَ ۾ ٻه ڏينهن پاڻي نه ٿو ملي ته رڻ ٻري وڃي ۽ هوڏانهن ٿر جي اڪثر حصن ۾ سال جا سال پاڻي نه پهچي ته ڪنهن جي سيانڊري به نه ٿي اڀري. ڪراچيءَ جي روڊن تي ٻه ڏينهن گندو پاڻي بيهي ٿو ته آسمان کي مٿي کنيو ٿو وڃي، پر اندرون سنڌ جي ڪيترن ڳوٺن جون گهٽيون مهينن جا مهينا گندي پاڻي سان ڀريون پيون آهن، ان ڏانهن ميڊيا يا شهري بابن جو ڌيان نه ٿو وڃي! شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ زمين آسمان جو فرق ٿيندو پيو وڃي. ٻهراڙين ۾ بجلي ڪانهي، روڊ رستا ڪونهن ۽ ماڻهو ٿي رهڻ واريون سهولتون ئي موجود ڪونهن. اها به ته اسان جي اقتداري ڌر يا اقتدار کان ٻاهر واريءَ ڌر جي ايجنڊا ٿيڻ گهرجي. Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it. Website: www.drpathan.com