CHRONOLOGY ON LIFE & ACHIEVEMENTS OF ALLAMA I.I.KAZI

علام آءِ . آءِ قاضي جي سوانح ۽ خدمتن جو خاڪو ڪرانالاجي جيروشني ۾ .

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

تعارف. علامه آءِ . آءِ . قاضي اسان جي ڏيھ جو ڏاهو انسان هو . هنپنهنجي حياتيءَ جو هڪ هڪ پل علم کي عام ڪرڻ ۾ صرف ڪيو . سندس انهي امر ڪهاڻي جيابتدا “مبلغ” جي صورت ۾ ٿي ۽ پڄاڻي “معلم” جي حيثيت سان ٿي .

سنڌ جي وڏن انسانن جيان پاڻ سچو سيلائي پڻ هئو . کين ديسپرديس گهمڻ ۽ ڏسڻ جو موقعو مليو . انهيءَ حوالي سان سنڌ ۽ انگلينڊ کي خوب ڏٺائون .هنن ئي ملڪن ۾ رهيا ، پڙهيا ۽ پاڙهيائون . درس وتدريس جي سلسلي ۾ پهريون “تعليمڌارين لاءِ” جي اصول کي قائم ڪندي ، لنڊن ۾ تبليغ جو مرڪز قائم ڪيائون ، سندن انهيجذبي جو محرڪ برنارڊشا جي تحرير بڻيو . وري سنڌ جي حالتن کين انهي ڳالهه تي مجبورڪيو ته پاڻ خاص طور ته مسلمانن ۾ ديني ۽ دينوي تعليم کي عام ڪن . سندن انهي سوچپٺيان سنڌي عوام جي غربت ۽ جهالت ، مٿيئن طبقي جي بي حسي ۽ حڪمران طبقي جي پرماريتاهم ڪارڻ ٿيا . علامه مرحوم علم کي علم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي هلنديءَ پڄنديءَ وارن ۾اميدون رکيون . اتان موٽ نه ملڻ تي سنڌ مدرسي ۾ ملازمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون . هتيبه ڪجهه نه ٿيو ته پنهنجي گهر ۾ خانگي طور تي تعليم ڏيڻ شروع ڪيائون ۽ ائين مايوسٿيڻ بدران هر موقعي کي غنيمت ڄاڻي علم کي عام ڪندا رهيا . پر جڏهن کين سنڌ يونيورسٽيءَجهڙو ادارو مليو ته پنهنجي محبت ۽ محنت ، لياقت ۽ صلاحيت جي پالوٽ ڪري ڏيکاريائون.

علامه مرحوم “مبلغ” ۽ “معلم” جي حيثيت ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. ليڪن سندن نجي زندگيءَ تي ڪنهن قلم نه کنيو آهي . پاڻ ڪيتريون شاديون ڪيائون؟“ايلسا قاضي” جو داستان سنڌ جي ٻين رومانوي داستانن سان ڪهڙي هڪ جهڙائي رکي ٿو؟ هناهم سوالن تي ته اڃا تفصيل سان روشني وجهڻ جي ضرورت آهي .

علامه مرحوم اهل علم کان سواءِ اهل قلم پڻ هو . سندن ڪتابن۽ مقالن کان سواءِ اڻ ڳڻين خطن ۽ خطبن جو خزانو اڃا عوام جي اڳيان ڪونه آيو آهي .پاڻ ڪنهن ڪنهن ڏانهن “قرب ناما” موڪليائون ۽ ڪيتريون جمعن تي نمازون پڙهائي خطباڏنائون؟ محققن کي اها معلومات پڻ گڏ ڪرڻي آهي . خوش قسمتي سان انهي معلومات جاذريعا ۽ وسيلا اڃا موجود ۽ محفوظ آهن ان کان سواءِ پاڻ جن ادارن ۾ تعليم حاصل ڪيائوناهو رڪارڊ پڻ موجود آهي. “سنڌ يونيورسٽيءَ” جي رڪارڊ مان سندن علم کي عام ڪرڻ جوناهم ڪوششون نمايان ڪري سگهجن ٿيون . اهو سمورو ڪم منظم تحقيق کان سواءِ ڪري نه ٿوسگهجي .

اميد ته انهي ڏس ۾ “علامه آءِ . آءِ . قاضي ميموريل ڪاميٽي”پاڻ ملهائيندي .

هن موقعي تي جڏهن “پاڪستان اسٽڊي سينٽر” سنڌ يونيورسٽيءَ جيباني ۽ محسن جي ياد رکي تازي ڪرڻ لاءِ سيمينار سڏائڻ جو فيصلو ڪيو ته انهي سلسلي ۾20 مارچ 1989 ع تي پاڪستان اسٽڊي سينٽر جي ڊائريڪٽر ۽ سيمينار ڪاميٽيءَ جي ڪنوينر حڪم ڪيو ته سيمينار ڪاميٽيءَ جي سيڪريٽريءَ جيحيثيت ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي ڪم ۾ هٿ ونڊايان . محترم پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفار جوڻيجي ۽اسان ٻنهي کي گڏجي سيمينار ، ان جي پبلسٽي ۽ پلاننگ، سووينئر ان جي مواد جي ميڙيچونڊي ۽ ترتيب ، نمائش جي اهتمام کان وٺي اشتهارن جي حصول لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪريڪم ڪرڻو پيو . انهي مصروفيت دوران هڪ ڏينهن جي مهلت ملي ته پنهنجي ميڙي چونڊي کياڳيان رکي هئي ڪرانالاجي تيار ڪئي اٿم ، جيڪا اڌوري ۽ اڻپوري هوندي به علامه مرحومجي سوانح ۽ خدمتن جو خاڪو پيش ڪري ٿي . انشا الله تعالي مٿي ذڪر ڪيل علامه مرحومجي سوانح ۽ خدمتن جي ٻين پهلوئن تي پڻ هن کان پوءِ تحقيق ڪري ، پڙهيندڙ اڳيان جامعڪرانالاجي پيش ڪئي ويندي .

NOTE: YEAR AND DATE IS GIVEN ON LEFT SIDE, WHEREAS, MONTH IS GIVEN IN SINDHI AND ON RIGHT HAND>

1886 (9 )اپريل)  علامهآءِ . آءِ .  قاضي جي پاٽ ، ضلعي دادو ۾ولادت ٿي .

1891  علامه مرحومآخوند ميان عبدالعزيز وٽ ابتدائي تعليم وٺڻ شروع ڪئي .

1902  علامه مرحومکي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو علامه مرحوم صوفي فقيرن جي صحبت اختيار ڪئي . جن مان احمدفقير ٿيٻو خاص اهميت رکي ٿو .

1904  علامه مرحومخانگي طرح سنڌي فائينل جي تياري ڪري ، امتحان ڏنو . هن امتحان ۾ فارسي زبان ۾پهريون نمبر کنيائين .

1904 علامه آءِ . آءِ . قاضي ٻن مهينن لاءِ سنڌ مدرسي جيشاگرد ٿي رهيو .

انهي عرصي دوران پاڻ پرنسپال وائنس جي بنگلي جي هيٺئن حصي ۾رهيو

1905 بمبئي يونيورسٽيءَ مان خانگي طرح مئٽرڪ جو امتحان پاسڪيائين .

1906 اعلي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ علي ڳڙھ ڪاليج پڙهڻ ويو، پرڪجهه عرصي بعد اتان واپس هليو آيو.

1907 اعلي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ انگلينڊ هليو ويو.

1909 علامه مرحوم لنڊن جي اسڪول آف اڪنامڪس ۾ داخلا ورتي ۽ڊاڪٽر ڪئنن وٽ پڙهيو . ساڳي وقت ڪنگس ڪاليج ۾ ڊاڪٽر برائون وٽ نفسيات جي تعليمورتي ۽ ڊاڪٽر آرنولڊ کان فلاسافي پڙهيو .

1910 علامه صاحب جي ملاقات ايلسا سان ٿي ۽ ساڻس شادي ڪيائين.

1911 علامه مرحوم“لنڪن ان” مان بار ايٽ لا جي ڊگري حاصل ڪئي۽ ان بعد وطن واپس وريو .

1913 (16 مارچ) علامه مرحوم جي گهرڌياڻي ايلسا قاضي عيد جيموقعي تي پنهنجي سهري قاضي امام علي کي لنڊن مان عيد مبارڪون موڪليون .

1915 علامه مرحوم يورپ دورو ڪيو . انهي سفر دوران اٽلي ۽جرمني پڻ ويا . پاڻ 1919 ع تائين ٻاهر رهيا .

1920 (ڊسمبر) “سنڌ زميندار” سکر اخبار ۾ علامه مرحوم جو“ڀائرو، جاڳو، پر براءِ خدا ڪر ٿورا موڙي” جي عنوان سان مضمون شايع ٿيو .

1921ٽنڊي محمد خان ۾ ماجسٽريٽ مقرر ٿيا .

1922 (1 اپريل) علامه مرحوم خيرپور رياست ۾ ڊسٽرڪٽ ائنڊسيشن جج مقرر ٿيو . پاڻ هن عهدي تان آگسٽ 1927ع ۾ دستبردار ٿيا .

 1923 (نومبر) علامه مرحوم جي گهرڌياڻيمادام ايلسا قاضي خيرپور ۾ مير علي نواز نازجي هڪ غزل جو انگريزي ۾ منظوم ترجموڪيو .

1924 ع انگلينڊ جي پوئٽري سوسائٽي مخزن “دي پوئٽري رويو” ۾علامه مرحوم “مشرقي شاعري” جي موضوع تي مقالو شايع ٿيو. هن مقالي جي قدردانيءَ طورکين سوسائٽيءَ جو نائب صدر مقرر ڪيو ويو ، جيڪو عهدو پورا پنجويهه سال ماڻيائون .

1924 علامه آءِ . آءِ . قاضي جي ڪوشش سان خيرپور ۾“پوئريسوسائٽي” قائم ٿي جنهن کان پوءِ ان جون شاخون لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد ۾ به قائم ٿيون .

1925 (28) جون) مير علي نواز خان لاهور جي اقبال بيگ عرفبالي سان شادي ڪئي . محترمه ايلسا قاضي ۽ بالي جي وچ ۾ دوستيءَ وارو رشتو قائم ٿيو.

1925 (11 )سيپٽمبر) “پوئٽري سوسائٽي” جي حيدرآباد شاخ جيگڏجاڻي شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي صدارت هيٺ ٿي جنهن ۾ علامه مرحوم ۽ سندسگهرڌياڻي شرڪت ڪئي .

1926 ( 23) اپريل) پوئٽري سوسائٽي لاڙڪاڻه شاخ طرفان مشاعروٿيو جنهن ۾ شمس العلماءَ قليچ بيگ، علامه مرحوم ۽ سندس گهرڌياڻي شرڪت ڪئي.

1926   کين خيرپوررياست جي ايزيڪيٽو ڪائونسل جو هوم ميمبر مقرر ڪيو ويو .

1927 علامه آءِ . آءِ قاضي ۽ مير علي نواز خان ناز جي وچ ۾پوليس ناظم شيخ حفيظ الله غلط فهميون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي . جنهن جي نتيجي ۾ کيسپنهنجي نوڪريءَ مان هٿ ڌوئڻا پيا .

1927  (31-) آگسٽ) علامه صاحب خيرپور رياست جي نوڪريتان دست بردار ٿيو . پاڻ اتي ڊسٽرڪٽ ائنڊ سيش جج کان سواءِ رياست جي ڪائونسل جاهوم ميمبر پڻ هئا .

1927 علامه مرحوم انگلينڊ جو دورو ڪيو هن دوري دوران “ديفلاسافر” رسالي ۾ ڪنهن محترمه جو “فلسفي ڪير آهي” جي عنوان سان شايع ٿيل مضمونپڙهيائون جنهن تي پوءِ تنقيد ڪيائين .

1927 علامه مرحوم لنڊن ۾ اسلامي تبليغ جو ڪم شروع ڪيو ۽ انسلسلي ۾ ايسٽ اينڊ ۾ هڪ مرڪز کوليائين . هن مرڪز ۾ لڳاتار ٻه سال ڪم ڪيائين .

1928 لنڊن اسڪول آف اورينٽل اسٽڊيز ۾ استاد ۽ ممتحن جيحيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائين. 

1928 فلاسافيڪل سوسائٽي انگلينڊ جي مخزن “دي فلاسافر” جيجولاءِ ، سيپٽمبر پرچي ۾

“فلاسافرڪير آهي؟ ” جي عنوان سان تنقيدي خط شايع ٿيو . هنخط جي بنياد تي ئي کين فلاسافيڪل سوسائٽيءَ صوفيا ۾ ٻيهر شايع ڪيو ويو .

1929 (1-) جنوري) علامه مرحوم مختلف سنڌي اڳواڻن ڏانهن نئينسال جون مبارڪون موڪليون .

1929 (13-)مارچ) علامه مرحوم رمضان شريف جي عيد ملهائي ۽انهيءَ موقعي تي خطن ذريعي پنهنجي دوستن احبابن کي عيد مبارڪون موڪليون .

1929 (20) مئي) علامه مرحوم پنهنجي وطن ۾ حج جي عيد ملهائي ۽ان موقعي تي پنهنجن دوستن احبابن کي خطن ذريعي عيد مبارڪون موڪليون.

1929 حيدرآباد ۾ وڪالت شروع ڪيائون ۽ کين حيدرآباد  ضلعي جو پبلڪ پراسيڪيوٽر مقرر ڪيو ويو.

1929 (1) جولاءِ) ڪراچي جي ٿياسافيڪل هال ۾ “ڪردار” جي موضوعتي علامه مرحوم ليڪچر ڏنو .

1929 (18 آگسٽ) “دي سنڌ هيرالڊ” جي “پيغمبر نمبر” ۾ علامهمرحوم جو “ڪردار” جي موضوع سان ليڪچر شايع ٿيو . جيڪو پاڻ هن کان اڳ ٿياسافيڪلسوسائٽي ۾ ڏئي چڪا هئا .

1929 ( 5-) سيپٽمبر) علامه مرحوم ڪراچيءَ ۾ وڪٽوريا روڊ جيبنگلي نمبر 4 ۾ رهيو .

1929 ( 6)- سيپٽمبر) ڊي . جي سنڌ ڪاليج ۾ ڪلچرل شو ٿيو .جنهن جي صدارت علامه مرحوم جي گهرڌياڻي صدر ايلسا قاضي ڪئي .

1929 ( آڪٽوبر) سنڌ جي فرقيوارنه ماحول ۽ حالتن تي علامهمرحوم ڏکوئجي مسئلي جي حل لاءِ ويچارڻ شروع ڪيو ، ۽ خاص طور تي انهيءَ ڳالهه تيتوجهه ڏنائين ته ڪنهن نه ڪنهن طرح سنڌي مسلمان مطالعي ، مشاهدي ۽ تجربي جي بنيادتي پاڻ کي ڪارائتو انسان بڻائي حالتن جو مقابلو ڪري .

1929 ( 5-) آڪٽوبر) “سنڌ هيرالڊ” جي هن پرچي ۾ ايڊيٽر هندو مسلم فرقيواريت کي هوا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي .اها ڳالهه علامه مرحوم کي پسند نه آئي جنهن جو اظهار پنهنجي خط وڪتابت ۾ ڪيائون .

1929 ( 7)- آڪٽومبر) علامه مرحوم سيد غلام مرتضي شاھ سنائيڏي خط لکي کيس “پرائمر آف پاليٽڪس” ڪتاب پڙهڻ جو تاڪيد ڪيو ۽ سندس توجهه “ سنڌهيرالڊ جي 5 – آڪٽوبر واريپرچي ۾ شايع ٿيل مسلمان ڪارڪن بابت رمارڪ طرف ڇڪرايو علامه مرحوم انهي ڏينهن تي ڪراچي۾ قيام پذير هئو .

1929 ( 17)- ڊسمبر) علامه مرحوم جو حيدرآباد ڪئنٽونمينٽ واريبنگلي نمبر 4 ۾ قيام پذير هئڻ جو پتو پئي ٿو . انهي تاريخ تي پاڻ خط وڪتابت پڻڪيائون .

1929 ( 26-) ڊسمبر) علامه مرحوم حيدرآباد مان مختلف سنڌياڳواڻن سان خط وڪتابت ڪئي ۽ سندن توجهه سنڌي عوام جي غربت ۽ جهالت طرف ڇڪرايو . هنخط لکڻ کان اڳ ڪيترا دفعا پاڻ آس پاس جي ڳوٺن ۾ ويندو رهيو ۽ حالتن کي ڏسندو عوامسان ملندو رهيو .انهيءَ تاريخ تي لکيل خط ۾ پئسن گوئي ڪري ٿو جيڪڏهن حالتون نهبدلايون ويون ته ويهن سالن اندر تباھ ڪن نتيجو نڪرندو .

1930 ( 13) فيبروري) اڍائي مهينن کان غربت ۽ جهالت واريونحالتون ڏسي ، سنڌي مسلمان ڌن –ڌڻي ۽ اڳواڻ طبقيجي بي بسي کي محسوس ڪري علامه مرحوم هفتيوار اخبار ڪڍڻ جو خيال ڪري چڪو هو .انهيءَسلسلي ۾ هن تاريخ تي حيدرآباد مان ڪن ماڻهن سان خط وڪتابت ڪيائين .

1930 ( 3)- مارچ) علامه مرحوم رمضان شريف جي عيد ملهائي ۽ انموقعي تي پنهنجن دوستن احبابن کي پڻ خطن ذريعي عيد مبارڪون ڏنيون .

1930 (14) – اپريل) همشيرهجي نياڻيءَ جي بيمار ٿي پوڻ ڪري علامه مرحوم جن حيدرآباد ۾ ئي موجود رهيا . اتيکين معلوم ٿيو ته سنڌ جو ڪمشنر “ينگ ڪرشچن ائسوسيئيشن” جي سرپرستي ڪري ٿو . کيناحساس ۽ خيال پيدا ٿيو ته جيڪڏهن مسلمانن طرفان کيس سرپرستيءَ جو سڏ ڏنو وڃي ۽شايد هو قبول نه به ڪري مسلمانن جي اهڙي نڌڻڪائي کيس خط وڪتابت ذريعي حال اورڻ تيمجبور ڪيو .

1930 ( 10 )مئي) علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ ان موقعي تيپنهنجن دوستن احبابن کي خطن ذريعي عيد مبارڪون موڪليون .

1930 ( 30) – سيپٽمبر) ڪراچي۾ محمد علي جناح کي دعوت ڏئي سنڌي مسلمان اڳواڻ سان “سنڌ جي بمبئي کان علحدگي”واري مسئلي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي . هي گڏجاڻي سيد غلام مرتضي شاھ جي بنگلي تي ٿي، جنهن ۾ علامه مرحوم پڻ شرڪت ڪئي .

1930 (21 نومبر) ڪراچيءَ ۾ سنڌي مسلمان اڳواڻن ۽ دانشورنجي گڏجاڻي ٿي ته جيئن انگريزي اخبار جي اجرا لاءِ سوچ ويچار ڪري سگهجي ، علامهمرحوم هن گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي .

1930 (ڊسمبر) جنگشاهيءَ “اڪبر آشرم” ٺاهڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ان سلسلي ۾ علامه مرحوم جي رهبري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين .

1931 ( 1) جنوري) نئين سال جي موقعي تي علامه مرحوم سنڌ جيڪيترن ئي اڳواڻن کي خطن ذريعي نئين سال جون مبارڪون موڪليون .

1931 ( 5)- جنوري) ريلوي ذريعي علامه حيدرآباد کان دادو ويا۽ انهيءَ ڏينهن وري اتان واپس ٿيا . لڪي ڀڳي ٽوڙي جي پر لطف نظاري کين متاثر ڪيو ،جنهن جو اظهار خط و ڪتابت ۾ ڪيائون .

1931 ( 7) جنوري) علامه مرحوم نئين سال جي موقعي تي جن ماڻهنکي مبارڪون موڪليون هيون ، تن جي کين موٽ نه ملي ، ان ڪري خطن ذريعي موٽ نه ڏيڻواري ڳالهه تي تعجب جو اظهار ڪيائون سنڌي مسلمان سياستدانن کي “سياسي علم” حاصلڪرڻ ۽ وڌيڪ مطالعي ڪرڻ لاءِ جيڪا اڳ ۾ علمي ۽ قلمي تحريڪ هلائي چڪا هئا . ان سلسلي۾ محترم جي . ايم سيد ڏانهن “روم جي مختصر تاريخ” ۽ افلاطون جو “ريپبلڪ” ڪتابموڪلي ڏنائون .

1931 ( 9- فيبروري) علامه مرحوم طرفان اڄوڪي تاريخ ۾ لکيل خط  مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ ڪو رسالو جاري ڪيوهيائون . جنهن جا فقط ٽي پرچا نڪري سگهيا . هن خط جي پڄاڻي ۾ لکن ٿا ته “افسوس اهواٿم ته مونکي سنڌي مسلمانن جي ٻڏندڙ قوم جي بچائڻ لاءِ ڪو رستو ڏسڻ نه ٿو اچي ڪاشهي وڏا زميندار سندن ذاتي مفاد کي ڪجهه پاسيرو رکي ، قوم لاءِ ڪجهه ڪندا .”

1931 ( 20- فيبروري) علامه مرحوم رمضان شريف جي عيد ملهائي۽ ان موقعي تي پنهنجن دوستن احبابن کي خطن ذريعي عيد مبارڪون ڏنيون .

1931 (20 – فيبروري) معلومٿئي ٿو ته علامه مرحوم شاھ لطيف جي ڪلام جو تفصيلي مطالعو ڪري رهيو هو . ان ڪري خطوڪتابت ۾ پڻ لطيف سائين جا بيت حوالن ۾ شاهدن طور ڏيڻ شروع ڪيائين اڄوڪي تاريخ ۾لکيل هڪ خط ۾ راءِ قائم ڪئي اٿن ته ساڌو وسواڻي کي هندو موٽ ڏئي رهيا آهن ، مگر هوپاڻ جيڪڏهن اهڙي ريت تعليم ۽ تبليغ جو ڪم شروع ڪندو ته کين مسلمانن وٽان اهڙي موٽنه ملندي .

1931 (مارچ) مهيني جي آخري هفتي ۾ علامه مرحوم جن سنڌ مانپرڏيهه لاءِ روانا ٿي ويا .

1931 (31 – مارچ) علامهمرحوم انگلينڊ ڏانهن ويندي سيئز واھ پهتو . جتان پڻ سنڌ جي اڳواڻن مان ڪن خاصاڳواڻن سان خط وڪتابت ڪيائين .

1931 (29 – اپريل) علامهمرحوم حج عيد ملهائي ۽ ان موقعي تي خطن ذريعي پنهنجن دوستن احبابن کي عيد مبارڪونموڪليون .

1931 (مئي) مئي جي شروعات تاريخن ۾ علامه مرحوم لنڊن پهچيويو . جتي اولڊ براڊ اسٽريٽ اي . سي جي گهر نمبر 22 ۾ رهيو .

1931 (14) – مئي ) علامهمرحوم خط لکي اها خواهش ظاهر ڪئي ته هن ۾ جيڪڏهن کين تبليغي ۽ تعليمي مرڪز قائمڪرڻ ۾ مدد ڏني وڃي ته هو انهيءَ مقصد لاءِ وطن واپس موٽڻ لاءِ تيار آهي . پر پاڻاها راءِ قائم ڪري چڪا هئا ته ٿيا سافسٽن سان گڏجي اهڙو ڪم نه ڪندا ڇو ته اهيپنهنجي نظريئي کي هڪ نئون قومي ۽ دستوري فرقو بنائڻ گهرن ٿا .

1931 (15)– مئي ) علامهمرحوم ڄيٺل پرسرام جي انهي تجويز جي مخالفت ڪئي ته سنڌي صورتخطيءَ کي اهميت ڏيڻ نهگهرجي . علامه مرحوم راءِ ڏني ته لفظن جي صورتخطي بدلائڻ سان انهن جي معني بدلجيويندي .

1931 (21) – مئي ) علامهمرحوم انگلينڊ مان خط لکي سيد غلام مرتضي شاھ کي پنهنجي انهي خواهش کان ٻيهر تفصيلسان ٻڌائڻ گهريو ته پاڻ سن ۾ جيڪو تدريسي ۽ تبليغي مرڪز قائم ڪرڻ گهري ٿو . ان جوسيد صاحب جي مصروفيتن ۽ مالي ذريعن تي اثر نه پوندو

1931 ( 13 )– آگسٽ) علامهمرحوم انگلينڊ مان سيد غلام مرتضي سنائي ڏي خط لکي اڳ ۾ 21 جولاءِ واري خط جي موٽموڪلڻ جو تاڪيد ڪيو .

1931 ( 9-) سپٽمبر) علامه مرحوم انگلينڊ مان سيد غلام مرتضيسنائي ڏي خط لکي يادگيري ڏياري ته هن وٽان کيس 21 جولاءِ واري خط جي جوڳي موٽ نهملي آهي ، ان ڪري کيس ٻڌايو وڃي ته شاھ صاحب پنهنجي ڪيل وعدي تي قائم آهي يا نه ؟شاھ صاحب اهو وعدو ڪيو ته علامه مرحوم کي سن ۾ تعليمي ۽ تبليغي تربيتي مرڪز قائمڪرڻ ۾ مدد ڪندو .

1931 ( 9-) آڪٽوبر) علامه مرحوم انگلينڊ ۾ مطالعي ۽ غور فڪر۾ مصروف رهيو ، ان جي جهلڪ سندس اڄوڪي تاريخ تي لکيل خط مان ملي ٿي . جنهن ۾“گرنٿ” ۽ قرآن شريف مان حوالا ڏنا اٿن . سيد غلام مرتضي ڏانهن لکيل اڄوڪي خط جيپڄاڻي هنن لفظن سان ڪري ٿو ته “مسلمان زميندار هر سال جيترو پيسو وڪيلن جي فين تيخرچ ڪري ٿو . ان مان وڏو ڪاليج هلي سگهي ٿو.

1931 ( 2 )– ڊسمبر) برطانيهجي وزيراعظم سنڌ کي جدا صوبي بنائڻ جو اعلان ڪيو علامه مرحوم اڄوڪي تاريخ تي سنڌجي ڪيترن اڳواڻن ڏي خط لکي نئين صوبي جي مستقبل ۾ تعمير ۽ هندو مسلم اتحاد جيمسئلن تي سندن خيال معلوم ڪرڻ گهريا .

1932 لنڊن جي اسڪول آف لينگويجز ۾ شيخ گوما ۽ پروفيسر ڊاڪٽرٽريٽن کان عربي ٻولي جي سکيا ورتائون .

1932 (27- جنوري) علامه مرحوم جي گهرڌياڻي مدرايلسا قاضيسيد غلام مرتضي شاھ ڏي خط لکي انهي ڳالهه تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ته “حڪمت مرڪز”جو قيام ۽ وطن واپسي جو بندوبست ٿي رهيو آهي .

1932  ( 9- فيبروري)علامه مرحوم رمضان شريف جي عيد ملهائي ۽ ان موقعي تي خطن ذريعي پنهنجي دوستناحبابن کي عيد مبارڪون موڪليون.

1932 ( 12- اپريل) مدر ايلسا قاضي سيد غلام مرتضي شاھ ڏي خطلکيو ، جنهن جي پڄاڻي هنن لفظن سان ٿئي ٿي “مون کي آرام ، شانتي، شعر ۽ دائميت جيحصول جي ضرورت آهي . مون کي هتي جي ڊانسنگ هالن جي جازي پيازن کان ڳوٺاڻي نار جوآواز وڌيڪ پسند ايندو.

1932 ( 12- اپريل) علامه مرحوم جي گهرڌياڻي مدر ايلسا قاضيلنڊن مان اي . ڪي. بروهيءَ کي خط لکيو جنهن ۾ فارسي بيت ته “ڪئين گل مٽيءَ کيخوشبو پهچائي ٿو” جي تشريح ڪئي.

  1932 ( 17- اپريل)علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ انهيءَ موقعي تي پنهنجي دوستن احبابن کي خطن ذريعيعيد مبارڪون موڪليون .

1932 ( 27- اپريل) علامه مرحوم انگلينڊ مان خط لکي سيد غلاممرتضي شاھ کي ٻڌايو ته هو ٻه ٽي مهينا ترسي پوءِ وطن واپس ٿيندا . انهيءَ خط ۾ڄيٺل پرسرام جي جيل پوڻ تي کيس خراج تحسين ڏيندي افسوس جو اظهار ڪيو اٿس ته سنڌ جامسلمان اهڙي قرباني ڏيڻ کان به ڪيٻائين ٿا .

1932 ( 22- آگسٽ) علامه انگلينڊ مان سيد غلام مرتضي شاھ ڏيخط لکي اها شڪايت ڪئي ته کين سندن خطن جي موٽ نه ٿي ملي . حاتم علوي ۽ شاھ صاحبکيس جواب نه ٿو ڏئي .

1932 ( 6- آڪٽوبر) ائين ٿو محسوس ٿئي ته علامه آءِ . آءِ .قاضي وطن واسين جي اڳواڻن جي سرد مهري ڏسي پنهنجي وقت کي انتظار ۾ وڃائڻ بدران ،انگلينڊ ۾ رهي تبليغ تربيت ۽ تدريس جو ڪم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪو هو . اهڙيتاثر هن تاريخ سيد غلام مرتضي شاھ ڏانهن لکيل خط مان ملي ٿيو .

1933 علامه مرحوم پنهنجي گهرڌياڻي سان گڏ انگريزي ۾“ايڊوينچر آف دي برائون گرل ان سرچ آف هر گاڊ” لکيائون . دراصل برنارڊ شاجي هڪڪتاب جو رد هو .

1933 انگلينڊ ۾ “جميعت المسلمين” جو پايو وڌائون ۽ اتياسلامي تبليغ شروع ڪيائون .

1933 ( 28)- جنوري) علامه مرحوم رمضان شريف جي عيد ملهائي ۽خطن ذريعي پنهنجي دوستن کي احبابن عيد مبارڪون ڏنيون .

1933 ( 6-) اپريل) علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعيپنهنجي دوستن احبابن کي مبارڪون موڪليون .

1934 ( 5-) جنوري) علامه مرحوم لنڊن ۾ جمعي جي نماز پڙهائي ۽خطبو ڏنو ، ۽ پوءِ هر هڪ جمعي تي نماز پڙهائيندا ۽ خطبو ڏيندا رهيا . اهو سلسلوآڪٽوبر 1934 تائين هليو .

1934 ( 27-) مارچ) علامه حج جي عيد لنڊن ۾ ملهائي ۽ ان موقعيتي وطن واسين مان ڪيترن ڄڻن کي عيد واڌايون موڪليائون .

1934 ( 21)- جون) معلوم ٿئي ٿو ته علامه مرحوم لنڊن ۾ جاءِمٽائي اولڊ براڊ اسٽريٽ جي گهر نمبر 28 ۾ رهڻ لڳو جتان هن تاريخ تي سيد غلام مرتضيشاھ ڏانهن خط لکيو اٿن ته “هاڻ اسان کي خط ڇو نه ٿو لکين؟” ڇا ، دنيا جا معموليمعاملا توکي اهڙو مشغول رکيو ويٺا آهن جو دوستن کي وساري ڇڏيو اٿئي .

1934 ( 6)- آگسٽ) علامه آءِ . آءِ . قاضي انگلينڊ مان سيدغلام مرتضي شاھ ڏي خط لکيو ته جيڪڏهن تون وعدو ڪرين ، هڪ مسجد، هڪ خانقاھ ، هڪليڪچر روم ۽ پنجاھ شاگرد ميسر ڪري سگهين ته آئون سڀاڻي ئي ايڏانهن هليو اچان .هنمهيني جي آخري تاريخن ۾ پاڻ ولايت ڇڏي سنڌ ڏانهن روانا ٿيا .

1934 ( 5)- ڊسمبر) علامه مرحوم سکر مان پنهنجي ساٿين سان خطوڪتابت ڪئي .

1935 (جنوري) علامه مرحوم ڪراچي پهتو ۽ برٽوروڊ جي گهر نمبر934 ۾ رهائش پذير ٿيو .

1935 ( 7- جنوري) علامه مرحوم رمضان جي عيد ملهائي ۽ خطنذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن کي مبارڪون موڪليون .

1935 ( 3-مارچ) علامه مرحوم جي ڪوشش سان ڪراچي ۾ “ انجمنتبليغ اسلام” جو اجلاس ٿيو .

1935 ( 16- مارچ) علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعيپنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليائين .

1935 (اپريل) شِخ عبدالعزيز ڪتابن شايع ڪرائڻ جو خيال ڪري ،علامه مرحوم سان صلاح مشورو ڪيو ۽ کين پاڻ سان شريڪ ٿيڻ جي گذارش ڪئي .

1935 ( 30- جون) سيد غلام مرتضي شاھ جي ڪوشش سان ڪراچي ۾سنڌي سياستدانن ، مدبرن ۽ دانشورن جي گڏجاڻي ٿي ۽ صوبي جي نئين انتظامي جوڙجڪ جيروشني ۾ نئين سياسي پارٽي ٺاهڻ لاءِ ويچار ڪيو ويو . هن گڏجاڻي ۾ علامه مرحوم پڻشرڪت ڪئي .

1935 ( 28- ڊسمبر) علامه مرحوم رمضان جي عيد ملهائي ۽پنهنجي دوستن احبابن ڏانهن خطن ذريعي مبارڪون موڪليون .

1936 ( 5- مارچ) علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعيپنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1936 ( 16- ڊسمبر) علامه مرحوم رمضان جي عيد ملهائي ۽ خطنذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1937 ( 22- فيبروري) علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهنمبارڪون موڪليون .

1937 ( 17- اپريل) علامه مرحوم لنڊن ۾ ئي موجود هيو ۽ هنتاريخ تي سنڌ جي مختلف اڳواڻن ڏانهن خط لکيائون ، جن مان سيد غلام مرتضي شاھ ڏانهنلکيل خط پڻ هڪ آهي .

1937 ( 5- ڊسمبر) علامه مرحوم رمضان جي عيد ملهائي ۽ خطنذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1938 هن سال جي شروعات ۾ علامه مرحوم لنڊن ڇڏي وطن واپسوريا .

1938 ( 11-فيبروري) پاڻ مسلم هاسٽل جي مسجد م جمعي جو خطبوڏنائون ۽ ائين لڳاتار هر هڪ جمعي تي خطبو ڏيندا رهيا .

1938 ( 12 – فيبروري) علامهمرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن عيد جو مبارڪونموڪليون .

1938 ( 3- مئي) علامه مرحوم جو ڪراچي ۾ رهڻ ثابت ٿئي ٿو ،پاڻ انهيءَ تاريخ تي خط وڪتابت ڪئي اٿائون معلوم ٿئي ٿو ته هن دفعي کين سنڌ مدرسي۾ وائيس پرنسپال ٿيڻ جو خيال پيدا ٿيو ليڪن مدرسي بورڊ اها ڳالهه منظور نه ڪئي .

1938 (16- جون) “سنڌ مدرسه بورڊ”  جي گڏجاڻي ٿي ، جنهن وائيس پرنسپال جي آساميڀرڻ لاءِ ويچار ڪيو ويو علامه مرحوم پڻ انهي آساميءَ لاءِ ڪوشش ڪئي هئي . ليڪن کينمايوس ڪيو ويو .

1938 ( 15- جولاءِ) سنڌ جا سياستدان ۽ اڳواڻ سنڌ اسيمبلي ۾جيئن سياست جي مٽي پليد ڪري رهيا هئا ، انهن ڳالهين کان متاثر ٿي ، علامه مرحوم هڪخط ۾ لکيو آهي اڳواڻ انهن هزارن ماڻهن کان بهتر ڪونه آهن جن کي هر سال 11 قلم هيٺبند ڪيو وڃي ٿو .

1938 ( آگسٽ) “ دي مسلم اسٽوڊنٽ” ڪراچي جي پرچي ۾ سندنانهيءَ خطاب جو متن شايع ٿيو ، جيڪو پاڻ هن کان اڳ ڪراچي جي فارسي ڪميونٽي کي ڪريچڪا هئا .

1938 ( 24- نومبر) علامه مرحوم رمضان جي عيد ملهائي ۽ خطنذريعي پنهنجي دوست ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1938 ( 15- ڊسمبر) ڪراچي جي خالق ڏني هال ۾ “اردو ڊي”ملهايو ويو، جنهن جي صدارت علامه مرحوم ڪئي . پاڻ ان موقعي تي جيڪو خطاب ڪيائوناهو سندن ڪتاب “ڪيزيوئل پيپس ائٽ صوفيا ” ۾ شامل ڪيو ويو .

 1939 سنڌ سرڪارطرفان يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ ميران محمد شاھ جي چئيرميني ۾ 15 ڄڻن جي هڪ ڪاميٽيٺاهي وئي . جن ۾ علامه مرحوم کي پڻ ميمبر طور کنيو ويو . هن ڪاميٽيءَ جون جملي 39گڏجاڻيون ٿيون جن مان قاضي مرحوم ٻن گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪئي .

1939 ( 1- فيبروري) علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطنذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1939 ( 12 مئي) علامه مرحوم ڪراچيءَ ۾ پنهنجي تبليغي ۽تربيتي تحريڪ کي جاري رکيو ۽ ان ڏس ۾ اڄوڪي تاريخ ۾ لکيل خط  مان معلوم ٿيو ته پاڻ ڪراچي ڇڏڻ لاءِ في الحالتيار ڪو نه آهن البت مولانا عبيدالله سنڌي جي سهڪار جي خواهش ضرور رکن ٿا .

1939 ( 26- آگسٽ)اڄوڪي تاريخ ۾ لکيل خط مان معلوم ٿئي ٿو ته علامه مرحوم کي ڪورٽ آف وارڊس طرفانمقيم شاھ بخاري جي تربيت ۽ سنڀال جو ڪم سونپيو ويو هو، ۽ انهيءَ عرصي دوران پاڻزميندار ماڻهن جي اولاد لاءِ ساڳي نوعيت جو ڪم ڪندا هئا .

1939 ( 13- نومبر) علامه مرحومرمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1940 ( 16- جنوري) علامه مرحوم“مسجد منزل گاھ تحريڪ” کي ناپسند ڪيو ۽ اهڙن جذبن جو اظهار اڄوڪي تاريخ ۾ لکيل خط۾ ڪيائين. خط ۾ لکن ٿا ته مسلمانن جا سمورا ادارا مسلمانن هٿان برباد ٿي رهيا آهن. مسجدون ويران ٿي رهيون آهن . تعليمي ادارا ردي حالت کي پهچي رهيا آهن ۽ پوءِ بهمسلمان هليا  آهن مسجد منزل گاھ تحريڪهلائڻ!

1940 (21 جنوري) علامه حج جي عيدملهائي ۽ خطن جي ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1940 ( 7- جون) پاڻ مسلم هاسٽلجي  مسجد ۾ جمعي جو خطبو ڏنائون .

1940 ( 8- جون) تڏهوڪي تعليميوزير سنڌ فزيڪل ڪلچر سٽ جي آسامي ڀرڻ لاءِ هڪ اميدوار کي انٽرويو لاءِ علامه آءِ .آءِ . قاضي ڏانهن ڏياري موڪليو ، جنهن جو انٽرويو ورتو ويو .

1940 ( 13- ڊسمبر) يونيورسٽي قائمڪرڻ واري ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي، قاضي مرحوم خط لکي ان ۾ شريڪ نه ٿيڻ جو اطلاع ڏنو. مسلم هاسٽل ۾ جمعي جو خطبو ڏنائون .

1941 ( 9- جنوري) علامه مرحوم حججي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1941 ( 19- فيبروري) ڪجهه وقت کانوٺي علامه مرحوم اڌ ڊزن کن شاگردن کي پاڻ وٽ رهائي تعليم ۽ تربيت جو خانگي تجربوڪيو. ڪن حلقن اها تنقيد ڪئي ته علامه مرحوم جن ڏوڪڙن ڪمائڻ گهرن ٿا . هن تاريخ تيجي. ايم سيد ڏانهن خط لکي علامه آمدني ۽ روانگيءَ جا تفصيل ڏنا ، جن مان معلوم ٿئيٿو ته ماهوار آمدني يارهن سو روپيا هئي ، جڏهن ته خرچ تيرهن سو روپيا ٿي آيو!

1941 ( 13- مارچ) علامه مرحومخانگي طور تي تعليم جو جيڪو سلسلو شروع ڪيو ، ان تي ڪم ڪندي وقت بوقت شاگردن جيوالدين سان خط وڪتابت ڪندا هئا ۽ کين حال احوال ڏيندا هئا . هن تاريخ تي پڻ اهڙاخط لکيائون ، جن مان هڪ خط سيد غلام مرتضي شاھ ڏي پڻ لکيو ويو .

1941 ( 22- آڪٽوبر) علامه مرحومرمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوست ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1941 ( 29- ڊسمبر) علامه مرحوم حججي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1942 ( 11- آڪٽوبر) علامه مرحومرمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1942 ( 18- ڊسمبر) علامه مرحوم حججي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1943 ( 3- مارچ) سيد غلام مرتضيشاھ سنڌ اسيمبلي ۾ پاڪستان جي ٺهراءُ پيش ڪرڻ وقت تقرير ڪئي، جنهن جي متن جو گهڻوتڻو مواد علامه مرحوم جن مهيا ڪيو .

1943 ( 22- مارچ) 3- مارچ تي سنڌاسيمبليءَ ۾ پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ واري ٺهراءُ پاس ٿيڻ کان پوءِ هندو مسلم اتحاد کيخطرو لاحق ٿيو . ان سلسلي ۾ علامه مرحوم ڌرتيءَ جي قرض لاهڻ لاءِ نهچلداس ۽ ٻينسان ڳالهه ٻولهه ڪئي، پر مثبت نتيجا نه نڪتا . انهن ڳالهين جو اظهار اڄوڪي تاريخ ۾لکيل هڪ خط ۾ ڪيو اٿس .

1943 ( 29- مئي) علامه مرحومپنهنجي جاءِ تي خانگي تعليم جو جيڪو سلسلو جاري ڪيو هو ، ان سلسلي جي ڪڙيءَ طورشاگردن جي والدين کي اطلاع ڏنو ويو ته جون کان کين ويڪيشن ڏني پئي وڃي .

1943 ( 3- ڊسمبر) علامه مرحوم سيدغلام مرتضي شاھ ڏي خط لکي آل انڊيا مسلم ليگ ڪانفرنس جي استقباليه ڪاميٽيءَ جي صدرطور پيش ڪندڙ خطبي جي متن تي پنهنجي راءِ ڏني .

1943 (7- ڊسمبر)  علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعيپنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1943 ( 24- ڊسمبر) ڪراچيءَ ۾ ٿيلآل انڊيا مسلم ليگ اجلاس ۾ محترمه جي. ايم. سيد جيڪو صدر استقباليه طور خطبو پڙهيو،ان جي متن جي تياريءَ ۾ علامه مرحوم سندن مدد ڪئي .

1943 ( 31- ڊسمبر) پاڻ مسلم هاسٽلجي مسجد ۾ جمعي جو خطبو ڏنائون . اهو سلسلو 1938 ع کان شروع ڪيو هيائون .

1944 ( 6- جنوري) علامه مرحوم خطلکي سيد غلام مرتضي شاھ کي صلاح ڏني ته هو سنڌ مدرسي جي اسٽينڊنگ ڪاميٽيءَ جي خاليٿيندڙ جاءِ تي ميمبر ٿي اچڻ لاءِ ڪوشش ڪري .

1944 ( 24- مئي) علامه مرحومپنهنجي گهر واري ۽ خانگي شاگردن سميت سولن ۾ رهيو

1944 ( 18- سيپٽمبر) علامه مرحومرمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1944 ( 26- نومبر) علامه مرحوم جيعيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1945 ( 17- جنوري) شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ1924 ۾ هڪ ليڪچر ڏنو جيڪو “هندوستان جي سياسي مسئلن تي هڪ نظر” جي نالي سان رساليجي صورت م شايع ٿيو .هن تاريخ جي علامه مرحوم ان جو تعارف لکيو .

1945 ( 2- مئي) علامه مرحوم آرام۽ سير سفر لاءِ سولن ، شملا روانو ٿي ويو .

1945 ( 3- آگسٽ) علامه مرحومپنهنجي گهرڌياڻي ۽ شاگردن سميت سولن کان ڪراچي لاءِ روانو ٿيو.

1945 ( 9- سيپٽمبر) علامه مرحومرمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1945 ( 29- سيپٽمبر) علامه آءِ .آءِ . قاضي سيد غلام مرتضي شاھ کي خط لکي پارت ڪئي ته ڏيپلي جي قاضي احمد ايڊوڪيٽکي سنڌ اسيمبلي جي اميدوار جي ٽڪيٽ ڏني وڃي .

1945 ( 29- سيپٽمبر) علامه مرحومحج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1945 (ڊسمبر) سنڌ اسيمبلي جي اميدوارن ۾ ٽڪيٽ ورهائڻ جي مسئلي تي سنڌ مسلم ليگ ۾ اختلاف پيدا ٿي پيو اهي اختلافيڳالهيون علامه مرحوم ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ، پر کين ايتري ڪاميابي ڪانه ٿي .

1946 ( 6- اپريل) علامه مرحومپنهنجي شاگردن جي ابتدائي تربيت ڪرڻ کان پوءِ کين سٺن اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ لاءِپاڻ ڪوشش وٺندا رهيا . ان سلسلي ۾ مختلف ادارن جي پرنسپالن سان رابطو رکيو اينداهئا . اها ڳالهه اڄوڪي تاريخ ۾ لکيل خط مان ثابت ٿئي ٿو .

1946 ( 29- آگسٽ) علامه مرحومرمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1946 ( 5- نومبر)  علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعيپنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1947 ( 26- اپريل) سنڌ يونيورسٽيجو قيام عمل ۾ آيو.

1947 ( 26- اپريل) علامه مرحومسيد غلام مرتضي شاھ طرفان موڪليل “نئين سنڌ لاء جدو جهد” ڪتاب جو مسودو ڏسي پوروڪيو ۽ انهيءَ لاءِ راءِ ڏنائين ته ڪتاب دلچسپ آهي . پهرين نون فصلن ۾ وڌيڪ وضاحتٿيڻ گهرجي .

1947 ( 19- آگسٽ) علامه مرحومرمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنيج دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1947 ( 3- سيپٽمبر) ڪراچي ۾ راڪهائوس ۾ اجي. ايم. سيد “شاھ لطيف جو قومي تخيل” جي موضوع تي تقرير ڪئي . جنهن کيعلامه مرحوم پڻ ساراهيو .

1947 ( 26- آڪٽوبر) علامه  مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجيدوستن ۽ احبابن  ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1947 (آڪٽوبر) هندوستان جي تقسيمکان پوءِ ننڊي کنڊ ۾ قتل وغارت جي جيڪو ماحول پيدا ٿيو . تنهن علامه مرحوم کيولايت اسهڻ تي سوچڻ لاءِ مجبور ڪيو .

1947 ( نومبر) علامه مرحوم هنمهيني جي آخري تاريخن ۾ انگلينڊ پهچي ويو . اتي تعليم جي اهميت تي ڪتاب لکڻ جو ڪمشروع ڪيائين .

 1948 هن عرصي دوران پاڻ لندن جي ايينتو وڊ جيگهر نمبر 45 ۾ رهڻ لڳا .

1948 ( 7- آگسٽ) علامه مرحوم هنسال تائين انگلينڊ جي پوئٽري سوسائٽي جو نائب صدر رهيو .

1948 ( 14- آڪٽوبر) علامه مرحومرمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1949 ( 28- جولاءِ) علامه مرحومحج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1949 ( 4- آڪٽوبر) علامه مرحومرمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1949 ( 23- ڊسمبر) علامه مرحوم حججي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1950 ( 17- جولاءِ) علامه مرحوماڄوڪي تاريخ ۾ سيد غلام مرتضي شاھ ڏي لکيل هڪ خط ۾ وطن واپس ورڻ جي خواهش ڏيکاري .

1950 ( 23- سيپٽمبر) علامه مرحومرمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1951 ( 9- اپريل) علامه مرحوم حججي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

علامه آءِ . آءِ . قاضي سنڌيونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي حيثيت ۾ عهدو سنڀاليو .

1951 ( 28- اپريل) علامه آءِ.آءِ. قاضي جي ڪوششن سان سنڌ گورنمينٽ کي يونيورسٽي ڪئمپس جي جامع رٿا پيش ڪئي ويئي.

1951 ( 4- مئي) علامه مرحوم جيڪوششن سان سنڌ يونيورسٽي کي حيدرآباد ڏانهن منتقل ڪيو ويو .

1951 ( 6- جولاءِ) علامه مرحومرمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1951 سنڌ يونيورسٽي ۾ ماھ سيپٽمبر۾ پهريون شعبو (ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ) قائم ڪيائون .

1951 ( 12 سيپٽمبر) علامه مرحومحج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1951 ( 11- نومبر) دادو ۾ يارهينآل سنڌ ادبي ڪانفرنس ٿي ، جنهن لاءِ علامه مرحوم صدارتي خطبو لکي ڏياري موڪيلو .

1952 علامه مرحوم جي گهرڌياڻي جوانگريزي ناول “اولڊ انگلش گارڊن سيفوني” شايع ٿيو .

1952 علامه مرحوم لياقت ميڊيڪلڪاليج ۾ “ميڊيڪل اسٽوڊنٽس يونين” جو افتتاح ڪيو .

1952 علامه مرحوم جي ڪوششن سانسنڌ يونيورسٽي ۾ ايڪسٽينشن ليڪچرس جو سلسلو شروع ٿيو .

1952 ( 25- جون) علامه مرحومرمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1952 ( 1- سيپٽمبر) علامه مرحومحج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1953 ( 1- فيبروري) سنڌ يونيورسٽي۾ علامه مرحوم جي صدارت هيٺ ايڪسٽينشن ليڪچر ٿيو، جنهن ۾ پاڻ “سرڪاري ملازم” جيموضوع تي خطاب ڪيائون ..

1953 علامه مرحوم جي صلاح ۽ ڪوششنجي نتيجي ۾ حڪيم شمس الدين ، ڊاڪٽر بلوچ ، ۽ ٻين “سنڌ طبي ڪاليج ائسوسيئيشن” ٺاهيجنهن اڳتي هلي حيدرآباد ۾ سنڌ طبيه ڪاليج قائم ڪيو.

1953 ( 14- جون) علامه مرحومرمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1953 ( 21- آگسٽ) علامه مرحوم حججي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1953 ( 30- آڪٽوبر) “شاھ لطيف جودنيا جي شاعرن ۾ مقام ” جي عنوان سان علامه مرحوم جو انگريزي مضمون حيدرآباد جي“ٽارچ فورٽ نائيٽلي” ۾ شايع ٿيو .

1953 ( 30- نومبر) انگريزي اخبار“ٽارچ فورٽ نائيٽلي” ۾ علامه مرحوم جي تحرير “شاھ لطيف جي دنيا جي شاعرن ۾ حيثيت”جي عنوان سان شايع ٿي .

1953 ( 3- نومبر) علامه  آءِ. آءِ . قاضي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسيلرجي حيثيت ۾ حيدرآباد جي اورينٽئل ڪاليج جو دورو ڪيو ۽ ان موقعي تي عملي کي خطابڪيو .

1953 ( 15- نومبر) علامه مرحوموائيس چانسيلر جي حيثيت ۾ جيڪو “اورينٽئل ڪاليج” جو دورو ڪيو ۽ ان وقت خطاب ڪيو .انهي دوري جي تفصيلي خبر ۽ خطاب جو متن انگريزي اخبار “ٽارچ فورٽ نائٽلي” ۾ شايعٿيو .

1953 ( 30- نومبر) يارهين فيبروري1953 تي سنڌ يونيورسٽي ۾ علامه مرحوم جي صدارت هيٺ ڊاڪٽر حميد جيڪو ليڪچر ڏنو ۽ انموقعي تي علامه مرحوم صدارتي خطبو ڏنو . انهن جو متن “ٽارچ فورٽ نائيٽلي” ۾ شايعٿيو .

1953 ( 11- ڊسمبر) علامه مرحوم جيصدارت هيٺ سنڌ يونيورسٽي جي سينٽ هال ۾ ڊاڪٽر ڪي. اي. حميد شعبه فلاسافي“ايمان ۽ان جو منهنجي فلسفي تي اثر” جي موضوع تي ليڪچر ڏنو .

1953 ( 18- ڊسمبر) سنڌ يونيورسٽي۾ يونيورسٽيءَ جي رجسٽرار آغا تاج محمد “هڪ صحيح استاد” جي موضوع تي ايڪسٽينشنليڪچر ڏنو . جنهن جي صدارت علامه مرحوم ڪئي ان موقعي تي صدارتي خطبو ڏنائون .

1953 ( 25- ڊسمبر) سنڌ يونيورسٽيجي انگلش ڊپارٽمينٽ جي تڏهوڪي سربراھ پروفيسر جي ڊبيلو سعيد “جمهوريت ۽ اسلام” جيموضوع تي ايڪسٽينشن ليڪچر ڏنو . ان موقعي تي علامه مرحوم “اسلام ۾ سيڪيولرجمهوريت” جي عنوان سان صدارتي خطبو ڏنو .

1954 ( 1- جنوري) سنڌ يونيورسٽيجي سينٽ هال ۾ سنڌي شعبي جي تڏهوڪي سربراھ پروفيسر علي  نواز جتوئي گروهڙيءَ جي فلاسافي تي ايڪسٽينشنليڪچر ڏنو جنهن جي صدارت علامه مرحوم ڪئي پاڻ انهيءَ موقعي تي تعارفي خطبو پڻڏنائون .

1954 ( 8- جنوري) سنڌ يونيورسٽيجي سينٽ هال ۾ پروفيسر شفيع محمد ميمڻ “موت کان پوءِ جي حياتيءَ” جي موضوع تيايڪسٽينشن ليڪچر ڏنو . جنهن جي صدارت علامه مرحوم ڪئي . پاڻ ان موقعي تي تعارفي ۽صدارتي خطبو پڻ ڏنائون .

1954 ( 15- جنوري) اسلام ۽سيڪيولر جمهوريت جي عنوان تي علامه مرحوم جي صدارت هيٺ پروفيسر سعيد جيڪوليڪچر ڏنو۽ علامه مرحوم  صدارتي خطبو پڙهيو ، انهنجو متن “ٽارچ فورٽ نائيٽلي” ۾ شايع ٿيو .

1954 ( 22 – جنوري) سنڌ يونيورسٽيءَ ۾پروفيسر اين – اي- جي خان “لازمي تعليم” جي موضوع تي ايڪسٽينشن ليڪچر ڏنو، جنهن جي صدارتعلامه مرحوم ڪئي . ان موقعي تي پاڻ صدارتي خطبو پڻ ڏنائون.

1954 (27- جنوري) علامه مرحوم سنڌيونيورسٽي جي و ائيس چانسيلر جي حيثيت سان “اسٽوڊنٽس يونين” جو افتتاح ڪيو.

1954 ( 29- جنوري) سنڌيونيورسٽيءَ جي سينٽ هال ۾ڊاڪٽر هاليپوٽي “شاھ ولي الله جو سماج بابت تصور” جيموضوع تي ايڪسٽينشن ليڪچر ڏنو، جنهن جي صدارت علامه مرحوم ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ صدارتيخطبو پڻ ڏنو .

1954 ( 16- فيبروري) سنڌيونيورسٽيءَ ۾ شروع ڪيل ايڪسٽينش ليڪچرس جي سلسلي جي ڪڙيءَ طور ڊاڪٽر نبي بخش قاضيليڪچر ڏنو، جنهن جي صدارت علامه مرحوم ڪئي .

 1954 ( 15- فيبروري) سنڌ يونيورسٽي جي عظيماجتماع کي خطاب ڪيائون .

1954 ( 19- فيبروري) سنڌيونيورسٽي جي مسلم هسٽري ڊپارٽمينٽ جي تڏهوڪي سربراھ قاضي احمد ميان اختر “ آڳاٽنمسلمانن جو سائنسي کوجنائن ۾ حصو” جي موضوع تي ايڪسٽينشن ليڪچر ڏنو . ان موقعي تيعلامه مرحوم ساڳي طرح صدارتي خطبو ڏنو .

علامه مرحوم هڪ مهيني لاءِ موڪلتي ويو .

1954 ( 30- مارچ) “سائنسي ايجادات۾ مسلمانن جو حصو” جي عنوان جي علامه مرحوم جي صدارت هيٺ جيڪو پروفيسر قاضي اخترسنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچر ڏنو ۽ علامه مرحوم صدارتي خطبو پڙهيو . ان موقعي جو متن“ٽارچ فورٽ نائيٽلي” ۾ شايع ٿيو.

1954 ( 30- مئي) پروفيسر نبي بخشقاضي جي ڏنل ليڪچر وقت علامه مرحوم جيڪو صدارتي خطبو پڙهيو هو، ان جو متن “ٽارچفورٽ نائيٽلي” ۾ شايع ٿيو.

1954 (3- جون) علامه مرحوم رمضانجي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1954 (15- جولاءِ) ٽارچ فورٽنائيٽلي جي اڄوڪي پرچي ۾ علامه مرحوم جو انگريزي مضمون “شري ڪرشنا جو تاريخي پهلو”شايع ٿيو .

1954 (26- جولاءِ) سنڌ يونيورسٽي۾ عيد ملن پارٽي ملهائي وئي، هن موقعي تي علامه مرحوم جن خطاب ڪيو .

1954 (30- جولاءِ) ٽارچ  فورٽ نائيٽلي” جي اڄوڪي پرچي ۾ علامه مرحوم جيانهيءَ خطاب جو متن شايع ٿيو، جيڪو پاڻ پروفيسر شفيع محمد ميمڻ جي ليڪچر “موت بعدجي حياتي” جي صدارت ڪندي ڏنو هئائون .

1954 ( 10- آگسٽ) علامه مرحوم حججي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون.

1954 ( 15- آگسٽ) “ٽارچ فورٽنائيٽلي” جي اڄوڪي پرچي ۾ علامه مرحوم جو “رفليڪشن” جي عنوان سان مضمون شايع ٿيو .

1954 (30- آگسٽ) علامه مرحوم جيمضمون رفليڪشن جي ٻي قسط “ٽارچ فورٽ نائيٽلي” ۾ شايع ٿي .

1955 ( 24- مئي) علامه مرحومرمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1955 (30- مئي) عيدالفطر جي موقعيتي سنڌ يونيورسٽي جي استادن کي خطاب ڪيائون .

1955 (20 جولاءِ) سنڌ يونيورسٽي جي سينٽ هال ۾ نئينتعليمي سيشن جي شروعات جي موقعي تي علامه مرحوم استادن کي خطاب ڪيو ۽ تعليم جيموضوع تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو.

1955 (31 جولاءِ) علامه مرحوم حججي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون.

1955 (5 آگسٽ) سنڌ يونيورسٽي جيسينٽ هال ۾ “طبيعات” جي موضوع تي ايڪسٽينشن ليڪچر ٿيو، جنهن ۾ علامه مرحوم صدارتيخطاب ڏنو.

1955 (19 آگسٽ) سنڌ يونيورسٽي جيزولاجي ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر فاروقي “فش ڪلچر” جي موضوع تي ايڪسٽينشن ليڪچر ڏنو،جنهن جي صدارت علامه مرحوم ڪئي، پاڻ انهي موقعي تي  صدارتي خطبو پڻ ڏنائون.

1955 (21 آگسٽ) سنڌ يونيورسٽي ۾محترمه نقوئي “دنيا جا ڪئلينڊر” جي عنوان تي ليڪچر ڏنو، ان موقعي تي علامه مرحوم“اسلامڪ ڪئلينڊر” جي عنوان سان صدارتي خطبو ڏنو.

1955 (19 سيپٽمبر) سنڌ يونيورسٽي۾ “انساني حياتي جا ثقافتي بنياد” جي موضوع تي ڊاڪٽر ڪي. اي حميد جو ايڪسٽينشنليڪچر ٿيو، جيڪو سندس پاران شفيع محمد ميمڻ ڏنو، هي ليڪچر علامه مرحوم جي صدارتهيٺ ٿيو ۽ پاڻ موقعي جي مناسبت سان خطاب ڪيائون.

1955 (1 آڪٽوبر) سنڌ يونيورسٽي جيوائيس چانسلر جي حيثيت ۾ سنڌ يونيورسٽي جي “جنرل آف ايڊيوڪيشن” جو عالمانه انداز ۾مهاڳ لکيائون، جنهن جو عنوان هئو “تعليم ڇا لاءِ؟”

1955 سنڌ يونيورسٽي جو چوٿونڪانووڪيشن ٿيو، جنهن ۾ تڏهوڪي سنڌ جي گورنر نواب آف ممدوٽ چانسلر جي حيثيت ۾ شرڪتڪئي، علامه مرحوم ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽي جي رپورٽ پيش ڪئي.

1955 (8 فيبروري) علامه مرحومانگلنڊ کان واپس ٿيڻ تي سنڌ يونيورسٽي جي استادن کي خطاب ڪيو.

1956 (24 فيبروري) “سنڌيونيورسٽي” ۾ تاريخ جي شعبي جي صدر ڊاڪٽر خان “مغل دور” تي ايڪسٽينشن ليڪچر ڏنو.ان موقعي تي علامه مرحوم پڻ انهي موضوع تي صدارتي تقرير ڪئي.

1956 (27 فيبروري) سنڌ يونيورسٽيجي سينٽ هال ۾ علامه مرحوم “سائنس” جي موضوع تي تقرير ڪئي.

1956 (12 مئي) علامه مرحوم رمضانجي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون.

1956 (19 جولاءِ)  علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعيپنهنجي دوستن احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون.

1956 (23 جولاءِ) سنڌ يونيورسٽيجي 57-1956 جي پهرين اڪيڊمڪ سيشن جو افتتاح ڪيائون ۽ “تعليم جو عمل ۽ مقصد” جيموضوع تي استادن ۽ شاگردن کي خطاب ڪيائون.

1956 (آگسٽ) چند ماڻهن طرفانعلامه مرحوم جي يونيورسٽي بابت پاليسي خلاف اردو اخبارن ۾ پروپيگنڊا شروع ڪئي وئي،۽ ان سلسلي ۾ ڪي خط لکي وڏن ماڻهن ڏي پڻ موڪليا ويا.

1956 (30 نومبر) سنڌ يونيورسٽي ۾علامه مرحوم جي صدارت هيٺ “جيالاجي جو تعارف” جي عنوان تي ايس – ايم -  شعيب ليڪچر ڏنو.

1956 (14 ڊسمبر) سنڌ يونيورسٽيءَ جيزولاجي ڊپارٽمينٽ جي ڊاڪٽر فاروقي “حياتيءَ جو تصور” جي موضوع تي ايڪسٽيشن ليڪچرڏنو، جنهن جي صدارت علامه مرحوم ڪئي، ان موقعي تي پاڻ صدارتي خطبو پڻ ڏنائون.

1956 (17 ڊسمبر) “ٽارچ” جيايڊيٽوريل ۾ “دي پائيونيئر بلڊر“ جي عنوان سان علامه مرحوم تعليمي خدمتن تي روشنيوڌي.

 1956 ٽه ماهي “مهراڻ” نمبر 2، 1956 واري پرچي ۾علامه مرحوم جي سورهين سنڌي ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي ڏنل پيغام شايع ٿيو.

1956 ٽه ماهي مهراڻ جي نمبر 2، 1956۾ علامه مرحوم جو اهو پيغام شايع ٿيو، جيڪو پاڻ سورهين سنڌي ادبي ڪانففرنس لاڙڪاڻهجي موقعي تي ڏنو هئو.

1957 (12 جنوري) ڪامن ويلٿ وائيسچانسلر ائسوسيئيشن سنڌ يونيورسٽيءَ جو معائنو ڪيو، ۽ علامه مرحوم جي بي لوث خدمتنجي واکڻ ڪئي، هي وفد سورهن وائيس چانسلرن تي مشتمل هو.

1957 (12 جنوري) “ٽارچ” جي اڄوڪيايڊيٽوريل ۾ برمنگهم يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ائٽڪن جي خراجِ تحسين کيڌيان ۾ رکي علامه مرحوم جي يونيورسٽي لاءِ ورتل خدمتن تي روشني وڌي وئي.

1957 ( 25 فيبروري) سنڌ يونيورسٽي۾ محترمه حسن شعبه نفسيات “ذهن ۽ جسم” جي موضوع تي ايڪسٽينشن ليڪچر ڏنو جنهن جيصدارت علامه مرحوم ڪئي پاڻ انهي موقعي تي صدارتي خطبو پڻ ڏنائون . 

1957 (2 مئي) علامه مرحوم رمضانجي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون.

1957 (7 مئي) علامه مرحوم سنڌيونيورسٽي مان موڪل تي ويو، سندس اها موڪل 18 سيپٽمبر 1957 تائين هلي.

1957 (9 جولاءِ) علامه مرحوم حججي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون.

1957 (19 سيپٽمبر) موڪل ڪاٽڻکانپوءِ علامه مرحوم وائيس چانسلر جي حيثيت ۾ چارج ورتي.

1957 (30 سيپٽمبر) سنڌ يونيورسٽيجي ايڊيوڪيشن شعبي ۾ ٽيچرس ڊپلوما ڪلاسن کي خطاب ڪندي استاد جي ذميوارين تي روشنيوڌائون.

1957 (7 آڪٽوبر) سيپٽمبر 1957 ۾سنڌ يونيورسٽي ۾ “ٽيچرس ڊپلوما” حاصل ڪندڙ کي الوداعي پارٽي ملڻ واري وقت علامهمرحوم جيڪو خطاب ڪيو، ان جو متن “ٽارچ” اخبار ۾ شايع ٿيو.

1957 (25 آڪٽوبر) حيدرآباد جيحڪيم شمس الدين احمد ۽ مشهور عالم عبدالعزيز مينائي سنڌ يونيورسٽي لائبريري کيڪتابن جو تحفو ڏنو، ان موقعي تي پاڻ خطاب ڪيائون ۽ ڪتاب جي اهميت تي روشني وڌائون.

1957 (5 نومبر) ورلڊ يونيورسٽي جيمقمي شاخ سنڌ يونيورسٽي ۾ اسٽوڊنٽس ڊسپينسري قائم ڪئي، انهي موقعي تي خطاب ڪنديورلڊ يونيورسٽي سروس تي روشني وڌائون.

1957 (6 ڊسمبر) سنڌ يونيورسٽي ۾شرو ڪيل ايڪسٽينشن ليڪچرس جي سلسلي ۾ علامه مرحوم جن “خلفاءِ راشدين جي دور جهوريتجي موضوع تي مظهر الدين صديقي جي ڏنل ليڪچر جي صدارت ڪئي ۽ تعارفي خطبو ڏنو.

1957 (13 ڊسمبر) سنڌ يونيورسٽي ۾“هيومن رائٽس ڊي” ملهايو ويو،  جنهن موقعيتي علامه مرحوم گڏجاڻيءَ جي صدارت ڪئي ۽ خطاب ڪيو.

1958 (23 فيبروري) علامه آءِ آءِقاضي سنڌ يونيورسٽي جي باٽني شعبي طرفان منعقد ڪيل گلن جي نماءُ جو افتتاح ڪيو.

1958 (5 مارچ) پاڪستان جييونيورسٽين جي گڏيل ڪوششن سان حيدرآباد ۾ “تحقيق ۽ اعليٰ تعليم” جي موضوع تيڪانفرنس ٿي، جنهن جو افتتاح پاڪستان جي تڏهوڪي صدر، اسڪندر مرزا ڪيو. علامه مرحومانٽر يونيورسٽي بورڊ آف پاڪستان جي چيئرمين جي حيثيت ۾ آڌر ڀائي تقرير ڪئي.

1958 ( 15 مارچ) سنڌ يونيورسٽي جيڪوششن حيدرآباد ۾ “آل پاڪستان فلاسافيڪل ڪانگريس” جو پنجون اجلاس ٿيو جنهن جوافتتاح علامه مرحوم وائيس چانسلر جي حيثيت ۾ ڪيو سندن افتتاحي خطبو ڪتاب “ڪيزيوئلپيپس ائٽ صوفيا” ۾ ڏنو ويو آهي .

1958 ( 18 مارچ) سنڌ يونيورسٽي جيوائيس چانسلر جي حيثيت ۾ “پاڪستان فلاسافيڪل ڪانگريس” جي پنجين اجلاس کي خطابفرمايو سندن اها تقرير ٽه ماهي “مهراڻ” جي 1959،1 واري پرچي ۾ شايع ٿي  

1958 (1 اپريل) ڪراچي ۾ “علامهاقبال ڊي” ملهايو ويو جنهن ۾پاڻ خطاب ڪيائون .

1958 (21 اپريل) علامه مرحومرمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1958 (31 مئي) حيدرآباد ۾ 18- آلسنڌ ادبي ڪانفرنس ٿي، جنهن جو افتتاح علامه آءِ . آءِ . قاضي ڪيو . هيءَ ڪانفرنسسنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٿي .

1958 ( 9 جون) “ٽارچ ويڪلي” جياڄوڪي ايڊيٽوريل ۾ “سنڌي ادبي ڪانفرنس” جي حوالي سان علامه مرحوم جي خطاب تي روشنيوڌي وئي .

1958 ( 30 جون) “ٽارچ) اخبار جياڄوڪي پرچي ۾علامه مرحوم جي انهيءَ خطاب جو متن شايع ٿيو، جيڪو پاڻ حيدرآباد ۾سڏايل 18- آل سنڌ ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي ڪيائون.

1958 ( 1 جولاءِ) علامه مرحوم سنڌيونيورسٽيءَ مان موڪل تي ويو . سندس اها موڪل سيپٽمبر 1958 تائين هلي .

1958 ( 1 آڪٽوبر) علامه مرحومموڪل تان واپس اچي وائيس چانسلر جي حيثيت ۾ چارج ورتي .

1958 ( 20 ڊسمبر) سنڌ يونيورسٽيءَجي ايڊيوڪيشن شعبي ۾ بي. ٽي ڪلاس کي خطاب ڪيائون .

1959 ( 19 مارچ) علامه مرحوم موڪلکائي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي حيثيت سان چارج سنڀالي .

1959 ( 10 اپريل) علامه مرحومرمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1959 ( 25 مئي) علامه مرحوم سنڌيونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسلر جي حيثيت ۾ آخري دفعو آفيس ۾ آيو ۽ ان کان پوءِاستعيفي ڏئي ڇڏيائين .

1959 ( 17 جون) علامه مرحوم حج جيعيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1959 ٽه ماهي “مهراڻ” جي نمبر 4 – 1959 ۾ “ادب ۽ زندگي” جي عنوان سان علامه مرحوم جي اها صدارتي تقرير شايع، ٿيجيڪا پاڻ 18- آل سنڌ ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي ڪئي هئائون .

1959 ٽه ماهي “مهراڻ” جي 1- 1959واري پرچي ۾ علامه مرحوم جي “پاڪستان فلاسا فيڪل ڪانگريس” جي پنجين اجلاس ۾ ڪيلتقرير جو متن شايع ٿيو .

1959 (29 مارچ) علامه مرحوم رمضانجي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1960 علامه مرحوم جي گهرڌياڻيءَجي انگريزي شاعريءَ جو ڪتاب “ٽيرسٽريل ائنڊ سيلسشل اڪوز” شايع ٿيو .

1960 سنڌ مدرسي جي پليٽينم جوبليملهائي وئي . انهيءَ موقعي تي علامه مرحوم پڻ پيغام ڏنو، جنهن ۾ ٻڌايو ته هو پاڻ1904 ع ۾ هن اداري جو شاگرد رهي چڪو آهي.

1960 ٽه ماهي “مهراڻ” جي نمبر1-2/1960 ع ۾ علامه مرحوم جو اهو مضمون شايع ٿيو ، جيڪو پهريون ڊسمبر 1920 ۾ “سنڌزميندار” سکر ۾ شايع ٿيو .

1961 ( 19 مارچ) علامه مرحومرمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1961 ( 26 مئي) علامه مرحوم حج جيعيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1961 “سنڌي ادبي بورڊ” علامهمرحوم لاکيڻي لطيف جي فن جي مطالعي تي ڪتاب “اي اسٽڊي آف شاھ عبدالطيف” شايع ڪيو.

1962 (8 مارچ) علامه مرحوم رمضانجي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1962 (15 مئي) علامه مرحوم حج جيعيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1963 ( 26 فيبروري) علامه مرحومرمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1963 ( 5 مئي)  علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعيپنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1964 ( 23 اپريل) علامه مرحوم حججي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1964 ( 2 جولاءِ) سنڌ يونيورسٽيءَجي اڳواڻي وائيس چانسيلر جي حيثيت ۾ سنڌي شعبي طرفان شايع ٿيندڙ مخزن “سوکڙي” لاءِپيغام لکيو .

1964 علامه مرحوم جي گهرڌياڻيءَجي انگريزي شاعريءَ جو ڪتاب “ڊپارچر آف ڊسگسٽيڊ ڪانسائنس” شايع ٿيو جنهن جو مهاڳعلامه مرحوم پاڻ لکيو .

1965 ( 4 فيبروري) علامه مرحومرمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1965 ( 13 اپريل) علامه مرحوم حججي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1965 سنڌي ادبي بورڊ علامه مرحومجي تقريرن ۽ تحريرن شايع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو . هن ڪم لاءِ ڊاڪٽر بلوچ ، ڊاڪٽرهاليپوٽي ، شفيع محمد ميمڻ ، ڊاڪٽر نبي بخش قاضي ۽ محمد ابراهيم جويي تي مشتمل هڪڪاميٽي ٺاهي وٺي . ته جيئن مواد هٿ ڪري .

1965 “مهراڻ” نمبر 3-4/1965 ع ۾علامه مرحوم جي تقريرن بعنوان “علم ادب” شايع ٿي .

1966 ٽه ماهي “مهراڻ” جي 1-2/1966ع واري پرچي ۾ علامه مرحوم جي 1954 ۾ ڪيل تقرير “محبت جي ضرورت” جي عنوان سان شايعٿي .

1966 ٽه ماهي “مهراڻ” 3-4-/1966 عواري پرچي ۾ علامه مرحوم جي انهي خطاب جو متن شايع ٿيو، جيڪو پاڻ ان وقت ڪيوهئائون ، جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ کين “ڊاڪٽر آف لا” جي اعزازي ڊگري پيش ڪئي هئي .

1966 ( 24 جنوري) علامه مرحومرمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1966 ( 2 اپريل) علامه مرحوم حججي عيد ملهائي .

1966 ( 4 مئي) شاگردن لاءِ پاڻروزانه “عبرت” کي پيغام ڏنائون ، جيڪو “مهراڻ” 1-1967 ع ۾ پڻ شايع ٿيو .

1966 ( 4 مئي ) سنڌ يونيورسٽيءَعلامه آءِ . آءِ . قاضي کي “ڊاڪٽر آف لا” جي اعزازي ڊگري پيش ڪئي .

1966 ( 4 مئي) سنڌ يونيورسٽيءَ جيڪانووڪيشن جي موقعي تي خطاب ڪيائون .

1967 ( 13 جنوري) علامه مرحومرمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1967 ( 22 مارچ) علامه مرحوم حججي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1967 ( 28 مئي) علامه آءِ . آءِ .قاضي جي پياري گهرڌياڻي مدر ايلسا قاضي رحلت ڪئي .

1967 سنڌي ادبي بورڊ علامه مرحومجي پندرهن مضمونن ۽ تقريرن جو مجموعو “ ڪيزيوئل پيپس ائٽ صوفيا “ شايع ڪرايو .

1968 ( 2 جنوري) علامه مرحومرمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1968 ( 10 مارچ) علامه مرحوم حججي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

1968 ( 13 اپريل) علامه مرحومرحلت ڪئي .

Good Wishes