تون بن جاني! هيءُ جهان

”الطاف جي عافيت پاڪستان ۾ ئي آهي“

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

ڳالهه ڪندا آهن ته ڪو مسلمان پنهنجي هندو دوست سان ملڻ ويو. هن ڏٺو ته سندس يار جو ٻار گهر ٻاهران ليٿڙيون پيو پائي. دوست پاڻ ۾ مليا ته پهرين ڳالهه ٻار جي نڪتي. ڪاڪي وڏي اطمينان سان جواب ڏنس ته ”هندوءَ جو ٻار آهي، ڪو نه ڪو مقصد ضرور هوندس. ائين مفت ۾ ليٿڙيون ڪو نه پائيندو.“ سو انهيءَ مصداق ايم ڪيو ايم جي ابي وقت به وقت جي قلابازيون پئي کاڌيون آهن، ڪڏهن سياستدانن کي به گهٽ وڌ ڳالهائي، ڪڏهن حڪمرانن کي پيو اکيون ڏيکاري، ڪڏهن فوجين خلاف پيو ڳالهائي ته ڪڏهن وڏيرن خلاف پيو رڙيون ڪري. سندس هڪ هڪ جملو ۽ واري وٽيءَ سان ائين ڳالهائڻ مقصد ۽ مطلب سان آهي.

اسان ماڻهو سادڙا ۽ سٻاجهڙا هر ڳالهه کي پنهنجي نفرت ۽ محبتن جي ترازوءَ ۾ توراينداسين. الطاف وڏيرن کي گهٽ وڌ ڳالهائي ٿو ته اسان مان ڪيترا هن جي عظمت کي سلام ڪرڻ لاءِ ڪنڌ نمائي ڊاڙ هڻن ٿا.خوش ان ڪري ٿا ٿيون ته وڏيرن اڳيان اسان جي دال نه ٿي ڳري ۽ ٻيو ڪو به انهن خلاف ڳالهائي ٿو ته اسان جون مڇون ڦڙڪڻ لڳن ٿيون. اهڙا رويا ڪنهن جي جملن ۽ بيانن جي سائنسي بنيادن واري تشريح يا معاملي فهمي نه چئبي.

الطاف جي طوفاني بيان بازيءَ جو وڏو روحاني راز آهي. حقيقت اها آهي ته همراهه برطانيه ۾ مني لانڊري ۽ ٻين ڪيسن ۾ اهڙو ته ٻه ٽنگو ڦاسي پيو آهي، جو اتي رهڻ هن لاءِ ۽ هن جي سياسي ساک پت لاءِ هاڃيڪار ٿي پيو آهي. برطانيه ڪو مسلمانن جو ملڪ ڪونهي، پر انهن جو عدل ۽ انصاف هندستان ۾ به اهڙو هئو جو ماڻهو اڄ به چوندا آهن ته ”انگريز شينهن ٻڪريءَ کي گڏ چاري ويو.“ اڄ به ڪنهن کي انصاف نه ملندو آهي ته چوندا آهن ته ”ڪونهي ڪو ملڪ ۾ راڻو راڻي“. سو الطاف ڀائي انهيءَ راڻي ۽ راڻيءَ جي جي ملڪ ۾ هلڙبازي ڪري عدالتن ۽ اتان جي حڪمراني تي زور بار وجهي پنهنجا من-پسند فيصلا ڪرائي نه ٿو سگهي. اهي ڳالهيون هن لاءِ هتي پاڪستان ۾ نه فقط ممڪن آهن پر آسان به آهن. هن جي پارٽيءَ سالن کان وٺي ڪراچيءَ جو امن امان يرغمال ڪري رکيو آهي. هتي ٽارگيٽ ڪلنگ به آسان آهي ته ٽارچر سيل به موجود آهن. سڀني چواڻيءَ ته هن وٽ هڪ غيرقانوني مگر دهشتگردن جي منظم کيپ موجود آهي. ان ڪري الطاف جيڪڏهن پاڪستان ۾ آيو ته هو پنهنجي جان بچائي سگهي ٿو ۽ وڃائيندر سياسي ساک بحال ڪري سگهي ٿو. ان ڪري همراهه هر هڪ تقرير ۾ آپي کان نڪري وڃي ٿو ته جيئن پاڪستان حڪومت کي چيڙائي، پاڻ ٻڌرائي اچي هتي پڌاري ۽ پوءِ هن جا سورنهن آنا سون جا ٿي وڃن.

شايد هتان جون سياسي ڌريون به همراهه کي ڄاڻي ويون آهن. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن کي ڪاوڙ اچي ٿي ۽ الطاف خلاف سخت بيان ڏئي ٿو. باقي خير!

الطاف جي دونهان دار بيانن مان هن جي عوام دوستي ۽ وطن سان حب جا پتا پڌرا ٿيندا وڃن ٿا. اها چڱي ڳالهه آهي ته ماڻهن کي خبر پئي ته جن کي پوڄا جي حد تائين چاهيو ٿو وڃي، انهن جا اصلي افعال ۽ پرڪار ڪهڙا آهن؟

اسان سنڌ واسي ههڙن بيانن ۽ حالتن تي اجائي جهمر نه وجهون. سياست شطرنج جي چال آهي. جن کي اسان قائد، هادي ۽ رهبر چئون ٿا، اهي پاڻ ۾ اصل وڙهيل نه هوندا آهن. اهي پاڻ ۾ رسندا پرچندا به ڪو نه آهن. مڙئي ماڻهن کي وڙهائڻ ۽ بي وقوف ڪرڻ جي هيءَ راند آهي ۽ اها راند انهن اڳواڻن لاءِ نه فقط جائز آهي، بلڪه سندن ذهانت ۽ صلاحيت جي نشاني آهي. ان ڪري پاڻ کي ڪهڙي خبر ته الطاف ۽ سندس قد ڪاٺ وارا پاڪستاني سياستدان ڪڏهن ٿا پاڻ ۾ پرچي پون. هو پرچي پوندا ته به اسان کان ڪو نه پڇندا، ۽ جي سياسي چالبازيءَ ۾ هڪٻئي جي پٽڪي ڊاهڻ جون ڳالهيون ڪندا ته ان ۾ ڪڏهن به هڪ ٻئي تي ناراض نه ٿيندا، ان ڪري اسان ڇو هڪٻئي سان ناراض ٿيون؟ ناراض ٿيڻ بدران اها ڳالهه ذهن ۾ رکون ته همراهه برطانيه ۾ ڪا مفت ۾ جهمر نه ٿو هڻي، پر انهيءَ جهمر جو کيس معاوضو ملي ٿو يا نه؟ اهو حالتن تي ڇڏي سگهجي ٿو.

 

Good Wishes