1-Document

 

 

 

 

سنده شيشه دار دارالاشاعت جي طرفان

ڪتاب نمبر 1- سال ۱۹۴۲

پاڪستان ۽ اکنڊ هندوستان جو خيال خاڪو

از- نذير حسين ايڇ حيدري بدين

پهريون دفعو سڀ حق واسطا قائم. ڪاپيون: ۲۵۰

قيمت في ڪاپي: –۴–

 

                                                   

پاڪستان ۾ ڇا ٿيندو؟

 

از قلم:- نذير حسين ايڇ حيدري بدين

 

پاڪستان! ڪهڙو نه پيارو نالو آهي. ڇو نه هجي؟ مسلمان هند جو نصيب العين. اسلاميان هندستان جو متحده واحد مطالبو ازان سواءِ پاڪ استان يعني پاڪن جي رهڻ جو هنڌ. پوءِ ڇو نه اهو نالو عزت ۽ توقير سان ورتو وڃي. اسلامي اخبارن تي نظر ڪريو ته جلي حرفن ۾ پاڪستان لکيل نظر ايندو مسلمان محلن مان وڃي گذرو ته پاڪستان ليکي جا نعرا ٻڌڻ ۾ ايندا. هندوستان جي هر مسلمان جو پاڪستان گويا جزوه ايمان ٿي ويو آهي. آخر اهو پاڪستان ڇا آهي؟ نالي مان ته ظاهر آهي ته اهو ملڪ جتي رڳو پاڪ ئي پاڪ هوندا. يعني ناپاڪن کي اتي رهڻ لاءِ ڪا به جڳهه نه هوندي. جنهن کي ٻين اکرن ۾ هن طرح ادا ڪري سگهجي ٿو ته حڪومت الاهيه جو دور دورو هوندو. قانون الاهي رائج هوندو جنهن جي روءِ سان شراب قطعا بند هوندو. چور جا هٿ ڪاٽيا ويندا، زاني کي سنگسار ڪرايو ويندو، بي نمازي کلي درا هڻايا ويندا، اقليتن جي هر طرح حفاظت ڪئي ويندي، لا اکراه في الدين تي سختيءَ سان عمل ڪيو ويندو. امن امان هوندو سلامتي هوندي رشوت خوري بند هوندي. محتاج خانه هوندا. مساوات هوندي سرمايه داري برباد ڪئي ويندي. کل مومنون اخوت تي عمل هوندو ڪو ڪنهن کان وڌيڪ نه هوندو نه ڪو غني هوندو نه ڪو اعظم نه غريب هوندو نه مسڪين محمود و اياز جو درجو هڪ جهڙو هوندو. وحشيا خانه بند هوندا. مسجدون آباد هونديون. هر طرف حمد خدا جا نغمه هوندا مطلب ته پاڪستان جي سرزمين جنت ارضي بڻيل هوندي. جيڪڏهن انهيءَ خيال سان پاڪستان قائم ڪيو وڃي ته ”دل مان شادم چشم مان روشن“ اسان جي اهڙي پاڪستان سان کلي همدردي آهي. پر ڇا؟ سچ پچ ائين ٿيندو؟ ڇا ائين ممڪن آهي ته پاڪستان جا پايو وجهندڙ مسٽر، خان صاحب خانبهادر، سر، آنريبل صاحب، جاگيرداري ۽ زمينداري کي خيرباد چوندا؟ رشوت شراب ۽ زنا کان توبهه ڪندا؟ پنهنجي زر خريد ٻانهن نوڪرن ۽ غلامن کي پاڻ جهڙو سمجهندا جيڪڏهن پاڻ به خلاف قانون ڪن ته پاڻ تي به حد شروع جاري ڪرائيندا؟ ڇا هندستان جي مسلمانن کان پڇيو ويو آهي ته هو قانون الاهي رائج ڪرائڻ چاهين ٿا؟

چوڻ ته بلڪل آسان آهي ته حڪومت الاهيه قائم ٿئي. مگر اسان پنهنجي ڪرتوتن تي به نظر ڪئي اهي ته اسان ڪري رهيا آهيون؟ قانون الاهي جي رائج ٿيڻ بعد اسان ڪيترو وقت انهيءَ حڪومت الاهي ۾ گذاري سگهنداسون؟ ”گفتن و کردن فرق دارد“.

اسان جي ته خيال ۾ حڪومت الاهيه (پاڪستان) قائم ڪرڻ وارا. اول پاڻ کي به ٻين مسلمانن کي پاڪ بڻائڻ جي ڪوشش ڪن. اسان کي پاڪستان ۾ گذارڻ جو لائق بڻائين. ان بعد پاڪستان قائم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪن. پر جيڪڏهن پاڪستان جي معنيٰ فقط مسلماني حڪومت آهي. جيئن اڳي مسلم سلطنتون قائم هيون جهڙوڪ ٻنهي اميه بني عباسي ترڪ، مغل حڪومتون. ته پوءِ آءُ عرض ڪندس ته اها حڪومت مسلماني حڪومت ته هوندي مگر پاڪستان نه هوندو. جنهن ۾ مذهب جي آڙ ۾ خون جون نديون وهايون وينديون ۽ ڀروارين امن پسند حڪومتن کي مسلمانن جي جارحانه ڪارروائين کان چين نه هوندو. شاهان وقت جون محلاتون ٻڪرين جي ڌڻن وانگر حسن ڪافر ادا ۽ شاهد ان رويي سان ڀريل هونديون پس پرده ته خود ارڪان حڪومت مئي نوشي ۾ مصروف هوندا مگر ظاهر شرابين لاَءِ شرعي حدون مقرر هونديون. راڳ ۽ ناچ جون مجلسون گرم هونديون. طبقاتي تقسيم هوندي ڪي ٻارهن هزاري هوندا ته ڪي ڏهه هزاري ڪي وري پنجهه هزاري ته ڪي وري هڪ هزاري ڪي ويچارا نان جوبن جا به محتاج هوندا. چالاڪ ۽ مڪار سرمايه دار خزانن جا مالڪ هوندا. غريب ۽ ٻالا ڀولا مصيبتن ۾ مبتلا جن جي دور حڪومتن ۾ ڪتن جا ته پيٽ پاليا ويندا مگر محتاج ۽ اپاهج رستن تي بکن سبب مرندا نظر ايندا. خوشامدڙيا ۽ ظالم فائز اليرام هوندا. مسلمانن جا بهترين دماغ نه ته مذهبي پيشوا جيل جي تاريڪ ڪوٺڙين ۾ بند هوندا. يا تيرن ۽ تلوارين سان ٽڪر ٽڪر ڪيا ويندا. معصوم ٻچن ۽ بيگناهه عورتن سان شاهي جيل خانه ڀريل هوندا. حوس پرستي اسلامي جهاد جو نالو اختيار ڪري بلائي بي درمان جي طرح. دنيا ۾ قتل غارت جي گرم بازاري لڳائي ڇڏيندي آزاد فطرت انسان کي جانورن وانگر غلام بڻايو ويندو. اقليت واريون قومون اڪثريت جي ظلم کان نانه رڪتان هونديون حصول زر ۽ طلب جاءِ خبر نه آهي ته انساني دنيا لاءِ ڪيتريون نيون مصيبتون پيدا ڪندو.

شايد وري به بيگناهه مقتولن جو خون رنگ آڻي. مظلومن جون آخرن عرش الاهيءَ کي لرزائي ڇڏين. قهر الاهي جوش ۾ اچي ۽ وري به شايد پاڪستان جي ظالمن کي ابدي غلاميءَ ۾ مبتلا ٿيڻو پوي. (ڏسو تاريخه اسلام دورحڪومت اميه ۽ عباسيه) ۽ پاڪستان جي عيوض غلامستان بڻجي وڃي. پر جيڪڏهن پاڪستان مان مطلب اڄڪلهه جي اسلامي جمهوري حڪومتن جهڙي حڪومت قائم ڪرڻ جو آهي. جهڙوڪ ترڪي وغيره تڏهن به انهيءَ حڪومت جو نالو پاڪستان موزون نه ٿندو. انهيءَ بهادرن جي پرده کي خيرباد چئي ڇڏيو آهي. جن حڪم خدا کي ٺڪرائي زالن کي جهاد جي اجازت ڏني آهي. جي قوميت ۽ وطنيت جي بتن جا پوڄاري آهن جي اسلام جي بجاءِ ترڪ هئڻ تي ناز ڪن ٿا. جن اسلامي مرڪزي زبان عربي جو بنياد مٽائڻ لاءِ ٻانگه ۽ نماز جي صورت تي مسخ ڪري ڇڏي آهي. جن جي دلين ۾ پنهنجي اسلامي ڀائرن لاءِ ڪا به همدردي ڪانهي. جن ايراني ڀائرن جي مصيبتن ۾ خير گيري نه ڪئي جي بيگنال جي ڏڪار وقت پنهنجي ڀائرن کي هڪ پائي به امداد نه ڏئي سگهيا. خالي ڪاغذي ٺهراءَ جي همدردي به نه ڪيائون انهن کان ته هندستاني غلام هزار بار بهتر آهن جن ۾ انساني همدردي آهي. مسلمانيت آهي، جيڪي پنهنجي ڀائرن جي تڪليفن کان متاثر ٿين ٿا جن جو نعرو آهي ”مسلم هين هم وطن هي سارا جهان همارا“ جي قوميت ۽ وطنيت جي بتن کان دور آهن. جن کي هندستان هئڻ تي ناز نه آهي. بلڪه ملسمان هئڻ تي ناز آهي جن غلام هوندي به آزاد ملڪن تي سوين احسان ڪيا آهن. جن غلاميءَ ۾ رهندي به ترڪي ۽ ٻين اسلامي حڪومتن لاءِ سوين تڪليفون ڏٺيون. پاڻيءَ جي طرح خلافت هلچل ۾ پئسو خرچ ڪيو گهر ٻار ڇڏي هجرتون ڪيون. قيد و بند جون تڪليفون ڏٺيون. زلزلن ۽ ڏوڪارن جي وقت ڪروڙين رپيا ڪٺا ڪري آزاد اسلامي حڪومتن خود ترڪن جي مدد ڪئي.

اسان ترڪ ٿيڻ نٿا چاهيون، اسان ايرانين کان بيزار آهيون. اسان جو افغانين سان سروڪار ڪونهي. اسان مسلمان ٿيڻ چاهيون ٿا. مومن ٿيڻ جا خواهان آهيون.

اسين وري به پاڪستان قائم ڪرڻ جي دعويدارن جي خدمت ۾ باادب عرض ڪنداسون ته اسان کي پاڪستان ۽ حقيقي پاڪستان گهرجي به ته مسلمانن جي حڪومت. پوءِ اها راهه جمهوري هجي يا سلطنت شاهي يا ڊڪٽيٽرشپ. يا ڪنهن ٻئي نموني جي. اسان کي پراڻي تاريخ مان تلخ تجربا حاصل ٿي چڪا آهن ته مسلمانن برسر اقتدار هئڻ وقت ڇا ڇا ڪيو تنهنڪري اسان پاڪستان صرف پاڪستان جا حامي آهيون جنهن جي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان جو ٻچو ٻچو پنهنجي خون جو آخري خطرو وهائڻ لاءِ تيار آهي. بشرطيڪ اسان کي يقين ٿئي ته حقيقي پاڪستان قائم ڪيو ويندو. باقي ٻي ڪا به حڪومت اسان جي لاءِ غلاميءَ جي تجديد ٿيندي پوءِ اها چاهي مسلمانن جي هجي يا غير مسلمانن جي. بقول علامه اقبال:

سروري زيبا فقط اس ذات هي همتا ڪوهي

حڪمران هي اڪه وهي باقي بتان آذري.

ان جو يقين هن صورت ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو ته اسان جا پاڪستاني ليڊر اڄ جو اڄ شراب ڇڏي ڏين نمازي بڻجي وڃن. رشوت کي خيرباد چئي ڇڏين ڪٺا ڪيل خزانا راهه خدا ۾ لٽائي ڇڏين جاگيرداري ۽ زمينداري ختم ڪري ڇڏين مومن ۽ صرف مومن (پاڪ) بڻجي وڃن. ڪلبون، ناچ گهر وغيره هڪدم بند ڪري ڇڏين. اهو ئي پاڪستان حاصل ڪرڻ جو بهترين رستو آهي. جيڪڏهن ائين ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن ته پوءِ پاڪستان دنيا جي ٻين قومن لاءِ تفريح جو سامان بڻجي ويندو.

اکنڊ هندستان ۾ ڇا ٿيندو؟

هن کان اڳي اسان جو مضمون پاڪستان ۾ ڇا ٿيندو شايع ٿي چڪو آهي انهيءَ مان هرگز اها مراد ڪا نه آهي ته اسان پاڪستان جي برخلاف آهيون يا مسلم ليگ جي مخالفت ۾ آهيون مگر انهيءَ مضمون لکڻ مان اسان جو مطلب ليڊر ان مسلم ليگ تي نڪته چيني آهي. گويا اسان جو مطلب آهي ته بني امين ۽ بني عباسين واري حڪومت اسان تي نه مڙهي وڃي ته ترڪن ۽ ايرانين واري حڪومت قائم ڪجي پاڪ آزادي ملڻ بعد پاڪستان ۽ صرف پاڪستان يعني حڪومت الاهي قائم ڪئي وڃي. هاڻي اسان هن مضمون ۾ ڏيکاريون ٿا ته اکنڊ هندوستان ۾ ڇا ٿيندو؟

هندن جو راڄ هوندو، هر گهر تي ٽرنگو جهنڊو ڦڙڪندو نظر ايندو، وندي ماترم جا ترانا هوندا، آذانون بند ڪيون وينديون، بي پردگي هوندي، نيم عرياني هوندي، غيرت جو ڏيوالو نڪري ويندو. بليڪ مارڪيٽ جو دور دورو هوندو. وياجن جون مصيبتون هونديون، مسجدن ۽ مسلماني عبادت گاهن تي حملا هوندا. مسلمانن جي زمينن جاگيرن تي واڻين جا قبضا هوندا. نه رڳو ڳئون ڪشي بند ڪئي ويندي پر هڪ هڪ گانءِ جي عيوض هزارن مسلمانن جون حياتيون وٺڻ سعادت ابدي سمجهي ويندي. ڳئو ماتا ۽ بيل باب جي هر جاءِ پوڄا هوندي انهن جو بول براز هوٽلن ۾ ۽ عام جڳهين تي مڪئي حاصل ڪرڻ لاءِ ڳري بها ۾ وڪامندو نظر ايندو ۽ ان کي ناز ۽ فخر سان پيتو ويندو. قرآن ڪريم جي ورقن ۾ ڄاڻي واڻي پڪوڙا ويڙهي وڪرو ڪيا ويندا، مسجدن کي مندرن ۽ گوردوارن ۾ تبديل ڪيو ويندو. مسلمانن کي ڄٽ وحشي، بدمعاش، چور، ڌاڙيل خوني ۽ گونڊو وغيره وغيره جي حقارت آميز نالن سان ياد ڪيو ويندو. جهاٽڪي جو گوشت عام جام مروج هوندو، اسلامي تهوارن جا جلوس بند ڪيا ويندا. مسجدن ۽ عبادتگاهن جي اڳيان بقنڊون ۽ ناقوس وڄايا ويندا. مسلمانن کي هندن جي پاڙن بلڪه شهرن کان حڪمن هڪايو ويندو. زالن کي عام آزادي ڏئي پرده ڪندڙ قومن کي زوري پردو ٺهرائڻ تي مجبور ڪيو ويندو. ڪنهن به مسلمان جي جان مال عزت محفوظ نه هوندي نه رڳو ايترو پر انهن ملڇن کان پارت ماتا جي مقدس سرزمين کي پاڪ ڪرڻ سعادت ابدي ۽ مڪئي جو ذريعو سمجهيو ويندو. هڪڙي خدا جي بدران ٽيهه ڪروڙن خدائن جي پوڄا هوندي. حجر ٺڪر ڀتر باهه پاڻي بلڪه دنيا جي هر چيز جي اڳيان گردن نياز خم ڪئي ويندي جئه سيتا رام جئه هند جئه ڀارت ماتا جا پرجوش نعره هر سمت کان ٻڌڻ ۾ ايندا سڀئي وڏا وڏا عهده هندن جي حوالي هوندا ۽ ظاهر ڪيو ويندو ته مسلمان اڃا انهن عهدن جا لائق ئي ڪو نه آهن آفيسن دڪانن ۽ ٻين سرڪاري خواهه غير سرڪاري ڪاروباري ۾ حسين ۽ نازڪ بدن عورتن کي مقرر ڪيو ويندو مسلمانن پاڙن ۾ امن قائم رکڻ جي آساني ۾ چٽي پوليس مقرر ڪئي ويندي ٿي سگهيو ته سندن گهرن ۽ عبادتگاهن کي به جلايو ويندو راهه ويندڙن مسلمانن تي ۽ مسلمانن جي گهرن تي اوچتو اوچتو حملا ڪيا ويندا ۽ ظاهر ڪيو ويندو ته مسلمان بدمعاش ۽ لفنگا آهن ۽ رستي هلندي هندو نيم عريان بازين سان مستي ٿا ڪن. (ڏسو ديش متر 2 مٿي1946) رشوت عام جام هوندي ۽ هندن لاءِ خاص ڪري رشوت وٺڻ گناهه نه هوندو ڇو ته هنن کي هر ڪڪيءَ تي ڏهه هزار ڏيئي ليتي ڏيڻي ٿي پوي. مسلمانن کي انهيءَ ڏوهه ۾ وڌ ۾ ڦاسي ۽ گهٽ ۾ گهٽ جنم ٽيپ ڏني ويندي. مسلمانن کي سياسي توڙي مذهبي طرح ڪرڻ لاءِ سندن مهاسڀا، فارورڊ بلاڪ وغيره وغيره، تحريڪون جاري ڪيون وينديون. ڪو به هندو پنهنجي رخسا رغبت سان به ٻئي مذهب ۾ داخل ٿي نه سگهندو شريفن ۽ اشرافن کي سربازار خواهه اخبارن ۾ دل کولي گاريون ڏنيون وينديون ڪو به مسلمان ائين نه چئي سگهندو ته آءُ اول هندوستاني آهيان پوءِ مسلمان نه چوڻ جي حالت ۾ سندس زبان ڪياڙيءَ کان ڪڍائي ويندي. اردو زبان جو دنيا مان ۽ خاص ڪري هندوستان مان قطعن قلج قمع ڪيو ويندو ان جي جاءِ تي ديتن ۽ راڪشن جي جهوني مندي ۽ سنسڪرت ٻوليءَ کي جڳهه ڏني ويندي هندوستان جي مرڪزي ۽ دفتري ٻولي هندي هوندي سڀ سرڪاري لکپڙهه خواه اخبارون وغيره ابتن اکرن ۾ لکيل نظر اينديون عربي ۽ فارسي جي تعليم ڏيارڻ ۽ وٺڻ قانوني طرح جرم قرار ڏنو ويندو ۽ عربي مدرسه ڪاليج وغيره بنياد کان اکيڙي انهن تي هندي ۽ سنسڪرت وديا شالائون تعمير ڪيون وينديون. مسلمان ڪا به سياسي خواه مذهبي تحريڪ جاري ڪري نه سگهندا. موجوده سڀني تحريڪن جو خاتمو ڪيو ويندو. ڪانگريس کانسواءِ ٻي سڀڪا تحريڪ خلاف قانون قرار ڏني ويندي.

مسلم ليگ جي سڀني ليڊرن کي ديش دروهي ٺهرائي مٿن مقدمه هلايا ويندا ۽ پوءِ کين عبرتناڪ سزائون ڏنيون وينديون. شڪم پرور ملن ۽ مولوين کي وظيفه ڏيئي ۽ سندن پگهار مقرر ڪري مسلم ليگ جي برخلاف پروپيگنڊا ڪئي ويندي. لکن ۽ ڪروڙين رپيا خرچ ڪري ۽ حسن ۽ شراب جون محفلون گرم ڪري ڪن عياش ۽ گمراهه مسلمانن کي خريد ڪري مسلمانن ۾ قوت وڌي ويندي. ڪلب ۾ وڃي ناچ ڪرڻ ۽ سکڻ هر عورت ۽ مرد لاءِ قانوني طرح ضروري قرار ڏنو ويندو. شراب خانا عام جام کوليا ويندا. هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ شراب جون بٺيون کولايون وينديون ستيارٿ پرڪاش رنگيلا رسول ۽ تاريخ اسلام جهڙا منحوس ۽ واحيات ڪتاب عام جام شايع ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي جن ۾ مسلمانن جي پيشوائن کي جيڪي ڀري گاريون ڏنيون وينديون جنهن ڪري هر ملڪ هر صوبو هر شهر ۽ هر ڳوٺ ۾ هندو مسلم فساد متل هوندو برهمڻ کٿري ۽ وتشن کانسواءِ باقي ساري هندوستان جون قومون شودرن ۾ شمار ڪيون وينديون انهن سان جيڪڏهن ڪنهن جو ڪپڙو به لڳي ويو ته اکنڊ هندوستان جي ابن کي درياهه شاهه ۾ ڪپڙن سوڌو غوطو ڏيڻو پوندو. انسان جانورن ۽ ٺڪرن ڀترن ۾ ڪو به تفاوت نه رهندو. نانگن، بلائن، وڻن وغيره جي عزت به انسانن کان زياده هوندي ۽ اشرف المخلوقات انسان ٺڪرن ڀترن کان به ڪمتر ليکيو ويندو. باون ۽ ساڌن جي ٻيگهي مچي ويندي گداگرن جي ڪثرت کان دنيا تنگ اچي ويندي خوفناڪ جانورن ۽ درندن کي مارڻ جرم ٺهرايو ويندوجنهنڪري زراعت ۽ انسان جو مال جان هر وقت خطرن ۾ هوندو سورن جا ڌڻ پاليا ويندا ۽ انهن جو کير ۽ گوشت خوشيءَ سان نوش جان ڪيو ويندو جنهنڪري هزارين مرض ڦهليندا ڪارخانن ۽ وڏن وڏن ڏاڏن تي مڪار چالاڪ سرمايه دارن جو قبضو هوندو. مزدور ۽ هاري سواين ۽ وياجن ۾ تباهه ۽ برباد ٿي ويندا. ڪاسبين ۽ ڪڙمين جو ڪو به پرسار حال نه هوندو. مرڪز ۾  هندو سرمايه دار جي حڪومت هوندي جنهنڪري ڪو به غريبن ۽ مسڪينن جي فائدي جو ايڪٽ پاس ٿي نه سگهندو اکنڊ هندوستان فقط وياج خور واڻين ۽ کانڏي ٽولي وارن جي دنيا هوندي. قانون سرمايه دارين جي اکين جي اشاري جو نالو هوندو. پائي پائي ۽ پئسي پئسي تي انسانن جون حياتيون قانوني آڙ وٺي تباهه ڪيون وينديون سرمايه کي زمين ۾ دفن ڪري يا ٽجوڙين ۾ بند ڪري دنيائي تباهي آندي ويندي. اناج ۽ ٻيون زندگي جون ضروري شيون گهرن ۾ بند ڪري ذخيرو ڪيون وينديون ساري هندوستان تي ڏڪار جا آثار نمايان ٿيندا. غريب بيگانن وانگر رستن تي مرندا نظر ايندا شاهوڪار پنهنجي رنگ رلين ۾ مشغول هوندا. جنهنڪري قهر الاهي وري به جوش ۾ ايندو قدرت جو هٿ ظالمن کان انتقام وٺڻ جي لاءِ دراز ٿيندو ۽ سوني جهرڪي هندستان وري به پٿر جي گانءِ بڻجي ويندو. ماڻهون وحشين وانگر جهنگلن ۾ وڃي وڻن جي پنن وغيره تي گذران ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيندا.

اهڙي طرح انسانيت پنهنجي اولين دور جي طرف وري عود ڪئي ويندي. عاليشان شهر ۽ فلڪ برس عمارتون ويران نظر اينديون ۽ آئينده قومن لاءِ عبرت جو ٿيندو.

.................................................

 

 

اول هي پڙهو

 

حامد رمضليا. ڪن دوستن پڇيو ته جيڪڏهن هندو ۽ مسلمان پاڻ ۾ ٺهي نه سگهيا ۽ شملا ڪانفرنس به ڪامياب نه ٿي ۽ وزارتي ڊيليگيشن پاڪستان هندن جي مرضيءَ کانسواءِ مسلم ليگ جي سرائن ڪيو اقليتن وغيره جي سان جي حفاظت جي واسطي جيڪڏهن ڪو به سمجهوتو اڳواٽ نه ٿيو ته پاڪستان ۾ ڪهڙي حڪومت قائم ٿيندي؟ ۽ اهي اقليتون جن پاڪستان جي برخلاف شور مچايو آهي انهن سان پاڪستان جا ابا ڪهڙو سلوڪ ڪندا؟ پر جيڪڏهن انگريزن مسلمانن جي مطالبن کي ٺڪرائي سندن مرضي جي خلاف ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي سمجهوتا کانسواءِ آزادي اکنڊ هندوستان جي صورت ۾ ڪانگريس جي حوالي ڪئي ته اهي ڪهڙي طرح حڪومت هلائيندا؟ ڪانگريس جي مخالفن ۽ اکنڊ هندوستان جي دشمنن خصوصن پاڪستان جي حامين سان ڪهڙو سلوڪ ڪندا؟

انهن ٻنهي سوالن جو جواب اسان ڌرين جي................. تي گهري نظر ڪندي هن ڪتاب ۾ ناظرين جي اڳيان پيش ڪيون ٿا ۽ ان سان گڏ سڄي هندوستان جي هندو خواهه مسلمانن کي عرض ٿا ڪريون ته هو انهن حقيقتن کي مدنظر رکي هندستان جي ٻنهي مکيه جماعتن ڪانگريس ۽ مسلم ليگ تي زور آڻين ته هو اول اقليتن سان........................... حفاظت جا سمجهوتا ڪن ۽ ان...................... مڪمل آزادي وٺن..................... حالتن ۾ پاڪستان خواهه........................جدا پاڪستان ۽ آزاد هندستان ۾ امن قائم رهي سگهندو. پر جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ۽ ڌريون پنهنجي طاقت جي زور سان برسر اقتدار آيون ته پوءِ يقين ڄاڻيو ته هن ڪتاب جو حرف اعراف صحيح نڪرندو. ڌريون هڪ ٻئي جي ضد ۾ هندوستان ۾ قتل و غارت خون ريزي ڦرلٽ بلڪه ان کان به زياده محشر مچائي ڇڏينديون ۽ اها آزادي هندوستان ﷢لاءِ تباهي بربادي جو پيش خيمون ٿيندو.

نذير حسين ”حيدري“

........................................

سنده شيشه دارالاشاعت جي مدد ڪريو

شيشان سنده جي سياسي ۽ مذهبي حقن جي حفاظت ۽ مذهبي تبليغ جو اهم ڪم سرانجام ڏيڻ لاءِ قائم ڪيو ويو آهي هر هڪ شهري تي قومي فرض آهي ته هن اداري جي امداد ڪري.

مئنيجر سنده شيشه دارالاشاعت بدين

........................................

هي ڪتاب مسٽر ميوه خان ولد مرحوم محمد بچل پنهنجي اماميه پرنٽنگ پريس حيدرآباد سنده ۾ ڇپيو ۽ نذير حسين ايڇ حيدري مئنيجر سنده شيشه دارالاشاعت بدين جي ڇپائي پڌرو ڪيو.

 

Good Wishes