توبن جاني! هيءُ جهان

”رانول تنهنجا رنگ هزار“

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

ملڪي حالتون جيئن گهونگهٽ لاهين ۽ مٽائين ٿيون، جيئن سياست سانڍي جيان رنگ بدلائڻ شروع ڪيا آهن، انهن حالتن ماڻهن کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي هر ڪو جهڙوڪ اهڙي انتظار ۾ ويٺو آهي ته اڄ ڪي سڀان ڪجهه نه ڪجهه ٿيڻ وارو آهي. اجهو ٿو آسمان ڪري ۽ اجهو ٿي ڌرتي ڦاٽي. ڪي ماڻهو منجهي پيا آهن ۽ ڪي ماڻهو  اکيون ڦاڙي ڪنهن اوچتي تبديليءَ جو انتظار ڪرڻ لڳا آهن.

پر، جادوءَ جي هن سياسي نگريءَ جا رنگ ئي نرالا آهن. ائين نه ٿيندو، جيئن اسان سوچي رهيا آهيون. ڪنهن پارٽيءَ جون پاڙون ڪو نه پٽبيون، ڪن سياستدانن جي سسي نه وڍي ويندي. بس هي دهمان آهي، ماڻهن کي مشغول رکڻ لاءِ، پنهنجي پنهنجي سياسي چال کيڏڻ لاءِ. عام ماڻهو ته عام ماڻهون جو جاني دشمن ٿي سگهي ٿو،  هڪٻئي کي ڳاري ۽ ماري سگهي ٿو، ليڪن سياستدان سياستدان ئي ٿيندا آهن. ڀلي دنيا وڙهي ڍينگو ڍيري ٿي وڃي، پر سياستدان بلاشبه ڀڀڪين تي ڀڀڪيون ڏيندا. هڪٻئي جي پٽڪن ۾ به هٿ وجهندا، پر هڪٻئي جا جاني دشمن نه ٿيندا. هڪٻئي کي اقتدار کان پري رکڻ جي ضرور ڪوشش ڪندا. ڪجهه ڪنهن جي هٿن مان کسي وٺندا. پر هڪٻئي سان دشمني ڪري، پنهنجي پيري تي ڪهاڙو ڪو نه هڻندا.

ملڪ ۾ جيڪو وهي واپري رهيو آهي، اها ڪا نئين تبديليءَ جي نويد ڪانهي. پر اهي سياسي دهل ۽ شرنايون آهن، جيڪي اسان ملڪ جي قيام کان ٻڌندا پيا اچون. اهي وڄندا اچن ٿا ۽ وڄندا رهن ٿا. اسان کي اهي ٻڌي نه ته تاڙيون وڄائڻيون آهن ۽ نه وري هنبموشي هڻڻي آهي. ڇو ته اهو ئي ٿيندو جيڪي اقتدار ڌڻي ۽ اقتدار کان ٻاهر سندن ڀائر سوچي رهيا آهن. هيءَ سياسي بازيگري ۽ سياسي جادوگري آهي، جيڪا عوام جي سوچڻ جي نه لوچڻ جي.

هي حالتن جي تبديلي نه آهي، پر حالتن کي پنهنجي وس ڪرڻ، اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيواري ڪرڻ يا اقتدار مان ڀاڱي وٺڻ جي بازي آهي. اقتداري ڌر سدائين وتائي فقير جيان اهو چاهيندي آهي ته امڙ سيون پچائي مري وڃي ته مان سموريون سيون کائي وڃان. اهڙيءَ ريت اقتداري ڌر اهو چاهيندي آهي ته اها کائڻ ۽ کارائڻ ۾ ايترو آزاد هجي جو ڪو ٻيو سندس نانءُ ئي نه وٺي.

پاڪستان جي تاريخ ۾ جڏهن وڻ وڻ جي ڪاٺي گڏجي افهام تفهيم، ڇڏ ته ڇڏيانءِ ۽ اچو ته واريءَ واٽيءَ سان کائون جو سياسي معاهدو ڪيو، ته ان کانپوءِ ڀلي طوفان اچن ۽ ائين لڳي ته اجهو ٿا ته سياستدان هڪٻئي جا ڄنڊا پٽن، پر اهو فقط دهمان هوندو ۽ ان پٽيان ڪورن ۽ ڀانڊن واري ويڙهه ڪا نه هوندي.

ملڪ تي ملڪ جڙڻ کان اڳ ۽ پوءِ جيڪي اقتدار ۾ آهن ۽ اقتدار ۾ نه هوندي به اقتدار کان پري نه آهن، انهن کي به انهن جي مفادن کي ۽ انهن جي اقتدار کي ڪو خطرو ڪونهي. بنهه ائين حالتن کي به ڪو خطرو ڪونهي. ها، جيڪڏهن خطرو آهي ته عوام کي، جنهن کي رانولن جي رنگ سالن کان منجهائي رکيو آهي ۽ اڳتي به منجهائي رکندو. اها صورتحال تيستائين رهندي جيستائين عوام ڏاڍي خلوص، عقيدت ۽ محبت سان پنهنجو سيس نمائيندو رهندو ۽ سوچڻ ۽ لوچڻ جي ۽ ڪنهن تبديلي آڻڻ جي ڪوشش نه ڪندو. ان وقت تائين جيڪي سندس حاڪم آهن اهي هن جا حڪمران ئي رهندا، پوءِ جيڪڏهن ”ادي مئي ته ادو ڄمي پوندو“. ماڻهوءَ مٽ ٿيندي، منڍي مٽ ٿيندي پر حالتن جي مٽ نه ٿيندي.

 

Good Wishes