سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ

جون سرگرميون



title

 

 
 
 
 

Collected and compiled by

Dr Pathan

Founder Gul Hayat institute



 

سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ جون سرگرميون

(نوٽ﷢: هن موضوع تي وڌيڪ مواد لاءِ ملاحظه ڪريو ”واقعا/Events“ جيڪي هن ئي ويب سائيٽ تي موجود آهن.)

حيدرآباد سنڌ ۾ خلافت ڪانفرنس ۽ انجمن علماءَ جا جلسا

4 جنوريءَ 1920ع تي خلافت ڪانفرنس ٿي ۽ پنجينءَ تي انجمن علماءَ سنڌ جو جلسو، ڪانفرنس ۾ 800 ڊيليگيٽ شريڪ هئا ۽ انجمن ۾ مولوين ۽ پيرن جو تعداد 86 هو. ٻنهي ڪائونسلن ۽ انجمن جي جلسن ۾ جڏهن انهن ظلمن ۽ ستمن جا واقعات بيان ڪي ويا ٿي جي خلافت عثمانيہ جي دشمنن مولوين ۽ ٻين مسلمانن تي ڪيا آهن. تڏهن علم روڄ ۾ راڙو پئجي ويو ٿي. مير مجلس حضرت مولانا غلام محمد صاحب ملڪاڻي پنهنجي صدارتي خطبي ۾ فرمايو ”مسلم ليگ جي صدر صاحب جيڪي گاو قرباني بابت فرمايو آهي تنهن جي دلي تائيد ڪرڻ ۾ مون کي تمام گهڻي خوشي آهي. جيستائين هندو مسلم هڪ ٻئي جي مذهبي احساسات  جي عزت احترام نه ڪندا تيستائين اتحاد پخته پايه تي بيهي نه سگهندو.“

5 تاريخ تي جڏهن مسٽر ڄيٺمل جو جلوس هوم اسٽيڊ هال وٽان لنگهيو تڏهن سنڌ جا پير ۽ مشائخ ۽ مولوي هال کان ٻاهر نڪري آيا ته مسٽر ڄيٺمل جي مرحباڪن ۽ هن سان بغلگير ٿي مليا. سنڌي اتحاد جي اها سچي تصوير ڪڏهن به اکين مان غائب ٿي نٿي سگهي.

علماءَ جون تقريرون ٻئي موقعي تي ڏنيون وينديون في الحال گورنر حاجي ڌيان ڇڪائڻ لاءِ هيٺيان ٺهراءَ ڏجن ٿا. (ص 3)

انجمن علماءَ سنڌ جا ٺهراءَ

ريزوليشن نمبر 1

هي جلسو علماءَ سنڌ جو هز ايڪسلينسي لائڊ جارج گورنر بمبئيءَ کي هيٺين بابت ذاتي استدعا  ڪري ٿو ۽ بمبئي سرڪار کان اصرار سان اها طلب ڪري ٿو ته جن سرڪاري عملدارن خلافت عظميٰ جي برخلاف واري تحريڪ ۾ ظلم ڪيا آهن ۽ ڪرايا آهن. تن کي جوڳي سزا ڏيئي سنڌ مان يڪدم ڪڍي. ڇاڪاڻ ته مذهبي علمائن ۽ عام مسلمانن تي اڃا تائين ظلم ٿيندڙ آهن. اهي ظلم سرڪار جي نالي کي بي عزت ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن انهن کي يڪدم جوڳي سزا ڏئي سنڌ مان نه ڪڍيو ويو ته هيءَ انجمن علماءَ سنڌ سمجهندي ته سرڪار انهن کي رعيت کان وڌيڪ پيارو ڄاڻي ٿي.  پوءِ انجمن مجبور ٿي پنهنجو شرعي فيصلو جاري ڪندي.

تحرڪ مولانا تاج محمود صاحب.

(1) مريد مولوي حڪيم فتح محمد صاحب، (2) مريد مولوي محمد عاقل صاحب، (3) مريد مولوي دين محمد وفائي، (4) مريد پير سيد علي نواز شاهه صاحب.

ريزوليشن نمبر 2﷢:

از صد باتفاق راءِ جلسه پاس ٿيو. هي جلسه انجمن علماءِ سنڌ جو هز ايڪسلنسي لائڊ جارج گورنر جو ڌيان انهن فوجداري ڪيس ڏي ڇڪائي ٿو. جي ڪيس لاڙڪاڻه ضلعي جي مشهور ۽ معزز مسلمانن تي داخل ٿيا آهن. انهيءَ انجمن جو اهو سوچيل سمجهيل خيال آهي ته اهي ڪيس انهن عملدارن جي مدد ۽ انهن جي ايجيٽيشن جي معرفت داخل ڪيا ويا آهن جن عملدارن جو تعلق خلافت جي برخلاف واري تحرڪ سان آهي. هيءَ انجمن تنهنڪري سرڪار کي اصرار سان چوي ٿي ته سرڪار هڪدم هڪ آزاد ڪميشن مقرر ڪرڻ فرمائي. انهي نسوري ظلم جي جاچ لاءِ جو خلافت جي تحريڪ جاري ڪرڻ واري وقت کان وٺي هلندڙ آهي.

ريزوليشن نمبر 3﷢:

از صد باتفاق راءِ جلسه پاس ٿيو، انجمن علماءَ سنڌ جي هي جلسه آل انڊيا سينٽرل خلافت ڪاميٽي ۽ مسلم ليگ ۽ هندستان جي مسلم ليڊرن کي استدعا ڪوٺيو ته اسان کي ظلمن کان ڇڏائين ۽ خلافت جي مسئله بابت مسلمانن تي ٿيا آهن.

ريزوليشن نمبر 4﷢:

از صد باتفاق راءِ جلسه

انهن مسلمنن کي جن تي خلافت ڪري مقدما ٿيا آهن کي مالي مدد ڏني وڃي.

ريزوليشن نمبر 5:

از صدر باتفاق راءِ جلسه

هيءَ انجمن مولوي شوڪت علي ۽ مولوي محمد علي صاحب کي مبارڪباد ڏئي ٿي. جو انهيءَ صاحب  نظربندي ۾ جيل خاني جون سختيون سهي ڪري پنهنجي ايمان تي قائم رهيا.

ريزوليشن نمبر 6:

هي جلسه آل انڊيا يا خلافت ڪانفرنس منعقد دهلي مورخه 23 نومبر 1919ع ۾ جيڪي ريزوليشن پاس ٿيا هئا خصوصن تحريڪ بائيڪاٽ ۽ سرڪار سان قطع تعلقات بنسبت انهن سان اتفاق ظاهر ڪري ٿو.

ريزوليشن نمبر 7:

صوبه  سنڌ جي خلافت ڪانفرنس لاڙڪاڻه ۾ 5 فيبروري 1920ع جي منعقد ڪئي وڃي هي ٺهراءُ به اميد منظوري سيٺ حاجي هارون پريزيڊنٽ سنڌ خلافت ڪميٽيءَ جي پاس ڪجي ٿو.

الامين، نمبر 13، حيدرآباد سنڌ، 15 جنوري 1920ع، جلد 5، ص 4.

................................................................................................

جمعيت خلافت اسلاميه صوبه سنڌ ڪراچي.

428 مئڪلوڊ روڊ

ڪراچي 23 جنوري 1921ع

جناب من............. اسلام علڪيم.

جمعيت خلافت اسلاميه صوبه سنڌ جي منتظم ڪاميٽيءَ جو جلسو ڇنڇر ڏينهن تاريخ 5 فيبروري 1921ع 11 بجي صبح جو خلافت ڪاميٽي جي آفيس ۾ ٿينگو- مهرباني اچي جلسي ۾ شريڪ ٿيندا.

هيٺيان ڪم سرانجام ڪيا ويندا.

1.بيت المال جو حساب ڪتاب

2.بيت المال ڪيئن ڪجي

3. حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ ماتحت آفيس (سب مرڪز) خلافت جا ٺاهڻ.

4.قومي تعليم فنڊ ۽ ان جي گڏ ڪرڻ لاءِ ڪهڙا اپاءَ ۽ تجويزون اختيار ڪجن.

5. هميشه لاءِ وفد مقرر ڪرڻ جو ڪم ڪندو رهي.

6.تبليغ ۽ سوديشي رپورٽون.

7. ڪنهن ماڻهن کي روڪجي جي سنڌ پراونشل ڪاميٽي جي نالي پئسا گڏ ڪن ٿا.

8. جنرل ڪاميٽي ڪوٺائڻ لاءِ تاريخ ۽ هنڌ مقرر ڪرڻ.

9. قومي دارالقضائون برپا ڪرڻ.

10. مجاهدن جون جماعتون تيار ڪرڻ.

11. سرڪاري دٻاءُ کي ڪيئن منهن ڏجي

12. ميرپورخاص ۾ سنڌ پراونشل ڪانفرنس سان گڏ سنڌ خلافت ڪانفرنس ڪجي يا نه ڪجي.

13. مولانا محمد صادق صاحب جون تجويزون ملان اسڪولن بابت

14.هميشه لاءِ مبلغين مقرر ڪرڻ.

15. مرڪزي خلافت ڪاميٽي بمبئي جا جاري ڪيل نوٽ ڪيتري قيمت جا وڪري لاءِ گهرايا وڃن.

16. ڪانگريس مقاصد- سوراج ۽ قطع تعلقات.

خاڪسار

محمد خان

سيڪريٽري

سيد پراونشل خلافت ڪميٽي ڪراچي.

23 جنوري 1921ع

................................................................................................

فتويٰ انجمن علماءَ سنڌ

درباره آنکسان کہ عمدََا

گزشتہ شريک شدند

سوال

ڇا ٿا فرمائين علماءَ ڪرام انهن مسلمانن جي باري ۾ جيڪي گذريل جشن ۾ عهدا شامل ٿيا باوجود علماءَ ڪرام هند جي متفقه فتويٰ هئي ته صلح جشن ۾ شريڪ ٿيڻ حرام آهي ۽ انهيءَ پنهنجي ڪئي تي نادم ۽ توبهه تائب به نه ٿيا آهن.

جواب

انهن مسلمانن کي گهرجي ته پنهنجي انهيءَ ناجائز ۽ فاسقانه فعل تي علانيته اظهار ندامت ڪن ۽ بارگاهه الاهيءَ توبهه تائب ٿين. ٻيءَ صورت ۾ مسلمان انهن کي نفرت جي نگاهه سان ڏسن ۽ انهن کي بڇڙو سمجهن ۽ انهن کان قطع تعلقات ڪن. مثلن سلام ڪلام وغيره وغيره. جيڪڏهن اهڙن مسلمانن مان ڪي مسلمان ڪنهن اسلامي منصب وارا هجن مثلن قاضي يا پيش امام وغيره ته مسلمانن تي لازم آهي ته انهن کي انهن منصبن کان معزول ڪن ڇو ته هو شرعن اهڙي منصب جا لائق نه آهن. والله اعلم بالصواب.

(1) مولوي سيد تاج محمد امروٽ (2) هٰذا هوالحق سيد امام صاحبزاده پيرجهنڊي (3) اسد الله الحسيني (ٽکڙ) (4) من اتبع غير سبيلا المومنين نولہ ما تولي ونصفہ جهنم ساعت مصيرا- حامد الله عفي عنه (لاڙائي)، (5) الجواب صحيح- صديق (6) قال النبي صلي الله عليہ وسلم من فارق الجماعتہ سبرا فقد خلع رقبة الاسلام عن عنقہ العبد- محمد عاقل لاڙڪاڻو (7) ذلک کذلک دين- وفائي (8) فقير- عمر سرهندي مٽياري، (9) فقير عبدالرحمان (10) محمد نورالحق مدرس ڳوٺ پير جهنڊه (11) ما قال المحققون فهو حق موولوي محمد واهڙائي مقيم ٽنڊه سائينداد (12)صحيح احقه العباد-امين ٽنڊو غلام حسين خان (13) صحيح العبد سليمان (لاڙائي)، (14) الجواب صحيح عبدالڪريم مقيم گهٽگهڙ تعلقه قنبر (15) خليفه حاجي محمد هالا نوان (16) مولوي عبدالله هالا پراڻا (17) هي قول سارو حق آهي. جنهن کان اسان کي انڪار نه آهي. مولوي عبدالله سانگهڙ (18) مولوي خوش- ميرو خان لاڙڪاڻو (19) الجواب صحيح محمد اڪرم انصاري هالاڻي (20) هٰذا هوالحق غلام محمد ٽنڊه محمد خان (21) هٰذا هوالحق- محمد صديق مورائي (22) هي جواب صحيح آهي عبدالخالق ڪنڊيارو. (23) مولوي محمد اسماعيل ڳڙهي حسن تعلقه ٺل (24) مولوي نور-ٽنگواني ڪنڌڪوٽ (25) مولوي احمد- مراد پور ٺل (26) مولوي غلام رسول ساڪن رئيس قائم خان تعلقه قنبر (27) ختمت علي ختم العلماءَ لافهم واجب الاتباع المسڪين- سليمان، ٿرڙي محبت، ميهڙ (28) صحيح مولوي دين محمد مقام بٺي تعلقه ميرا خان (29) صحيح- يوسف ويٺل نٻون تعلقه ميرپور بٺورو (30) صحيح مولوي شيخ نور محمد مٽياري (31) جڏهن ان مسئلي بابت اجتماع ڪري علمائن فتويٰ ڏني آهي سا دل و جان سان قبول آهي- معين الدين کياري والا ضلع نوابشاهه (32) نور”ولد ميان حامد الله علامه لاڙ“ (33) مولوي حافظ نور محمد ڳڙهي ياسين (34) صحيح ابو الحبيب مٺل شاهه ٺلاه شريف باقراڻي روڊ (35) مولوي سرور بخش مقيم ٺل سرحد سنڌ (36) مولوي حبيب الله مدرس مدرسه کاڻ تعلقه دادو (37)مولوي محمد هاشم- اسحاق ديرو تعلقه ڳڙهي ياسين (38) صحيح مولوي الاهي بخش معلم ٻانها تعلقه ميهڙ (39) مولوي عبدالخالق مورائي حال مقيم ٺل اپر سنڌ (40) مولوي الاهي بخش گوٺي (41) مولوي در محمد مدرس ص 9 مدرسه مراد پور تعلقه ٺل (42) مولوي غلام رسول شهر پيربخش قنبر (43) مولوي ابوالفيض غلام محمد سونو جتوئي تعلقه لاڙڪاڻو (44) مولوي حاجي احمد-مولوي ملا ابرو تعلقه ڏوڪري (45) مولوي عبدالله الهالائي مدرس مدرسه محمد ۾ هالا ڪهنه (46) صحيح مولوي-صالح عباسي، مقيم دادو(47) مولوي شيخ عبدالقدوس حيدرآباد سنڌ (48) مولوي سيد حزب الله شاهه ڳوٺ نور- شجراه تعلقه شڪارپور(49) صحيح (پير سيد) فخرالدين گهوٽڪي (50) مولوي عبدالڪريم- شهر حاجي خان تعلقه شڪارپور (51) مولوي سيد عابد شاهه- نور محمد شجراه-تعلقه شڪارپور (52) مولوي عبدالڪريم دين پور تعلقه ٺل (53) مولوي محمد يوسف معلم مدرسه ڀان تعلقه سيوهڻ (54) صحيح مولوي غلام فريد ڳوٺ نور محمد پريد  تعلقه قنبر (55) صحيح مولوي نبي بخش عودي اپر سنڌ.

هفتيوار الامين، نمبر2، حيدرآباد سنڌ، 26 جنوري 1920، جلد 5. ص: 10

................................................................................................

جلسو عام خلافت اسلامي

نصرپور سنڌه

جنهن صورت ۾ يورپ جون بعض عيسائي حڪومتون مقامات مقدسه ۽ خليفتہ المسلمين جي پٺيان هٿ ڌوئي لڳيون آهن ۽ خود مڪه معظمہ مديني منوره، بيت المقدس قسطنطنيہ جهڙن مقدس اسلامي شهرن لاءِ ساڳيون چالبازيون ۽ حرفتون هلايون وڃن ٿيون جهڙيون مصر سان کيڏيون ويون هيون تنهن صورت ۾ مسلمانن جو اهو مذهبي فرض آهي ته هو اهڙي نازڪ آزمائش جي وقت اسلامي عزت ۽ اقتدار قائم ڪرڻ لاءِ باقاعده هر ممڪن تجويز اختيار ڪري پنهنجي اسلامي غيرت جو ثبوت ڏين.

هينئر موجوده حالتن ۾مسلمانن جو پهريون فرض آهي هر طرح تن، من ۽ ڌن سان مدد ڪري جمعيت خلافت اسلاميه صوبه سنڌه ۽ خلافت بيت المال کي وڌائڻ ۽ زور وٺائڻ لاءِ هر ڪنهن ضلعي جي هر هڪ تعلقي ۽ هڪ ڳوٺ ۽ واهڻ ۾ مٿيئن جماعت جون شاخون قائم ڪن.

اسان جي قديم اسلامي شهر نصرپور تعلقه ٽنڊه الهيار ضلعي حيدرآباد سنڌه جا مسلمان اها ضرورت گهڻي وقت کان محسوس ڪري رهيا آهن ۽ هاڻي پنهنجي فرائض جي ادائيگي لاءِ ارادو ڪيو اٿن ته هتي نصرپور ۾ انهيءَ مقصد لاءِ خلافت جو عظيم الشان جلسو ماهه پهرين جمعرات تاريخ 2 شعبان هجري 1338 مطابق تاريخ 22 اپريل 1920ع خميس ڏينهن شام جوجناب حضرت پير شاهه محمود شاهه صاحب جيلاني رحمت الله عليہ جن جي درگاهه شريف تي منعقد ڪجي.

هن مبارڪ موقعي تي جناب حضرت پير ميرحافظ حاجي سيد اسد الله شاهه صاحب زميندار ٽکڙ ۽ حيدرآباد جا مشهور محبان اسلام جناب شيخ عبدالمجيد صاحب ايڊيٽر الامين، ڊاڪٽر شيخ نور محمد صاحب ۽ اسان جا وطن دوست هندو ليڊر ڊاڪٽر چوئٿرام ۽ مستر نرسنگ لال ۽ ٻيا حضرات پڻ مهرباني فرمائي اسان جي استدعا تي اچڻ لاءِ تيار ٿيا آهن.

سڀني عام خاص هندو مسلمانن ڀائرن کي استدعا ٿي ڪجي ته هن جلسي تي شريڪ ٿي نصرپور جي مسلمانن کي ممنون ڪندا.

خميس ڏينهن شام کان رهائش ۽ خوراڪ جو عام بندوبست رکيو ويندو.

الملتمس

مولوي تاج محمد قاضي عبدالرحمان قريشي

مسٽر محمد يوسف خليفہ جمع خان عباسي.

تاريخ: 22.04.1920

................................................................................................

دفتر جمعيت خلافت اسلاميہ صوبه سنڌ

مئڪلوڊ روڊ ڪراچي، مورخہ 7 مئي 1920ع

جناب من سيّد غلام مرتضيٰ شاهه صاحب زميندار

اسلام عليڪم- ڪثرت راءِ سان فيصلو ڪيو ويو آهي ته خلافت ڪميٽيءَ جي جنرل ميٽنگ حيدرآباد سنڌ ۾ ڪجي تنهنڪري اوهان جي خدمت ۾ اطلاع ٿو ڏجي ته تاريخ 22، 23 مئي 1920 بروز ڇنڇر ۽ آرتوار جلسو مسٽر نور محمد صاحب وڪيل جي جاءِ تي ٿيندو ۽ هيٺين تجويزن تي غور ڪيو ويندو.

هي جلسو تمام ضروري آهي ۽ گهڻين اهم ڳالهين جو فيصلو ڪرڻو آهي. تنهنڪري ضرور توهين شريڪ ٿي ممنون فرمائيندا. تاڪيد- فقط والسلام.

(1) جمعيت خلافت اسلاميه صوبه سنڌ جي لاءِ قاعدا.

(2) چنده جمع ڪرڻ ۽ خلافت ڪميٽيون ٺاهڻ ۽ ٻين ضروري ڳالهين لاءِ وفد ٺاهڻ گهرجن ۽ انهن جي گذاري لاءِ ڪهڙو انتظام ڪيو وڃي.

(3) انهيءَ تحريڪ کي ڪامياب ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته ديسي شيون ڪم آڻجن ۽ سنڌ جي هندن کي زور وٺرائجي.

(4) عملدار جي خلافت جي تحريڪ ۾ حصي وٺندڙن کي تڪليف ٿا ڏين تن جو ڇا بندوبست ڪرڻ گهرجي؟

(5) هندستان کان نڪري اسلامي ملڪن ڏي هجرت ڪرڻ.

(6) رمضان شريف جو سمورو مهينو چنده گڏ ڪجي ۽ ان کي بيت المال جو مهينو ڪري ملهائجي ۽ ڪوشش ڪجي ته پنهنجو حصو (5 لک) پورو ڪري ڏئي.

(7) گورنمينٽ کان قطع تعلق ڪرڻ.

نوٽ﷢: حالتون ڏينهون ڏينهن وڌيڪ نازڪ ٿينديون ٿيون وڃن. اسان جي درخواستن تي ڪو به خيال ڪو نه ڏنو ٿو وڃي. جيتري قدر اسان گهڻا عرض ڪيا اوتري قدر خلافت اسلام کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. ڪم ڪرڻ جو وقت آيو آهي توهان ضرور شريڪ ٿي پنهنجو فرض ادا ڪندا ۽ پنهنجي اچڻ جو اطلاع مسٽر نور محمد وڪيل کي ڏيندا. 20 تاريخ اندر، ته هن سان گڏ ٽڪيٽ پڻ موڪلجي ٿي جو رڳو توهان جي لاءِ آهي ٽڪيٽ کانسواءِ جلسي ۾ شريڪ ٿيڻ جي اجازت نه آهي.

حڪيم شمس الدين

جوائنٽ سيڪريٽري

الوحيد پريس، مئڪلوڊ روڊ ڪراچي، تاريخ 7 مئي 1920.

...................................................................................................

ڍورو نارو ۾ خلافت جلسو

زير صدارت پير آف غلام مجدد صاحب.

27، 28 شعبان 17، 18 مئي 1920ع تي ڪيترائي مولوي، ايڊيٽر، ماڻهو گڏ ٿيا، ٺهراءَ پاس ڪيا ويا. جيڪي خليفه المسلمين، خلافت جي حفاظت، انگريزن جي غلط پاليسي وغيره بعد، هيٺين ماڻهن پنهنجي اسڪول گرانٽن ۽ عهدن ۽ ڪرسين تان استعيفائون ڏنيون.

گرانٽس وٺڻ کان انڪار ڪندڙ هيٺان آهن﷢:-

1. مولوي لعل محمد صاحب، انڙپور.

2. ميان خير محمد مانجهو.

3. ميان شفيع محمد مانجهو.

4. حاجي خير محمد، مٽياري.

5. حافظ محمد، مٽياري.

6. لعل خان لغاري

7. ملا خان محمد گهموري، عمرڪوٽ.

8. مولوي محمد طاهر، ڦلهڏيون.

9. مولوي محمد قاسم عزيز مگري

10. مولوي نور محمد ڪونجي گر.

11. مولوي محمد عثمان.

12. محمد حسن چبل، عمرڪوٽ.

13. مولوي ميان حاجي عبدالحڪيم، عمرڪوٽ.

14. حافظ حامد الله ڏيپو

15. حافظ متارو ساڍر، عمرڪوٽ.

16. حسين ماڻبو ڳوٺ عبدالڪريم پلي.

17. عمر مچندو نڪر جو ڳوٺ.

18. ميرو خان نڪر پٿورو.

19. محمد سليمان آزاڙو.

20. محمد يوسف رحم خان لغاري.

هيٺين صاحبن ميمبرن ڪرسين ۽ آفرين نامه ڇڏڻ جو اعلان ڪيو.

1. ميان جلال شاهه ويٺل غلان نبي شاهه، لوڪلبورڊ جي ڪرسي.

2. وڏيرو سمون خان ڪانڀو خان ڪليڪٽر جي ڪرسي.

3. آغا محمد علي جان ڪرسي

4. وڏيرو خدبخش ڀرڳڙي ڪرسي.

5. ميان محمد هاشم ولد محمد اسماعيل ويٺل نوهين عمرڪوٽ اسڪول ڪميٽيءَ جي ميمبري ۽ ڪليڪٽرجاتي آفرين نامه- ٻيو ڪليڪٽر ٿرپارڪر کان مليل ٻيو سپرنينڊنٽ  کان مليل، ٽيون ڊپٽي ڪليڪٽر تاره کان مليل.

42 زميندارن اعلان ڪيو ته جڏهن علماءَ ۽ ليڊر حڪم ڏيندا تڏهن ڍلن ڏيڻ کان انڪار ڪنداسون.

سب انسپيڪٽر پوليس سي آءِ ڊي استعيفيٰ لکي ڊي آءِ جي کي موڪلي.

اٽڪل ٻن سئو ڄڻن لکي ڏنو ته هجر ڪرڻ لاءِ ۽ جيل ۾ وڃڻ لاءِ تيار آهيون. هڪڙي هندوءَ نالو لکايو ته هو به جيل ۾ وڃڻ لاءِ تيار آهي.

الامين نمبر 15، حيدرآباد سنڌ، 31 مئي 1920ع، جلد 5، ص 5 کان 6.

..............................................................................................

از دفتر ”سنڌ پراونشل خلافت ڪميٽي“

24 جون 1920ع

جي ايم سيد ڏانهن خط

ته 3 جولاءِ 1920ع تي ڇنڇر ڏينهن خلافت آفيس الوحيد پريس ۾ ميٽنگ ۾ شرڪت ڪري.

حڪيم شمس الدين

جوائنٽ سيڪريٽري

تجويزون﷢:

1. قطع تعلقات کي ڪيئن ڪامياب ڪجي؟

2. ان لاءِ پير صاحبن ۽ علماءِ جون فتوائون.

3. تبليغي ڪميٽيءَ جي رپورٽ.

4. سوديشي ڪاميابيءَ لاءِ تجويز.

5. سنڌ مان ڪي صاحب ڪراچيءَ ۾ هي خلافت جي ڪم ۾ مدد ڏني.

6. ابتدائي تحريڪ خلافت کان وٺي اڄ تائين جي مظالم جي پوري رپورٽ ٺاهجي.

7. هر هڪ ضلعي ڪميٽيءَ جا ميمبر هڪ لک هجن ۽ 4 في چنده ڏين.

8. سنڌ جي ظلم روڪڻ لاءِ اپاءَ.

9. تبليغي ماڻهن جون پگهارون.

10. هجرت ڪميٽيءَ جو ٺهراءُ، کين مدد لاءِ.

11. مولوي عبدالخالق ۽ مولوي عبدالغفور جو خط جيڪب آباد جي مظلومن جي امداد.

12. هڪ مصيبت زده ترڪ جي امداد.

13. منظم ڪميٽيءَ جي فيصلي جي اشاعت ۽ تعميل لاءِ ضلع ڪانفرنسون.

14. نظامِ تبليغ.

الوحيد، 24 جون 1920ع.

...................................................................................................

سنڌ خلافت جلسه

26 شوال 24 جون خلافت جو جلسو ڳوٺ حيات خان رند تعلقه ٺل ۾ مولانا تاج محمود صاحب امروٽي وارن جي زير صدارت هڪ عاليشان پيماني تي ٿي گذريو ان جلسي ۾ قريب 2 هزار ماڻهو جمع هئا ۽ ماڻهن ۾ ڏاڍو اسلامي جوش هو. الله اڪبر جي نعرن سان بلند آواز هئا. صدر صاحب جي تقرير کانپوءِ هيٺان ٺهراءَ پاس ٿيا.

الوحيد 2 جولاءِ 1920ع، ص 3.

...................................................................................................

مهاتما گانڌي ينگ ”انڊيا“

مهاتما گانڌي لکيو آهي ته مان جيڪر خوشيءَ سان شهزادي جي مرحبا ڪريان پر سرڪار ان جو اهو فائدو وٺي ثابت ڪندي ته هندو واسي سرڪار مان خوش آهن. ان ڪري اسان کي شهزادي جي مرحبا ۾ ڪو به بهرو وٺڻ نه گهرجي.

الوحيد جلد 1، نمبر 60، 11 جولاءِ 1920ع. ص 6.

.................................................................................................

اسلامي دنيا

وزير علي بيگ نالي هڪ اسان جي ملڪي مسافر ابي سينا آفريقه مان اخبار وڪيل کي هڪ خط لکيو ته هجرتي جيڪڏهن ابي سينا هجرت ڪري اچن ته آءُ هر طرح مدد ڪندس ۽ روزگار جا موقعا آهن. پاڻ ته يارنهن سالن کان واپار ڪري ٿو.

الوحيد جلد 1، نمبر 60، 11 جولاءِ 1920ع. ص 4.

...................................................................................................

خلافت جلسو

19، 20 شوال تي ماڏي تعلقه خيرپورناٿن شاهه ۾ خلافت جلسه پير سيد عبدالله صاحب جي زير صدارت ٿي گذريو. ڪم جو انتظام مولانا محمد صالح صاحب بلڪل چڱو رکيو هو. جابلو ماڻهو ۽ ٻي تر جي خلق قريب ٻه هزارن جي آيل هئي. قطع تعلقات ۽ سوديشي ۽ هجرت، هندو مسلم ايڪتا تي ٺهراءُ پاس ٿيا. مولانا محمد سليمان واعظم ۽ مولوي محمد صديق پير صاحبن تقريرون ڪيون.

تعلقه ڪنڌڪوٽ ضلعي جيڪب آباد ۾ هڪ ٻروچن جي ڳوٺ ۾ مسلمانن خلافت جو جلسو ڪرائڻ چاهيو پر وڏيري شير محمد بجاراڻي کين ڌمڪائي جلسو بند ڪرائي ڇڏيو.

الوحيد، جلد 1، نمبر 41، 13 جولاءِ 1920ع، ص 4.

...................................................................................................

ٻٽ سرائڻ تعلقه سيهڙ ۾ خلافت جو جلسو

17،18 شوال جي تعلقي ميڙ شهر ٻٽ سرائڻ ۾ خلافت جو عظيم الشان جلسو پير سيد عبدالحق صاحب سجاده نشين درگاهه پير جو ڳوٺ نئون ديرو جي صدارت ۾ ٿي گذريو. ماڻهو تقريبن 3 هزارن ۾ آيل هئا. ڪم ڪار جو انتظام پير سيد شاهه دوران شاهه صاحب سجاده نشين ٻٽ سرائي ۽ وڏيري ميان عبدالرحمان صاحب جي سپرد هو ۽ وڏيري صاحب مهمانن جي خدمت ڪئي ۽ آرام جو پوري جان شان سان انتظام رکيو هو ۽ پوري سرجوشيءَ سان جلسي جي آخري ڪارروائي تائين معزز مهمانن جي خاطرداري ۾ بيٺو هو. ان موقعي تي مولانا سيد تاج محمد صاحب ۽ رئيس جان محمود خان مهاجر ۽ پير سيد تراب علي شاهه ۽ جناب شيخ عبدالمجيد صاحب ۽ ٻيا علماءَ ڪرام ۽ بزرگ موجود هئا. قطع تعلقات سرديشي، هجرت ۾ ڪامورن جي ظلمن تي اظهارِ نفرت تي ٺهراءُ پاس ٿيا ۽ زوردار تقريرون ٿيون.

الوحيد جلد 1، نمبر 41، 13 جولاءِ 1920ع.

...................................................................................................

                                 حڪيم مولوي معاذ جو مضمون

هجرت ڪرڻ لاءِ سبب

انسان ۽ ان جي زندگيءَ جو مقصد اسلام ۽ ان جون ذميواريون، هڪ وڏو مضمون. هجرت ۽ عالمن جون فتوائون، مخالفن جون نيتون.

الوحيد جلد 1، نمبر 64، 14 جولاءِ 1920ع، ص 1 کان 2.

...................................................................................................

”خط“  خلافت جي خادمن سان ظلم (ايڊيٽر ڏي)

موري جي خلافت ڪميٽي سٺو ڪم ڪري رهي آهي پر، منڪر خلافت مٿن سختيون ڪري رهيا آهن.

لکندڙ: حاجي محمد صديق حڪيم

سيڪريٽري خلافت ڪميٽي مورو

ضلعي نوابشاهه سنڌ.

الوحيد جلد 1، نمبر 64، 14 جولاءِ 1920ع. ص 2.

.................................................................................................

هجرت

سنڌي مهاجرن جو قافلو جنهن ۾ اٽڪل 50 مرد 200 عورتون ۽ ٻار هئا سو لاهور ۾ آچر رات دير سان پهتو جو واٽ تي سندن مرحبا ٿيندي رهي ۽ دير ٿي وئي. شهرن (ملتان) جا وڏا ننڍا گڏ ٿيندا رهيا ، مهاجرن لاءِ طعام کنيو آيا.

خلافت جلسو

ڳوٺ ڪنڊي شريف تعلقه دادو ۾ مولانام حمد هاشم جي صدارت ۾ جلسو ٿيو. اٽڪل 7 سئو ماڻهن شرڪت ڪئي. خلافت جي اهيمت تي صدر صاحب تقرير ڪئي. قطع تعلقات هجرت، مظالم جيڪب آباد تي اظهار نفرت جا ٺهراءَ پاس ٿيا ۽ ڪيترن هجرت لاءِ نالا ڏنا. زوردار دعائون گهريون ويون  ۽ ماڻهو زارون زار روئي رهيا هئا.

الوحيد جلد 1، نمبر 62، 14 جولاءِ 1920ع. ص 1

...................................................................................................

فرام المهاجرين ۽ مهاجرن کي اعانت

مولوي معاذ نوابشاهه جو مضمون، جنهن ۾ سنڌ ۽ اهل سنڌ کي سلام ۽ تعريف ڪئي وئي آهي. سنڌ واسين کي همٿايو اٿس ۽ هجرت کان وري موٽي سنڌ جي زمين تي رهڻ جو ارادو به ظاهر ڪيو اٿس. يعني سنڌ کي وسارڻ جي نٿو ڪري ۽ ٻين کي به سنڌ جي اهميت ۽ سنڌ واسيبن جي باري ۾ ٻڌائي ٿو.

الوحيد جلد 1، نمبر 44، 18 جولاءِ 1920ع. ص 1

...................................................................................................

سنڌ جون خبرون

تعلقه جوهي جي هيٺين مولوين صاحبن قطع تعلقات جي سلسله ۾ ملا اسڪول جي گرانٽ وٺڻ کان استعيفائون ڏني آهي. جيئن ته:

1.مولوي محمد حسن صاحب

2.مولوي محمد حمزه ڊگهه بالا

3. مولوي دين محمد صاحب

4. مولوي محمد علي جمالي

5. مولوي خان محمد ڳوٺ ٺوڙه.

ڳوٺ سبزل خان گبول جي هڪ مسلم صاحب حبيب الله به ملا اسڪول جي گرانٽ کان استعيفا ڏني.

تعلقي شڪارپور ڳوٺ ڊکڻ منگر واهه جي مسلمانن هڪ جلسو سڏايو جنهن ۾ مولانا عبدالڪريم چشتي خلافت ۽ موجوده حالت تي دردناڪ واعظ فرمايو، ماڻهن ۾ روڄ هو ۽ دعا هئي.

الوحيد جلد 1، نمبر 70، 24 جولاءِ 1920ع. ص 4.

...................................................................................................

ملا اسڪول گرانٽ کان استعيفا

ضلعي لاڙڪاڻه جي تازو هيٺين صاحبن ملا اسڪول جي گرانٽ کان استعيفائون ڏنيون آهن.

1. حافظ شير محمد ڳوٺ پوراچو تعلقه ميهڙ.

2. حاجي غلام رسول ميو خان جلباڻي تعلقه وارهه.

3. ملا گل محمد تعلقه وارهه دڙو سيهڻ ميهڙ.

4. ابراهيم شدو جهتيال دڙو سيهڻ ميهڙ.

5. حاجي الهه آندو مهرو

6. دين محمد، باڊهه

7. الهه بخش، پپري

8. مولوي الهه بخش پٽ سرائي

9. ابراهيم، ميهجر ابريجو

10. سيد مولوي غلام شاهه تعلقه دادو.

الوحيد جلد 1، نمبر 72، 29 جولاءِ 1920ع. ص 1.

...................................................................................................

جوش عدم تعاون ۽ استعيفائون

حيدرآباد سنڌ خلافت ڪانفرنس جي موقعي تي هيٺين صاحبن عملي ڪم ڏيکاري حيرت ۾ وڌو.

1. سيد عبدالحڪيم شاهه زميندار اعظم ٽکڙ، پروانه ڪرسي

بندوق- 12 آفرين نامه ۽ هڪ گورنر صاحب جو انهن کان دستبردار ٿيو.

2. رئيس در محمد خان زميندار قنبر ڪرسي ۽ پروانه بندوق.

3. قاضي ميان عبدالحڪيم صاحب بئنچ مئجسٽريٽ زميندار ڪوٽڙي.

4. سيد نبي بخش شاهه زميندار اعظم ڪرسي، تعلقه هالا.

5. سيٺ عبداللطيف صاحب، سيلا نائيج، مئجسٽريٽ حيدرآباد سنڌ.

6. مراد علي خزانچي پٿورو استعيفا ملازمت

7. ميان محمد صادق تپيدار تعلقه حيدرآباد 12 ورهين جي ملازمت کان استعيفا.

8. مير محمد ڪيهر خان بلوچ آبڪاري جمعدار، 20 سالن جي نوڪري 60 رپيا پگهار ماهوار تان دستبرداري.

9. حاجي امام بخش صاحب زميندار تعلقه لاڙڪاڻو ڪرسي ۽ ٻيا عهدا.

10. مسٽرامام الدين پوسٽر ماستر ڳڙهي ياسين حال موڪل تي نوڪري تان استعيفا.

11. محمد خان زميندار لاڙڪاڻو، پروانو ڪرسي، لوڪلبورڊ جي ميمبر ۽ ليسن.

12. ماستر ڪرم الله حيدرآباد، 15 ورهين جي نوڪري 63 پگهار کان استعيفا.

13. ربڏنه بيلف سول ڪورٽ حيدرآباد.

14. جمال الدين پيرزاده اورنگ آباد تعلقه ڳڙهي ياسين، پٽيوالا سول ڪورٽ حيدرآباد.

15. بچو جمع شيدي انجمن شيڊ جي نوڪري 60 رپيا ماهوار پگهار کان دستبرداري ۽ هجرت جو اعلان.

16. مولوي عبدالحڪيم ملان اسڪول جي گرانٽ کان استعيفا.

17. ميان محمد هاشم مخلص پنهنجي ڀائٽي پاران سندس لوڪلبورڊ ميونسپل جي ماستري کان بيزاري جو اعلان.

18. ملا محمد لائق تعلقه سنجهورو گرائونڊ ملا اسڪول.

19. محمد اسماعيل تعلقه ميهڙ.

20. محمد عثمان تعلقه ٽنڊوباگو گرانٽ ملا اسڪول.

21. جان محمد صاحب تعلقو ڇاڇرو.

22. مولوي نور سومرو، نظاماڻي ٽنڊو، گرانٽ ملا اسڪول.

23. ملا محمود تعلقه ميرپور ماٿيلو، گرانٽ ملا اسڪول.

24. طيبُ تعلقه سڪرنڊ ڳوٺ پيرو لکمير گرانٽ ملا اسڪول.

25. علامه نورالحق صاحب.

پنجاب يونيورسٽي جي سندات

منشي فاضل ۽ مولوي فاصل جون واپس ڪيون.  هڪ بچي شيدي ريلوي نوڪري ڇڏي هجرت جو ارادو ۽ غريب هئڻ ڪري کين سيد ميان حاجي نور محمد ۽ زميندار بقاپور  لاڙڪاڻو هڪ سئو رپيا ۽ وڏيري سان گل محمد ڦل، زميندار لاڙڪاڻو پنجاهه رپيا ۽ مستري عظيم غلام حسين سيد حيدرآباد 60 رپين ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

الوحيد 1، نمبر 72، 29 جولاءِ 1920ع، ص 4.

...................................................................................................

ايڊيٽر ڏي خط سيد تاج محمود صاحب  امروٽي

جناب ايڊيٽر صاحب الوحيد....

مهاجرن جي هڪ اسپيشل ٽرين شڪارپور مان تاريخ 13 آگسٽ مطابق 27 ذوالقعد جمعي ڏينهن پشاور ڏانهن رواني ٿيندي، ٽڪيٽون جاري ڪيو ويون آهن ۽ اسپيشل لاءِ درخواست ڪيل آهي. هر هڪ مهاجر کان 15 رپيا ٽڪيٽ جا ورتا ويندا ۽ وڌيڪ پاڻ سان 60 رپيا کڻڻ علاوه کڻڻ گهرجن.

(سيد) تاج محمد (از امروٽ شريف)

الوحيد جلد 1، نمبر 73، 31 جولاءِ 1920ع، ص 2.

...................................................................................................

الوحيد کي شيخ عبدالمجيد جي تار

جناب شيخ عبدالمجيد صاحب حيدرآباد سنڌ خلافت ڪاميٽي جي سيڪريٽري کان هيٺين تار پهتي.

”ضمانت جي واسطي مهرباني فرمائي پنجاهه روپيه چندو منهنجي طرفان ۽ 60 رپين جو هڪ زيور منهنجي اهليه جي طرفان قبول ڪيو. هڪ فنڊ جاري ڪيو، ڪو به ڊپ نه ڪيو. خدا مهربان آهي.“

الوحيد جلد 1، نمبر73، 31 جولاءِ 1920ع، ص 3.

...................................................................................................

سنڌ ۾ ٽيون يوم الخلافت

آچر 1.8.1920

سيڪريٽري سنڌ پراونشل خلافت ڪانفرنس جون هدايتون

1. آچر ڏينهن سڀ ڪم بند رکجو.

2. ٿي سگهي ته سڄو ڏينهن روزو رکجو.

3. لفظن، خيال يا فعل ۾ ڪا به زبردستي يا ڪو زور نه ڏيکاريو.

4. ماڻهن کي اخلاق طور سمجهايو پر دٻاءُ نه آڻيو ۽ ڪو ڪم بند ڪري. هڙتال خوشي سان ٿيڻ گهرجي.

5. احڪم العالمين جي درٻار ۾ دل سان دعائون گهرجو ته قوم جي بهبودي کپي ۽ دنيا تي رحم ڪري.

6. ڪراچي ۾ جلسو، اچڻ جي هدايت.

7. عام جلسن ۾ ترڪ موالات بنسبت ٺهراءُ پاس ڪيا وڃن.

8. حڪومت سان تعاون ڪري سندن حڪمن جي تعميل ڪئي وڃي ۽ حالات خراب ٿيڻ نه ڏين.

9. ڪو به جلوس ٻاهر نه ڪڍيو وڃي.

10. ترڪ موالات بنسبت اهو ئي ٺهراءُ پاس ٿيڻ ۾ ايندو جو مهاتما گانڌي ۽ خلافت ڪميٽي شايع ڪيو آهي.

11. اعزاز ۽ خطاب ڇڏي ڏيو.

محمد خان

الوحيد- 1.8.1920

...................................................................................................

حاجي عبدالله هارون کي تارون

مولانا شوڪت علي کان هڙتال بابت

”خدا جي واسطي سخت ڪوشش ڪجو، اسلام کي بي عزتيءَ کان بچايو. 1 آگسٽ جو ڏينهن ڪامياب ٿيڻ گهرجي ۽ ڪا به دو طرفي نه ٿيڻ گهرجي.“

الوحيد جلد 1، نمبر 87، پهرين آگسٽ 1920ع، ص1.

...................................................................................................

پنڊت امرسين صاحب

خلافت-هندو مسلم اتحاد قلع تعلقات وغيره.

سنڌ ۾ گشت جو......

هي صاحب 26 جولاءِ صبح جو حيدرآباد کان ميهڙ طرف روانو ٿيو ۽ 27 تاريخ شام جو 5 بجي کان 12 بجي رات تائين ميهڙ تعلقي جي تيوڻن جي ڳوٺ ۾ جو قاضي ميان شفيع صاحب جي زير صدارت جلسو ٿيو ان ۾ پنڊت صاحب قطع تعلقات ۽ هندو مسلم اتحاد جي ضرورت تي دلچسپ تقريرون ڪيون. مولانا مولوي محمد صديق جا مورائي ۽ مولي محمد سليمان صاحب واعظ به پنهنجي عمدين تقريرون سان حاضرين جي دلين تي اسلام جي فرائض نسبت چڱو اثر وڌو.

بدين

پنڊت امرسين صاحب وري خير سان 30 جولاءِ تي بدين پهتا جتي جمعي ڏينهن جناب پير عبدالستار جان صاحب سرهندي جي زير صدارت پنڊت صاحب قطع تعلقات ۽ سرديشي تي زوردار تقريرون ڪيون. ساڳئي شهر ۾ ڇنڇر ڏينهن وري ڀڳت ليمچند صاحب جي زير صدارت هڪ عام جلسو ٿيو جتي پنڊت امرسين ”هوم رول“ تي عمدي تقرير ڪئي.

ماتلي

21 آگسٽ هڙتال ڏينهن صبح جي پهر ۾ پنڊت صاحب جن ماتليءَ ۾ پهتا جتي مولوي عطاءَ الله صاحب جي مدرسي ۾ چڱو تعداد ماڻهن جو کين ملڻ آيو. اتي ٿورو وقت ترسي هڙتال بنسبت ماڻهن کي مرڪزي خلافت ڪميٽي جي اعلان مطابق هدايتون ڏئي پنڊت صاحب جن ان ئي ڏينهن هڪدم اچي ساڳيءَ ٻيڙيءَ ۾ ٽنڊه محمد خان ۾ پهتا.

ٽنڊو محمد خان

هتان صبح جي پهر ۾ بلڪل سويل پير محبوب شاهه صاحب جن گرفتار ٿي حيدرآباد موڪليا ويا هئا. ڦليلي جي ڪپ تي مختيارڪار صاحب مسٽر جشن مل بي آرام ۽ بي قرار ويٺل هو. پنڊت صاحب جن ٻيڙيءَ تان لهندي ئي ماڻهن جي هڪ ٽولي جا اتي پير صاحب جن جي گرفتاريءَ جي غم ۾ ويٺل هئي تنهن سان همدردي ظاهر ڪئي ۽ انهن کي فرمائش ڪيائون ته جيئن پير صاحب جن خوشيءَ سان خلافت جي نيڪ ڪم خاطر پنهنجي سر تي صداقت ۽ سچائي سان مصيبتون هموار ڪيون آهن تيئن کين به گهرجي ته ڪو گوڙ شور نه ڪن بلڪه خدا جي عبادت ڪري اهو ڏينهن عام هڙتال جو ڏينهن ڪري ملهائين. اتي هڪدم مختيارڪار حواس باخته ٿي پنڊت صاحب جن کي تنبيهه ڪئي ته وڌيڪ نه ڳالهاءِ نه ته هڪدم گرفتار ڪيو ويندين ۽ تڙ تڪڙ ۾ ٻه ٽي ڀڳا، ٽٽا الفاظ ڳالهائيندي مختيارڪار هڪ ڳنڍي ڇوڙ جي عادتن موافق پنڊت صاحب جا کيسا کولي سندس ڪاغذ ڪڍي پڙهڻ لڳو. جي هنديءَ ۾ هئڻ سبب هو ڪجهه سمجهي نه سگهيو ۽ پنڊت صاحب کي موٽائي ڏئي ککو وکو ٿي پوليس وارن کي وٺي ويو. ايتري ۾ پنڊت صاحب هٿ منهن ڌوئي وري وڃي پنهنجي جاءِ تي آگبوٽ ۾ ويٺو ۽ مختيارڪار هڪ پوليس نائڪ ۽ ٽي سپاهين سان اچي وارو ٿيو ۽ انهن چار باهٿيار پوليس وارن کي حڪم مليو ته هن پنڊت تي حيدرآباد تائين پهرو ڏيندا وڃن ۽ اتي کيس چائڙيءَ ۾ پوليس جي حوالي ڪن.

پنڊت صاحب گرفتار؟

پوليس جو حوالدار جيڪو مسلمان هو تنهن انهيءَ حڪم جي تعميل ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيائين ته جيڪڏهن ائين ڪرڻو آهي ته باقاعده اسان کي ڪيفيت سان چالان لکجي ملي. مختيارڪار کي ته مجال نه هئي جو اهڙو بي قاعده چالان لکي سو چپ ڪري واڇون ٽيڙي بيهي رهيو ۽ پوليس وارن کي فقط پنڊت صاحب حيدرآباد تائين پهري ڏيڻ لاءِ حڪم ڪيائين ۽ انهي وچ ۾ ماڻهو به جام اچي آگبوٽ وٽ مڙيا سو پنڊت صاحب پوين 8،9 منٽن ۾ بندوقن ۽ ڪوچن جي پهري اندر بيهي بلند آواز ٻيڙيءَ تان سڀني حاضرين کي هدايت ڪئي ته خدا جي عبادت روزه نماز ۾ پڪو اعتقاد رکن ۽ اهو سمورو ڏينهن سانت سان گذارين ۽ سڀ ڪم ڪار بند ڪري خدا جي در دعا گهرون ته خليفته المسلمين سان بي انصافيءَ جو صلح اتحادي نه ڪن. اتي جڏهن ”الله اڪبر“ ۽ ”بنده ماترم“ جي نعرن جي اندر آگبوٽ هلڻ لڳو تڏهن ويچارو مختيارڪار مس مس آرام ۾ اچي سانت سان ويو.

حيدرآباد سنڌ

شام جو ساڍي پنجين بجي حيدرآباد پهتو، پوليس کائنس رخصت ٿي وئي.

ڪراچيءَ ۾ پوليس

حيدرآباد ۾ عام جلسن ۾ آچر ۽ سومر ڏينهن تقرويرون ڪري اڱاري تي پنڊت صاحب ڪراچي پهتو.

الوحيد جلد 1، نمبر 75، 4 آگسٽ 1920ع. ص 4

...................................................................................................

قابل تقليد مثال

مولوي ميان غلام محمد صاحب ملڪاڻي سنڌ جي پهرين خلافت ڪانفرنس جو صدر هو مگر ان کانپوءِ هن تحريڪ ۾ ڪو نمايان عمل حصو ڪو نه هو هئائون پر اسلامي درد جو ثبوت پنهنجن صاحبزادن جي طوهرن تي ڏنو. تاريخ 31 جولاءِ 1920ع جي تقرير خطي تي اٽڪل ٻه هزار ماڻهو گڏ ٿيا هئا. سندن رهڻ ۽ مهمان نوازيءَ جو حق مولوي صاحب جن حسن انتظام ۽ فراخدلي سان ڪيو هو. ان مجمع ۾ مولوي عبدالرزاق صاحب بوجڪاڻي، مولوي محمد هاشم صاحب ڪنڍي وارو، مولوي محمد سليمان صاحب ٿرڙي وارو، مولوي عبدالرحيم صاحب سنڌ مدرسي وارو ۽ قاضي خدابخش نيز ڪيترا علماءَ موجود هئا ۽ مسئله خلافت ۽ ترڪ موالات تي تقريرون ڪيون ويون. مولوي غلام محمد صاحب پاڻ به تقرير ڪئي.

الوحيد جلد 1، نمبر 75، 4 آگسٽ 1920ع، ص 3.

...................................................................................................

هجرت جو ارادو معطل رکو

جان محمد جوڻيجي جو خط

جلال آباد مان رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجي لکيو آهي ته اسان سڀني سنڌي ڀائرن جي خدمت ۾ عرض ٿا ڪريون ته هن وقت شدت گرميءَ جي ڪري اوهان کي گهرجي ته ارادي هجرت کي معطل ڪرڻ فرمايو ته اوهان لاءِ بهتر آهي. رستي ۾ گرميءَ سببان بلڪل گهڻي تڪليف آهي.

الوحيد جلد 1، نمبر 76، 5 آگسٽ 1920ع ص 3.

...................................................................................................

سيٺ عبدالله هارون پير صاحب گرفتاريءَ تي تارون موڪليون.

بقي پير صاحب جهنڊي وارن پير صاحب محبوب شاهه ڏانهن سينٽرل جيل حيدرآباد ته اوهان جو ٻڌي سخت صدمو پهتو آهي. اوهان بردباريءَ کان ڪم وٺي خلافت جو ڪنڌ مٿي کنيو آهي.

اوهان جي جيل وڃڻ تي مهاتما گانڌي سنڌ جي ماڻهن کي هن پهرين گرفتاريءَ لاءِ مبارڪباد ٿو چوي.

الوحيد جلد 1، نمبر 76، 5 آگسٽ 1920ع.

...................................................................................................

شيخ الهند مولانا محمود الحسن صاحب جو واجب العمل

اعلان

1.سرڪاري عزتن ۽ خطابن کي موٽائي ڏئيئ

2. ملڪ جي نين ڪائونسلن ۾ شريڪ ٿيڻ کان انڪار ڪري.

3. فقط پنهنجي ملڪ جي ٺهيل شين جو استعمال ڪري.

4. سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پنهنجي ٻارن کي داخل نه ڪري.

5.ان کانسواءِ جي تجويزن وقت به وقت شايع ٿينديون رهن انهن تي عمل ڪن پر هيٺين شرطن جو به لحاظ ڪرڻ گهرجي.

1. شريعت جي حڪمن جي تابعداري ڪئي وڃي ۽ مٿين حڪمن تي عمل ڪرڻ وقت خلاف شرعي حڪمن جي ڪو ڪم نه ڪيو وڃي.

2. جن ڪمن مان فساد ۽ خلل پوڻ جو انديشو هجي ته ان کان بچجي.

3. حضرت عثمان رضه جي هيٺين ارشاد کي فائديمند سمجهجي.

”جڏهن ماڻهو چڱو ڪم ڪن ته انهن سان چڱي ۾ شريڪ ٿئي جي برو ڪم ڪن ته انهن جي برائي کان ڀڄي پري ٿئي.“

محمود حسن ديوبندي

3 ذالقعد 1338هه

الوحيد جلد 1، نمبر 76، 5 آگسٽ 1920ع. ص 1.

...................................................................................................

خاص خط

جمعيت خلافت اسلاميه صوبه سنڌ.

بمبئي خلافت ڪميٽيءَ جو فيصلو ٿيو ته ترڪيءَ سان صلح بعد هتان جي مسلمانن جي شرطن ڏانهن حڪومت جو ڪو به ڌيان نه آهي ان لاءِ ترڪِ موالات جي سلسلي ۾ 28، 29 آگسٽ 1920ع تي حيدرآباد ۾ خلافت جو جلسو ٿيندو، جنهن ۾ مسلمانن سان گڏ هندن کي به شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي ته جيئن انهن جو به سهارو رهي. وغيره.

مڪلوڊ روڊ ڪراچي.

17 آگسٽ 1920ع

محمد خان

سيڪريٽري خلافت ڪميٽي ڪراچي

(حڪيم) شمس الدين

جوائنٽ سيڪريٽري

الوحيد 17 آگسٽ 1920ع ڪراچي.

...................................................................................................

هجرت

ڪراچي مان 30 جهازن جا ملازم هجرت ڪري ويا آهن جن جو لاهور جي اسٽيشنز تي استقبال ڪيو ۽ اهي ماڻهو قدري هيثيت وارا هئا.

همعصر زميندار مان معلوم ٿئي ٿو ته هن وقت تائين سنڌي ماهجرن جا ڪم پيش 4 قافلا لاهور جي اسٽيشن تان لنگهيا آهن جن مان رئيس جان محمد جي قافلي کانسواءِ 3 قافلا هن مهيني آگسٽ جي 15،16،18 تاريخن ۾ پشاور ڏانهن روانا ٿي ويا.

سنڌي مهاجرن جي چوٿين قافله جي لاهور ۾ چڱو استقبال ٿيو ان قافله ۾ 80 ماڻهو هئا جن ۾ 32 عورتون به هيون. هڪ رات ساري انهن کي لاهور ۾ ترسايو ويو ۽ مولانا ظفر علي خان صاحب ۽ ٻيا رضاڪار سندن خدمت ۾ هئا. شام جو انهيءَ ئي ڏينهن ۾ هڪ شاندار جلوس نڪتو. سنڌي مهاجرن جي متعلق لاهور جي ڊپٽي ڪمشنر مولانا ظفر علي خان ڏانهن هڪ حڪم ڪڍيو جنهن جو مطلب هو ته سنڌي مهاجر جي پشاور وڃي رهيا آهن تنهن ڪري خلافت ڪميٽي لاهور کي تنبيهه ڪجي ٿي ته هو مهاجرن کي اطلاع ڏئي ته سرحد بند آهي ۽ انهن کي افغانستان وڃڻ جي ارادي کان بند رکڻ گهرجي. ان تي مولوي ظفر علي خان جواب ڏنو ته پنجاب خلافت ڪميٽي کي ڪهڙو آهي جو امن پسند مهاجرن کي روڪي.

الوحيد، جلد 1، نمبر 93، 25 آگسٽ 1920ع، ص 3.

...................................................................................................

سنڌ خاص پراونشل ڪانفرنس

حيدرآباد

29 آگسٽ 1920ع

قطع تعلقات جو رستو مهاتما گانڌيءَ جي مقرر ڪيل منزلن موجب بحالي

هيءَ ڪانفرنس اهم هئي. قطع تعلقات ٺهراءَ پاس ٿيو. مخالف ۽ موافق ڌرين وارن پنهنجا ذرين خيال پيش ڪيا. تجويز لوڪمانيه بال گنگاڌر تلڪ جي افسوسناڪ قضيه ٿي هئي. جا ياد غم لاءِ هن ڪانفرنس جي حاضرين اٿي بيهي پاس ڪئي. اهڙيءَ طرح ڪيترن ئي جهڙوڪ تر سنڌاس وڪيل ۽ گوپالداس وڪيل تقريرون ڪيون.

الوحيد، جلد 1، نمبر 96، 31 آگسٽ 1920ع، ص 3.

...................................................................................................

مولوي صاحب کي سزا

نوشهري جي مولوي محمد سلطان صاحب کي پشڊاور جي سيشن جج ست سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ڏني.

الوحيد جلد 1، نمبر 90، 3 سيپٽمبر 1920ع، ص 3.

...................................................................................................

خلافت بيت المال سيپٽمبر تائين.

ڪل جوڙ 48650-6-11

الوحيد جلد 1، نمبر 91، 4 سيپٽمبر1920ع- ص 4.

...................................................................................................

پوليس جو تنگ ڪرڻ

مولوي عبدالحسين صاحب چوٽيارين واري کي پوليس وارو فقير محمد نالي انسپيڪٽر پوليس نوابشاهه جي چوڻ سان سندس جاچ لاءِ آيو ۽ مولوي صاحب کي ڪيترن ئي سوالن ڪرڻ سان خوامخواهه تنگ ڪيائين.

الوحيد جلد 1، نمبر 92، 5 سيپٽمبر 1920ع- ص 3.

...................................................................................................

دفتر جمعيت خلافت اسلاميه صوبه سنڌ

                                        مڪلوڊ روڊ ڪراچي.

11 سيپٽمبر 1920ع           جي ايم سيد ڏي خط

چندي سميت رسيدون ڏياري موڪلڻ لاءِ.

ٻيو ته جن ملن گرانٽون ڇڏيون آهن، انهن بندوبست متعلق مشوري متعلق.

محمد خان

سيڪريٽري

11 سيپٽمبر 1920ع.

...................................................................................................

دفتر سنڌ پراونشل خلافت ڪميٽيءَ کان جي ايم سيد ڏي خط

مورخه 15 سيپٽمبر 1920ع

ته 14 سيپٽمبر 1920ع سومر تي 5 بجي شام جو دفتر ۾ ميٽنگ ۾ شرڪت ڪري.

هيٺيون تجويزون هيون.

ڪائونسلن جو بائيڪاٽ ڪرڻ.

قومي تعليم لاءِ مدرسا کولڻ

پنهنجو پنچائتون ٺاهڻ

سوديشي اسٽور کولڻ.

محمد خان

سيڪريٽري

15 سيپٽمبر 1920ع.

...................................................................................................

سنڌ خلافت ڪميٽيءَ جي منتظمه مجلس جو جلسو

سنڌ پراونشل خلافت جي منتظمه جماعت جو جلسو 26، 27 سيپٽمبر 1920ع سندس دفتر ۾ پهرين ڏينهن سيٺ امين الدين صاحب پنهنجي زير صدارت ۽ ٻي ڏينهن سيٺ حاجي عبدالله هارون صاحب جي زير صدارت منعقد ٿيو.

پهريون سيڪريٽري صاحب مسٽر عرفان منتطمه ڪميٽيءَ جي گذشته  اجلاس حيدرآباد جي ڪارروائي پڙهي ٻڌائي تنهن کانپوءِ پير ميان محبوب شاهه صاحب ۽ پير غلام مجدد صاحب سرهنديءَ جا همدردي ۽ ڪم ڪرڻ لاءِ آمادگي ڏيکارڻ جا آيل خط پڙهيا ويا ۽ هيٺيان ريزوليشن پاس ٿيا.

1.هيٺين صاحبن جو وفد سنڌ ۾ ڪائونسلن جي سڀني اميدوارن کي وڃي ملي ۽ استدعا ڪري ته هو پنهنجي اميدواريءَ تان دستبردار ٿين.

1. سيٺ حاجي عبدالله هارون، 2. مولانا تاج محمود صاحب، 3. مولانا محمد صادق صاحب 4. پير تراب علي شاهه صاحب 5. مولوي سيد اسدالله شاهه صاحب 6. پير محبوب شاهه صاحب 7. پيرزاده غلام مجدد صاحب 8. مسٽر امين الدين 9. مسٽر عبدالجبار صاحب (سيڪريٽري وفد) انهيءَ وفد کي اختيار آهي ته پاڻ سان پير صاحب ضرورت وقت شامل ڪري سگهون ٿا. اهو وفد آڪتوبر جي پهرين تاريخن ۾ حيدرآباد ۾ گڏ ٿي ڪم کي شروع ڪري.

 ٺهراءُ نمبر2: پهرين نومبر جي ڏينهن سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ جلسا منعقد ڪري اميدوارن کي دستبرداريءَ لاءِ عرض ڪيو وڃي  ۽ ووٽرن کي ووٽن نه ڏيڻ جي هدايت نه ڪئي وڃي ان کان اڳ ۾ اشتهار شايع ڪيا وڃن ۽ مولانا شاهه عبدالعزيز ۽ جمعيت العلماءِ ۽ هند جي فتويٰ ترڪ موالات جو ترجمو ڇپائي شايع ڪرايو وڃي.

ٺهراءُ نمبر 3: تبليغ جو ڪم شيخ عبدالمجيد صاحب جي حوالي ڪيو وڃي، ۽ انهن کي اختيار ڏجي ته ڪنهن به مبلع (پروپيگنڊا ڪندڙ کي)ڪاروبار ڪميٽيءَ جي منظوريءَ جي اميد تي مقرر ڪري سگهي ٿو.

ٺهراءُ نمبر4: ملان اسڪولن جي اصلاح لاءِ مولانا صادق صاحب کي سندس سفر جو خرچ خلافت ڪميٽيءَ مان ڏنو وڃي جو مولانا صاحب انهيءَ اصلاح لاءِ هڪ پنهنجي تجويز ڪاروبار ڪميٽيءَ کي پيش ڪري منظورڪرائي. مسٽر محمد خان ان ريت جي به خلاف ويو. باقي ٻين سڀني منظور ڪئي.

ٺهراءُ نمبر 5: سوديشي جو ڪم مسٽر عبدالجبار جي سپرد ڪيو وڃي ۽ هو ان ڪم لاءِ اسڪيم تيار ڪري ميٽنگ ۾ منظوريءَ  لاءِ پيش ڪري.

ٺهراءُ نمبر 6﷢: هن ڪميٽيءَ جو خيال آهي ته مولانا محمد صادق صاحب ۽ سيٺ حاجي عبدالله هارون صاحب، کڏي محله ۾ ميمڻ جماعت ۽ مسٽر محمد خان غير ميمڻ آبادي ۽ ڊاڪٽر احمد صاحب خوجن ۾ اها ڪوشش ڪن ته سندس سپرد ڪيل حدن جا ماڻهو پنهنجا مقدما امينن جي معرفت فيصلو ڪرائين ۽ ڪورٽن ۾ نه کڻي وڃن.

حوالہ- الوحيد نمبر 118، 29 سيپٽمبر 1920ع، صفحو نمبر 2.

...................................................................................................

شاهه جي ڀٽ تي تبليغي وفد

خلافتين جي تقرير

ڪائونسلن جا اميدوار به فقيرن کان دعائون ڪرائڻ ويا پرخلافت وارن جو وفد به خير سان ميلي ۾ پهچي ويو. شيخ عبدالمجيد مولوي عبدالخالق حڪيم محمد معاز مسٽرخدابخش مسٽر مخلص صاحب انهيءَ وفد ۾ هو. اربع جي شام ۽ صبح جو درگاهه شريف  تي ميلي جي انبوهه ۾ خوب ليڪچر ڏنائون ۽ خلافت جي دردناڪ احوال ٻڌائڻ تي مسلمانن سخت گريهه زاري ڪيو، ڏاڍا اثرا جهڙا نظم به پڙهيا ويا ۽ ڪائونسلن جي بائيڪاٽ ۽ ترڪ موالات جا هزارن جي تعداد ۾ اشتهار ورهايا ويا.

تبليغي وفد جو پروگرام ٺاهيو ويو ۽ جيڪي سنڌ ۾ ڪم ڪندا اهي وفد جا هيٺيان ميمبر مقرر ڪيا ويا.

جيڪب آباد﷢:

مولوي عبدالخالق ۽ حڪيم فتح- شڪارپوري

سکر:

مسٽر خدابخش بي اي ميرالهه بخش ٽالپر، منشي فيض محمد

نوابشاهه:

حڪيم مولوي محاذ، مولوي گل محمد صاحب

ٿرپارڪر:

سيد مصطفيٰ ڪمال، قاضي ڪبير محمد

لاڙڪاڻو:

مولوي صاحب، مولوي نورالحسن

حيدرآباد:

مولوي محڪم الدين، شيخ محمد حسن

ڪراچي:

شيخ عبدالمجيد صاحب، مولوي محمد هاشم مخلص

الوحيد نمبر 148، 4 نومبر 1920ع، ص 4.

...................................................................................................

سنڌ جون خبرون، 14 نومبر تي ڪائونسل بائيڪاٽ تي تقريرون

شڪارپور ۾ اميدوار به تڏهين بي آرام ٿي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ڪو رياست جو پير اچي نه لٿو آهي جو ڳجهيءَ طرح ماڻهو کي ووٽ ڏيڻ جي هدايت ڪري رهيو آهي. اميدوارن کي پگهاردار مقرر ڪيا آهن جي وطن جي ناوفادار فرزندن جي ناپاڪ حمايت ۾ سرگردان آهن پر هو ڏهن ڪائونسلن جي بائيڪاٽ ڪندڙن جو ڪم به نهايت ڪاميابيءَ سان هلي رهيو آهي ۽ گهڻي اميد ووٽن ڏيڻ جي آهي.

ميان جي ڳوٺ ۾ شيوا منڊلي قائم ٿي آهي جنهن ۾ مسلمانن کي ميمبر ڪرڻ جو به سوال ويچار هيٺ آهي في الحال ان شيوا منڊلي جي واسطي هڪ سوديشي ڪارخانو کولڻ جو ارادو ڪيو ويو آهي جنهن جي سرانجام لاءِ هيٺين ڪميٽي چونڊي وئي اهي.

1. سيٺ شيوڪرام، 2. سيٺ خشومل 3.  حڪيم جشومل 4. ڪريم بخش 5. حڪيم سگنومل.

سنڌو ديارٿي مجموٽيءَ جي روهڙي لوڪل ڪاميٽي وارن پنهنجي نئين جاءِ کولڻ جو مهورت گذريل سومر تي ڪيو ساڌو واسواڻي پريزيڊنٽ ٿاڦيو ويو، جنهن سيڪريٽريءَ جي رپورٽ پڙهڻ بعد شاگردن کي هڪ بالڪل سندر ليڪچر سادگي ۽ سوديشيءَ تي ڏنو ويو. شاگرد هن ليڪچر کان متاثر ٿيا ۽ وري شام جو 4 بجي شاگردن کي شاگردن جا فرض ۽ قطع تعلقات تي ليڪچر ڏنو ويو.

الوحيد، 14 نومبر 1920ع، ص 3.

...................................................................................................

ٺٽي ۾ جلسه خلافت:

تيرهين تاريخ شام جو ستين وڳي، قاضين جي تلاءَ واري ميدان ۾ جلسه خلافت منعقد ٿيو. پير صاحب آقار غلام مجدد سرهندي صاحب جن جي اچڻ جو بڌي اڳينءَ رات کان به وڌيڪ ماڻهو آيا هئا ۽ هندو ڀائرن جو تعداد به اٽڪل چار يا پنج سئو هو. پير صاحب جن کانسواءِ حيدرآباد مان مسٽر عبدالجبار سيٺ امين الدين ۽ ميان محمد هاشم مخلص به ۽ قرآن ڪريم جن جي قرات ۽ سيد محمد زمان شاهه خلافت ڪميٽي جي سيڪريٽريءَ ۽ ٻين محمد باقر صاحب قريشيءَ، مسٽر عبدالجبار جي صاحبزاده جي نظمن پڙهڻ بعد صدر صاحب جي حڪم سان قاضي عبدالرحمان ۽ صاحبزاده جي نظمن پڙهڻ بعد صدر صاحب جي حڪم سان قاضي عبدالرحمان ايڊيٽر الوحيد اٿي ترڪ موالات تي تقرير ڪئي. سرڪار جي انصاف مان اسان جو اعتبار ڪيئن ۽ ڇو نڪتو ۽ پنهنجن حقن حاصل ڪرڻ لاءِ  ڇا ڪرڻ گهرجي انهن ڳالهين کي حاضرين جي ذهن نشين ڪري مسٽر عبدالرحمان پوءِ ترڪ موالات جي سڀني درجن يعني سرڪاري عزتن ۽ عهدن ڇڏڻ ڪائونسلن جي بائيڪاٽ ڪرڻ سرڪاري ۽ مددي اسڪولن مان ٻارن کي اٿارڻ پنهنجن اسڪولن ۽ ڪورٽن کي قائم ڪرڻ بنسبت تفصيل سان بيان ڪري حاضرين کي اپيل ڪئي ته هر طرح جي قربانين ڪرڻ لاءِ تيار رهن.

الوحيد، 14 نومبر 1920ع، ص 1.

...................................................................................................

سنڌ جون خبرون

تاريخ 10 نومبر ڳوٺ ميرپور تعلقو ٺل ۾ سيد متل شاهه جي زير صدارت ترڪ موالات لاءِ جلسو ٿيو. شهر ۽ آسپاس هندو مسلمان چڱي تعداد ۾ آيل هئا پهريائين حڪيم قادر بخش جمعيت علماءِ هند جي فتويٰ پڙهي ٻڌائي وئي پوءِ مولوي عبدالخالق صاحب مورائي صاحب اٽڪل ٻه ڪلاڪ تقرير ڪئي جنهن چڱو اثر ڪيو جلسي جي پڇاڙيءَ ۾ شهر ۾ خلافت ڪاميٽي قائم ٿي جنهن جا هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.

پريزيڊنٽ پير متل شاهه، سيڪريٽري حافظ محمد بخش، خزانچي حڪيم احمد صاحب.

نصرپور ۾ شام جو 14 نومبر سيد مصطفيٰ ڪامل ۽ ٻين صاحبن تقريرون ڪيون عام ماڻهن ڪائونسل کي بائيڪات ۽ امير وارن کي ووٽ نه ڏيڻ جو انجام ڪيو ۽ فارمن تي به صحيح ڪيائون.

ڳوٺ ڪيساهند تعلقه بدين ۾ ترڪ موالات تي شهر جي ماڻهن هڪ جلسو ڪيو جنهن ۾ پير ارشاد علي شاهه ميان ابراهيم ڪاڍيارو شاهبندري به هو ماڻهن کي ووٽ نه ڏيڻ بابت تقريرون ڪري سمجهايو ويو، ماڻهو چڱي تعداد ۾ آيل هئا.

الوحيد، 14 نومبر 1920ع، ص 3.

...................................................................................................

ترڪ موالات جي ڪاميابيءَ تي خاص ناز

بمبئي 15 نومبر مسٽر محمد عارف ملا رانديري واري بمبئي ڪائونسل جي اميدواريءَ تان هٿ کنيو آهي ۽ احمد آباد جي ڪمشنر کي اهڙو اطلاع ڏنو اٿس ته ظالماڻوصلح جا شرط انگريزن اسان جي خليفت المسلمين سان ڪيا آهن ۽ ترڪ موالات بابت جيڪا فتويٰ عالمن سڳورن شايع ڪئي آهي تنهن کي غور رکي. آءُ ڪائونسل ۾ وڃڻ نٿو گهران پنهنجي حد اندر ووٽرن کي به ملا صاحب لکيو آهي ته مون کي بنهه هاڻي علمائن جي فتويٰ ڏسڻ جو موقعو مليو جنهن موجب منهنجو ڪائونسل ۾ وڃڻ شريعت جي برخلاف ٿيندو تنهنڪري شڪرانا رب جا، جو آءُ هينئر چونڊن کان اڳ ئي اميدواريءَ تان دستبردار ٿي اوهان کي ۽ پاڻ کي هڪ غظيم گناهه کان بچايان ٿو.

الوحيد، 14 نومبر 1920ع، ص 3.

...................................................................................................

سنڌ جون خبرون، جلسه خلافت

ڳوٺ مدد تعلقو بدين ۾ هڪ عظيم الشان جلسو ٿيو، جنهن ۾ هڪ جلسو خلافت ٿيو جنهن ۾ هزار کان به وڌيڪ ماڻهو آيل هئا. مولوي شيخ غلام حسين صاحب ڏاڍي وڻندڙ تقرير ڪئي، جنهن هندن مسلمانن تي ڏاڍو اثر ڪيو. ان جلسي ۾ ڪيترائي ٻاهر جا زميندار هاري حاضر هئا. قومي تعليم جي تقرير ايترو اثر ڪيو جو هيٺين صاحب استعيفائون ڏنيون. 1. مولوي محمد هاشم، 2. حافظ محمد عمر ڳوٺ بهاري زنگيجو، 3. محراب خان اسڪول بورڊ ميمبري ڦٽي ڪئي. اهڙيءَ طرح 28 ڇوڪرا انهيءَ ڳوٺ جي اسڪول مان اٿاري ويا ۽ ڳوٺ عمر دل تعلقه بدين مان پڻ 3 ڇوڪرا في الحال لوڪل بورڊ اسڪول مان نڪتا آهن.

الوحيد، 14 نومبر 1920ع، ص 3.

...................................................................................................

سنڌ جون خبرون، 14 نومبر تي ڪائونسل بائيڪاٽ تي تقريرون ٿينديون: خلافت ڪميٽي

مبارڪپور تعلقه ٺل ۾ 11 نومبر پير ميان جان محمد صاحب جي زير صدارت خلافت جلسو منعقد ٿيو. مولانا در محمد صاحب مرادپوري ۽ مولوي عبدالخالق صاحب مورالائي ڪائونسل جو بائيڪاٽ تي پرزور تقريرون ڪيون ۽ مسٽر ڪريم بخش ٽانوري  سوديشيءَ ۽ قومي تعليم ۽ هندو مسلم ايڪتا تي ڳالهايو ان کانپوءِ مبارڪپور ۾ خلافت ڪميٽي قائم ڪئي وئي جنهن جا هيٺان عهديدار چونڊيا ويا. پريزيڊنٽ  وڏيرو غلام قادر ڀٽا، سيڪريٽري مولوي عبدالرحيم صاحب، نائب سيڪريٽري ايم ڪريم بخش ٽانوري.

ميان جي ڳوٺ شڪارپور ۾ ڪائونسل کي بائيڪاٽ ڪرڻ واري وفد جي نهايت ڪاميابي ٿي. مولانا عبدالڪريم صاحب چشتي جي پرائچ تقرير تي حاضرين جلسه يڪ آواز ٿي چيو ته ڪنهن کي ووٽ ڪو نه ڏينداسون ۽ فارمن تي به ڪيترن دستخط ڪري ڏنو پر پوءِ ٻئي ڏينهن اميدوارن جا چيلا آيا جن ۾ هڪ وڪيل به هو جن خوب ووٽرن کي ڊيڄاريو ۽ ليلايو ۽ ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ماڻهو پنهنجي قول تي بيٺا آهن. آهي ڪو جو انهن وڪيلن اميدوارن کان پڇي ته ڇو اهڙي ووٽرن سان هلت ۽ دست اندازي ڪري مجبور ڪري رهيا آهن.

الوحيد، 14 نومبر 1920ع، ص 3.

...................................................................................................

ڪراچيءَ ۾ ڪائونسل بائيڪاٽ جو پرچار

مسٽر هرچند راءِ جي غلط هلت سبب مسٽر قاضي عبدالرحمان ايڊيٽر الوحيد هيٺيون ٺهراءُ ميٽنگ ۾ پيش ڪيو.

”هن ڪراچيءَ جي رهواسين جي عام ميٽنگ ڪراچي ميونسپالٽي جي اختياري وارن ۽ ميونسپالٽيءَ جي پريزيڊنٽ، نيٽ آنربل مسٽر هرچند راءِ هلت کي نندي ٿي جو هنن سڀاڻي ڪائونسل بائيڪاٽ  جي باري ۾ پبلڪ ميٽنگ ڪرڻ لاءِ ميونسپالٽي جي کليل رام باغ تلاءَ واري ميدان جي ڪم آڻڻ جي اجازت نه ڏني آهي. انهيءَ عجب بهاني تي نه ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر کي شايد اها ڳالهه نه وڻي ته ڪائونسلن جي چونڊن واري ڏينهن اهڙي پبلڪ ميٽنگ ٿئي هڪ خيالي ڊپ جي ڪري متان پبلڪ جي امن ۾ ڪو خلل پوي. ٺهراءُ يڪ راءِ پاس ٿيو ۽ ميٽنگ جي سڀاپتيءَ جي صحيح سان ڪراچي ميونسپالٽي جي پريزيڊنٽ کي موڪليو ويندو.“

الوحيد، 17 نومبر 1920ع، ص 3.

...................................................................................................

The Sub Provincial Khilfat Committee 

جمعيت خلافت اسلاميه صوبہ سنڌ ڪراچي

7 ڊسمبر1920ع- مکرمي اسلام عليڪم.

گذارش هيءَ آهي ته اوهان کي معلوم هوندو ته انڊين نيشنل ڪانگريس جو هلندڙ اجلاس ناگپور ۾ 26 ڊسمبر تي ٿيندو جي نهايت اهم قومي ۽ ملڪي مسائل تي غور ڪيو ويندو. ترڪ موالات جي منزلن ۽ قدمن تي وڌيڪ ويچار ڪيو ويندو ۽ تحريڪ خلافت جا دشمن سرگرم ڪوششون ڪري رهيا آهن ته ڪثرت راءِ سان ترڪ موالات منظور ڪرائجي يا قدمن ۾ ڦيرگهير ڪئي وڃي. مسلمان مذهبي حڪمن موجب ترڪ موالات تي عمل ڪرڻ لاءِ ٻڌل آهن ۽ جيسين خلافت جو فيصلو اسان جي خواهش ۽ مذهبي حڪمن موجب نه ٿيندو تيسين ان قدم تان نه هٽنداسين. ان لاءِ ضروري آهي ته اسين ڪافي تعداد ۾ اچي جلسي ۾ شريڪ ٿيون. ۽ پنهنجي رٽ بحال ڪرايون. ان کانسواءِ ڪانگريس جي اغراض و مقاصد ۽ ديگر قوانين جي جوڙجڪ تي به غور ڪيو ويندو. خلافت ڪانفرس جو جلسو به انهن ئي تاريخن ۾ اتي ٿيندو ان لاءِ منهنجو عرض آهي ته هن ۾ شريڪ ٿي ممنون فرمائيندا. خرچ اٽڪل سئو رپيه کن اچي ويندو.

سفر جا رستا ٻه آهن، پهريون راجا جي گاڏيءَ ۾ رواڙ ۽ اجمير کان ٻيو سمنڊ جي رستي ڪراچيءَ کان بمبئي ۽ اتان ريلوي ۾ ناگپور.

فقط والسلام

محمد خان

سيڪريٽري

الوحيد، 7 ڊسمبر1920ع

...................................................................................................

The Sub Provincial Khilfat Committee 

جمعيت خلافت اسلاميه صوبہ سنڌ ڪراچي

14 ڊسمبر1920ع،

ڪراچي.    

مخدوم بنده- اسلام و عليڪم

سنڌ پراونشل خلافت ڪميٽيءَ جي منتطم ڪاميٽيءَ جو جلسو آچر ڏينهن 19 ڊسمبر 11 بجي مهل خلافت آفيس ۾ ٿيندو مهرباني ڪري ضرور اچي شامل ٿيندا.

هيٺين ڳالهين تي غور ڪيو ويندو.

1. بيت المال ۾ حساب، 2. بيت المال گڏ ڪيئن ڪجي؟ 3. حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ مرڪز ماتحتي، 4. قومي تعليم لاءِ روپيه ڪيئن گڏجن. 5. هيٺين صاحبن جو مستقل وفد ٺاهڻ.

1. پير تراب علي شاهه، 2. پير علي انور شاهه صاحب 3. مسٽر عبدالجبار صاحب.

 6. تبليغ ۽ سوديشي جي رپورٽ، 7. جيڪي ماڻهو بنا سند خلافت جي نالي سان چنده جمع ڪن ٿا انهن کي ڪيئن روڪجي. 8. ضلعي اپر سنڌ ۾ ڪڏهن ۽ ڪٿي جنرل ميٽنگ ڪجي. 9. پئنچائتون ۽ ناگپور ڪانگريس لاءِ نمائندا موڪلڻ.

والسلام

محمد خان

سيڪريٽري

الوحيد، 14 ڊسمبر 1920ع.

.................................................................................................

جمعيت خلافت اسلاميه صوبه سنڌ ڪراچي

جناب من اسلام علڪيم

اوهان کي معلوم هوندو ته هندستان جي سڀني وڏين جماعتن جهڙيءَ طرح انجمن علماءَ هند- خلافت ڪانفرنس انڊين نيشنل ڪانگريس- مسلم ليگ وغيره ۽ ملڪ جي وڏن وڏن اڳواڻن پوريءَ طرح فيصلو ڪيو آهي ته جنهن صورت ۾ انگريزي سرڪار خلافت ۽ پنجاب جي ظلمن جي متعلق اسان سان انساف نٿي ڪري اهڙيءَ حالت ۾ اسان عدم تعاون يا ترڪ موالات ڪرڻ گهرجي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ سڀني کان اڳ ۾ ۽ سڀ کان ضروري ڳالهه هن ڪونسلن کي بائيڪاٽ ڪرڻ ۽ انهن ۾ نه وڃڻ آهي. تنهنڪري اسان جو مذهبي ۽ ملڪي فرمان آهي ته ڪونسل جي ڪنهن به اميدوار کي اصل ووٽ نه ڏيو ۽ يقين سمجهوته ته جيڪو اميدوار بيهي ٿو ۽ اوهان کان ووٽ گهري ٿو سو مذهب ۽ ملڪ جي عام راءِ جي خلاف آهي. هاڻ رٿ هي آهي ته 5 نومبر 1920ع جمعي ڏينهن جتي ڪٿي هر هنڌ جلسا ڪري جن ماڻهن جا ووٽ آهن تن کي سمجهايو وڃي ته انهن کي به ووٽ نه ڏيڻ گهرجي.

ڀائرو! عوام ڪريو ڪريو هيئر اسان جي موت ۽ حياتيءَ جو سوال آهي، ڏسڻو آهي ته ڪير پنهنجي خدا جي خوش ڪرڻ ۽ پنهنجي پياري ديس جي ڀلائي لاءِ رڳو ايتري ٿوري کان ٿوري قرباني ڪري ٿو.

ٻي هيءَ ڳالهه به تمام ضروري آهي ته خلافت جهڙي خالص مذهبي ڳالهه ۾ حصو وٺندڙن بيگناهه ماڻهن تي سنڌ ۾ وقت به وقت ڪامورن جيڪي بيجا ظلم ۽ انڌير ڪيا آهين، کين جيلن ۽ ٻيون طرح طرح جون تڪليفون ڏنيون آهن انهن مطلومن سان همدردي ظاهر ڪجي.

هندو ۽ مسلمان ڀائرن جي خدمت ۾ عرض آهي ته مذهب ۽ ديس جي هن ڀلائيءَ واري ڪم ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت يا سستي نه ڪندا!

هجتي جتي جلسا ٿين اتان جلسن جو مفصل احوال اسان ڏانهن ۽ اخبار الوحيد جي ايڊيٽر ڏانهن اچڻ گهرجي.

محمد خان

سيڪريٽري سنڌ پراونشل خلافت ڪميٽي

ڪراچي

الوحيد پريس 1920ع

.................................................................................................

سن ۾ هڙتال

جي ايم سيد جو خط- جنرل سيڪريٽريءَ خلافت ڪميٽي ڪراچيءَ کي ته، 19 مارچ 1920ع جمعي تي سن ۾ هندو فراد مسلمانن پنهنجا دڪان بند رکيا مسجدن ۽ مندرن ۾ ترڪي جي حق ۾ دعائون گهريون ويون.

هيءُ خط سنڌيءَ ۾ نقل ڪيل آهي

اصل تي صحيح جي ايم سيد انگريزيءَ ۾.

الوحيد، 1920ع

.................................................................................................

جمعيت اسلاميه خلافت صوبه سنڌ ڪراچي

ضروري گذارش

برادرم اسلام

هيءَ ڳالهه پڌري آهي ته هن گذريل جنگ جي شروعات کانپوءِ جڏهن ترڪيءَ جنگ ۾ شامل ٿي تڏهن هندستان جي مسلمانن لاءِ اهو نهايت نازڪ وقت هو ڇو ته هڪ طرف خدا تعاليٰ پاڪ ۽ اسلام جا احڪام ته وري ٻئي طرف ظاهري حڪومت جا فرمان! هڪ طرف مسلمانن جو خلافت ترڪيءَ سان لاڳاپو ته ٻئي طرف ٻين سان جسماني تعلقات هئا!! اهو مسلمانن لاءِ عجيب ڪشمڪش جو وقت هو، خود سرڪار انهيءَ حالت کان واقف هئي. اهو ئي سبب هو جو سرڪار مسلمانن جي انهيءَ ڇڪتاڻ ۽ پريشانيءَ کي ٽاڙي کين انجام ڏنو ته هيءَ مذهبي جنگ نه آهي مسلمانن جي پاڪ جاين کي نه رڳو حملي کان بچايو ويندو پر انهن مقامن جي عزت ۽ حرمت اسلامي قواعدن پٽاندر رکي ويندي ۽ خلافت کي وار ويسو به نه ٿيندو ۽ ترڪيءَ کان ڪو به ملڪ کسيو نه ويندو. وغيره وغيره. اهڙي قسم جي حرڪتن جي معرفت سرڪار مسلمانن کي ڀلائي وڌو ۽ هنن انهن  ڪوريئڙي جي تندن جهڙن وعدن کي مضبوط سمجهي پورو اعتبار ڄمايو ۽ پنهنجي جان ۽ مال ڏيڻ ۾ ڪنهن قسم جو عذر نه ڪيائون. اها امداد اهڙي حد کي پنهنجي جو خود سرڪار کي مڃڻو پيو ته انهن وعدن جي ڪري هند جي مسلمانن سرڪار کي چڱي مدد ڏني جنهنڪري نه رڳو هندستان ۾ امن قائم رهيو پر خود انهن مسلمانن پنهنجي ڀائرن جو خون وهائي برطانيا کي اها فتح ڪري ڏني جا شايد ٻئي ڪنهن طرح ممڪن نه ٿئي ها.

جڏهن جنگ ختم ٿي ۽ مسلمانن اکيون کوليون ته انهن کي صاف نظر آيو ته جنگ ۾ باوجود ايڏي امداد ڪرڻ جي به فقط سندن مذهبي جذبات جو خون ٿئي ٿو پر ساڻن ڪيل انجامن جي به کليءَ طرح ابتڙائي ڪئي وڃي ٿي، تڏهن هنن جلسنجي معرفت سرڪار کي ڪيل انجام ياد ڏياري پنهنجي مذهبي جذبات جي پائماليءَ کان آگاهه ڪيو ۽ هنن انصاف ٿيڻ لاءِ ولايت تائين پنهنجا نمائندا موڪلي پنهنجي دلي ارادن کي ظاهر ڪيو ۽ گهڻيون دانهون فريادون زاريون نيازيون ڪيون پر ڪو نه ٻڌڻ نه آيون، هنن پنهنجي مرضيءَ موجب سلطان المعظم خليفتھ المسلمين کي مجبور ڪري اسلام جي برخلاف صلح جي شرطن تي دستخط ورتي جنهن صلح کي مسلمان ڪڏهن به جائز سمجهي نٿا سگهن. انهيءَ ڪري لاچار سڀني مسلمانن گڏجي سرڪار سان ترڪ موالات يعني لاڳاپن ٽوڙڻ يا عدم شرڪت عمل يعني گڏجي ڪم نه ڪرڻ جو ٺهراءُ مقرر ڪيو ۽ سڄي هندستان جي وڏن وڏن علمائن ان جي فرض هجڻ جي فتويٰ ڏني ۽ هندو ڀائر به خاص مسلمانن سان همدردي ڏيکارڻ لاءِ ان فيصلي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءڀ تيار ٿيا ۽ وري اڳتي هلي انڊين نيشنل ڪانگريس ۽ مسلم ليگ اهو ٺهراءُ پاس ڪيو. جنهنڪري مذهبي لحاظ کانسواءِ هندستان جي سڀني قومن تي انهيءَ ٺهراءَ يعني ترڪ موالات تي عمل ڪرڻ هڪ زبردستي قومي فرض ٿي چڪو آهي. انهيءَ ترڪ موالات جي تجويز جا گهڻا ڀاڱا آهن جي عام طور مشهور آهن پر هن وقت مکيه سوال هيءُ آهي ته ايندڙ نومبر جي ڪائونسل جي ميمبريءَ لاءِ چونڊون ٿيڻيون آهن تنهن بابت رٿ آهي ته ڪو به مسلمان خواهه هندو اميدوار ڪو نه بيهي ۽ نه وري ڪنهن اميداور کي ڪو ووٽ ڏئي. الحمدالله جو انهي تحريڪ تي عمل ڪرڻ جون خبرون سنڌ کان ٻاهران گهڻي انداز ۾ اچي رهيون آهن جو ڪيترا صاحب ترڪ موالات جي مدنظر ڪري ڪائونسل جي اميدواريءَ تان دستبردار ٿي رهيا آهن. اگرچه سنڌ ۾ ٻن ٽن هندو صاحبن کانسواءِ ڪنهن مسلمان اهڙو قدم ڪو نه کنيو آهي. پر اوهان اسلامي ڀائرن ۾ اميد آهي ته توهان اميدوار ڀائرن کي سمجهايو ته هو دستبردار ٿين ۽ ٻين ووٽرن صاحبن جي قومي جمعيت ۽ اسلامي همدرديءَ ۾ اميد آهي ته هو ترڪ موالات جي مذهبي اصول کي مدنظر رکي ڪنهن به اميدوار کي ووٽ نه ڏيندا ۽ پنهنجي سڀني مسلمان ڀائرن کي ان حقيقت کان واقف ڪندا رهندا.

سنڌ جي مسلمانن کي ياد رکڻ گهرجي ته هن صوبه ۾ ٻين علائقن بنسبت گهڻا مسلمان اميدوار بيهڻا آهن ۽ مسلمانن جي ڪثرت آبادي ڪري وري ووٽر به مسلمان گهڻائي آهن تنهنڪري ساري هندستان ۾ سنڌ جي مسلمانن کي وڌيڪ اسلام ۽ قوم جي عزت کي برقرار رکڻ فرض آهي. تنهنڪري يقين آهي ته سنڌ جا مسلمان خدا تعاليٰ ۽ رسول اڪرم ﷺ جن جي حڪمن جي پيروي ڪرڻ ۾ ڪا ڪوتاهي نه ڪندا يعني ترڪ موالات جي متي موجب ڪنهن به ڪائونسل ۾ اميدوار نه بيهندا ۽ نه وري ڪنهن اميدوار کي ووٽ ڏيندا.

(2)

ترڪ موالات جو نظامِ عمل

اي ايمان وارو! اوهان لاءِ هينئير ٻيو ڪو به چارو رهيل نه آهي سواءِ انهيءَ جي ته خلافت ڪانفرنس- انجمن علماءِ هندو ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي پاس ڪيل ترڪ موالات جي تجويز قبول ڪري حال في الحال هيٺين ڳالهين تي هڪدم عمل ڪريو.

(1) سڀ خطاب ۽ اعزازي عهدا هڪدم ڇڏي ڏجن ۽ مقامي جماعتن (ميونسپالٽين ۽ لوڪلبورڊن وغيره) جي سرڪاري مليل ميمبرين کان هڪدم استعيفا داخل ڪرڻ گهرجي.

(2) سرڪاري درٻارين ۽ ٻين سرڪاري ۽ غير سرڪاري مجلسن ۾ (جي سرڪاري حاڪم ڪن ۽ انهن جي اعزاز واسطي ڪيون وڃن) شامل ٿيڻ کان صاف انڪار ڪيو وڃي.

(3) ٻارن کي انهن اسڪولن ۽ ڪاليجن مان آهستي آهستي اٿاريو وڃي جي سرڪار جي ملڪيت آهن يار سرڪاري انتظام هيٺ آهن يا سرڪار کان امداد حاصل ڪن ٿا. ۽ انهن جي بجاءِ مختلف صوبن ۾ قومي اسڪول يا ڪاليج قائم ڪيا وڃن.

(4) سرڪاري ڪورٽن کي آهستي آهستي بائيڪاٽ ڪري انهن جي بجاءِ خانگي پئنچاتي ڪورٽون قائم ڪيون وڃن ۽ انهن ڪورٽن جي امداد سان خانگي جهڳڙن جو فيصلو ڪيو وڃي.

(5) عراق عرب ۾ فوجي، منشيگيري ۽ مزدوري جي نوڪريءَ لاءِ رنگروٽن جي طور ڀرتي ٿيڻ کان صاف انڪار ڪيو وڃي.

(6) نين ڪائونسلن جي ميمبريءَ جي اميدواري لاءِ جيڪي درخواستون ڏنيون ويون آهن اهي سڀ واپس ورتيون وڃن ۽ ووٽرن کي گهرجي ته اهڙن اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ کان انڪار ڪن جيڪي ڪانگريس جي هن هدايت جي ڪا به پرواهه نه ڪري هن هوندي به پنهنجي مٿي ميمبر چونڊجڻ جي ڪوشش ڪن.

(7) سموري ڌارئي ملڪ جي مال جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي ۽ جنهن حالت ۾ ترڪ موالات جي هيءَ تحريڪ هڪ ترتيبوار نموني تي ماڻهن کي قرباني سيکارڻ واسطي اختيار ڪئي وئي آهي جنهن کانسواءِ ڪا به قوم حقيقي ترقي نٿي ڪري سگهي ۽ پڻ جنهن حالت ۾ هر مرد، عورت ۽ ٻار کي ان تحريڪ جي مهڙيءَ منزل ۾ شريڪ ٿيڻ جو وجهه ڏيڻو آهي، ان ڪري هيءَ ڪانگريس سڀني کي هدايت ڪري ٿي ته جيسين هندستاني واپارين جي سرمايه سان قائم ٿيل انتظام ڪپڙي جي ضروريات کي پورو ڪري ته بس سوديشي مال ئي واپرائين، اگرچه هندستان ۾ هن وقت ايترو ڪافي سٽ ۽ ڪپڙا تيار نه آهن جو ملڪ جي پورٽ ڪري پر ڪانگريس خاص انهيءَ مقصد کي مدنظر رکندي هدايت ڏئي ٿي ته جلدي اهڙا وسيلا اختيار ڪيا وڃن جنهن ڪري وري ڪپڙي اڻڻ جي برباد ٿيل دستڪاري جيئري ٿئي. لکين ڪوري جو پنهنجو هنر ڇڏي ويٺا اهن وري پنهنجي اباڻي ڪم کي اختيار ڪن.

فتويٰ جمعيت علماءِ هندو درٻاره ترڪ موالات

هيءَ اها فتويٰ آهي جا جمعيت علماءِ هند ڪلڪته جي اجلاس ۾ گهڻي غور ۽ ويچار کانپوءِ شايع فرمائي هئي.

جنهن حالت ۾ ترڪيءَ سان صلح ڪرڻ ۾ يورپ جي بادشاهنن کلي کلائي بي انصافي ڪئي آهي ۽ اسلامي جذبات کي پائمال ڪيو آهي ۽ انگريزي وزيرن پنهنجي صاف ۽ پڌرن وعدن جي ابتڙائي ڪئي آهي ۽ خلافت جي اقتدار کي وڃائن ۽ خليفتھ المسلمين جي مذهبي طاقت جي پاڙ پٽڻ ۾ اسلام سان پورو مذهبي تعصب ۽ حسد ڏيکاريو آهي. تنهنڪري مسلمانن تي اسلام جي تابع هجڻ واري حالت ۾ لازم ٿي چڪو آهي ته هو هنن اسلام جي دشمنن سان ترڪ موالات ڪن.

محمد خان

سيڪريٽري سنڌ پراونشل خلافت ڪميٽي

الوحيد، 1920ع   

.................................................................................................

خلافت ڪاميٽي

پهرين وقتي صدارت رئيس غلام ڀرڳڙيءَ جي ٿي.

حيدراباد 1920ع ۾ جي ميٽنگ لاڙڪاڻي ۾ 5،6،7،8،9 فيبروري پير محمد رشد الله الله جهنڊواري جي صدارت ۾.

ورڪنگ ڪاميٽي.

ميان عبدالجبار جي لائيف ۾

شيخ عبدالمجيد صدر ٿيو.

بابا مير محمد بلوچ =

حاجي عبدالله هارون =

علي محمد مري =

.................................................................................................

خلافت- محبوب شاهه ۽ محمود شاهه

انهيءَ وقت خلافت جو دور ختم ٿي، مسلم ليگ ۾ ضم ٿي چڪو هجي، خلافت جيڪا 1914ع جي قيصر وليم جي لڙائي کان شروع ٿي، 1920ع يا 1921ع ڌاري عروج تي پهتي، جنهن ۾ مولانا محمد علي جوهر، مولانا شوڪت علي جوهر، مولانا ابوالڪلام ”آزاد“ مولانا عبدالباري لکنوي، ڊاڪٽر سيف الدين ڪچلو ۽ ٻيا نامور ليڊر شامل هئا. هڪ ٻئي سان هم خيال، همسفر ۽ همرڪاب هوندا هئا.

اسان جي سنڌ سونهاريءَ مان، پير محبوب شاهه راشدي جيڪو نهايت رعبدار۽ هيبتناڪ مقرر جي علاوه وڏو عالم پر خلوص، ديانتدار بي باڪ ص 147 ۽ جذباتي هئڻ سان گڏ سجاده نشين راشدي خاندان جي پير سائين رشد الله صاحب، جهنڊي واري جو ننڍو ڀاءُ پڻ هيو. راشدي خاندان  جي افراتفريءَ جي وقت، جيئن اسپين جي دارالحڪومت ۽ الحمرا جي محلاتن مان، عرب سڳورا موثر مسلمان ، عيسائين کان شڪست کائي، آفريڪا جي ريگزارن، سمنڊ جي ڪنارن ۽ ڪوهسارن ۾ ڦهلجي ويا هئا. اهڙي طرح راشدي خاندان جا فرد به ”ڪنگريءَ“ جي ڪوس کانپوءِ، پير سائين پاڳاري، روضي ڌڻي جي جاهل حرن  کان دهشت زده ٿي، سڄي سنڌ جي چپي چپي تي ڦهلجي ويا.

پير محبوب شاهه به اپر سنڌ کي ڇڏي، ٻارچاڻي ۽ ماتلي ۾ اچي قيام پذير ٿيو هيو ۽ تحريڪ خلافت ۾ اچي شموليت ڪئي هئائين. (ص 148، ڪيئي ڪتاب) پير محمود شاهه راشدي، خلافت جي وقت ۾ ماتليءَ جي سڄي شهر کي الله اڪبر جي فلڪ شگاف نعرن سان گونجائيندو رهندو هيو. وقت بي وقت جو ڪو به خيال نه هوندو هيس. پوءِ چاهي صبح هجي يا ٻپهر، شام هجي يا رات چونڪ، گهٽي ۽ گهٽي ۾ تقريرون ڪندو ۽ الله اڪبر جا نعرا فضا ۾ بلند ڪندو، زمين وارن کي هوشيار ڪندي جاڳائيندي وڃي آسمانن تائين پڄائيندو هيو. ماتليءَ جي رهواسين ۾ ڪي مخلص ته ڪي جذباتي ته ڪي وري کيس جنوني ۽ پاڳل ڪري سمجهندا هئا. پاڻ سڀني کان بي نياز ٿي، پنهنجي ئي ڌن ۾ مڱن ۽ مست رهندو هيو، پاڻ شرعي بندشن ۾ رهي، باقاعدگي سان نماز پنجگانه ۽ ٽيهه ئي روزا رکندو رهيو پير محبوب شاهه راشديءَ سان محبتن ۽ صداقت، اندر رهندي سندس ڪڪڙن وڙهائڻ تي، ساڻس شديد اختلاف ڪندو هيو، پير محمود شاهه راشديءف کي پير محبوب شاهه راشدي مسڪرائيندي ۽ کلندي چوندو هيو ته، ”جيڪڏهن تون اهي تقريرون ۽ نعرا ڇڏين ته پوءِ آءُ به ڪڪڙن وڙهائڻ ڇڏي ڏيندس“ پر نه پير محمود شاهه راشدي نعرا هڻن ڇڏي نڪي ئي پير محبوب شاهه ڪڪڙ وڙهائڻ ڇڏيا.

پير محبوب شاهه ٻين انقلابي خلافي ساٿين سان گڏ، جيل ياترا به ڪري آيو هيو، انهن ساٿين ۾ ساڻن گڏ پير غلام مجدد سرهندي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، شيخ عبدالجبار وڪيل حيدرآبادي، مولوي خير محمد نظاماڻي شعلي نوامقررجيڪو انهيءَ وقت نوخيز ۽ ڇوڪرو هيو، علاوه ازين ٻيا به ڪيترائي عالمي دين مولانا ۽ مولوي انهيءَ خلافتي ٻيڙي ۾ شامل سفر هوندا هئا، جن جي وڏي فهرست ٿي سگهي ٿي. اسين به تنهن وقت، استاد محترم جناب مولوي عطاءُ الله صاحب جن جي مدرسي ۾ پڙهندا هئاسين ۽ اتي انگريزي ٽوپلا، جيڪي ڪيترن ئي قسمن جا هوندا هئا، تن کي فوٽبال وانگر، سڄي شهر ۾ گڏيندا رهندا هئاسين.

ٻئي پاسي هندو ڪانگريسين به خلافتين سان گڏجي تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون، جيل ويا گوليون کاڌيون ۽ ڳڻڻ کان ٻاهر موت جو شڪار ٿيا، جنهنڪري ئي انگريز سامراج، پنهنجا بوريا بستر ٻڌي هندن ۽ مسلمانن کي پاڻ ۾ وڙهائي نه ڏيڻ جهڙي آزادي ڏيئي يورپ روانو ٿيو.

ص (5)، ڪيئي ڪتاب. 1920ع.

.................................................................................................

جلسو عام خلافت اسلامي

نصرپور سنڌ

مڪرمي سيد غلام مرتضيٰ شاهه صاحب

جنهن صورت ۾ يورپ جون بعض عيسائي حڪومتون مقامات مقدمه ۽ خليفته المسلمين جي پٺيان هٿ ڌوئي لڳيون آهن ۽ خود مڪه معظم مديني منوره، بيت المقدس قسطنطنيه جهڙن مقدس اسلامي شهرن لاءِ ساڳيون چالبازيون ۽ حرفتون هلايون وڃن ٿيون. جهڙيون مصر سان کيڏيون ويون هيون تنهن صورت ۾ مسلمانن جو اهو مذهبي فرض آهي ته هو اهڙي نازڪ آزمائش جي وقت اسلامي عزت ۽ اقتدار قائم ڪرڻ لاءِ باقاعده هر ممڪن تجويز اختيار ڪري پنهنجي اسلامي غيرت جو ثبوت ڏين.

هينئر موجوده حالتن ۾ ملسمانن جو پهريون فرض آهي ته هر طرح تن، من ۽ ڌن سان مدد ڪري جمعيت خلافت اسلاميه صوبه سنڌ ۽ خلافت بيت المال کي وڌائڻ ۽ زور وٺائڻ لاءِ هر ڪنهن ضلعي جي هر هڪ تعلقي ۽ هر هڪ ڳوٺ ۽ واهڻ ۾ مٿئين جماعت جون شاخون قائم ڪن.

اسان جي قديمي اسلامي شهر نصرپور تعلقي ٽنڊه الهيار ضلعي حيدرآباد سنڌ جا مسلمان اها ضرورت گهڻي وقت کان محسوس ڪري رهيا آهن ۽ هاڻي پنهنجي فرائض جي ادائيءَ لاءِ ارادو ڪيو اٿن ته هتي نصرپور ۾ انهيءَ مقصد لاءِ خلافت جو عظيم الشان جلسو  مان پهرين جمعرات تاريخ 2 شعبان هجري 1338 مطابق تاريخ 22 اپريل 1920ع خميس ڏينهن شام جو جناب حضرت پير شاهه محمود شاهه جيلاني رحمت الله عليه جن جي درگاهه شريف جي منعقد ڪجي.

هن مبارڪ موقعي تي جناب حضرت پير مير حافظ حاجي سيد اسدالله صاحب زميندار ٽکڙ ۽ حيدرآباد جا مشهور محبان اسلام جناب شيخ عبدالمجيد صاحب ايڊيٽر الامين، ڊاڪٽر شيخ نور محمد ۽ اسان جا وطن دوست هندو ليڊر ڊاڪٽر چوئٿرام ۽ مسٽر نرسنگ لال ۽ ٻيا حضرات پڻ مهرباني فرمائي اسان جي استدعا تي اچڻ لاءِ تيار ٿيا آهن.

سڀني عام خاص هندو مسلمانن ڀائرن کي استدعا ٿي ڪجي ته هن جلسي تي شريڪ ٿي نصرپور جي مسلمانن کي ممنون ڪندا.

خميس ڏينهن شام کان رهائش ۽ خوراڪ جو عام بندوبست رکيو ويندو.

(الملتمس)

مولوي تاج محمد قاضي عبدالرحمان قريشي

مسٽرمحمد يوسف خليفه جمع خان عباسي

Bhoat Electric Printing Works Karachi.

.................................................................................................

خلافت جا ڏينهن هيٺين هنڌن تي ملهايا ويا

امروٽ، ٺلاهه، ٽنڊوالهيار، ٽنڊو محمد خان، ڳڙهي ياسين، دادو، ڊڀرو، ڊکڻ، حيدرآباد، رتوديرو، روهڙي، رڪن، ماتلي، ميرپورخاص، نوابشاهه، لاڙڪاڻو، سکر، شڪارپور، هالا پراڻا ۽ ڪراچي.

الوحيد جا مختلف پرچا.

.................................................................................................

1918ع ڌاران مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جا اجلاس هڪ هنڌ ڪٺا ٿيندا هئا، يا ساڳي قسم جا ٺهراءَ پاس ڪندا هئا.

.................................................................................................

از خلافت ڪاميٽي شڪارپور

جناب عالي-

هن وقت سخت ضرورت هئي ته شڪارپور ۾ خلافت ۽ ترڪ موالات وغيره  مذهبي ۽ قومي تحريڪن جي زندهه ڪرڻ لاءِ خلافت ڪانفرنس ڪئي وڃي تنهن لاءِ هي فيصلو ٿيو آهي ته 28 فيبروري جي ڪانفرنس ڪئي وڃي جنهن لاءِ اوهان کي هن دعوت نامي جي ذريعي عرض ٿو ڪجي ته اوهان مذهب۽ قوم جي ڪري هن ڪانفرنس ۾ ضرور پنهنجي تشريف آريءَ کان اسان کي مشڪور ڪريو اسان کي يقين آهي ته اوهان هن استدعا کي قبول فرمائيندا ۽ پنهنجي اچڻ جو اطلاع جلد موڪليندا. شڪارپور ۾ سردي آهي تنهنڪري بستري آڻڻ جي تڪليف ڪندا. خورش ۽ رهائش جو بندوبست ڪيو ويو آهي.

نوٽ: اوهان کانسواءِ جيڪڏهن ڪو به ڪانفرنس ۾ اچڻ چاهي ته ان لاءِ هن ريت ٽڪيٽون آهن.

0-0-3، 0-0-2، 0-0-1، 0-8-0، 0-4-0

فقط ٻن ۽ ٽن روپين واري جي مهرباني ڪئي ويندي.

مولوي عبدالڪريم چشتي

سيڪريٽري خلافت ڪانفرنس

(Mulchand Virumal Shyan Sundar Press Shikarpur)

شڪارپور (سنڌ)

.................................................................................................

وندي ماترم                                        الله اڪبر

786

بخدمت والا مرتبت جناب عمده ارباب ايمان زبده اصحاب

عرفان مولانا ابوالحسن حاجي تاج محمد صاحب قبلا دام محمد

اسان شڪارپور واسي نهايت خلوص ۽ دلي ارادن سان حضور جي تشريف آوري جو خيرمقدم ڪندي پنهنجي سرور جو اظهار ٿا ڪريون ته هن ڪفر ۽ اسلام جي ڪشمڪش ۾ اوهان جهڙو قابل ۽ احترام وجود ۽ ايمان جو پتلو سلف جو نمونو اسان جي رهنمائيءَ لاءِ هن اسان جي پياري ننگر جي هن خلافت جي اجلاس ۾ رونق افروز ٿيو. اسان يقين سان ٿا چئون ته اوهان جهڙو وجود هن وقت ۾ سچ پچ موجود فخر ۽ ناز آهي. اوهان جي توصيف ايتري نه آهي. جا زبان ادا ڪري سگهي. يا قوم صفح تحرير تي بيان ڪري سگهي.

توهان هن سنڌه ملڪ ۾ خلافت حقه جي جا خدمت ڪئي آهي ۽ مادر هند کي غلاميءَ جي ناپاڪ زنجيرن کان ڇڏائڻ لاءِ جا ڪوشش ڪئي آهي سا ڪنهن فرد کان مخفي نه آهي. اسان جي پروردگار کان دعا آهي ته اوهان جو وجود تادير اسان تي سايه فگن رهي. اسان هٿ ادب جا ٻڌي عاجزانه عرض ٿا ڪريون ته اسان کان اوهان جي خدمت هرگز کما حق نه ٿي سگهي تنهن لاءِ معافي جا طلبگار آهيون.

اوهان جو نيازمند

حڪيم عبدالڪريم ”چشتي“

ناظم جمعيت خلافت
شڪارپور سنڌه.

(Mulchand Virumal Shyan Sundar Press Shikarpur)

.................................................................................................

پروگرام اجلاس دوم

خلافت ڪانفرنس شڪارپور

وقت ساڍي 3 بجي شروع.

1. تلاوت قرآن شريف

2. گيت

3. ٺهراءُ- تلڪ مهراج ۽ مولانا شيخ الهند جو (از صدر).

4. مسئله گوڪشي

محرڪ- قاضي اسد الله شاهه.

موئيد- شيخ عبدالعزيز

موئيد- مولوي محمد عاقل

5.ميونسپل چونڊ

محرڪ- مولوي عبدالخالق

موئيد- پنڊت امرسين

6. سوديشي پرچار

محرڪ- شيخ عبدالعزيز

موئيد- سيٺ نارائڻ داس

موئيد-مولوي در محمد

7. دٻاوجي پاليسي

محرڪ- پنڊت امرسين

موئيد- مستر ليلارام ڦيرواڻي

8. قومي تعليم

محرڪ- سيد اسدا الله شاهه

موئيد- ميان محمد خان

موئيد-سوامي پرياگ ڀارتي

موئيد- پير علي انور شاهه

موئيد-شيخ عبدالعزيز

9. ميان محبوب جي گرفتاري.

محرڪ-سيٺ گهنشامداس

موئيد- پير علي انور شاهه

10. مشرڪي ڪانفرس

محرڪ- ميان محمد خان

موئيد- مولوي دين محمد وفائي

11. سال اندر سوراج

محرڪ-سيد نارائڻ داس

موئيد-شيخ عبدالعزيز

موئيد- پنڊت امرسين

موئيد-محمد حسن شاهه

موئيد- پير علي انور شاهه

موئيد- سوامي پرياگ ڀارتي

موئيد- مولوي مير محمد

موئيد- مولوي دين محمد

12.خلافت ڪاميٽي جي متنظم جماعت جو اعلان.

13. دعا (پرارٿنا)

نيازمند

”چشتي“

(مسٽر مولچند ويرومل شام سندر پريس شڪارپور ۾ لکيدر تي ڇپيو.)

.................................................................................................

اخبارن لاءِ اطلاع.

(جناب ڪمشنر صاحب بهادر سنڌ جن جو جاري ڪيل)

جيڪي ماڻهو  سرڪار جي خلاف بد دلي پئدا ڪرڻ تي بيٺا آهن اهي ماڻهو اڪثري پيا ظاهر ڪن ته برٽش فوج پاڪ شهرن مڪي ۽ مديني تي بم گولن، توپن ۽ بندوقن سان حملو ڪيو هو ۽ ته هوائي جهازن تان مديني تي بم گولا وسائين. هي بيان بلڪل ڪوڙا آهن. خود ترڪي سولجرن هڪڙو توپ جو گولو هلايو هو جو ڪعبي مقدس تي پيو ۽ پاڪ قالين جلد ئي ساڙي ڇڏيائين ۽ 9 ڄڻا جيڪي نماز ۾ مشغول هئا ماري وڌائين. اهو مرتداڻو بي حرمتي جو ڪم خود ترڪي لشڪر ڪيو هو. مديني ۾ عربن هڪڙي ترڪي دستي کي گهيري ۾ وٺي بند ڪري وڌو هو پرشهر کي ڪو ضرور نه پهچايو ويو ۽ ترڪن شهر عربن جي حوالي عارضي صلح ٿيڻ تائين ڪو نه ڪيو هو. حجاز ۾ ڪنهن به برٽش يا انڊين لشڪر هيل تائين جنگي ڪارروائي ڪا نه ڪئي آهي نڪي ڪو به برٽس فوجي دستو مڪي يا مديني ۾ داخل ٿيو آهي. اهي هنڌ بلڪل عرب قبضي هيٺ آهن.

اهڙيون ڳالهيون اهي ماڻهو ٿا ڪن جن کي ڄاڻ آهي ته اهي ڪوڙيون آهن ۽ اهي ڪوڙ ماڻهن کي سرڪار جي خلاف ڇيڙڻ ڪاتر ٿا هڻن.

D. MacLACHLAN,

Sindhi Translator to Government.

...................................................................................................

پريس نوٽ

جيئن ته ڪي شرارتي ۽ بدانديش ماڻهو سنڌ جي مسلمانن جي دلين تي انگريز سرڪار جي برخلاف بداثرن پيدا ڪرڻ جي مراد سان ڪيترا بهتان ۽ ڪوڙا افواهه جاري ڪري رهيا آهن. تنهنڪري ضرور ٿيو آهي ته سڀني وفادار ۽ صلح پسند مسلمانن کي خبردار ڪجي ته اهڙن نسورن ڪوڙن تي ڪو ويساهه نه ڪن.

اهي شورشون اٿاريندڙ ماڻهو ائين پيا چون ته حجاز جا مقدس مقامات انگريز سرڪار جي قبضي هيٺ آهن. اها ڳالهه بلڪل ڪوڙي آهي. صلح جي شرطن موافق حجاز تي اتي جي بادشاهه جو پشت بيت الله شريف جو خدمتگار آهي ان جي حڪومت قائم ٿيل آهي ۽ انهيءَ مقدس ملڪ جي انتظام ۾ ڪنهن به غير مسلم جي دست اندازي نه رهندي.

وري اهي فتنا ئي بهتان پيا اڏائين جيڪي انگريزي توپن ڪعبته الله شريف تي گولا اڇلايا. اها ڳالهه به سراسر ڪوڙي آهي. انگريز سرڪار حجاز ۾ وڙهڻ لاءِ ڪو به لشڪر ڪو نه موڪليو هو. بلڪل ترڪن جي لشڪر ڪعبته الله شريف تي جنهن جو محافظ مڪي جو شريف آهي توپ جو گولو اڇلايو هو جنهنڪري غلاف مبارڪ به سڙيو ۽ 9 ماڻهن جيڪي نماز ۾ مشغول هئا سي به مئا.

ٻئي پاسي وري اهو ڪوڙ اٿاريو اٿن جي مديني منور تي هوائي جهازن مان گولا ڪيرايا ويا هئا. اهو به سرار واهيات آهي. ترڪن جي لشڪر کي عربن جي لشڪر مديني ۾ بند ڪري چوڌاري گهيرو ڪيو هو پر حضرت رسول الله جي روضي مبارڪجي عزت ڪري عربن مديني تي توپ زني ۽ گولا بازي هرگز نه ڪئي جنهن جو نتيجو اهو ٿيو ته عارضي صلح ٿيڻ تائين ترڪن جو مديني تي قبضو رهيو باوجود يڪ هنن کي اٽڪل ٻه ورهيه کن ڪا به مدد ڪا نه پهتي هئي.

وري انهن شرارتي ماڻهن هئن به عام طرح به هل پکيڙيو آهي ته انگريز سرڪار مسلمانن جي مذهبي آزادگي ۾ دست اندازي پيئي ڪري ۽ مسلمانن کي قرآن شريف پڙهڻ کان منع ڪئي اٿس ۽ مسلمانن کي جمعي جي ڏينهن جمعي نماز پڙهڻ بدران آرتوار جي ڏينهن نماز پڙهڻ جو حڪم ڏنو اٿس. اهي سراسر ڪوڙيون ۽ کوٽيون ڳالهيون آهن. سرڪار ته نه ڪو اهڙو حڪم ڪڍيو آهي ۽ نه ڪو ڪڍڻ واري. اها ڳالهه ڌيان ۾ رهي ته سرڪار نه ويتر ڪن ورهين کان اهو حڪم جاري ڪيو آهي ته جمعي ڏينهن جمع نماز پڙهڻ لائي سڀني مسلمان ڪامورن کي اجازت ڏني وڃي جو حڪم اڃا تائين قائم آهي ۽ عمل ۾ پيو اچي. انگريز سرڪار پنهنجي رعيت جي مذهبي ڪمن ۾ ڪڏهن به دست اندازي ڪا نه ڪئي آهي ۽ اهڙين ڳالهين ۾ هميشه ڪشاده دلي ۽ غير واسطيداري ڏيکاري آهي، انهن اصولن تي انگريز سرڪار آئينده به ائين ئي مستقيم رهندي جيئن هيل تائين پئي ڪيو اٿس.

تنهنڪري سنڌ جي سڀني وفادار مسلمانن لاءِ شايان آهي ته اهڙن باطل بهتانن ۽ افواهن تي ڪو گوش نه ڏين ۽ اٿلندو حتي الامڪان پنهنجي اڻ پڙهيل سادن مسلمان ڀائرن کي انهن شرارتي ماڻهن جي ڦندي کان محفوظ رکڻ لاءِ انهن ڪوڙن افواهن جو اثر دفعه ڪن.

P.R CADEEL,

ڪمشنر صاحب بهادر ممالڪ سنڌ.

...................................................................................................

مورو ۾ جلسو خلافت

31 ڊسمبر 1921ع جي موري ۾ جلسو جمعي نماز بعد ٿيو. قاضي نبي بخش صدارت ڪئي. خلافت ڪاميٽيءَ جي زير سايه ٿيو قاضي فيض محمد ترڪ موالات، سوديشي ۽ ڪاسب سڀاڻي تقرير ڪئي.

ٺهراءَ:

1.الوحيد جي ايڊيٽر قاضي عبدالرحمان کي بيڏوهي ٺهرائڻ ۽ سندس عزيزن سان همدرديءَ جو اظهار.

2. مولانا محمود الحسن جي وفات تي اظهار افسوس ۽ ان جي پوين سان همدردي

3. نواب شاهه مان راءِ جي خلافت چونڊجي آيل اميدوارن کي قوم جو عيوضي نه سمجهڻ.

الوحيد، نمبر 194، 5 جنوري 1921ع، ص 2

.................................................................................................

نوابشاهه ۾ جلسو

5 جنوري 1921ع تي چڪري نوابشاهه ۾ جناب ڀائي نارائڻ داس صاحب جي صدارت هيٺ جلسو ٿيو. قاضي خدابخش مورائي (بي-اي عليگ) ”ڪانگريس ۾ ڇا ٿيو“ تنهن بابت ڳالهايو. ان بابت سپاپتي صاحب، حڪيم عبدالخالق مورائي، هندو مسلم ايڪتا، سوديشي ۽ نئونيشا تي ماڻهن کي سمجهاڻيون ڏنيون.

الوحيد، نمبر 200، 10 جنوري 1921ع، ص 2.

.................................................................................................

دفتر جمعيت خلافت اسلاميه صوبه سنڌ

428 مڪلوڊ روڊ ڪراچي.

23 جنوري 1921ع

جناب من، اسلام عليڪم

جمعيت خلافت اسلاميه وصبه سنڌ جي منتظم ڪاميٽي جو جلسو ڇنڇر ڏينهن تاريخ 5 فيبروري 1921ع، 11 بجي صبح جو خلافت ڪاميٽي جي آفيس ۾ ٿيندو. مهرباني فرمائي اچي جلسي ۾ شريڪ ٿيندا.

هيٺيان ڪم سرانجام ڪيا ويندا.

1. بيت المال جو حساب ڪتاب

2. بيت المال ڪيئن ڪجي

3. حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ ماتحت آفيس (سب مرڪز) خلافت جا ٺاهڻ.

4. قومي تعليم فنڊ ۽ ان جي گڏ ڪرڻ لاءِ ڪهڙا اپاءَ ۽ تجويزون اختيار ڪجن.

5. هميشه لاءِ وفد مقرر ڪرڻ جو ڪم ڪندو رهي.

6. تبليغ ۽ سوديشي رپورٽون.

7. ڪيئن ماڻهن کي روڪجي جي سنڌ پراونشل خلافت ڪاميٽيءَ جي نالي پئسا گڏ ڪن ٿا.

8. جنرل ڪاميٽيءَ ڪوٺائڻ لاءِ تاريخ ۽ هنڌ مقرر ڪرڻ.

الوحيد، 23 جنوري 1921ع

.................................................................................................

سنڌ پراونشل خلافت ڪاميٽي جي جنرل ميٽنگ

تاريخ 26، 27 فيبروري 1921ع جي لاڙڪاڻي ۾ ٿيندي، تنهن ۾ ويچار ڪرڻ لاءِ مضمون.

1. حساب ڪتاب.

2. سنڌ پراونشل خلافت ڪاميٽي جي روان ۾ ڦير گهير ٿيڻ بابت

3. سنڌ پراونشل خلافت ڪاميٽي جي ڪم ڪندڙ ڪاميٽي ٺاهڻ.

4. سنڌ پراونشل خلافت ڪانفرنس.

5. سنڌ پراونشل ڪاميٽي ۽ ان کي مئنجينگ ڪاميٽيءَ مان جن ميمبرن بهرو وٺڻ ڇڏيو آهي تن جي بدران ٻين ميبرن جي چونڊ بابت.

6. سينٽرل خلافت ڪاميٽيءَ جي ميمبرن مان جن ڇڏيو آهي تن جي جاءِ تي ٻين ميمبرن جي چونڊ بابت.

7. سينٽرل خلافت ڪاميٽي بمبئي کي چئجي ته آل انڊيا خلافت ڪانفرنس گهرائي.

8. تعليم لاءِ فنڊ ۽ اسڪول.

(1) هاءِ اسڪولن جي کولڻ بابت

(2) ملان اسڪولن کي گرانٽ ڏيڻ بابت

(3) ٻين اسڪولن کي گرانٽ ڏيڻ بابت

9.  سنڌ مدرسه جي بورڊ بابت.

10. سوديشي.

(1) ائٽ سنڌ ۾ ڪيئن پکيڙجن.

(2) ديسي ڪپڙي ۽ سامان جا انشورنس کوليا وڃن.

(3) ڳوٺن ۾ اڻڻ جي ڪم کي همٿائجي.

11. الوحيد پريس کي ضمانت ڀري ڏنل پئسن بابت

12. بيت المال چندو ڪيئن ڪجي.

(9) قومي دارالقضائون برپا ڪرڻ.

(10) مجاهدن جون جماعتون تيار ڪرڻ.

(11) سرڪاري دٻاءَ کي ڪيئن منهن ڏجي.

(12) ميرپورخاص ۾ سنڌ پراونشل ڪانفرنس

سان گڏ سنڌ خلافت ڪانفرنس ڪجي يا نه ڪجي.

13. مولانا محمد صاحب جون تجويزون ملان اسڪولن بابت

14. هميشه لاءِ مبلغين مقرر ڪرڻ.

15. مرڪزي خلافت ڪاميٽي بمبئيءَ جا جاري ڪيل نوٽ ڪيتري قيمت جا وڪري ڪري گهرايا وڃن.

16. ڪانگريس مقاصد-سوراج ۽ قطع تعلقات.

نوٽ: وڌيڪ مضمونن جي لاءِ سيڪريٽري کي خبر ڏيڻ گهرجي.

اوهان مهرباني ڪري ضرور لاڙڪاڻي ۾ اچي شامل ٿيندا.

ڀارت اليڪٽرڪ پرنٽنگ ورڪس ڪراچي.

محمد خان

سيڪريٽري سنڌ پراونشل خلافت ڪميٽي

الوحيد، 26 فيبروري 1921ع

.................................................................................................

دفتر استقباليه ڪميٽي آل انڊيا خلافت ڪانفرنس ڪراچي

جناب معظم و محترم، اسلام عليڪم و برڪات

اميد آهي ته اوهين خيريت سان هوندا، توهان کي اها ڳالهه معلوم ٿي وئي هوندي ته 1، 2، 3 جولائي 1921ع بمطابق 24، 25، 26 شوال 1339ع جمعي ڇنڇر آچر ڏينهن آل انڊيا خلافت ڪانفرنس جو جلسو ٽي ڏينهن برابر ڪراچ شهر ۾ ٿيندو ۽ مخدوم قوم فرائي ملت حضرت مولانا محمد علي صاحب جلسي جي صدارت قبول فرمائي آهي ۽ اميد آهي ته هندستان جا مسلمان ۽ هندو مشهور ۽ وڏا وڏا اڳواڻ تشريف فرما ٿيندا. اڄڪلهه خلافت اسلاميه ۽ ملڪ جي بهبودي جي متعلق گهڻيون ضروري ڳالهيون اهن جن تي هن اجلاس ۾ خاص طرح ڪيو ويندو. انهيءَ ڪري انهيءَ همدردي کي مدنظر رکي جا اوهان وقت به وقت هن مقدس منهنجي تحريڪ ۽ ملڪ جي ڀلائي جي متعلق ظاهر فرمائي آهي اوهان جي خدمت ۾ درخواست اهي ته ضرور هي وڏي عظيم الشان جلسي ۾ شريڪ ٿي اسان کي شڪرگذارفرما ٿيندا.

توهان جي رهڻ جو بندوبست استقباليه ڪميٽي ڪندي هر هڪ ماڻهوءَ جي کاڌي لاءِ به هر هڪ ڏينهن لاءِ هڪ رپيه ڏيڻ تي ڪميٽي بندوبست ڪندي ۽ جلسي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڊيليگيٽ (نمائنده) جي فيس ٻه رپيا ٽنهين ڏينهن لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي هن ڳالهه جو خاص طرح خيال رکندا ته اوهان جي تشريف آوري جو اطلاع گهٽ ۾ گهٽ پنج ڏينهن پهريان يعني 26 جون 1921ع تائين اسان کي پهچي وڃي ته اوهان جي سهوليت ۽ آرام جو بندوبست ڪجي جيڪڏهن اوهان غفلت ۽ سستي ڪري ايتري وقت ۾ اطلاع نه ڏنو ته لاچار اوهان کي تڪليف ٿيندي ۽ پوءِ ان جي ذميواري اسان تي نه آهي. فقط والسلام.

1. محمد خان

2. ڊاڪٽر اي ايم احمد

3. آرکي- سرهوا.

سيڪريٽري استقباليه ڪميٽي آل انڊيا خلافت ڪانفرنس ڪراچي.

ڀارت اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس ورڪس ڪراچي، ص 2، 1921ع

.................................................................................................

جوهيءَ ۾ خلافت جلسو

جوهي ۾ خلافت جلسو جمعي ڏينهن ٿيو، هندو مسلمان آيل هئا، مولانا حسين صاحب اسلام حڪمن جو وعظ فرمائيندي ماڻهن کان نماز پڙهڻ جو انجام ورتو.

مولوي حمزه صدر خلافت ڪميٽي جوهي مسئلي خلافت جي سمجهاڻي ڏني.

مولوي دين محمد صاحب نائب صدر مجلس خلافت جوهي ترڪ موالات کي قرآن ۽ حديث جي دليلن سان مسٽر دين محمد ايڊيٽر الوحيد، سيد جمال الدين بخاري ۽ مولوي عبدالڪريم چشتي کي جيل ۾ وڃڻ لاءِ مبارڪبد چئي وئي.

الوحيد، نمبر 160، 5 جنوري 1922ع، ص 4.

.................................................................................................

تاجدار افغانستان جو شاهي فرمان

هندو مسلم اتحاد جي شاندار فتح

تاجدار افغانستان هندو رعيت جي منظوري هيٺيون فرمان جاري ڪيو آهي.

(1) ڪنهن به هندوءَ کي زبردستي سان مسلمان نه ڪيو ويندو.

(2) هر هڪ هندوءَ کي پنهنجي مذهبي رسمن ادا ڪرڻ ۾ آزادي آهي. هندن جا جهڳڙا سندن شاسٽرن موجب طئي ڪيا ويندا.

(3) هندو عورتن جي پوري حفاظت ڪئي ويندي ۽ سلطنت ۾ جتي رهڻ گهرن اتي رهي سگهن ٿيون.

(4) هندن جا ڌرم شالا جي خراب حالت ۾ آهن تن جي مرمت ڪئي ويندي ۽ هندو مسافر انهن ۾ رهي سگهن ٿا.

(5) گئوڪش عام طور بند ڪئي وئي آهي ۽ ڪنهن کي به اجازت ڪانهي جو هو ڪٺل ڳئون جو گوشت به کائي سگهي.

(6) هندو افغانستان ۾ جتي وڻين اتي زمين خريد ڪري سگهن ٿا.

(7) مسلمانن وانگر هندن کان به برابر ڍلون ورتيون وينديون ۽ هنن کان وڌيڪ ڍل ڪا نه وٺبي.

(8) جو هندو مرد يا عورت مسلمان ٿي ويو آهي سو پنهنجي عورت يا مڙس کي مسلمان ٿيڻ لاءِ مجبور ڪري نٿو سگهي.

(9) جيڪڏهن ڪو ڇوڪر پنهنجي پيءُ جي زندگي ۾ مسلمان ٿئي ٿو سو پنهنجي ملڪيت تي ڪو حق رکي نٿو سگهي هن جو پنهنجي ڪمايل ملڪيت تي پورو حق آهي.

(10)هندن کي افغانستان ۾ پنهنجي آمد ورفت تي پوري آزادي حاصل آهي.

(11) سرڪاري نوڪريون هندن ۽ مسلمانن واسطي برابر کليل آهن ۽ هنن جي برابري جي حق جو لحاظ رکيو ويندو.

(12) افغاني حڪومت جهڙيءَ طرح مسلمانن جي بهبوديءَ جو خيال رکي ٿي تهڙي طرح هو هندن جو به برابر خيال رکندي.

(13) امير جي ڪائونسل ۾ هندن جي فائدي لاءِ هر هڪ ضلعي مان هندن جا عيوضي چونڊيا ويندا. جلال آباد ۽ غزني ۽ قنڌار جي ضلعن مان هندن جو هڪ يا ٻه عيوضي چونڊيا ويندا.

الوحيد، نمبر65، 10 سيپٽمبر 1922ع، ص 4.

.................................................................................................

راڄنيتي ڪانفرنس قنبر

9، 10، 11 سيپٽمبر 1922ع جي قنبر ۾ تعلقي راڄنيتي ڪانفرنس منعقد ٿي سکر ۽ شڪارپور ۽ لاڙڪانه ضلعي جا مکيه ڪم ڪندڙ ۽ معزز مولوي صاحبان ۽ پير صاحب ڪانفرنس ۾ شامل هئا. اٽڪل 3 هزار ماڻهو موجود هئا. ڪانفرنس جو پريذيڊنت جناب مولانا صاحب ميان عبدالڪريم صاحب چشتي چونڊيو ويو. صدر جي صدارتي خطبي کانپوءِ شريمتي رمنتي ديوي ۽ ٻين هندن مسلمانن اثرائتيون زبردست تقريرون ڪيون هيٺيان ٺهراءَ ڪانفرنس ۾ پاس ڪيا ويا.

1. ته قطع تعلقات جي مٿان عمل ڪندي ضرور سوراج ۽ خلافت جا مسائل حل ڪري سگهنداسين.

2. ته ملتان جي فساد تي دلي دک جو اظهار.

3. ته سکن سان موجود تڪليفن تي همدردي کين اهنساتي عمل ڪرڻ ۽ قربانين تي مبارڪباد ڏيڻ.

4. ته قيد پيلن اڳواڻن کي مبارڪباد.

5. غازي ڪمال کي سندس سوڀ تي مبارڪ

6. فلسطين تي يهودين کي حڪومت ڏيارڻ تي سياسي نقطي نظر سان اعتراض. صدر جي آفرين تقرير تي قومي نعرن سان ڪانفرنس ختم ٿي.

الوحيد، نمبر 73، 20 سيپٽمبر 1922ع. ص 4.

.................................................................................................

جيڪب آباد ۾ جلسو

جامع مسجد ۾ جمعي نماز بعد زير صدارت جناب مولانا حاجي خادم حسين صاحب جي جلسو ٿيو، جنهن ۾ مولانا عبدالنبي شاهه ۽ مولوي در محمد صاحب ٺل ۽ مولوي رحيم بخش صاحب ۽ ٻيا ڪيترائي بزرگ موجود هئا.

مولوي در محمد صاحب ڪانفرنس کي تقرير ڪئي. مولانا خادم حسين صاحب ٿوري تقرير ڪرڻ کانپوءِ خليفتھ المسلمين لاءِ دعا گهري.

الوحيد، نمبر 154، 29 ڊسمبر 1922ع، ص 4.

.................................................................................................

ٽنڊو باگو

اتي غلام شاهه جو ميلو لڳندو آهي، خلافت جي زماني ۾ ملان ميلن ۾ به ويا. ڊسمبر 1922 ۾ ميلو ٿيو. ٽيهه ماڻهو خلافت پاران ويا. وڃي خلافت ۽ اسلام جي تبليغ ڪيائون.

سيد مير قنبر علي شاهه

مولوي عبداللطيف گولاڙي وارو

مولوي محمد اڪرم

مولوي محمد سعيد

الوحيد، 28 ڊسمبر 1922ع. ص 4.

.................................................................................................

شڪارپور  اليڪشن

شڪارپور ميونسپل جي اليڪشن ۾ محمدن جي 11 سيٽن تي ڪجهه خلافتي اليڪشن لڙيا پر کٽي نه سگهيا.

الوحيد، 22 جنوري 1923ع. ص 5.

.................................................................................................

جمعيت خلافت صوبه سنڌ جي جنرل باڊيءَ جي ميٽنگ

25 جنوري 1923ع 4 بجي شام جو خلافت آفيس ڪراچيءَ ۾ زير صدارت سيٺ حاجي عبدالله هارون ٿي، گيا خلافت ڪانفرنس جي ٺهرائن کي عملي صورت ۾ آڻڻ لاءِ مکيه ڳالهين تي ڪميٽي ٺهراءَ پاس ڪيا ۽ تفصيلي رپورٽ ۽ ان تي ڪيئن ڪم ڪجي ان لاءِ هڪ سب ڪميٽي ٺاهي ويئي.

1. گيا خلافت جي ٺهراءَ موجب ته ملڪ کي سول نافرماني لاءِ تيار ڪرڻ جي خيال سان ٽن مهينن اندر ڏهه لک رپيا گڏ ڪجن. ۽ 25 هزار والنٽيئر مسلمان ساري هندستان مان ڀرتي ڪجن انهيءَ ٺهراءَ تي عمل ڪندي جنرل باڊي صوبه سنڌ مان پنجاهه هزار رپيا گڏ ڪرڻ ۽ ٻه هزار خلافت والنٽيئر ڀرتي ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ڪيو. اهو ڪم شوال مهيني جي پهرين تاريخ مطابق 20 مئي 1923ع تائين ضلعي خلافت ڪاميٽين کي پورو ڪرڻو پوندو.

2. ٺهراءُ ٿيو ته صوبه سنڌ مان خلافت جا 4 آنا چندو ڏيندڙ پنجاهه هزار ميمبر ڪرڻ گهرجن.

3. پروفيسر جهمٽ مل جي قيد ٿيڻ ڪري ڊاڪٽر وطڻ مل کي ورڪنگ ڪاميٽي ۽ آل انڊيا خلافت ڪاميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو.

4. ٺهراءُ پاس ٿيو ته هي مجلس خلافت صوبه سنڌ انگريزي مال جي بائيڪاٽ جي متعلق خلافت ڪانفرنس گياجي ٺهراءَ جي تائيد ڪندي ان تي عمل ڪندي.

5. هي مجلس صوبه سنڌ جي امام الهند مولانا ابوالڪلام آزاد کي اسير فرنگ مان آزاد ٿي اچڻ تي مبارڪباد ٿي ڏجي.

الوحيد، نمبر 183، 31 جنوري 1923ع، ص 4.

.................................................................................................

ميان جو ڳوٺ تعلقه شڪارپور

14 فيبروري جمعي نماز بعد زير صدارت مولانا مولوي محسن الله ٿيو. مولوي محمد هاشم ۽ شيخ شفيع محمد تقريرون ڪيون.

جنوبي ريگستاني

23 فيبروري تي مجلس قائم ٿي زير صدارت مولوي حاجي گل محمد هيٺان ريزوليوشن پاس ٿيا.

1. انگريز نمائندن جي نالائق روش کي ننديو ويو.

2. انگريز حڪومت جي اسلام سان دشمني حقارت ڪئي وئي.

3. خليفه المسلمين ۽ غازي مصطفيٰ لاءِ دعا گهري وئي.

4. انگورا ليجز لاءِ نالا لکيا ويا.

5. عشره ملائڻ لاءِ تاڪيد رکيو ويو.

الوحيد، نمبر 205، 2 مارچ 1923ع، ص 4.

.................................................................................................

پرائي شادي ۾ ملان!

ٽنڊه سائينداد ۾ شادي جي موقعي تي

خلافتي هلچل وارا: پير محمد حسين جان سرهندي، پير محمد اسماعيل جان سرهندي، مولوي عبدالرزاق بوبڪائي، حاجي سيد اشد شاهه، مولوي احمد هالاڻي، مولوي غلام احمد، مولوي لعل محمد ۽ محمد عثمان.

برخلاف

آيا- انگريزي ڪپڙي پائڻ تي بحث هليو، برخلاف ڌر جو خيال ته ڪپڙا پائڻ حلال آهن، بحث ٿيو، پر برخلاف ڌر موٽي وئي.

الوحيد، 15 اپريل 1923ع.

.................................................................................................

سجاول جلسو

19 شعبان المعظم 1341هه جمعي رات سجاول ۾ زير سايه خلافت ڪميٽي هڪ جلسو منعقد ٿيو. ميان حاجي محمد سليمان تقرير ڪئي. مولوي محمد عثمان بٺورائيءَ به تقرير ڪئي. آخر ۾ ڊاڪٽر ميان اڪبر علي خان هيٺيان ٺهراءَ پيش ڪيا، جيڪي مڙني منظور ڪيا.

1. هي جلسو متفقه راءِ ٺهراءُ پيش ٿو ڪري ته جيڪڏهن عيسائي قوم کي مسلم قوم ۾ باقي اميد آهي ته جنهن نالائق پادري اسان جي سرور ڪائنات صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ ناپاڪ حملا ڪيا آهن تنهن کي ۽ ان جي تائيد ڪندڙمعلونن کي ڪيس هلائي سخت سزا ڏئي.

2. هي جلسو فدائي ملت ميان نبي بخش سابق ايڊيٽر شيرالوحيد کي سندس حق جي حمايت تي ثابت قدم رهي دليرانه روش تي دلي مبارڪباد ڏئي ٿو ۽ سرشتي جي انهيءَ انصف جي خون جي نفرت جي نگاهه سان ڏسي ٿو.

الوحيد، نمبر 242، 18 اپريل 1923ع، ص 4.

.................................................................................................

خلافت جو مقدس جهنڊو

سکر ضلعي ۾

اميرالمومنين جو پنهنجي پيار ۽ محبت منجهان هندستان جي مسلمانن جي همت افزائيءَ لاءِ علم مبارڪ تحفي طور عنايت فرمايو آهي. تنهن سکر ضلعي ۾ 17 اپريل تي نازول فرمايو ۽ هيٺين جاين تي مسلمانن کي زيارت ڪرائي وئي. امروٽ، ڳڙهي ياسين، شڪارپور، خيرپور، ڏهرڪي، ميرپورماٿيلو، گهوٽڪي، پنوعاقل، چڪ، روهڙي، سکر، سڀ ڪنهن هنڌ هزارن جي تعداد ۾ مسلمان خواهه هندن مبارڪ جهنڊي جو استقبال ڪيو.

الوحيد، نمبر 250، 27 اپريل 1923ع، ص 4.

.................................................................................................

از دفتر مرکزی خلافت کمیٹی

بمبئی 14 جولائی 1923ع

برادرم السلام علیٰکم

17 جولائی کو ملحنامھ لوزن پر دستخط ہوجائینگے اس لحاظ سے یھ قرار پایا ہے کھ سارے ہندستان میں ہندو مسلمان متفقھ طریقھ پر عیدالضحیٰ کے روز جشن منائیں (عید غالبن 25 جولائی کو ہوگی(۔ عید کے روز سھ پہر میں جھنڈوں کے ساتھھ جلوس نکالے جائیں اور جلسھ کر کے حسب ذیل مضامین کی تجاویز پاس کی جائیں۔

(الف) حضرت خلیفتھ المسلمین اور غازی مصطفیٰ کمال پاشا کو مبارکباد۔

(ب) اپنے مطالبات متعلق ازدئے جزیرتہ العرب یعنی عرب شام و فلسطین کا پرزور الفاظ میں اعادہ۔

(ج) اس امر کا عہد و پیمان کہ ہندوستان کے ہندو مسلمان باہم متفق اور متحد رہکر حصول سوراج کی جدوجہد کو جاری رکھینگے۔

رات کے وقت ہر ہر جگھ چراغاں کی جائیگا۔ اور عید سے تین روز تک انگورہ خلافت فنھ جمع کیا جائیگا۔ آپ سے امید ہے کھ موقع کی اہمیت کا لحاظ رکھتے ہوئے ہر ممکن طریقھ سے اس جشن صلح کو پوری طرح کامیاب بنائینگے۔

ہم ہیں آپ کے بھائی

مختار احمد انصاری (صدر)

معمدین اعزازی

سید محمود

معظم علی

ٌعثمان سوہانی

خلافت پریس بمبئی نمبر11

14 جولائی 1923ع

.................................................................................................

لاڙڪاڻي ۾ آرين جي ميٽنگ جو تبليغي وفد پاران جوبي سلسلو

زير صدارت پير حاجي مٺل شاهه جي جيڪو جلسو ٿيو ان جي جواب ۾ ٻيءَ رات آرين ۽ هندن جو جوابي جلسو منعقد ٿيو. جنهن جي اشتهار ۾ هنن ڄاڻايو هو ته مسلمانن کي جلسي جي پڇاڙيءَ ۾ سوال جواب جو موقعو ڏنو ويندو. انهيءف جلسي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ مولانا دهلوي، مولانا وفائي، مولانا چشتي ۽ شهر جا معزز سيٺ حاجي خداداد، مسٽر نظر علي خان افغان، مدرسي جو انچارج ۽ ٻيا سون جي تعداد ۾ مسلمان الله اڪبر جا نعرا هڻندا وڃي شريڪ ٿيا. مولوي وفائي صاحب مسلمانن کي چيو ته اسان جواب ڏيڻ کانپوءِ ڪڏهن به هي جلسو براخوست ٿيڻ نه ڏينداسون. تنهنڪري مسلمان صبح تائين اتي ڄميا رهيا. پوءِ مولانا وفائي چيو ته مسلمانو اوهان کي مبارڪ هجي جو اسان جي ويدڪ اعتراض جو ڪو به آرين جواب ڪو نه ڏنو.

ٻئي ڏينهن جمعي ڏينهن گهاڙ ڀڪ تي ڪکن واري ميدان تي جمعي نماز جو انتظام ڪيو ويو. اعتراض ويدن تي هئا. مولانا چشتي اڍائي ڪلاڪ سياسي نقطه نظر سان جواب ڏيڻ شروع ڪيو.

الوحيد، نمبر 28، 14 فيبروري 1927، جلد ڇهون، ص 6.

.................................................................................................

ٻي گڏجاڻي

*وفائي، رئيس رضا محمد، مولوي محمد عثمان، مولوي غلام فريد، پير صاحبڏنو، سيد سردار علي شاهه، معاذ.

ٺهراءُ: 1. سائمن ڪميشن کي مقرري کي هندستان جي بيعزتي سمجهي ٿي.

(الف) ڪميشن سان سهڪار ڪندڙ اسان جا عيوضي آهن.

(ب) 11 نومبر 1928ع تي ڪراچي ۾ اچڻ وقت ڪارن جهنڊن سان ان جو استقبال ڪيو وڃي.

2.اهل سنڌ تعليم ڏي توجهه ڏئي.                    

3. اهل سنڌ پنهنجي ملڪ جون ٺهيل شيون واپرائي.

4. لائڊ بئراج سکر جي شاخن نڪرڻ ڪري جيڪي مسجدون شهيد ٿي چڪيون آهن ۽ جن مسجدن، قبرستانن يا فرقن جي ملحلت کي سروي ۾ وڏو خطرو آهي، ان جي حفاظت ڪئي وڃي.

الوحيد، تاريخ پهرين آڪٽوبر 1928ع. ص 1

.................................................................................................

گهوٽڪي ۾ عظيم الشان خلافت جو جلسو

بئراج ۾ مسجدن شهيد ٿيڻ ۽ سائمن ڪميشن جي برخلاف ٺهراءُ

(از نامه نگار الوحيد)

9 مارچ سنه 1928ع تي نماز جمع بعد زبردست جلسو ٿيو. چئن هزارن کان مٿي ماڻهو هئا. مولوي محمد هاشم وعظ نهايت موثر ڪيائين. تنهن کانپوءِ هيٺيان ٻه ٺهراءَ پاس ٿيا.

1. هي جلسو انهن مسجدن جو احوال ڏاڍي رانج ۽ بي چيني سان ٻڌي ٿو جو بئراج جي رٿيل واهن ۾ اچڻ ڪري شهيد ڪيون ويون آهن. يا انهن جي شهيد ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ گورنمينٽ جي انهيءَ خود سرانه ۽ مجرمانه طرز عمل تي نفرت ۽ حقارت جو اظهار ڪري ٿو جا طرز مسلمانن جي متوا ثر درخواست کان چشم پوشي ڪندي انهن جي خالص مذبي جذبات کي پائمال ڪندي مذڪوره مساجدن جي شهادت کي به روڪڻ ڪري ظاهر ڪيو آهي تنهن ڪري هي جلسو اعلان ٿو ڪري ته اڃا به گورنمينٽ غفلت جون اکيون کولي ۽ سمجهي وڃي ۽ آئينده لاءِ اهڙي بڇڙي فعل کان باز اچي نه ته خطرناڪ نتيجن لاءِ گورنمينٽ پاڻ ذميوار رهندي.

2. هي جلسو مجلس خلافت جي فيصلي کي قبوليت جي نظر سان ڏسي ٿو جو هن سائمن ڪميشن جي مقاطع بابت ڪيو آهي ۽ اعلان ٿو ڪري ته هن کي سائمن ڪميشن ۾ اعتماد ڪو نه آهي. آزادي درخواستن سان يا نيزارين ڪرڻ سان نه بلڪه خورداري جرئت ۽ قرباني سان حاصل ٿي سگهي ٿي تنهنڪري هي جلسو مسلمانن کي اپيل ٿو ڪري ته اهي جنهن به دنياوي طاقت جي اڳيان سر جهڪائڻ جي بجاءِ پنهنجي خدا جي حضور ۾ سر جهڪائين ۽ پنهنجي دست بازو ايثار ۽ قربانيءَ تي ڀروسو رکي ميدان عمل ۾ شجاعانه ۽ سرفروش نه اڳتي وڌن.

الوحيد، جلد ستون، نمبر 60، 14 مارچ 1928ع، ص 3-4

.................................................................................................

سنڌ پراونشل خلافت ڪائونسل سکر

پهرين گڏجاڻي 27 آڪٽوبر 1928ع.

صدارت: مولانا حسين احمد مدني.

شرڪت ڪندڙ(ٻاهريان): ڊاڪٽر انصاري، آزاد، مولانا ظفر علي، مولانا احمد علي، مولانا حبيب الرحمان لڌيانوي،

ٻه هزار ڊيليگيٽ ۾ سکر، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد

شرڪت ڪندڙ: عبدالله هارون، سيٺ مير محمد بلوچ، مولانا محمد صديق، علي اڪبر شاهه، سيد هدايت الله شاهه، چشتي، مولانا تاج محمود امروٽي چيئرمين استقباليه ڪميٽي مرحبائي.

مولوي چشتي تقرير ڪئي.

الوحيد، تاريخ 28 آڪٽوبر 1928ع، ص 1.

.................................................................................................

ميهڙ م خلافت جو عظيم الشان جلسو

تاريخ 12 مئي تي جامع مسجد ميهڙ ۾ خلافت جو عظيم الشان جلسو وڏيري محمد رضا خان جي صدارت هيٺ ٿيو، جو برابر 4 ڪلاڪ هليو. مولانا چشتي صاحب شڪارپوري مسلمانن جي موجوده حالت جو نقشو ڇڪيو ۽ حضور صہ جن جي زندگيءَ تي روشني وڌي. علم ۽ تنظيم لاءِ زور ڀريو. مسلمانن کي هندو مهاسڀا جي ڪمن ڪوششن ڏانهن متوجهه ڪيائين، جيڪب آباد واري واقعي متعلق افسوس ظاهر ڪيائين ۽ مسلمان اخبارن جي حالت ٻڌايائين جو هندن جي چالبازي جي پروپيگنڊا ۾ ڦاسي مسلمانن جي خلاف نڪته چيني ڪن ٿيون.

ٺهراءُ: (1) هي جلسو جيڪب آباد جي واقعي تي پنهنجي رنج جو اظهار ٿو ڪري ۽ بيگناهن جي گرفتاري تي صدا احتجاج بلند ٿو ڪري ۽ مڪمل جاچ لاءِ اپيل ٿو ڪري. (2) هي جلسو خيرپور رياست جي موجوده بد انتظامي تي افسوس ٿو کائي ۽ سرڪار کي اپيل ٿو ڪري ته ناڪام ڪائونسل جو خاتمو ڪيو وڃي ۽ وزارت جي رواج کي قائم ڪيو وڃي.

الوحيد، جلد اٺون، نمبر 109، 15 مئي 1929ع، ص1

.................................................................................................

خيرپور ناٿن شاهه ۾ ڪامياب جلسو

17 مئي جمعي ڏينهن جامع مسجد خيرپورناٿن شاهه جي جامع مسجد ۾ پير سيد علي شاهه صاحب راشدي جي زير صدارت شاندار جلسو ٿي گذريو. شهر ۽ ٻهراڙيءَ جا سوين ماڻهو شريڪ هئا. مولوي ميان شفيع محمد جلسي جو مقصد ٻڌايو. مولانا چشتي صاحب عشق رسول ۽ موجوده حالتن ڏانهن اشارو ڪندي تعليم ۽ تنظيم جي دلچسپ ۽ موثر تقرير فرمائي. پئسن جي صورت ۾ مولانا کي نذرانه ملي رهيا هئا. هڪ شخص مسلمان ٿيو جنهن جو نالو مولانا صاحب پنهنجي همنام رکيو. (ناظم)

ڳڙهي ياسين ۾ جلسو

17 مئي تي ڳڙهي ياسين ۾ زير صدارت مولوي حافظ نور محمد مسلمانن جو عام جلسه منعقد ٿيو. حافظ صاحب ۽ حڪيم حبيب الله خان سيڪريٽري خلافت موجوده حالت تي تقريرون فرمايون. وڌيڪ حڪيم صاحب رياست خيرپور جا حالت ٻڌائيندي هيٺيان ٺهراءَ پيش ڪيا جي پاس ٿيا.

(1) رياست ۾ بدامنيءَ تي افسوس ۽ ڪائونسل کي ٽوڙڻ ۾ وزارت کي قائم ڪرڻ لاءِ استدعا (2) جيڪب آباد جي حادثي تي افسوس ۽ سرڪار کي چڱيءَ ريت جاچ لاءِ درخواست ڪئي وئي ته جيئن بيگناهه گرفتاريون نه ٿين.

الوحيد، جلد اٺون، نمبر 114، 23 مئي 1929ع، ص 2

.................................................................................................

سنڌ ۾ هڪ نئين فتني جي ابتدا

علماءَ اسلام کي خيال رکڻ گهرجي

دين کي دنيا تي وڪڻڻ

سنڌ ۾ نئون مهدي پئدا ٿيندو ڇا؟ گهنڊ يا تعلقي سڪرنڊ ضلعي نوابشاهه ۾ ڪشمور جو هڪ پير صاحب اٽڪل 5 سالن کان رهندڙ آهي. اڳ هو لاڙ ۾ رهندو هو ۽ ٽنڊه سومره جا اڪثر نظاماڻي هن جي والد بزرگوار جا عقيدتمند هئا ۽ موجوده پير صاحب کان بيزار آهن. پير صاحب جا مريد گهڻو ڪري بعد نماز وڏي سڏ سرود سان هن ريت فڪر ڪندا آهن. ”رب ساءَ“ لا الھ الا الله هاڻي معلوم ٿيو آهي ته پير صاحب جي خليفي علي اڪبر شاهه نالي مولوي محمد صديق مورائيءَ کي 300 رپيا ڏنا هئا ۽ مولوي صاحب کان دستاويز به لکايو ويو هو ته ڪو ڪتاب لکي ڏيندو. خير مولوي صاحب ته عرصه 2 سالن ۾ ڪتاب لکي نه سگهيو، هاڻي مولوي صاحب کان پئسن جي تقاضا ٿي رهي آهي. هاڻي اٽڪل 3 ڏينهن ٿيندا ته وري مولوي فيض الڪريم ٺارو شاهي کي ان ڪتاب بابت 70 رپيا ايڊوانس ڏني وئي آهي ۽ 230 رپيا مولوي صاحب کي ڪتاب تيار ڪري ڏيڻ وقت ڏنا ويندا. دستاويز جو مولوي فيض الڪريم کان لکايو ويو آهي ان ۾ گهڻا شرط آهن ۽ موٽا موٽا هي آهن ته اهو ذڪر بعد نماز رحماني آهي يا شيطاني. قبر کي سجده جائز ڪري ڏيندو. مرشد جي صورت هر وقت خيال ۾ رکڻ ۽ مڙس لاءِ سونا زيور يا پٽ جا ڪپڙا جائز آهن يا نه. وڏو هي امر آهي ته ثابت ڪندو ته مهدي ۽ مجدد ضرور گهنڊ يا مان ٿيندو موجب حديث (قيد) وغيره وغيره اها آهي. علماءَ امت ۽ پيران طريقت جي روش ان لاءِ علماءَ کي خيال رکڻ گهرجي. (خاطو)

الوحيد، جلد نائون، نمبر 14، 18 جنوري 1930ع، ص 4.

.................................................................................................

ايڊيٽر- شيخ عبدالمجيد

ڪراچيءَ جي مسلمانن جو عظيم الشان جلوس ۽ خالقڏنه هال ۾ زبردست ۽ پرجوش جلسو.

پنجن هزارن مسلمانن جو شاندار اجتماع

ميمڻ، بوهره، پٺاڻ، سنڌي، پنجابي، گجراتي مسلمانن جو عجيب مجمع

ساردا ائڪٽ، سيلڊ براج،

 مولوي عبدالحئي جي يل، نجم الدين فنڊ ۽ گئوڪشي بابت ضروري ٺهراءُ

مسلمان قانون شڪنيءَ لاءِ تيار

سوين مسلمانن جو خلافت ڪميٽيءَ ۾ شرڪت ٿيڻ

ٺهراءُ ٻيون: ڪراچيءَ جي مسلمانن جو هي جلسو حڪومت بمبئيءَ جي انهيءَ پاليسي تي پنهنجي نفرت ۽ ناراضگيءَ جو اظهار ڪري ٿو. جنهنڪري براج جي حدن ۾ لينڊ ايڪريزشين ايڪٽ جي نالي هيٺ 7 مسجدون خريد ڪيون ويون آهن ۽ وڌيڪ مسجدون خريد ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آڱهي. هي جلسو مسلمانن کي درخواست ڪري ٿو ته جيستائين بمبئي حڪومت هن ڳالهه جو اعلان نه ڪري ته حڪومت کي ڪنهن به ائڪٽ جي ماتحت مسجدن جي خريد ڪرڻ جو ڪو حق ڪو نه آهي ۽ جيستائين انهن مسجدن کي پڪو نه ڪرايو ويو آهي جن کي واهن جي وچ ۾ ان ريت ڇڏيو ويو آهي جي پاڻيءَ جي اچڻ کانپوءِ ڪري پونديون تيستائين مسلمان انگريزي مال جو بائيڪاٽ ڪن ۽ مسجدن جي بچاءَ لاءِ صوبه سنڌ خلافت ڪميٽي جي سڀني تدبيرن جي مددگاري ڪن.

محرڪ: شيخ حاجي عبدالمجيد

موئد: حافظ محمد محسن

موئد: سيٺ غلام حسين غفور ڀائي.

شيخ صاحب تحرڪ ڪندي هڪ پرزور مدلل تقرير ڪئي جنهن ۾ فرمايائين ته 1927ع ۾ جڏهن سرڪار کان سوال پڇيو ويو ته براج ۾ مسجدون ڪيتريون آيون آهن ته سرڪائو سجي جواب ڏنو هو ته چار پر هاڻي 1929ع ۾ سر غلام حسين جي زماني ۾ جواب مليو آهي ته ڪل 7 مسجدون بئراج جي حوالي ٿيون آهن جي لينڊ ايڪويزيشن جي قانون هيٺ خريد ڪيون ويون آهن. گويا اها هڪ مسلمانن جي پاڪ جاين ۾ هڪ قانون جي بهاني ۾ دست اندازي ڪئي وڃي ٿي جيڪڏهن سرڪار زوري کسي يا زبردستي سان مسجدن تي قبضا ڪري ته اها هڪ سمجهه جهڙي ڳالهه آهي پر هي ڇا اهي جو قانون جو نالو وٺي مسلمانن کي اکين ۾ ڌوڙ وڌي وڃي ٿي. سرڪائو سجي هوم ميمبر گورنمينٽ بمبئيءَ جي صاف انجام ڪيو هو ته آئينده ڪا به مسجد بئراج جي زد ۾ ڪا نه آندي ويندي ۽ ان کانپوءِ جڏهن حضرت مولانا تاج محمود صاحب قبلا هڪ مسجد لاءِ ڳڙهي ياسين تعلقي ۾ ستيا گره ڪري وڃي ويٺا هئا تڏهن به سکر جي ڪليڪٽر ڪن مسلمان معززن کي وچ ۾ وجهي ۽ پاڻ انجام ڪري مولانا صاحب کي جڏهن تسلي ڏياري ته مسجدن کي پڪو ٺهرايو ويندو ۽ حفاظت ڪئي ويندي تڏهن مولانا صاحب اتان اتي آيا پر انهن انجامن ۽ وعدن هوندي به پوءِ سرڪار اڃا سوڌو برابر مسجدون خريد ڪندي ۽ انهن کي شهيد ڪندي وڃي ٿي تنهنڪري ضرورت آهي ته اوهان گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال لاءِ انگريزي ڪپڙي جو بائيڪاٽ ڪري مسجدن جي حفاظت ڪريو! ۽ خلافت ڪميٽيءَ ۾ شريڪ ٿي هن جماعت جي طاقت وڌايو ته هو مسلمانن جي حقن لاءِ باقاعده لڙندي رهي وغيره وغيره.

حافظ محمد محسن تائيد ۾ مسجدن جي حرمت ۽ عزت لاءِ ڪي ورثيون پيش ڪيون ۽ مسجدن جي بچاءُ لاءِ پنهنجي تقرير ۾ زور ڏنائين.

غلام حسين غفور ڀائيءَ چيو ته ڪائونس جا مسلمان ميمبر بيڪار آهن نه ته سرڪار کي طاقت نه ٿئي جو مسجدن جو نالو وٺي. ڪانپور جو واقع سرڪار کان وسريو ڪو نه آهي هوندو پر هي سنڌ آهي جتي سرڪار مسجدن ۾ ائين دست اندازي ڪري رهي آهي پوءِ ٺهراءُ بااتفاق پاس ڪيو ويو.

3. ٺهراءُ: ڪراچي جي مسلمانن جو هي جلسو قانون ساز اسيمبلي هند ۾ مولوي عبدالحي جي پاران پيش ٿيل بل جي تائيد ڪري ٿو جنهن جو مقصد آهي ته مسلمانن جو نڪاح ۽ طلاق ۽ ورثا جو فيصلو شريعت اسلاميه جي حڪمن موجب ٿئي.

محرڪ: سيٺ حاجي عبدالله هارون

موئد: مولوي دين محمد صاحب وفائي.

سيٺ صاحب تقرير جاري رکندي فرمايو ته اڄ اسان هن حد کي وڃي پهتا آهيون جو شرعي احڪامن جي جاري ڪرائڻ ۽ فيصلي لاءِ به اسيمبليءَ جا محتاج آهيون. پر حالت هيءَ اچي بڻي آهي جو هندو پنهنجن بيواهه زالن ۽ ڇوڪرين جي ورثي لاءِ هڪ قانون پيش ڪرڻ وارا آهن. جنهن موجب خوف آهي ته جيڪڏهن اسيمبلي پنهنجي راءِ تي ورثي جا حصا مقرر ڪيا ۽ اهي شريعت جي حصن جي برخلاف هوندا ۽ سرڪار اهو قانون به کڻي مسلمانن سان لاڳو ڪيو ته پوءِ سخت مشڪل ٿي پوندي. مثلن اسيمبلي بيواهه زال لاءِ اڌ املاڪ مقرر ڪري ۽ شريعت جو فيصلو آهي ته اولاد واري حالت ۾ بيواهه کي اٺين پتي ۽ بي اولاد وقت چوٿين پتي ڏجي پر اسيمبلي ساروا ائڪٽ وانگي کڻي اهو قانون مسلمانن سان به لڳائي ته وري ڪنڊا ڪڍڻا پون تنهنڪري مولوي عبدالحي جو قانون نهايت ضروري آهي ته مسلمانن جا فيصلا شريعت موجب ٿيڻ گهرجن. سيٺ صاحب ڪڇي ميمڻ جي هندو لاءِ وغيره جا مثال پيش ڪري قانون جي تائيد لاءِ اپيل ڪئي ۽ مسلمانن کي متفق ٿي قومي ڪمن ۾ حصا وٺڻ لاءِ چيو.

مولوي وفائي صاحب: ٺهراءَ جي تائيد ڪندي چيو ته مسلمان جن ملڪن ۾ رهن ٿا سي ٽن قسمن جا آهن. (1) جتي فقط اسلامي حڪومت آهي (2) جتي نج ڪافرن جي حڪومت ۽ سندن ملڪ آهي (3) اهي ملڪ جو پهريان ته مسلمانن جا هئا پر پوءِ انهن تي ڪافرن غلبو ڪري ۽ حڪومت ڄمائي هجي.

پهرين قسم جي ٻن ملڪن بابت فقهي حڪم پڌرا آهن باقي پوئين قسم جي ملڪ ۾ مسلمانن کي ڪيئن رهڻ گهرجي. جيئن هندستان آهي ان بابت صاف حڪم آهي ته اهڙي ملڪ ۾ مسلمانن جو فرض آهي ته شيخ الاسلام يا شريعت جو قاضي مقرر ڪن جو سندن شرعي فيصلو ڪندو رهي پوءِ اگرچ ڍل محصول وغيره هو غير مسلم حاڪم کي ادا ڪندا اچن. تاريخ شاهد آهي ته جڏهن چنگيزن جو اسلامي ملڪن تي قبضو ٿيو هو تڏهن به مسلمانن چنگيزن سان اهو معاهدو ڪيو هو ۽ اندروني طرح اسلامي حڪمن جي هٿ هيٺ فيصلا ڪرائيندا هئا ۽ هن وقت به روس چين، جاوا (هالنڊ) جي حڪومتن ۾ مسلمانن جا سرڪاري طرح مقرر ٿيل قاضي آهن جي سندن فيصلا ڪن. فقط هندستان ئي آهي جنهن جي انگريزي راڄ ۾ مسلمانن کي ايتري مذهبي آزادي به ڪا نه ڏئي وئي آهي. اگرچ مرشد آباد (بنگال) جي فتح وقت انگريزن مسلمانن سان شرعي فيصلن ڪرڻ لاءِ قاضي مقرر ڪرڻ جو وعدو ڪيو هو. تاهم پورو نه ڪيائون تنهنڪري اسان کي مولوي عبدالحي لدهيانوي جي بل جي تائيد ڪرڻ گهرجي. پوءِ اگرچ شيخ الاسلام کڻي ڪو نه ملندو تاهم ڪجهه نه ڪجهه مذهبي آزادي ٿي پوندي وغيره ٺهراءُ پرجوش نعرن ۾ پاس ٿيو.

ٺهراءُ 4:  ڪراچيءَ جي مسلمانن جو هي جلسو نجم الدين فنڊ جي غائب ٿي وڃڻ جي متعلق وزير تعليم جيڪي جواب ڏنا آهن. تن کي اڻپورو سمجهي گهر ڪري ٿو ته نجم الدين فنڊ جي پته ڪڍڻ لاءِ حڪومت بمبئي کي ڪامل تحقيقات ڪرڻ گهرجي. هن جلسي جي راءِ آهي ته جيستائين هي ظاهر نه ڪيو وڃي ته اهو فنڊ ڪنهن غبن ڪيو آهي تيستائين حڪومت مشين فنڊ جي جوابداري کان بري نه ٿي بڻجي سگهجي.

ٺهراءُ 5: ڪراچيءَ جي مسلمانن جو هي جلسو راجا رگهونند پاران هندستان ۾ گائوڪشي جي بند ڪرڻ بابت جو ٺهراءُ اسيمبلي هند ۾ پيش ٿيو آهي تنهن کي اسلام ۽ مسلمانن جي حقن ۽ پڌري دست اندازي سمجهه ٿو ۽ گورنر جنرل پاران انهيءَ بل جي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ تي صدا ۽ احتجاج بلند ڪري ٿو ته اهڙي فتنه انگيز بل کي اسيمبليءَ ۾ بحث هيٺ آڻڻ کان روڪيو وڃي.

اهي ٻئي علماءَ صدر صاحب جي پاران شيخ حاجي عبدالمجيد صاحب صدر جي اجازت سان پيش ڪيا جيڪي بااتفاق منظور ٿيا. ان کانپوءِ صدر صاحب ٺهرائن تي مختصر سمجهاڻي ڏيندي ماڻهن کي قرباني ڏيڻ لاءِ اپيل ڪندي جلسه برخواست ڪيو ۽ ڪيترا ماڻهو خلافت جا ميمبر بڻيا.

الوحيد، جلد نائون، نمبر 14، 21 جنوري 1930ع، ص 2.

.................................................................................................

امروٽ شريف ۾ عاليشان جلسو

امروٽ شريف 17 جنوري جمعي ڏينهن مولانا ميان نظام الدين صاحب سجاده نشين جي صدارت جلسو ٿيو ڪيترا آدمي موجود هئا هيٺان ٺهراءَ پاس ٿيا.

1. ساردا ائڪٽ، مساجد براج، مولوي عبدالحي جي بل، نجم الدين فنڊ ۽ گئوڪشي.

جلسي ۾ زوردار لفظن ۾ گورنمينٽ جو ڌيان ڇڪايائون ته جيڪڏهن مسلمانن جي مذهبي جذبات جو ڪو قدر نه ڪيو ويو ته پوءِ مسلمان مذهبي حفاظت لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا. خاطو

الوحيد، جلد نائون، نمبر 23، ڪراچي، 29 جنوري 1930ع، ص 4.

.................................................................................................

ڪراچيءَ جي مسلمانن جو خالقڏنه هال ۾ عام جلسو

هندستان جي آزادي ۽ مسلم قوم جي حقن تي ولوله انگيز تقريرون، بوهرا قوم جي اڳواڻن جو اعلان ته هڪ سئو نوجوان بوهره اسلامي رضاڪارن جي جماعت ۾ شريڪ ٿيندا.

براج جي مسجدن جي حفاظت لاءِ وزير هند تي دعويٰ ڪرڻ جو فيصلو.

1. ضلع خلافت ڪميٽي ڪراچيءَ جي سايه هيٺ مسلمانن جو عام جلسو خالقڏنو هال ۾ 29 جنوري اربع ڏينهن مولوي محمد صديق جي صدارت ۾ ٿيو. شرڪت ڪندڙن مان هيٺين صاحبن جا نالا قابل ذڪر آهن.

مولوي محمد صديق، بابا حاجي مير محمد بلوچ، سيدٺ طيب علي، سيٺ محمد يوسف، سيٺ صادق علي، سيٺ امام بخش چانڊيو، قاضي خدا بخش وڪيل، ملا رجب علي بوهره، مولوي محمد عثمان بلوچ، سيٺ عبدالمنعم عرب، سيد عبدالباري عرب، حافظ محمد محسن، مولوي مصطفيٰ، سيٺ عثمان حامد وغيره.

ٺهراءَ: ڪراچي جي مسلمانن جو هي جلسو تجويز ڪري ٿو ته.

1. ملڪ جي آئينده دستور سياسي ۾ مسلم قوم جي حقن جي حفاظت لاءِ.

2. قانون ساز مجلسن خود حڪومت جماعتن ۽ نوڪرين ۾ مسلم قوم جي حقن جي حمايت ۽ حفاظت لاءِ.

3. شريعت جي خلاف سرڪاري حڪمن ۽ قانون کي رد ڪرائڻ لاءِ جيئن ته ساردا ائڪٽ براج جون مسجدون وغيره سوالن لاءِ.

4. دين اسلام ۽ مسلم قوم کي بيجا حملن کان روڪڻ لاءِ.

5. نائيٽ اسڪولن جي قائم ڪرڻ لاءِ.

6. جمعيت رضاڪارن اسلام جي تنظيم لاءِ.

7. مسلمانن جي ٻين مذهبي ۽ سياسي فرائض جي بجاآوري ۽ حقن جي نگراني لاءِ مسلمان جمعيت خلافت ۾ هزارن جي تعداد ۾ شريڪ ٿي خلافت ڪميٽي کي مضبوط ۽ طاقتور ڪن جا ڪميٽي سرمايه گڏ ڪرڻ لاءِ مقرر ٿي آهي ان جي هر طرح سان مدد ڪن.

الوحيد، جلد نائون، نمبر 25، 31 جنوري 1930ع، ص 2.

.................................................................................................

امروٽ شريف ۾ خلافت جو جلسو

مجاهدن جي ڀرتي

بي خوني جهاز لاءِ مسلمانن جي بيقراري

جمعتھ الوداع جي موقعي تي نماز بعد ميان نظام الدين شاهه صاحب جي زير صدارت جلسو شروع ٿيو هزار کان زياده ماڻهو موجود هئا. هيٺين صاحبن تقريرون ڪيون.

1.مولوي محمد هاشم، 2. مولوي دين محمد وفائي، 3. مولوي عبدالعزيز صاحب، 4. ميان هدايت علي شاهه. 5. سيد محبوب علي شاهه.

الوحيد، جلد نائون، نمبر51، 7 مارچ 1930ع، ص 3.

.................................................................................................

ايڊيٽر شيخ عبدالمجيد

ڪراچيءَ جي مسلمانن جو عظيم الشان جلوس ۽ خالقڏنه هال ۾ زبردست ۽ پرجوش جلسو.

پنجن هزارن مسلمانن جو شاندار اجتماع

ميمڻ، بوهره، پٺاڻ، سنڌي، پنجابي، گجراتي مسلمانن جو عجيب مجمع.

ناروا ائڪٽ، سيلد براج، مولوي عبدالحئي جي يل، نجم الدين فنڊ ۽ گئوڪشي بابت ضروري ٺهراءُ

مسلمان قانون شڪيءَ لاءِ تيار

سوين مسلمانن جو خلافت ڪميٽيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ.

ٺهراءُ ٻيو- ڪراچيءَ جي مسلمانن جو هي جلسو حڪومت بمبئيءَ جي انهيءَ پاليسيءَ تي پنهنجي نفرت ۽ ناراضگيءَ جو اظهار ڪري ٿو. جنهنڪري براج جي حدن ۾ لينڊ ايڪريزشين ايڪٽ جي نالي هيٺ 7 مسجدون خريد ڪيون ويون آهن ۽ وڌيڪ مسجدون خريد ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي. هي جلسو مسلمانن کي درخواستون ڪري ٿو ته جيستائين بمبئي حڪومت هن ڳالهه جو اعلان نه ڪري ته حڪومت کي ڪنهن به ائڪٽ جي ماتحت مسجدن جي خريد ڪرڻ جو ڪو حق ڪو نه آهي ۽ جيستائين انهن مسجدن کي پڪو نه ڪرايو ويو آهي جن کي واهن جي وچ ۾ ان ريت ڇڏيو ويو آهي جي پاڻيءَ جي اچڻ کانپوءِ ڪري پونديون تيستائين مسلمان انگريزي حال جو بائيڪاٽ ڪن ۽ مسجدن جي بچاءَ لاءِ صوبه سنڌ خلافت ڪميٽي جي سڀني تدبيرن جي مددگاري ڪن.

محرڪ شيخ حاجي عبدالمجيد

موئد- حافظ محمد محسن

موئد-سيدٺ غلام حسين غفور ڀائي

شيخ صاحب تحريڪ ڪندي هڪ پرزور مدلل تقرير ڪئي جنهن ۾ فرمائين ته 1927ع ۾ جڏهن سرڪار کان سوال پڇيو ويو ته براج ۾ مسجدون ڪيتريون آيون آهن ته سرڪارئوسجي سجواب ڏنو هو ته چار پر هاڻي 1929ع ۾ سر غلام حسين جي زماني ۾ جواب مليو آهي ته ڪل 7 مسجدون بئراج جي حوالي ٿيون آهن جي لينڊ ايڪوليزِيشن جي قانون هيٺ خريد ڪيون ويون آهن. گويا اها هڪ مسلمانن جي پاڪ جاين ۾ هڪ قانون جي بهاني ۾ دست اندازي ڪئي وڃي ٿي جيڪڏهن سرڪار زوري کسي يا زبردستي سان مسجدن تي قبضا ڪري ته اها هڪ سمجهه جهڙي ڳالهه آهي پر هي ڇا آهي جو قانون جو نالو وٺي مسلمانن کي اکين ۾ ڌوڙ ۾ وڌي وڃي ٿي. سرڪائوسجي هرم ميمبر گورنمينٽ بمبئيءَ جي صاف انجام ڪيو هو ته آئينده ڪا به مسجد بئراج جي زد ۾ ڪا نه آندي ويندي ۽ ان کانپوءِ جڏهن حضرت مولانا تاج محمود صاحب قبله هڪ مسجد لاءِ ڳڙهي ياسين تعلقي ۾ ستياڳڙهه ڪري وڃي ويٺا هئا تڏهن به سکر جي ڪليڪٽر ڪن مسلمان معززن کي وچ ۾ وجهي ۽ پاڻ انجام ڪري مولانا صاحب کي جڏهن تسلي ڏياري ته مسجدن کي پڪو ٺهرايو ويندو ۽ حفاظت ڪئي ويندي. تڏهن مولانا صاحب اتا اٿي آيا پر انهن انجمان ۽ وعدن هوندي به پوءِ سرڪار اڃا سوڌو برابر مسجدون خريد ڪندي ۽ انهن کي شهيد ڪندي وڇي ٿي تنهنڪري ضرورت آهي ته اوهان گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال لاءِ انگريز ڪپڙي جو بائيڪاٽ ڪري مسجدن جي حفاظت ڪريو! ۽ خلافت ڪميٽيءَ ۾ شريڪ  ٿي هن جماعت جي طاقت وڌايو ته هو مسلمانن جي حقن لاءِ باقاعده لڙندي رهي  وغيره وغيره.

حافظ محمد محسن تائيد ۾ مسجدن جي حرمت ۽ عزت لاءِ ڪي ورتيون پيش ڪيون ۽ مسجدن جي بچاءَ لاءِ پنهنجي تقرير ۾ زور ڏنائين.

غلام حسين غفور ڀائيءَ چيو ته ڪائونسل جا مسلمان ميمبر بيڪار آهن نه ته سرڪار کي طاقت نه ٿئي جو مسجدن جو نالو وٺي. ڪانپور جو واقع سرڪار کان وسريو ڪو نه آهي هوندو پر هي سنڌ آهي جتي سرڪار مسجدن ۾ ايئن دست اندازي ڪري رهي آهي پوءِ ٺهراءُ بااتفاق پاس ڪيو ويو.

3.ٺهراءُ

ڪراچيءَ جي مسلمانن جو هي جلسو قانون ساز اسيمبلي هند ۾ عبدالحئي جي پاران پيش ٿيل بل جي تائيد ڪري ٿو جنهن جو مقصد آهي ته مسلمانن جو نڪاح ۾ طلاق ۽ ورثا جو فيصلو شريعت اسلاميه جي حڪمن موجب ٿئي.

محرڪ سيدٺ عبدالله هارون

مويد- مولوي دين محمد صاحب وفائي.

سيٺ صاحب تقرير جاري رکندي فرمايو ته اڄ اسان هن حد کي وڃي پهتا آهيون جو شرعي احڪامن جي جاري ڪرائڻ ۽ فيصلي لاءِ به اسيمبليءَ جا محتاج آهيون. پر حالت هيءَ اچي بڻي آهي جو هندو پنهنجن بيواهه زالن ۽ ڇوڪرين جي ورثي لاءِ هڪ قانون پيش ڪرڻ وارا آهن. جنهن موجب خوف آهي ته جيڪڏهن اسيمبلي پنهنجي راءِ تي ورثي جا حصا مقرر ڪيا ۽ اهي شريعت جي حصن جي برخلاف هوندا ۽ سرڪار اهو قانون به کڻي مسلمانن سان لاڳو ڪيو ته پوءِ سخت مشڪل ٿي پوندي. مثلن اسيمبلي بيواه زال لاءِ اڌ املاڪ مقرر ڪري ۽ شريعت جو فيصلو آهي ته اولاد واري حالت ۾ بيوهه کي اٺين پتي ۽ بي اولاد وقت چوٿين پتي ڏجي پر اسيمبلي  سارواائڪٽ وانگي کڻي اهو قانون مسلمانن سان به لڳائي ته وري ڪنڊا ڪڍڻا پون تنهن ڪري مولوي عبدالحق جو قانون نهايت ضروري آهي ته مسلمانن جا فيصلا شريعت موجب ٿيڻ گهرجن. سيٺ صاحب ڪڇي ميمڻ جي هندو لاءِ وغيره جا مثال پيش ڪري قانون جي تائيد لاءِ اپيل ڪئي ۽ مسلمانن کي منفق ٿي قومي ڪمن لاءِ حصا وٺڻ لاءِ چيو.

مولوي وفائي صاحبڍ

ٺهراءَ جي تائيد ڪندي چيو ته مسلمانن جي املڪن ۾ رهن ٿا سي ٽن قسمن جا آهن. (1)جتي فقط اسلامي حڪومت آهي (2) جتي نج ڪافرن يج حڪومت ۽ سندن ملڪ آهي (3) اهي ملڪ جو پهريان ته مسلمانن جا هئا پر پوءِ انهن تي ڪافرن غلبو ڪري ۽ حڪومت ڄمائي هجي.

پهرين قسم جي ٻن ملڪن بابت فقهي حڪم پڌرا آهن باقي پوئين قسم جي ملڪ ۾ مسلمانن کي ڪيئن رهڻ گهرجي. جيئن هندستان آهي ان بابت صاف حڪم آهي ته اهڙي ملڪ ۾ مسلمانن جو فرض آهي ته شيخ اسلام يا شريعت جو قاضي مقرر ڪن جو سندن شرعي فيصلو ڪندو رهي پوءِ اگرچ ڍل محصول وغيره هو غير مسلم حاڪم کي ادا ڪندا اچن. تاريخ شاهد آهي ته جڏهن چنگيزن جو اسلامي ۾ ملڪن تي قبضو ٿيو هو تڏهن به مسلمانن چنگيزن سان اهو معاهدو ڪيو هو ۽ اندروني طرح اسلامي حاڪمن جي هن هيٺ فيصلا ڪرائيندا هئا ۽ هن وقت به روس چين، جاوا (هالينڊ) جي حڪومتن ۾ مسلمانن جا سرڪاري طرح مقرر ٿيل قاضي آهن. جي سندن فيصلا ڪن. فقط هندستان ئي آهي جنهن جي انگريزي راڄ ۾ مسلمانن کي ايتري مذهبي آزادي به ڪا نه ڏئي وئي آهي. اگرچه مرشد آباد (بنگال)جي فتح وقت انگريزن مسلمانن سان شرعي فيصلن ڪرڻ لاءِ قاضي مقرر ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو. تاهم پورو نه ڪيائون تنهنڪري اسان کي مولوي عبدالحي لدهيانوي جي بل جي تائيد ڪرڻ گهرجي. پوءِ اگرچه شيخ الاسلام کڻي ڪو نه ملندو  تاهم ڪجهه نه ڪجهه مذهبي آزادي ته ٿي پوندي وغيره ٺهراءُ پرجوش نعرن ۾ پاس ٿيو.

ٺهراءُ 4:

(4) ڪراچيءَ جي مسلمانن جو هي جلسو نجم الدين فنڊ جي غائب ٿي وڃڻ جي متعلق وزير تعليم جيڪي جواب ڏنا آهن تن کي اڻپورو سمجهي گهر ڪري ٿو ته نجم الدين فنڊ جي پته ڪڍڻ لاءِ حڪومت بمبئي کي ڪامل تحقيقات ڪرڻ گهرجي. هن جلسي جي راءِ آهي ته جيستائين هي ظاهر نه ڪيو وڃي ته اهو فنڊ ڪنهن غبن ڪيو آهي تيستائين حڪومت مشين فنڊ جي جوابداري کان بري نه ٿي بڻجي سگهجي.

ٺهراءُ 5:

(5) ڪراچيءَ جي مسلمانن جو هي جلسو راجا گهرنند پاران هندستان ۾ گائوڪشي جي بند ڪرڻ بابت جو ٺهراءُ اسيمبلي هند ۾ پيش ٿيو آهي تنهن کي اسلام ۽ مسلمانن جي حقن ۽ پڌري دست اندازي سمجهي ٿو ۽ گورنر جنرل پاران انهيءَ بل جي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ تي صداءِ احتجاج بلند ڪري ٿو ته اهڙي فتنه انگيز بل کي اسيمبليءَ ۾ بحث هيٺ آڻڻ کان روڪيو وڃي.

اهي ٻئي ٺهراءَ صدر صاحب جي پاران شيخ حاجي عبدالمجيد صاحب صدرجي اجازت سان پيش ڪيا جي بااتفاق منظور ٿيا. ان کانپوءِ صدر صاحب ٺهرائن تي مختصر سمجهاڻي ڏيندي، ماڻهن کي قرباني ڏيڻ لاءِ اپيل ڪندي جلسه برخواست ڪيو ۽ ڪيترا ماڻهو خلافت جا ميمبر بڻيا.

الوحيد جلد نائون، نمبر 14، 21 جنوري 1930ع، ص 2

.................................................................................................

مجلس عاملہ خلافت ڪميٽي سکر ضلعي جي ميٽنگ

شيخ عبدالمجيد صاحب کي گشت ڪرڻ جي استدعا

خلافت ڪميٽي سکر هڪ مهيني ۾ هڪ هزار مجاهد ڏيندي، امروٽ ۾ خلافت ڪاميٽيءَ جو قيام.

تاريخ 28 فيبروري 1930ع جو امروٽ شريف ۾ ميٽنگ ٿي، هيٺيان ميمبر ميٽنگ ۾ حاضر هئا. 1. مولوي عبدالعزيز صاحب، 2. سيد محبوب علي شاهه، 2. مسٽر عبدالرحمان وڪيل 4. محمد ادريس 5. مولوي دين محمد وفائي صاحب 6. مسٽر عبدالرزاق پيرزاده 7. مولوي محمد هاشم صاحب سوائي 11 بجي مولوي عبدالعزيز صاحب جي زير صدارت ڪارروائي شروع ٿي ۽ ڪيترائي ٺهراءَ پاس ٿيا.

1.حضرت مولانا تاج محمود صاحب جي وفات تي غم جو اظهار.

2. صدارت جي عهدي تي مولوي عبدالعزيز چونڊيو ويو.

3. نائب صدر ميان نظام الدين شاهه صاحب.

4. مساجد براج جي حفاظت لاءِ مجاهدن جي اقرار نامه جو فارم ڇپرايو وڃي.

5. شاردا ائڪٽ جي برخلاف جدوجهد.

الوحيد، جلد نائون، نمبر 53، 9 مارچ 1930ع، ص 3.

.................................................................................................

سکر بجلي گهر جي مسجد بابت گورنمينٽ جو پڌرنامو

خلافت ڪميٽيءَ سان جيڪي شرط ڪيائون تن جي پڌرائي

سکر بجلي گهر جي لڳ جو هڪ مسجد بئراج ولا جي زد ۾ اچي رهي هئي جنهن تي خلافت ڪميٽي جي پاران نوجوان والنٽيئر ستياگرهه ڪري رهيا هئا. جن بابت پوءِ سيد محمود علي شاهه ۽ حاجي شيخ عبدالمجيد سان مڪاني عملدارن جي ميٽنگ ٿي هئي، جنهن جو هي نتيجو نڪتو هو جو ستيا گرهه بند ڪيو ويو ۽ جن شرطن تي خلافت ڪميٽي عملدارن سان صلح ڪيو هو سي پردي ۾ رکيا ويا هئا ۽ وعدو ڪيو ويو هو ته سرڪار پريس نوٽ ۾ انهن جي پڌرائي ڪندي. اهو پڌرنامه هيٺ ڏجي ٿو.

پريس نوٽ

سکر جي نزديڪ  هڪ مسجد جي ڊهڻ جي انديشه بابت گورنمينٽ لوڪل عملدارن کان پوري حقيقت حاصل ڪئي آهي جنهن بابت 14 جون تي هڪ پريس نوٽ ڪڍيو ويو هو.

حقيقت هن طرح آهي ته 5 جون 1930ع تي سيد محبوب علي شاهه سيڪريٽري خلافت ڪميٽي جي سرڪردگي هيٺ هڪ خلافيتن جو جو وفد ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ سکر وٽ ويو. هنن ظاهر ڪيو ته براج پاور هائوس جي نزديڪ رئيس ڪئنال تي هڪ ننڍي مسجد اهي جا واهه کوٽيندڙ مشين ڊاهي ڇڏيندي تنهنڪري جيڪڏهن مسجد مشين کان نه بچي ته پوءِ سرڪار نئين سر ٺهرائي ڏئي.

ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ هڪدم سرزمين تي ويو ڏٺائين ته ڪم ڪندڙ مشين مسجد کان اڃا ڪجهه مفاصلو پري هئي، جنهن بعد براج جي عملدارن سان صلاح مصلحت ڪري سيڪريٽري خلافت ڪميٽي کي احوال ڏنو ته:

1. مسجد واهه جي ڪناري تي جتي آهي اتي ئي رهندي ۽ ڪو به نقصان مسجد کي نه پهچندو.

2. کاٽي ڪرائيندڙ عملدار مسجد جي فرش کي 3 فوٽ اوچو ڪندا ۽ هڪ پڪو ٿلهو ٺهرائيندا. جيئن پاڻي جي پوسل مسجد کي ڪو به نقصان رسائي نه سگهي.

3. جيڪڏهن مسلمانن جي مرضي هوندي ته کاٽيءَ جا عملدار جڏهن فرش 2 فوٽ مٿي ڪندا تڏهن ڇت ڊهرائتي ڀتيون 4 فوٽ اوچيو ڪري پوءِ ڇت به ٺهرائي ڏيندا.

4. واهه کلڻ کانپوءِ واهه جي رستي تان عام ماڻهن کي مسجد ڏانهن وڃڻ جي اجازت ڏني ويندي.

5. جيسين واهه کلن تيسين واهه مان جو لنگهه آهي اتان مسجد ڏانهن وڃڻ جي اجازت ڏني ويندي. ان بعد ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ سيڪريٽري خلافت ڪميٽي سان ٺهراءُ ڪيو ته کاٽي ڪندڙ مشين ڀلي مسجد جي ڀرسان لنگهي اڳتي وڃي ڪم ڪري ۽ مسجد کي ڪو به نقصان نه رسندو تنهنڪري ان موجب مشين کي مسجد جي پاسي کان لنگها يو پوءِ 11 جون تي جڏهن وري کوٽڻ شروع ڪيائين ته ماڻهن جو ميڙ گڏ ٿي ويو ۽ ستياگره شروع ڪيائون.

سپريٽنڊنگ انجنيئر هڪدم ڪم بند ڪرايو ۽ هڪدم هڪ ميٽنگ ڪوٺائي جنهن ۾ سپرنٽينڊنٽ انجنيئر کانسواءِ ايگزيڪييوٽو انجنيئر ۽ اسسٽنٽ ڪليڪٽر روهڙي ۽ اسسٽنٽ ڪليڪٽر سکر سيڪريٽري مڪاني خلافت ڪميٽي (سيد محبوب علي شاهه) ۽ مسٽر (شيخ) عبدالمجيد شامل هئا. سپرنٽينڊنگ انجنيئر وري به ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ جي ٻڌل شرطن جو يقين ڏياريو ۽ سيڪريٽري خلافت ڪميٽي (سيد محبوب علي شاهه) ۽ مسٽر(شيخ) عبدالمجيد قبول ڪيو ته گورنمينٽ جا شرط واجبي آهن.

ان کانپوءِ مشين بدستور کوٽڻ جو ڪم ڪري رهي آهي ۽ ڪو به ناانصافي جو واقعو نه ٿيو آهي. ”اخبار“ ٽائمز آف انڊيا مورخ 14 جون ۾ جيڪا رپورٽ شايع ٿي اهي اها خاص طرح ٻن ڳالهين ڪري بي بنياد آهي هڪ ته مسجد ڊاهڻ جو ڪو به حڪم نه ڏنو ويو هو ٻيو ته ڪليڪٽر وفد سان نهايت بدسلوڪي سان پيش آيو سا بلڪل غلط ڳالهه آهي. جيئن ته ڪليڪٽر جيڪي شرط ظاهر ڪيا سي خلافت ڪميٽي قبول ڪيا هئا.

الوحيد، جلد نائون، نمبر 144، 3 جولائي 1930ع، ص 2.

.................................................................................................

ضلع خلافت ڪانفرنس ميهڙ

دلچسپ تقريرون ڪيون ويون ۽ ٺهراءَ پاس ڪيا ويا.

22-23 مارچ ميهڙ خلافت ميدان ۾ ضلع خلافت ڪانفرنس ٿي گذري. پنج، ڇهه سئو خلق ٻئي ڏهاڙي حاضر هئي حاضرين مان هيٺيان قابل ذڪر آهن.

1. مولوي محمد هاشم صاحب بلبلان خلافت.

2. مولوي محمد سليمان صاحب واعظ السلام

3. مولوي حافظ غلام فريد صاحب.

4. مولوي محمد ابراهيم صاحب

5. حاجي عبدالقادر صاحب.

6. حاجي محمد عرس خان

7. مولانا چشتي صاحب

8. رئيس محمد رضا خان.

9. ملڪ تاج الدين خان

10. سيد حاجي علي احمد شاهن.

11. مخدوم روهڙيءَ وارو.

12. رئيس ولي محمد خان (ايڊيٽر شمشيراسلام)

ڪانفرنس جو پريذيڊنٽ مولانا چشتي صاحب کي چونڊيو ويو موجوده وقت جي سموري ضروري ۽ مذهبي ملڪي مسئلن تي ڪافي روشني وڌي وئي. حاضرين کي تعليم، تجارت، اتفاق حب الوطني اخلاق لاءِ هدايت ڪئي وئي. پريذيڊنٽ کانسواءِ مولوي غلام فريد صاحب، مولوي محمد هاشم صاحب پڻ تقريرون ڪيون. پنج ٺهراءَ پاس ٿيا.

1. هندستان جي ڪامل آزاديءَ لاءِ مسلمان وطني تحريڪن ۾ شامل ٿين. ديس جي مالي حالت سڌارڻ لاءِ ديسي ڪپڙي جو استعمال ڪرڻ ۽ ولايتي ڪپڙي کان حدالامڪان پرهيز ڪن.

2. شاردا ائڪٽ کي مذهب ۽ پرنسل لا ۾ مداخلت ٺهرائي وئي ۽ ائڪٽ کي اخلاقي، معاشرتي نقصان ڄاتو ويو.

3. مسلمان بمبئي سرڪار جي بئريج وارين مسجدن بنسبت پڌري ڪيل اعلان تي ويساهه سرهائي ۽ اطمينان ظاهر ڪري نٿا سگهن. سرڪار اطمينان نه ڏياريو ته تحريڪ حفاظت مساجد شروع ڪئي ويندي.

4. مولوين ۽ پيرن کي اپيل ڪئي وئي ته غير شرعي رسمن خلاف جهاد ڪن.

الوحيد، جلد نائون، نمبر 70، 30 مارچ 1930ع، ص 3.

.................................................................................................

Sind Villagers and Gandhi’s Disobedience Movement

ميرپورخاص جي هندو ۽ محمدن جي اٽڪل هڪ هزار ماڻهن جي گڏيل ميٽنگ ۾ محسوس ڪيو ته گانڌي ۽ سندس پوئلڳن حڪومت خلاف هلچل خونريزيءَ کي دعوت ڏئي رهي آهي ۽ پرسڪون ماحول کي بگاڙي رهي آهي. ان لاءِ هلچل سان اسان جو ڪو به تعلق نه آهي. هن لاءِ عوام کي صلاح ڏني وئي ته هلچل جي مخالفت شروع ڪن ته جيئن پرسڪون ماحول جو بقاءُ برقرار رهي.

D.G. 29/11/1930 P-5

.................................................................................................

خلافت ڪانفرنس ميهڙ جو (اجلاس اول)

زير صدارت سيٺ حاجي مير محمد صاحب ايم ايل سي

26 نومبر 1931ع ميهڙ خلافت ڪانفرنس ميهڙ خلافت ميدان تي نهايت عاليشان نموني ۾ ٿي گذريو. بنڊل وڏيرو محمد رضا خان جي اهتمام سان خوب جهنڊين سان سينگاريو ويو هو. ڪانفرنس ۾ شيخ حاجي عبدالمجيد صاحب ايم ايل سي، مولانا الحاج محمد عبدالڪريم چشتي، سيد غلام مرتضيٰ شاهه سنائي پريزيڊنٽ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ ڪراچي، شيخ حافظ عبدالرحيم ولد گيهي مل نو مسلم جلباڻي وارو، مولانا غلام فريد صاحب، مولانا محمد سليمان، مولانا حاجي فتح محمد ناظم انجمن اصلاح المسلمين ضلع لاڙڪاڻه، مولانا ابوالحسن، شفيع محمد خيرپوري، مولانا مخدوم غلام عثمان روهڙي، مولانا محمد اڪمل، مولانا محمد ابراهيم صوفي، وڏيرو غلام صديق خان تنيه، مولانا قادري احمد فاضل ديوبندي ۽ ٻيا علماءَ خلافت ڪم ڪندڙ گهڻي تعداد ۾ شريڪ هئا. سيد محمد ابرار صاحب آگرا (يو پي) کان تار ڪئي ته تنگ وقت ڪري پاڻ اچي نٿو سگهان ۽ اهڙيءَ طرح سيد صدرالدين شاهه ۽ مولانا برڪت علي به اچي نه سگهيا ۽ مولانا محمود ميان صاحب ٻاٽ شريف وارن جو به خط آيو جو ناسازي طبع ڪري پاڻ اچي نهس گهيا. ماڻهو سون جي تعداد ۾ آيا هئا. اجلاس جي شروعات ۾ پهريائين مولانا قادري احمد صاحب فاضل ديوبند قرآن شريف جي قرات سهڻي ۽ مٺي آواز سان پڙهي. ان بعد سيد علي اڪبر شاهه صدر استقباليه ڪميٽي پنهنجو خطبه، پڙهيو ۽ معزز مهمانن جي مرحبا ڪئي پوءِ حاجي بابا سيٺ مير محمد ايم ايل سي جو نالو صدارت لاءِ تجويز ڪيو جنهن جي تائيد مولانا محمد سليمان ڪئي ۽ اتفاق راءِ سان سيٺ صاحب پريذيڊنٽ چونڊيو ويو صدر صاحب پنهنجي گلابي سنڌيءَ ۾ هڪ معنيٰ خيز ۽ پراثر صدارتي تقرير ڪئي، جنهن کي نهايت عزت ۽ ڌيان سان سڀني ٻڌو. ان کانپوءِ جناب شيخ حاجي عبدالمجيد ايم ايل سي همت آفرين ۽ جاذب انداز سان هڪ روح پرور تقرير ڪئي ان بعد هيٺيان ٺهراءَ بالاتفاق پاس ٿيا.

ٺهراءُ نمبر 1: هيءَ ڪانفرنس سنڌ جي مسلمانن کي عرض ٿي ڪري ته جنهن صورت ۾ سنڌ مالي جاچ ڪميٽي آئينده حڪومت جي خرچ جي تخفيف وغيره جي سوال کي اڇلي يڪطرفي رپورٽ پيش ڪئي آهي، جنهن مان سرڪار جي نيت سنڌ جي جدائيءَ ۾ رنڊڪ وجهڻ جي صاف ظاهر آهي، تنهن کي مدنظر رکندي هر هنڌ جلسا ڪري سرڪار کي اطلاع ڏين ته جيڪڏهن پرڳڻن جي حڪومت رائج ڪرڻ سان گڏ سنڌ کي جدا حڪومت نه ڏني وئي ته اسان جائز طريقي سان حڪومت جي ان نامناسب ڪارروائي کي ناممڪن بڻائينداسون.

وڌيڪ هيءَ ڪانفرنس سنڌ جي مسلمانن کي درخواست ٿي ڪري ته انهيءَ مقصد جي حصول لاء هر ڳوٺ ۾ آزاد سنڌ جماعتون ۽ خلافت ڪميٽيون قائم ڪن ۽ والنٽيئر ڀرتي ڪرڻ شروع ڪن جي ضرورت جي وقت مناسب قربانين لاءِ تيار رهن.

هن ٺهراءَ جي تائيد ۾ جناب سيد غلام مرتضيٰ شاهه صاحب فصيح ۽ مدلل تقرير ڪئي جنهن بعد ٺهراءُ يڪ آواز الله اڪبر جي نعرن سان پاس ٿيو.

ٺهراءُ نمبر 2: ته هيءَ ڪانفرنس سرڪار کي پرزور استدعا ٿي ڪري ته جنهن صورت ۾ اناج جا اگهه بلڪل گهٽ ٿي ويا اهن ۽ ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيا آهن ۽ ڍل جو رقب ساڳيو آهي جو وڏن مهانگن اگهن وقت ٻڌو ويو هو ۽ گذريل چئن پنجن سالن ۾ لڳو لڳ سنڌ جي زميندارن تي جدا جدا قسمن جون مصيبتون نازل ٿيون آهن تنهن صورت ۾ زمين جون ڍلون پنجاهه سيڪڙو ضرور گهٽايون وڃن ۽ زميندارن ۽ آبادگارن کي وڌيڪ برباديءَ کان بچايو وڃي جي نهايت تڪليف ۾ آهن.

محرڪ: وڏيرو غلام صديق خان تنيه

موئد: مولوي غلام فريد صاحب.

ٺهراءُ نمبر 3: ته هيءَ ڪانفرنس ٺهراءُ ٿي ڪري ته جنهن صورت ۾ هن سال برسات ڪا نه پئي ۽ کير مکڻ جا اگهه به گهٽجي ويا آهن تنهنڪري هن سال سرڪار بيان ۾ مال جي لاءِ پن چري معاف ڪري.

صدر حاجي طرفان پيش ٿيو ۽ اتفاق راءِ سان پاس ٿيو.

ٺهراءُ نمبر 4: ته هيءَ ڪانفرنس بمبئي ڪائونسل اسيمبلي ۽ ڪائونسل آف اسٽيٽ کي اپيل ٿي ڪري بجيٽ جي کوٽ جي پورائي لاءِ نيون ڍلون ۽ ٽڪيسون رعيت تي نه مڙهيون وڃن ملڪ ان کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ وڏن آفيسرن جا پگهار گهٽايا وڃن.

(ب) هيءَ ڪانفرنس خصوصن بمبئي ڪائونسل کي اپيل ٿي ڪري ته ورثي جو بل ڪنهن به طرح پاس نه ڪيو وڃي نه ته سڄي پبلڪ جون ڍليون بلڪل مجروح ٿينديون ۽ سڀني ايم ايل سي صاحب کي عرض ٿي ڪري ته بڪمشت ٿي هن بل جي مخالفت ڪن جو سخت نقصانڪار آهي.

هيءُ ٺهراءُ صدر حاجي جي طرفان يپش ٿيو ۽ منظور ٿيو.

ٺهراءُ نمبر 5: هيءَ ڪانفرنس ٺهراءُ ٿي ڪري ته آئينده جوڙجڪ حڪومت ۾ هارين ويچارن کي به ووٽ جو حق ڏنو وڃي جو شهرن ۾ ڀنگين کي به ووٽ جو حق آهي. هي هاري ويچارا ته اڻ سڌي طرح گهڻو ئي پيدائش جو حصو سرڪار کي ڍل طور پهچائين ٿا.

محرڪ سيد غلام مرتضيٰ شاهه صاحب،

موئد: شيخ عبدالمجيد صاحب ايل ايل سي

پهرين ڏينهن جو اجلاس نهايت ڪاميابيءَ سان ختم ٿيو.

ميهڙ خلافت ڪانفرنس

(اجلاس دوم)

زير صدارت مولانا محمد عبدالڪريم صاحب چشتي 27 نومبر ڪانفرنس جو ٻيو اجلاس ٿيو. جيڪي حاضر هئا تن ۾ مولانا الحاج چشتي، سيد غلام مرتضيٰ شاهه صاحب، جناب پير الاهي بخش، محمد هاشم مبلغ اسلام جمع بلبلان خلافت مولانا حاجي فتح محمد صاحب، مولانا محمد سليمان واعظم الاسلام، مولانا غلام فريد، شيخ عبدالرحيم جلباڻي، مولانا ابوالحسن، شفيع محمد، مولانا محمد ابراهيم ۽ ٻيا سڀئي بزرگ ۽ علماءَ موجود هئا.

ٺهراءُ نمبر 6: هيءَ ڪانفرنس مگسي بلوچن سان اظهار همدردي ڪري ٿي جن جا سردار نظر بند ڪيا ويا آهن ۽ ٻين تڪليفن ڪري شهدادڪوٽ ۽ ٻين هنڌن ۾ سردي ۽ نهايت بي ڪسيءَ جي حالت ۾ پيا آهن.

هيءَ ڪانفرنس سرڪار کي استدعا ٿي ڪري ته انهن جي واجبي مطالبات تي غور ٿئي ۽ جاچ ڪري ڪميشن مقرر ڪئي وڃي ۽ انهن جي تڪليفن جو تدارڪ جلداز جلد ڪيو وڃي. ان ٺهراءَ جي تائيد مولانا ابوالحسن شفيع محمد ڪئي.

ٺهراءُ نمبر 7: هيءَ ڪانفرنس ڪشمور جي مسلمانن جي مطالبات جي تائيد ٿي ڪري ۽ پنجاب جي احرار جيڪا جدوجهد ڪسمير جي مظلوم مسلمانن جي حمايت لاءِ شروع ڪئي آهي ان تي تحسين ٿي ڪري ۽ 17 هزار مسلمان قرباني ڪري قيد ٿيا آهن تن کي مبارڪباد ٿي ڏئي ۽ سنڌ جي مسلمانن کي اپيل ٿي ڪري ته احرار پنجاب کي ان ڪم ۾ هر طرح جي امداد ڏين.

محرڪ مولانا غلام فريد

موئد: وڏيرو محمد رضا خان

ٺهراءُ نمبر 8: هيءَ ڪانفرنس ٺهراءُ ٿي ڪري ته قرآن شريف ڇپائڻ ۽ وڪري ڪرڻ ۾ غير مسلمانن لاءِ قانون بندش وڌي وڃي. هيءَ ڪانفرنس مسلمانن کي اپيل ٿي ڪري ته غير مسلمانن کان قرآن شريف خريد نه ڪن پر مسلمان دڪاندارن کان خريد ڪن.

محرڪ: مولانا حافظ محمد هاشم

موئد: مولانا محمد سلمان

الوحيد، جلد ڏهون، نمبر 274، 2 ڊسمبر 1931ع، ص 2.

.................................................................................................

ميهڙ خلافت ڪاميٽيءَ جي ڪارروائي

شيخ حاجي عبدالمجيد ۽ پيرالاهي بخش جون تقريرون

ڪي اهم ٺهراءَ پاس

(موڪليل)

ميهڙ خلافت ڪانفرنس جو ساليانو ارڙهون اجلاس 14 اپريل 1938ع تي ڇنڇر ڏينهن خلافت ميدان تي گرميءَ هئڻ سبب عيگاهه ۾ ٿيو، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد صاحب ايم ايل اي جناب پيرالاهي بخش روينيو وزير صاحب، سيد حاجي محمد شاهه صاحب ميرپورماٿيلو، مولانا مولوي عبدالڪريم صاحب چشتي، مولانا مولوي محمد هاشم صاحب (رڪ)، مولوي عبدالڪريم صاحب (بٺوي) صدر خلافت  ضلع دادو ۽ لاڙڪاڻو مولوي محمد سليمان صاحب واعظ الاسلام ٿرڙي محبت ۽ ٻيا علماءَ ڪرام جلسا ۾ شريڪ هئا. مولوين تقريرون ڪيون.

وري 17 اپريل تي 9 بجي جلسو شروع ٿيو. سيد حاجي محمد شاهه صاحب صدارت ڪئي.

ٺهراءَ:

هي خلافت ميهڙ جو جلسو سنڌ سرڪار کي زوردار اپيل ٿو ڪري ته سنڌ جي مسلمانن جي حقن جي پوري طرح حفاظت ڪري اسان مسلمانن جي دلين کي اطمينان بخشي.

هي جلسو سنڌ گورنمينٽ کي ذهن نشين ٿو ڪري ته براج جي پاڻي جي گهٽتائي جي عام پبلڪ ۾ سخت پرڪار آهي تنهن هوندي به واٽر ڪورسن جا منهن تمام سوڙها ۽ هيٺاهين تان ڪيا ويا آهن جنهنڪري آباديءَ کي سخت نقصان ٿو رسي ۽ مٿين زمين کي پاڻي پهچي نٿو سگهي جنهنڪري پاڻي جي دانهن جو داد ڪري پاڻي اهڙو ڏنو وڃي جو فصل جي پوري آزادي ڏني ٿئي.

هي جلسو سنڌ اسيمبليءَ جي مسلم ميمبرن تي زور ٿو آڻي ته اسيمبليءَ ۾ شريعت بل پاس ڪرائين (ٻيو) انتقال ايراضيءَ جو ٺهراءُ (ٽيون) قرض بل پاس ڪرائي اسان مسلمانن جو ديني ۽ دينوي بچاءَ ڪري پنهنجي نمائندگي جو فرض ادا ڪن.

هن ٺهراءَ جي تائيد ۾ جناب شيخ عبدالمجيد صاحب هڪ زبردست تقرير ڪندي مسلمانن کي اطمينان ڏياريو ته جيڪڏهن اسيمبلي ۾ مسلمان ميمبر زندهه آهن ته انشاءَ الله  تعاليٰ اهي بل جلد پاس ڪرايا ويندا جي مسلم قوم جي بچاءَ لاءِ نهايت ضروري آهن سندس تائيد مولوي عبدالحي صاحب ڪئي.

(4) هي جلسو گورنمينٽ برطانيا کان پرزور مطالبو ٿو ڪري ته فلسطين يهود نواز پاليسي کي تبديلي ڪري ۽ مسلم عربن جي مطالبات کي تسليم ڪري.

(5) هي جلسو ٺهراءَ ٿو ڪري ته درياهه ڀر ۾ جو ربيع جي فصل جي آبادي لاءِ پاڻي مليو آهي سو بلڪل اڻپورو آهي ۽ پوري وقت تي نٿو ملي ۽ دادو ڪئنال جو بند ڪيو ٿو وڃي سو وڌ ۾ وڌ هڪ هفتو بند ڪيو وڃي ۽ واهه کلڻ بعد پاڻي ڏنو وڃي نه ته فصل پورو نه ٿيندو تنهنڪري سنڌ سرڪار ۽ انجنيئري وزير صاحب کي هن طرف توجهه ڪرڻ گهرجي.

(6) هي جلسو سنڌ سرڪار کي يقين سان ذهن نشين ٿو ڪرائي ته غريبن تان رشوت ۽ رسائي ۽ لاپي جو آزار ڪجهه به گهٽ نه ٿيو اهي جيڪي هن وقت تائين سرڪار ان بابت تحرڪ ورتو آهي اهو بيڪار ثابت ٿيو آهي. تنهنڪري اهڙو تحرڪ ورتو وڃي جو اثر وارو ثابت ٿئي ۽ اسان غريبن تائين مٿيان آزار لهن. ص 3. باقي ص 5 تي.

(7) هي جلسو سنڌ سرڪار کي اپيل ٿو ڪري ته لواريءَ واري مصنوعي حج کي قانونن بند ڪرائي ملسمانن جي دلين کي اطمينان بخشي نه ته حج جي موقعي تي وري به مسلمان گذريل سال کان وڌيڪ گهڻي انداز ۾ قربانيءَ جي ميدان ۾ شريڪ ٿي مذهبي حق ادا ڪندا.

(8) هي انهن مجاهدن کي مبارڪباد پيش ٿو ڪري جن قربانيءَ جي جذبي سببان وڃي لواريءَ جي حج روڪڻ لاءِ جيلن ۽ قربانين جون سختيون سهي سنڌ جي مسلمانن جو منهن مٿي ڪيو.

(9) هي خلافت جو جلسو گورنمينٽ سنڌ کي استدعا ٿو ڪري ته جن قوتن جي سبب ظاهري آهي جيئن ته ظاهري اوزار سان مقتول يا ڀت پيل يا باهه سڙيل يا پاڻي ٻڏل وڻ ڪريل وغيره اهڙن مقتولن کي چيريو نه وڃي ۽ جن عورتن مقتولن جي پوسٽ مارٽم جي ضرورت هجي تن جو پوسٽ مارٽم ليڊي ڊاڪٽرياڻيون ڪن نه ته ٻي صورت ۾ اسان مسلمان پنهنجي بي عزتي ٿا سمجهون.

(10) هي جلسو وس وارن صاحبن کان زوردار گهر ٿو ڪري ته ناڪن جو آزار غريبن تان لاهي جس کٽن. ان کانپوءِ آنربل پير الاهي بخش روينيو وزير صاحب رشوت رسائي ۽ لابي جي بند ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي زوردار اپيل ڪئي ته مٿئين آزاريندڙ ڳالهين جي بند ڪرائڻ ۾ سرڪار کي مدد ڪرائين. انهيءَ تقرير جو پبلڪ تي ڏاڍو اثر پيدا ٿيندو. ان کانپوءِ جلسا دعا خيري ۽ الله اڪبر جي نعرن سان ختم ٿيو.

الوحيد، جلد سترهون، نمبر 94، 29 اپريل 1938ع، ص 5.

.................................................................................................

آڪٽوبر 1938ع ۾ حاجي عبدالله هارون، مسٽر گزدر، جمال ميان، راجا محمود آباد ۽ مولوي حقاني سنڌ مسلم ليگ کي مضبوط بڻائڻ جي خيال سان پوري سنڌ جو دورو ڪيو. ان وقت الهه بخش خان سنڌ جو وزيراعليٰ هو.

الوحيد، 16 آڪٽوبر 1938ع، ص 149، جلد 2.

.................................................................................................

ميرپورماٿيلي ۾ هندو مسلم اتحاد لاءِ جلسا

15 نومبر 1940ع جامع مسجد ميرپورماٿيو زير صدارت سيد محمد عالم شاهه ٿيو. مولانا خير محمد صاحب پتافي تقرير ڪندي هندو مسلم جي اتحاد تي زور ڏنو. سنڌ ۾ ٽي مولوي شهيد ٿيا هئا.

الوحيد، نمبر 254، 20 نومبر 1940ع، ص 5.

.................................................................................................

ٺٽي ۾ امير خاني مسجد جي باري ۾ مسلمانن کي نوٽيس

ڪليڪٽر صاحب ڪراچيءَ وٽان مسجد اميرخانيءَ جي متعلق ڪيل هندن تي فرياد م ڄاڻايل شاهدن تي نوٽيس تعميل ٿي رهيا آهن. جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اهو پلاٽ گورنمينٽ جو آهي ۽ واسطيدار مسلمان 18 نومبر 1941ع جي مختيارڪار ٺٽه وٽ ثبوت پيش ڪن.

تعجب آهي ته 17 سيپٽمبر 1941ع تي هندن تي قلم 295 ايڪٽ هيٺ پوليس ۾ فرياد داخل ڪرايو ويو هو ته هندن مسجد جي بي حرمتي ڪئي آهي ۽ محراب به ختم ڪري ڇڏيو اٿن سو ته چالان ڪو نه ٿيو پر اٽلندو دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته اهو پلاٽ گورنمينٽ جو آهي.

الوحيد، سال ويهون، نمبر 248، 7 نومبر 1941ع، ص 3.

Good Wishes