ولايتي ڪپڙي خريد ڪرڻ جي حرمت بابت جمعيت علماءِ صوبه سنده جي متفقه فتويٰ

الله اڪبر الله اڪبر

وَلَا تَعَاوَنُوا عَلَى الْإِثْمِ وَالْعُدْوَانِ

(سوره مائد﷥ه)

ولايتي ڪپڙي

خريد ڪرڻ جي حرمت بابت

جمعيت علماءِ صوبه سنده جي

متفقه فتويٰ

جا

12-13 ذوالقعد سنه 1340 جمعيت جي اجلاس سکر ۾ جيڪو زير صدارت سيد قاضي اسد الله شاهه صاحب جي منعقد ٿيو هيو، منظور ڪئي وئي.
دفع پهريون قيمت ۶–۱–۰ جلد ۲۰۰۰

الوحيد اليڪٽرڪ پريس ڪراچي.

ولايتي ڪپڙي خريد ڪرڻ جي منع هجڻ واريءَ فتويٰ جي تمهيد

بسم الله الرحمٰن الرحيم

الحمد لله الذي اليہ البدايتہ والنهايتہ والصلواتہ والسلام علٰي رسولہ الذي ختم عليہ النبوة والرسالتہ و علٰي آلہ و صحبہ اجمعين.

(1)امابعد- ڄاڻڻ گهرجي ته ولايتي ڪپڙا جي نه خريد ڪرڻ بابت اصل ۽ بنياد هيٺين آيت آهي.

إِنَّمَا يَنْهَاكُمُ اللَّهُ عَنِ الَّذِينَ قَاتَلُوكُمْ فِي الدِّينِ وَأَخْرَجُوكُم مِّن دِيَارِكُمْ وَظَاهَرُوا عَلَىٰ إِخْرَاجِكُمْ أَن تَوَلَّوْهُمْ

ترجمو: ”جن ماڻهن توهان سان دين جي باري ۾ جنگ ڪئي آهي ۽ اوهان کي اوهان جن ملڪن مان ڪڍيو يا ڪڍڻ تي مدد ڪئي آهي تن سان ”موالات“ ڪرڻ کان الله تعاليٰ اوهان کي منع ٿو ڪري.“

انهيءَ آيت جي حڪم موجب هندستان جي مشهور علمائن حربي ڪافرن سان ”ترڪ موالات“ جي فتويٰ ڏني آهي. ڇو ته الله تعاليٰ مٿين آيت ۾ ڏيکاريل ٽن قسمن جي ڪافرن سان ايمان وارن کي موالات رکڻ کان روڪيو آهي ۽ ”موالات“ جي معنيٰ ۾“ ويجهائي جا سڀ لاڳاپا، ۽ همراهي ڪرڻ، ۽ مددگاري جا سمورا ڳانڍاپا داخل آهن. حربين سان اهڙا معاملا رکڻ جن جي ڪري ساڻن ربط ۽ ايڪو زياده ٿئي يا انهن جي هيٺيليءَ طاقت کي فائدو پهچي يا اسلامي شوڪت جي تباهه ٿيڻ جو سبب هجي يا انهن سان اهڙي ڏيتي ليتي رکجي جنهنڪري سندن محبت ۽ دوستي جو اظهار ٿئي يا ان مان مسلمانن جي بي غيرتي ۽ ذلت تي راضي رهڻ جو دليل ورتو وڃي ته اهڙا سمورا تعلقات شريعت ۾ منع ۽ حرام آهن.

(2) حربي ڪافرن جون تيار ڪيل عام شيون ۽ خاص طرح ڪيترو انهن جي اقتصادي ۽ جنگي ۽ سياسي قوت جو وڏو سبب آهي ۽ دشمنن جي انهيءَ ئي اقتصادي ۽ جنگي طاقت جي ڪري اسلام جي شوڪت کي ضعف ۽ نقصان پهچي ٿو ڇاڪاڻ ته موجوده زماني جي عام حڪومتن ۽ خاص ڪر يورپ جي بادشاهتن جي بيهڪ واپار تي آهي. جيڪا بادشاهت واپار ۾ وڌيڪ ماهر آهي ان جي جنگي طاقت به اعليٰ درجي جي آهي. انهيءَ ڪري هنن جي ملڪ جي ٺهيل شين جي خريد ڪرڻ سان کين عظيم الشان مالي امداد حاصل ٿئي ٿي ۽ ان جي منع هجڻ ۾ ڪو شڪ ۽ شبهو ڪو نه آهي.

ولم نبع مافيہ تقويتهم علي الحرب

(درمختيار ڪتاب الجهاد)

ترجمو: جنهن شئي مان ڪافرن کي جنگ ڪرڻ تي طاقت پهچي اها انهن کي نه وڪڻي ڏجي.

وڪل مايستعان بہ في الحرب لان فيہ امدادهم و اعانتهم علي احرب المسلمين. قال الله سبحانہ و تعالي ولا تعلو نوا علي الاثم والعدوان.

(بدائع صنائع)

ترجمو: (ڪافرن کي) ان شئي جو وڪڻي ڏيڻ منع آهي جنهن مان جنگي مدد پهچي سگهي ڇو ته ان ڪري ڪافرن کي مسلمانن جي مارڻ تي مدد ڪئي وڃي ٿي ۽ الله تعاليٰ فرمايو آهي ته گناهه ۽ بڇڙي ڪم تي مدد نه ڪريو.

معالم التنزيل وغيره ۾ آيت ” اشتروا بآيات الله ثمنا قليلاجي تفسير ۾ ابن عباس رضه کان نقل آهي.

وذلک ان اهل الطائف امدوهم بالاموال ليقو وهم علي حرب رسول الله صلي الله عليہ وسلم.

ترجمو: يعني ته طائف وارن مڪي جي ڪافرن کي مالي مدد ڏني هئي ته رسول الله صلي الله عليہ وسلم سان جنگ ڪرڻ لاءِ طاقتور ٿين.

ان آيت ۾ طائف وارن جي انهيءَ فعل يعني مڪي جي ڪافرن کي رسول الله صلي الله عليہ وسلم جي برخلاف جنگ ڪرڻ لاءِ مالي امداد ڏيڻ کي سختي سان ننديو ويو آهي.

انهن سڀني عبارتن تي غور ڪرڻ کانپوءِ پوري طرح ثابت ٿي ويو ته حربين سان انهيءَ قسم جو واپار ڪرڻ به موالات ۾ داخل آهي جنهن کان شريعت الاهي منع فرمائي آهي. جيئن ته ڪتاب ”عدة الامراَءَ والحڪام“ مطبوعه مصرجي صفحي نمبر 28 ۾ فرمائي ٿو ته:

قدسئل ابن سيرين عن رجل يبيع داره من نصراني يتخذها بيعتہ فتلا ومن يتولهم منڪم فانہ منهم فکيف حڪم من يتولا هم بجلب الميرة والبضائع والاموال التي تقويهم وتشد شوڪتهم علي الاسلام و يمن يذل لعزتهم و يتضعضع لصو لتهم و يخضع لاحڪلمهم فاني لہ بعد ذلک التسمي بعنوان الايمان والاسلام وقد استسلم لاحڪام الڪفر ايبتغون عندهم العزة فان العزه لله جميعا.

ترجمو: حضرت ابن سيرين (تابعيءَ) کان هڪ ماڻهو بابت پڇيو ويو جو نصراني کي پنهنجو گهر وڪڻي ڏي ۽ نصراني کي گرجا بڻائڻ جو ارادو هجي جواب ۾ هي آيت پڙهيائين ته و من يتولهم الايتہ يعني جيڪو اوهان مان انهن سان موالات رکندو ته اهو انهن مان آهي. پوءِ جو ماڻهو انهن (نصارن) کي اناج جي قافلن موڪلڻ ۽ سامان اسباب ڏيڻ سان مدد ڪري ٿو جنهنڪري هنن کي قوت ملي ٿي ۽ اسلام تي سندن غلبو ڏاڍو ٿئي ٿو ته ان جو ڪهڙو حڪم آهي ۽ ڪهڙو حڪم آهي ان جو جي هنن (نصارن) جي عزت لاءِ پاڻ کي ذليل ڪري ۽ هنن جي دٻدٻي اڳيان هيڻائي ظاهر ڪري ۽ هنن جي حڪمن اڳيان نوڙت ڪري ڇا ان کانپوءِ به اهڙي کي ايمان ۽ اسلام جي سر نيم سان سڏي سگهبو؟ حالانڪه، هن تي ڪفر جي حڪمن اڳيان ڪنڌ نوائي ڇڏيو آهي. انهن وٽ عزت جا طالبو آهن ڇا؟ پوءِ بيشڪ سموري عزت جو مالڪ الله آهي.

(3) ڪن ماڻهن جو هي اعتراض ڪرڻ ته حضور انور صلي الله عليه وسلم هڪ وقت مديني جي هودين کان سام جي حربي ڪافرن جو تيار ڪيل ڪپڙي خريد ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو ۽ ان وقعي تي موتته واري جنگ کي شاهد آڻين ٿا سو بلڪل بيجا آهي، ڇو ته تاريخ مان معلوم نٿو ٿي سگهي ته سندن اهو ارادو (يعني يهودي کان شامي ڪپڙي خريد ڪرڻ وارو) جنگ موتته ۽ مٿين آيت جي نازل ٿيڻ کان اڳي هو يا پوءِ؟(حالانڪه غزوه موتته ۽ ان آيت جو نزول ٻئي هڪ سنه 8 هه جا واقعا آهن.) اهڙيءَ طرح اهو به معلوم نه آهي ته اهي ڪپڙا برابر شام جي انهي ڀاڱي مان خريد ڪيا ويا هئا جتي حربي رهندا هئا يا شام جي ٻئي ڪنهن ڀاڱي مان؟ ڇو ته انهي زماني ۾ ساري شام جا رهاڪو مسلمانن سان برسر جنگ نه هئا تنهنڪري ڪيئن چئبو ته ضرور ضرور اهي ڪپڙا جن جي فقط اڃا خريد ڪرڻ جو حضور انور صلي الله عليه وسلم ارادو فرمايو ضرور شام جي حربي ڪافرن وٽان واپار ۾ آيل هوندا؟ حالانڪه علمائن ڪافرن جي ٺهيل شين جي خريد ڪرڻ کان مطلق منع ڪا نه ڪئي آهي پر اها منع تڏهن آهي جڏهن باليقين معلوم ٿئي ته انهن شين جي خريد ڪرڻ سان محارب ڪافرن کي جنگ ۾ مدد پهچندي. ثمامة رضه واري حديث کي ڏسڻ گهرجي ته پهريان حضرت رسول الله صلي الله عليه وسلم ثمامة کي مڪي وارن ڏانهن اناج موڪلڻ جي هن ڪري منع فرمائي جو امڪان هو ته متان سندن جنگي طاقت ۾ امداد ٿئي. پر وري جڏهن معلوم ٿين ته انهي مان سندن جنگي قوت ته ڪا نه وڌندي پر مرڳو پيٽ پالڻ لاءِ ئي محتاج آهن تڏهن پاڻ اجازت فرمايائون تنهنڪري چئبو ته حربين سان معاملي رکڻ جو مدار انهن جي جنگي قوت جي مدنظر تي آهي يعني ته جيڪڏهن خريد فروخت مان انهن کي جنگي قوت پهچي ته منع آهي جي نه ته منع نه آهي.

قال الامام السرخسي فمن عليہ (اي ثماتة) رسول الله صلي الله عليه وسلم بشرط ان يقطع الميرة عن اهل مڪته ففعل هتي قحطو- (مبسوط ج 1 صفه 25)

ترجمو: امام سرخسي فرمايو آهي رسول الله صلي الله عليہ وسلم ثمامة کي هن شرط تي ڇڏي ڏنو ته مڪي وارن ڏانهن اناج جو قافلو موڪلڻ بند ڪري ڇڏي جيئن ته تيستائين ائين ڪيائين جيستئاين هو ڏڪار ۾ گرفتار ٿيا.

ٻئي روايت آهي﷢:

وانصوف الي بلده و منع الحمل الي مڪتہ حتي جهدت قريش وڪتبوا الي رسول الله صلي الله عليہ وسلم ويسئالو نه بارحا مهم ان يڪتب الي ثمامتہ يحمل اليهم الطعام فقل رسول الله صلي الله عليہ وسلم اهه(فتي القدير)

ترجمو: يعني ته ثامتہ ڳوٺ ڏانهن موٽي وڃي مڪي وارن ڏانهن اناج بند ڪيو تان جو هو بلک مرڻ لڳا ۽ رسول الله صلي الله عليہ وسلم ڏانهن مائٽي جا قسم وجهي لکيائون ته ثمامتہ ڏانهن لکي ته ته هو هنن ڏانهن اناج موڪلي ڏي جنهن تي رسول الله صلي الله عليه وسلم ائين ڪيو.

هن تمهيد کي چڱي طرح ياد رکڻ گهرجي جو اڳتي فتويٰ جي سمجهڻ ۾ ڏاڍي مفيد ٿيندي.

حربين جي ڪپڙي خريد ڪرڻ جي حرام هجڻ بابت فتويٰ

بسم الله الرحمٰن الرحيم

سوال

علماءَ سڳورا هن صورت ۾ ڪهڙو حڪم ڏين ٿا ته حربي ڪافرن کي اهڙ: حالت ۾ جو هو مسلمانن سان وڙهي رهيا هجن ته سندن ملڪ جي تيار ٿيل شين خاص ڪري ڪپڙن جي خريد ڪرڻ سان مدد ڪرڻ جائز آهي يا نه؟ جنهن مان هنن کي عظيم الشان مالي امداد ملي ٿي ۽ هوڏانهن مسلمانن کي انهن ڪپڙن جي خريد ڪرڻ جي ضرورت به ڪا نه آهي. اٿلندو پنهنجي ديسي هنرن ۽ وطن جي رهاڪن کي نقصان پهچڻ جو يقين آهي ته اهڙي حالت ۾ ولايتي ڪپڙا خريد ڪرڻ ناجائز آهن يا نه؟ عدم جواز واري صورت ۾ ريل جي سواري ۽ پوسٽ وغيره جو به حڪم بيان فرمائيندا.

جواب

حربي ڪافرن کي مالي مدد ڪرڻ شريعت ۾ بالڪل ناجائز آهي. خاص ڪري ان حالت ۾ جو هو مسلمانن سان وڙهي رهيا هجن. الله تعاليٰ فرمايو آهي ته ” وَلَا تَعَاوَنُوا عَلَى الْإِثْمِ وَالْعُدْوَانِ “ يعني ته گناهه ۽ بڇڙائي تي مدد نه ڪريو. اهو ئي سبب آهي جو فقيهن رحمة الله عليهم حربي ڪافرن کي هٿيارن ۽ ٻين سڀني اهڙين شين جي وڪڻي ڏيڻ کان منع فرمائي آهي جنهن مان هنن کي جنگ ۾ مدد ملي. جيئن سير ڪبير ۾ آهي ”ڪل ما يستعان بہ في الحرب“ پوءِ جنهن حالت ۾ رپيا هٿيارن وغيره جي حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهن ۽ جنگين جي مدد ۾ مقصودي ۽ اصول شئي آهن ته انهن سان مدد ڪرڻ بالضرور منع آهي. آيت شريف ”ان الذين ڪفروا ينفقون اموالهم ليصدو عن سبيل الله“ جي تفسير ۾ ابن جو ۽ بيهقي ۽ ٻين کان روايت آهي ته:-

ليا اصيب قريش يوم بدر فرجعوا الي مکتہ مشي صفوان بن اميتہ و عڪرمتہ بن ابي جهل و عبدالله بن ربيعتہ في رجال من قريش اصيب آبائهم و اخوانهم ببدر فڪلموا ابا سفيان و من ڪانت لہ في تلک العير في قريش من تجارة فقالوا يا معشر قريش ان محمد اقد و ترڪم و قتل رجالکم فاعينونا بهذا المال علي حربه لعلنا ندرڪ منہ ثارنا ففعلوا ففهيم ڪما ذڪر ابن عباس رضه انزل الله تعاليٰ ان الذين ڪفرو اينفقون اموالهم الايتہ.

ترجمو: يعني قريش جڏهن بدر جي ڏينهن شڪست کائي مڪي ڏانهن موٽي آيا تڏهن صفوان ۽ عڪرمتہ ۽ ابن ربيعتہ ٻين قريشي ماڻهن سان جن جا مائٽ بدر ۾ ماريا ويا هئا هلي اچي ابو سفيان ۽ سندس واپار ۾ سنگتين سان گفتگو ڪيائون. ۽ چيائون ته اي قريشي جماعت! محمد (صلي الله عليہ وسلم) اوهان کي شڪست ڏني ۽ اوهان جا مڙس مارائي ڇڏيائين تنهنڪري هن واپار جي مال سان ان جي جنگ تي اسان جي مدد ڪريو من اسان پنهنجي وير وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيون. پوءِ قريشين ائين ڪيو يعني تجارت مان انهن کي مالي امداد ڪيائون ابن عباس رضه جي چوڻ موجب انهن جي حق ۾ ئي اها آيت نازل ٿي ته ”ڪافر پنهنجو مال هن ڪري خرچ ڪن ٿا ته سڌي رستي تان روڪي ڇڏين.“

تفسير بيضاوي ۽ ابوالسعود ۽ تفير ڪبير ڪشاف ۾ به اهڙي طرح آيل آهي. هن مان معلوم ٿيو ته روپيا جنگ جي اعانت ۾ نهايت ڪارآمد شئي آهي. الله تعاليٰ ڪيترين آيتن ۾ جهاد لاءِ مسلمانن کان مال جي طلب ڪئي آهي جيئن ته حڪم آهي:

جا هدوا باموالکم و انفسکم

ترجمو: پنهنجي مالن ۽ پنهنجي ساهن سان جهاد ڪريو.

امام سيد محمود بغدادي ان آيت جي تفسير ۾ لکي ٿو

والجهاد بالمال انفاقہ علي السلاح و تزويد العزاة ونحو ذلک

(روح المعاني)

ترجمو: مال سان جهاد ڪرڻ جو هي مطلب آهي ته هٿيارن جي خريد ڪرڻ ۽ غازين جي تيار ڪرڻ ۽ ٻين اهڙن ڪمن لاءِ خرچيو وڃي.

جيڪڏهن روپيا جهاد ۾ ضروري شئي نه هجن ها ته انهن جي طلب ايڏي تاڪيد سان ڇو ڪئي وڃي ها. ها صحيح حديث ۾ مال کي نعم المعونہ يعني چڱي امداد جو لقب ڏنو ويو آهي. حديث جا لفظ هي آهن.

ان هذا المال حضرة حلوة فمن اخذه بحقہ و وضعه في حقه فمنعم المعونتہ.

ترجمو: هي مال تازو ۽ مٺو آهي پوءِ جنهن ان کي حلال طريقي سان حاصل ڪري چڱي جاءِ خرچ ڪيو ته ڏاڍي چڱي امداد آهي.

ردالمحتار ۾ فرمائي ٿو﷢:

و ان ضعف اهل ثغرعن مقاومتہ الکفره و خيف عليهم من العدو فعلي من ورائهم من المسلمين الاقورب فالا قرب ان ينفرو اليهم ويمد وهم بالسلاح والکراع والمال لما ذڪروا.

(ڪتاب الجهاد)

ترجمو: جيڪڏهن ڪنهن اسلامي سرحد جا مسلمان ڪافرن جي مقابلي کان هيڻان ٿي پون ۽ انهن تي دشمن جي دست درازي جو خوف هجي ته پوءِ ٻين قريب علم مسلمانن تي درجي بدرجي فرض آهي ته انهن ڏانهن وڃن ۽ هٿيار ۽ گهوڙن ۽ مال سان انهن جي مدد ڪن.

هت اعانت ۾ مال ۽ هٿيارن ۽ گهوڙن کي هڪجهڙو برابر ڳڻيو ويو آهي.

فطري جي صدقي ۾ اگرچه اناج ڏيڻ بابت صاف شرعي حڪم موجود آهي مگر فقهائن ان جي قيمت کي خيرات ڏيڻ وڌيڪ چڱو ۽ افضل لکيو آهي. ان جو سبب هن طرح بيان ڪيو ويو آهي.

لان العلتہ في افضيلتہ القيمہ ڪونها اعون علي دفع حاجتہ العقير.

(رد المحتاد)

ترجمو: يعني ته (فطري جي اناج جي) قيمت ڏيڻ هن ڪري افضل آهي جو اها محتاج جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ وڌيڪ مدد ڪندڙ آهي.

علامه ابن قيم فرمائي ٿو ته:

و بهذا افتي شيخ الاسلام ابن قيميتہ بغز و نصاري المشرق لمااعانوا عدو المسلمين علي قتالهم فامدوا هم بالمال والسلاح و ان ڪانو الم يغزونا ولم يحاربونا وراهم ناقضين لعلهد ڪما نقضت قريش عهد النبي صلي الله عليه وسلم با عانتهم نبي بڪم بن وائل علي حرب حلفائه فڪيف اذا اعان اهل الذمتہ المشر ڪين علي حرب المسلمين.

(زاد المعاد ج 1 صفحه 1331)

يعني جڏهن مشرق جي معاهد نصارن مسلمانن جي دشمنن کي مال ۽ هٿيارن سان ڏني ته شيخ الاسلام ابن تميميه انهن سان غزا ڪرڻ جي فتويٰ ڏني اگرچه هنن سڌي سنئين مسلمانن سان جنگ ڪا نه ڪئي هئي پر هنن مسلمانن جي دشمنن کي مدد ڏيڻ سان معاهدو ڀڃي ڇڏيو هو جيئن ته رسول الله صلي الله عليہ وسلم جي زماني ۾ قريشين بني بڪر وارن کي رسول الله جي طرف وارن (معاهد قريشن) سان جنگ ڪرڻ لاءِ مدد ڏني هئي. (انتهي حاصله)

هن پڌرن شرعي حڪمن مان صاف طرح معلوم ٿيو ته مال سان مدد ڪرڻ هٿيارن جي مدد جهڙي بلڪه ان کان به وڌيڪ آهي تنهنڪري حربي ڪافرن کي مالي امداد ڪرڻ بهر صورت منع آهي. فقهائن رح ته ايتري قدر به لکيو آهي ته اهڙو ڪم ئي نه ڪجي جنهن مان حربين کي ڪا تقويت پهچي.

قال في السير الڪبير ولا يحل لمسلم اڪستاب سبب تقويتهم علي قتال المسلمين.

ترجمو: يعني ته مسلمانن لاءِ اهڙو ڪم ڪرڻ به حلال نه آهي جو حربي ڪافرن جي جنگي قوت جو سبب بڻجي.

فقيهن رحمهم الله تعاليٰ جي هن قول مان ”ماقامت المعصيته بعينه يڪره و اهو السلاح والکراع والعبيد وما فلا وهو الطعام والقماش“ جي ماڻهو دليل وٺي چون ٿا ته هٿيارن جو واپار حربين سان هن لاءِ منع آهي جو هٿيارن جي جند سان جنگ ڪئي وڃي ٿي. باقي ڪپڙن ۽ اناج ۽ اهڙي طرح روپين جي جند سان جنهن حالت ۾ جنگ ڪا نه ڪئي وڃي ٿي ته انهن سان مدد ڏيڻ جي منع به نه آهي، اگرچ سندن اهو قاعدو ظهر روايت موجب حربين کي لوهه وڪڻي ڏيڻ جي عدم جواز واري حالت ۾ ڀڄي پوي ٿو تاهم اهو دليل اعتبار ڪرڻ جهڙوئي نه آهي ڇو ته ان دليل وٺڻ جي غلطيءَ ۾ هن ڪري پيا آهن جو هو روڪڙ کي وٿ تي قياس ڪري ٻنهي کي هڪ جهڙو سمجهن ٿا، حقيقت ۾ روپين کي عام سامان وانگر سمجهڻ بي سمجهائي ۽ اجائي هوڏ آهي. ياد رکڻ گهرجي ته روپيا لوهه وانگر جنگ جو اصلي مقصد آهن يعني جيئن لوهه هٿيارن جو اصل آهي تيئن سون ۽ چاندي هٿيارن جو بنياد ۽ اصل آهي ڇو ته لشڪر جي کاڌ خوراڪ ۽ سندس پگهار لاء اها ئي ڪارآمد شئي آهي پوءِ نقد کي عام سامان جي برابر سمجهڻ انهن ماڻهن جو ڪم آهي جي دنيا و مافيها کان بالڪل بي خبرآهن. جنهن شئي کي ”نعم المعونته“ جو لقب ڏنو ويو آهي، افسوس جو اسان جا ڪي همعصر علماءَ ان کي مددگاريءَ جي معاملي ۾ ڪجهه نٿا ڪري سمجهن. حالانڪه فقهائن چڱي طرح پڌرو ڪري ڇڏيو آهي ته مٿين صورت وارو فرق هٿيارن ۽ ٻئي سامان ۾ آهي نه هٿيارن ۽ ناڻي ۾ شرح سير ڪبير ۾ فرمائي ٿو ”و هذالمعني لا يوجد في سائرا الامتعته “ يعني ته حقيقي اعانت هٿيارن جيتري ٻئي سامان ۾ بالڪل ڪا نه آهي.

هاڻي جڏهن هي ثابت ٿيو ته روپيا جنگ ۾ هٿيارن کان به وڌيڪ ضروري آهن تڏهن لازم آهي ته مالي امداد کانپوءِ ڪهڙي به قسم جي هجي ڪپڙن جي خريد ڪرڻ يا ٻئي ڪنهن اهڙي شئي جي خريد ڪرڻ سان جنهن جي ضرورت به نه هجي پرهيز ڪري ۽ پنهنجي وطن جي ڪپڙن ۽ شين تي قناعت ڪرڻ گهرجي. خاص ڪري اهڙي حالت ۾ ولايتي ڪپڙن جي خريد ڪرڻ سان پنهنجي ملڪ جي ويراني ٿئي ۽ وطن جي رهاڪن کي نقصان پهچي، جيئن ته فقهائن حربين کي اناج وڪڻي ڏيڻ جي جو ازجي ان حلت ۾ فتويٰ ڏني آهي جڏهن پنهنجي ملڪ جي رهاڪن کي ڪو نقصان نه هجي پر جيڪڏهن ان مان ملڪ وارن کي نقصان پهچي يا ضرورت هجين ته فرمايو اٿن ته

لا يخفي ان هذا اذالم يکن بالمسلمين حاجته الي الطعام فلو احتا جوه لم يجز

(ردالمحتار)

ترجمو: يعني ته اناج وڪڻڻ ان حالت ۾ جائز آهي جڏهن مسلمانن کي اناج جي ضرورت نه هجي پر جيڪڏهن کين ضرورت آهي ته پوءِ حربين کي وڪڻي ڏيڻ جائز نه آهي.

اهڙيءَ طرح جيڪڏهن ڪپڙن ۽ اناج جي خريد ڪرڻ مان پنهنجي وطن کي نقصان ٿيندو هجي ته پوءِ بالضرور ممنوع آهي لاتحاد العلة.

ڪي ماڻهو ڪپڙن جي خريد ڪرڻ کي هن ڪري جائز چون ٿا ته فقهائن هٿيارن جي وڪري کي ناجائز ۽ ٻئي سامان جي وڪري کي جائز رکيو آهي ۽ هنن خريد ڪرڻ جي ته ڳالهه ئي ڪا نه ڪئي آهي ۽ هو ڏهن سڀڪنهن شئي جو اصل اباحت آهي تنهنڪري ڪپڙن جو خريد ڪرڻ ان اصل موجب جائز چئبو. مگر افسوس جو هي بي خبر هيترو به نٿا ويچار ڪن ته ڪپڙن جي خريد ڪرڻ مان هنن کي هڪ وڏي مالي اعانت حاصل ٿئي ٿي جا بالڪل منع آهي. ۽ ان کانسواءِ (1) اهو قاعدو ان وقت لاءِ جو ٻيو ڪو دليل روڪ يا منع جو موجود نه هجي. (2) ته اهو قاعدو مختلف فيه آهي (3)ته هي به قاعدو آهي ته جڏهن مباح ۽ حرام ٻنهي جو ٽڪرو ٿئي تڏهن اتي حرام کي ترجيح ڏني ويندي. ان کان وڌيڪ عجب انهن ماڻهن جو آهي جيڪي پاڻ کي محققن مان ڳڻائين ٿا اهي ولايتي ڪپڙن جي پائڻ کي آيت ”قل من حرم زينتہ الله التي اخرج لعباده الايہ“ مان ثابت ڪن ٿا (يعني ته چئو ته جيڪا الله تعاليٰ زينت پنهنجي ٻانهن لاء پيدا ڪئي آهي ان کي ڪنهن حرام ڪيو آهي) مگر اهي نفس جا مزيد تفسير دانئي کان ايتري قدر بي خبر آهن جو کين اها به سڌ ڪا نه آهي ته اها آيت جمهور علماءَ وٽ مطلق لباس جي باري ۾ آهي يعني ته اسلام کان اڳ عرب جا ڪافر ڪعبتہ الله جي طواف واري حالت ۾ لباس ڍڪڻ کي حرام ڄاڻيندا هئا ۽ اگهاڙا ٿي طواف ڪندا هئا. انهن جي ترديد ۾ الله تعاليٰ اها آيت موڪلي يعني ته اي انسانو! الله پوشاڪ اوهان جي زينت جي لاءِ پيدا ڪئي آهي پوءِ ڇو اوهان الله جي ان عطا ڪيل زينت کي حرام ڪري اگهڙ کي پسند ڪريو ٿا. آيت جو هي مطلب نه آهي ته لباس جو ڪو خاص قسم زينت ۽ زيب آهي ۽ ان کي حرام نه ڪريو. امام ابن جرير طبري رضه پنهنجي تفسير ۾ لکي ٿو ته:

قل يا محمد لهو لاءِ الجهلتہ من العرب الذين يتعرون عند طوافهم بالبيت و يحرمون علي انفسهم ماحلت لهم من طيبات الرزاق من حرم يا ايها القوم زينتہ الله التي خلقها لعباده ان يتزينو ابها ويتجملوا بلباسها.

ترجمو: اي محمد انهن عرب جي جاهلن کي جيڪي بيت الله جي طواف وقت اگهاڙا ٿين ٿا ۽ الله جي حلال ڪيل شئي کي حرام ڪن ٿا چوين ته اي قوم الله تعاليٰ جيڪا (پوشاڪ جي) زينت پنهنجي ٻانهن لاء پيدا ڪئي آهي ان سان پاڻ کي سينگاريو ۽ ڪپڙن ڍڪڻ سان تجمل ڪريو (اگهاڙا ٿي ڇو طواب ڪريو ٿا؟)

ڪپڙن جي تجمل ۽ زينت مان سنهڙو يا نفيس ڪپڙو مردا نه آهي ۽ نڪا اها مرد وٺي سگهبي ڇو ته رسول الله صلي الله عليہ وسلم ٿلها ڪپڙا پائيندا ۽ ساديءَ زندگي کي پسند ڪندا هئا امام حسن بصري فرمايو آهي ته﷢

ڪان يجلس علي الرض ويلبس الغليظ ويرڪب الحمار ويردف عبده و ڪان يقول من رغب عن سنتي فليس مني-اهه-

ترجمو: پاڻ (رسول الله) زمين تي ويهندو ۽ ٿلها ڪپڙا ڍڪيندو ۽ گڏهه تي سوار ٿيندو هو ۽ پنهنجي نوڪر کي ٻيلهه چاڙهيندو هو ۽ فرمائيندو هو ته جيڪو منهنجي رستي کان منهن موڙيندو اهو منهنجو نه آهي.

منتخب ڪنز العمال ۾ آهي ته:

اتاما ڪتاب عمر بن الخطاب رضي الله عنہ امابعد فاتزرو وارتد وا وانتعلوا وار موابالخفاف والقوا السرا ويلات و عليڪم بلباس ابيڪم اسماعيل عليہ السلام وياڪم والتنعم وزي العجم وعليڪم بالشمس فانها حمام العرب تمعددوا واخشو شنوا واخلو لقوا اهه.

ترجمو: اسن آذربائيجان ۾ هئاسون ته اميرالمومنين عمر بن خطاب رضه جو خط آيو جنهن ۾  (لکيل) هو ته گوڏ ٻڌو ۽ چادرون ڍڪيو ۽ جتيون پايو ۽ بوٽن ۽ سٿڻن کي اڇلائي ڇڏيو ۽ پنهنجي ڏاڏي اسماعيل عليه السلام جي پوشاڪ کي لازم ڪري وٺو ۽ عجمين جي ناز نعمت ۽ رسمن کان پاڻ کي بچايو، اُس اوهان لاءِ حمام آهي ٿلها ڪپڙا ڍڪيو ۽ پراڻا ڪري لاهيو.

ان مان ظاهر آهي ته حضرت امير المومنين عمر رضي الله عنه پنهنجي آفيسرن کي تاڪيد فرمايو هو ته ٿلهو ڪپڙو ڍڪين ۽ سادي زندگي گذارين. اهڙين حالتن هوندي به افسوس جو ڪي هن وقت جا علماءَ سنهن باريڪ ڪپڙن کي زينت ۽ پنهنجي وقار جو سبب ڄاڻين ٿا ۽ ٿلهي ڪپڙي يعني کاڌي يا جوڙيءَ کي عيب سمجهن ٿا. ڪي علماءَ هن ڪري بگڙجن ٿا ته حلال کي حرام چيو وڃي ٿو پر سندن اهو خيال ۾ به سمجهيءَ ڪري آهي ڇو ته هو ايترو به نٿا ڄاڻين ته ولايتي ڪپڙن جي نه خريد ڪرڻ جو حڪم حرمت لغيره جي ڪري آهي يعني ته ولايتي ڪپڙن جي خريد ڪرڻ مان حربين کي مالي مدد ملي ٿي تنهنڪري اهو ڪپڙو نه وٺڻ گهرجي ۽ نه پائڻ گهرجي. هن ڪري ان کي حرام نٿو چيو وڃي ته هو حرام لعينه يا نجس آهي ۽ اها ڪراهيت غصب ٿيل زمين يا چورايل ڪپڙن ۾ نماز پڙهڻ وانگر- آهي لاغير.

تنبيهه- ڪن کي شڪ ٿيو آهي ته ڪپڙن جو واپار انگريز سوداگرن سان آهي نه حڪومت سان تنهنڪري ان جو نفع ان ملڪ جي سوداگرن کي پهچي ٿو نه حڪومت کي. ان جو جواب هي آهي ته فقيهن حربيءَ جي مدد کان منع فرمائي آهي پوءِ حاڪم هجي يا محڪوم. پوءِ انهن ۾ فرق ڪٿان ثابت ڪيو وڃي ٿو؟ از آن سواءِ گذشته زماني ۾ شخصي بادشاهت هوندي هئي ۽ حڪومت کي تجارت سان گهڻو تعلق ڪو نه هوندو هو. اسان جي زماني جي هڪ ٻئي حالت آهي ڇو ته حڪومت جو بنياد ئي واپار تي رکيل آهي واپارين جا پارليامينٽ ۾ عوصي آهن ۽ پارليامينٽ جنهن جي هٿ ۾ خود بادشاهه به بي وس آهي اها ئي تجارت جي سرپرست ۽ ان جو اصلي حاڪم آهي پوءِ تجارت کي امداد ڪرڻ حقيقت ۾ ڄڻ حڪومت کي امداد ڪرڻ آهن.

ريل ۽ ڊاڪخانه (ٽپال) جي اخراجات جو نفع اگرچه پنهنجي وطن ۾ خرچ ٿئي ٿو ۽ ڪجهه ٿورو حصو بچت ولايت ۾ به وڃي ٿو ان هوندي به به شڪ نه آهي ته اها به هڪ وڏي مدد ۽ منع ۾ داخل آهي، پر جنهن صورت ۾ ان جي ترڪ ڪرڻ سان پنهنجي وطن وارن جي نقصان ۽ سندن ضروري ڪمن جي خراب ٿي وًڃڻ جو سبب آهي تنهنڪري هيٺين فقهي قاعده موجب،

الضرورات تبيي المحظورات اي ان الاشياءَ الممنوعتہ تعامل کالاشياءَ المباحتہ وقت الضرورت و قاعدة الضرر الاشد يزال بالضررا لاخف.

(شرح المجلة)

ترجمو: ضرورتن ڪري منع ٿيل شيون به مباح ٿينديون آهن يعني ته ضرورت جي وقت ممنوع شين کي مباح شين وانگر استعمال ڪري سگهجي ٿو. (2) قاعدو آهي ته هلڪي نقصان سان ڳري يا سخت نقصان کي زائل ڪيو ويندو آهي.

ضرورت جي وقت ضرورت جي قدر موجب فقهي قاعدي ”الضرورات تقدر بقدرها“ نقصان جي دفع ڪرڻ لاءِ ان حڪم مان مستثني آهي ۽ ولايتي ڪپڙن کي ان حڪم حظريا حرمت واري مان ڪڍڻ جي ڪا ضرورت ڪا نه آهي.  ڪمالا يخفي

هذا والعلم عند الله سبحانہ و تعاليٰ حرره المسڪين محمد صادق.

کڏه ڪراچي

29 شوال سنه 1340 هه.

تقريظات علماءَ هندو پنجاب کي بعد ملاخطه تحرير هذا تسيطر نموده اند

بسم الله الرحمٰن الرحيم

نحمده و نصلي علي رسوله الڪريم

هوالمعصوب في الواقع اعانت کفارمحاربين خاصتہ درحالت محاربه علي الخصوص بان ايشيا ڪه ڪفار را اعون برقتال مسلمين باشند- اهل اسلام و بلاد و صنائع و حرف آن ازو متضرر شوند مکروه تحريمي ست و ڊاک

وريل رابرهمون قياس بايد ڪرد الابوقت الحاجته بقدر الضرروة موافقا لاجازة صاحب الشرع صلوة الله عليہ وسلامه- ولا اعلم-

حرره الفقير محمد عنايت الله عفا الله عنه فرنگي محل لکهنو.

شنبه 5 ذي القعد سنه 40 هه.

آنچه مجيب لبيب درين تحرير تحقيق فرموده است حق وصواب است اهل اسلام را از اعانت ڪفار محاربين اسلام بهر نوعي بقدر وسعت اجتناب لازم است والله ولي التوقيق. ڪتبه الاحقر عزيز الرحمان عفي عنه.

ديوبند 3 ذي القعد سنه 40 هه مفتي دارالعلوم

الجواب صواب    محمد انور عفا الله عنه.

(صدر مدرس دارالعلوم ديوبند)

الجواب صحيح   فقيراصغر حسين عفا الله عنه. (ديوبند)

کفار محاربين کي ايسي اعانت ڪرنا جس سي مسلمين ڪي بربادي مين امداد پنهنچي هو اورجو ڪفار ڪي شوڪت و تسلط ڪي از دياد ڪا باعث هو ممنوع هي اور اپني استطاعت کي موافق ايسي اعانت سي احتزاز واجب هي بديشي مال خصوصا ولايتي ڪپڙا خريدنا يقينن موجوده حکومت ڪي تقويت عظيم ڪا موجب هي.

شبير احمد عثماني عفا الله عنه (مدرس دارالعلوم ديوبند)

جواب مسئلہ مستفسره شرعي دلائل پر مبني اور بالڪل صحيح اور درست هين.  (مولانا مولوي) عبدالقادر صاحب صدر مجلس خلافت صوبه پنجاب لاهور.

هتي الامکان ڪفار محاربين ڪي بديشي احتزاز لازم هي لهاذا مجيب مصيب هين-  فضل حق عفي عنه (رکن جمعيتہ العلما هند لاهور)

اصاب من اجاب- عبدالعزيز لاهوري (منشي فاضل- ومولوي فاضل مدرس شاهي مسجد لاهور)

لاينبغي ان پرتاب فيه

غلام مرشد کان الله لہ

خادم دارالعلوم نعمانيہ هند لاهور

جواب صحيح هين

ابو محمد احمد عفي عنه امام مسجد صوفي لاهور

الجواب صحيح- فقير عبدالهادي

مقيم دين پور رياست بهاولپور

هذا ما عندي من الجواب

اعلم والله بالصواب

احمد علي عفي عنه لاهوري

هذا هوالحق والحق احق ان يتبع

فقير ابوالنصرعبدالرزاق معلم شمس العلوم

مولويان تحصيل نوشهره (پنجاب)

تصيحات و تقريظات علماءَ صوبه سنده

بمد نظر جمعيت اسلامي و جذبه وطنيت باوجود موجودگي ثياب مصنوعه برادران اسلام و اهالي وطن خود احتزاز خريدن ثياب مصنوعي کفار حربيان اعداءَ دين لازم و متحتم است.

المصحح الفقير محمد قاسم المتوطن في ڳڙهي ياسين

هذا هوالحق وماذا بعدالحق الاالفلال

الفقير مير محمد نورنگي

الجواب صحيح والراي نجيي

عليشير ساکن لکپور تعلقه اٻاوڙه (سکهر)

الجواب صحيح والمجيب مصيب

العبد الضيف عبدالطيف عفي عنه

مدرس مدسه دار الرشاد  ڳوڻه پير جهنڊا، ذوقعد سنه 1340.

هذا هوالحق والحق احق بالاتباع

عبدالوهاب کولاچي
مقيم مضافات شکارپور سنده

کذالک ينبغي

(پير سيد) ابوالفيض ضياءَ الدين راشدي عفي عنہ

(گوڻهه پير جهنڊه ضلع حيدرآباد سنده)

صحيح الجواب

اناالوفاءَ عبدالعليم عفي عنه

محافظ کتبخانه عليہ ڳوڻهه پير جهنڊه

هذا هوالحق فماذا بعدالحق الاالضلال.

عبده اسدالله الحسيني عفي عنه (قاضي حيدرآباد سنده)

نائب صدر جمعيتہ علماءَ صوبه سنده

مااجاب المجيب فهوا حق بالقبول

کتبہ احقرالزمن عبده محمد حسن الهاشمي

المجددي مقيم ڳوڻهه ميان صاحب تعلقه شڪارپور سنده

هذا صحيح-فقير محمد اسماعيل

مقيم ڳوڻهه ميان صاحب شڪارپور

هذاالجواب صحيح-فقير يار محمد

گوڻهه ميان صاحب من مضافات شکارپور

هذا هوالحق بتحقيق الحق

شيخ شفيع الدين گوڻهه ميان صاحب

صحت المسئلتہ

عبدالستار عفي عنه عمرپوري بلوچستان

هذا هوالحق حرره الفقير

عبدالڪريم الچشتي شڪارپوري

ماحرره المحقق فهو حق

فقير محمد فضل الله شکارپوري

هذا حق لاريب فيہ

حکيم عبدالکريم- جيکب آباد

المجيب مصيب

حکيم قائم الدين-حال مقيم جيکب آباد سنده

هذا الجواب صحيح

محمد رحيم بخش کورينجائي تعلقه جيکب آباد

هذالجواب صحيح لا يخالفه الا المتعصب

محمد عبدالطيف ٺل سرحد سنده

المجيب مصيب

خادم خلافت محمد صالح- شهدادڪوٽي

الفرق بين عدم جواز اشتراءَ ثياب غير الوطن و جواز رکوب المرکب الناري و جواز التريسل بذريعه البريدان في الاشتراءَ نفع عظيم و اعانتہ للحربيتہ بخلاف اجرة البريد والمرکب الناري فان في رفضها ضرر عظيم لنا و نفع قليل لهم وما هذا الا للضررة—حرره محمد اسماعيل المتوطن عودي تعلقه ٺل (جيکب آباد)

هذا هوالحق

عبدالغفار- (ڻهل)

ما قال المحققون فهو حق

احمد دين ڳڙهي حسن (ڻهل)

از اول تا آخر شنيدم همه صحيح است

خدابخش (کشمور سنده)

هذا هوالحق

در محمد ساکن ڻهل ضلع سرحد سنده

صح الجواب

فقير عبدالکريم محمد پوري جيکب آباد سنده

نعم کل ما استعان به اهل الحرب في محاريتہ اهل الاسلام فبيعہ وشرائہ

حرام انا العبدالا واه حماد الله- هاليجي پنه عاقل ضلع سکهر سنده

المجيب مصيب

العبد محمد اسماعيل- نوان کوٽ تعلقه اٻاوڙه (سکهر)

هذا حقيق عند من آمن بالله و رسولہ

فقير محمد و اصل مقيم رستم تعلقه سکهر

الجواب صحيح

ابوالمکارم محمد مبارک جنده ديره-ڳڙهي ياسين

هذا حق-عبدالغفور-آباد عليشاه (سکهر)

هذا هوالحق والحق احق ان يتبع

محمد اسماعيل پٽاوري- پنه عاقل (سکهر)

ما حرره الفاضل المحقق فهو حق

محمد صادق- پنہ عاقل

هذا ما عندي من الجواب

عبدالعزيز- ٿريچاڻي متصل روهڙي (سکهر)

ذلک کذلک و نحن علي ذلک

حافظ موسيٰ مقيم ڳڙهي ياسين (سکهر)

هذا صحيح و منکره مردود

عبدالکريم متوطن کنڌهر

من مضافات ڳڙهي ياسين

هذا هوالحق

سيد غلام رسول شاهه چڪائي متصل (سکهر)

الجواب صحيح

مولوي صاحبڏنہ قرني ڳڙهي ياسين

صحت الجواب

پير (سيد) عبدالفتاح شاهه (نئون ديره) ضلع لاڙکانه

صحيح پير (سيد) حفظ الله شاهه

ساکن نئون ديرو

صحيح پير (سيد) محمد مقيم شاهه (نئون ديرو)

صحيح پير سيد محمد منير شاهه (نوان ديره)

صحيح پير غياث الدين راشدي (نوان ديره)

اعانت المحربي معصيتہ

صحيح مولوي عبدالله بنگلديرائي (ضلع لاڙکانه)

هذا هوالحق المبين

انا الحقير محمد قاسم ٺلاهي (لب درياه-لاڙکانہ)

صحيح مولوي محمد صديق- حمل تونيه (لب دريا)

قداصان فيما اجان شهاب الدين- شهر فاضل ڪلهوڙه (لب دريا)

مان اجاب الفاضل فهو صحيح-فقير محمد قاسم عفا الله عنه مقام ڦلپوٽا (تعلقه رتوديره) لاڙکانه.

هذا هوالحق المبين-فقير شفيع محمد ملوي (لب دريا)

التحقيق حق- فقير غلام حسين- ڳوٺ گل محمد تونيه (لب دريا)

هذا الجواب صحيح-فقير شفيع محمد تونيه-ڳوٺ سجاول (لب دريا) فقير عبدالواحد- ڇڄڙا (قمبر)

هي تحرير صحيح آهي- خادم العلماءَ (حڪيم محمد عثمان ڳوٺ ٻٺڙا تعلقه ڪڪڙ لاڙڪاڻه)

المسئلہ صحيحتہ، الفقير خاوند ڏنه مدرسه ٻٺڙا سندهي الجواب حق لاريب فيہ، عبدالقادر عفي عنه، علائقه ڪڪڙ هذا الجواب هوالحق، فداءِ محمد باغائي، تعلقه ميهڙ صح الجواب، فقير رسول بخش، شهر گل ٻرڙه تعلقه واره هذا ما عندي من الجواب، عبدالرحمان، ٿرڙي هاجران واره قد اصاب فيما اجاب، فقير نواب الدين، من مقام بني (قمبر) الجواب صحيح، فقير عبدالوهاب، ڳوٺ گاهي مهيسر تعلقه ميهڙ، نثار احمد، مرزان پور جاگير غيبي خان تعلقه نصير آباد الجواب صحيح لاريب فيه، محمد وارث ڀاڻائي (ميهڙ) الجواب حق، خادم خلافت عبدالکريم ساکن کبر نئو تعلقه ميروخان، ختمت علي ختم العلماءَ لانهم ورثتہ النبياءَ، المسکين محمد سليمان الراجي الي رحمتہ ربه الرحمان ٿرڙي محبت (ميهڙ).

جاءِ الحق و زهق الباطل، معين الدين کنياري عفي عنه-دادو.

الجواب صحيح والمجيب نجيح، حکيم فضل محمد نوشهره فيروز، صحيح پير سيد محمد عطا شاهه راشدي-ڳوٺ ٻٽ سرائي (ميهڙ) ماحققہ المولوي المحقق فهو حق حقمق بالمقبول لا يعرض عنه الاالجهول انا الفقير عبدالڪريم حنفي (قمبر)

صحيح پير سيد محبوب شاهه راشدي

سيد پير معين مهدي شاهه ڳوٺ پير جهنڊه

صحيح پير سيد محمود شاهه راشدي مقيم ماتلي

صحيح پير سيد خيرالله شاهه راشدي ماتلي

الجواب صحيح محمد صالح ميرپورخاص

الجواب صحيح عبدالله احمد بديڻ

هذا المسئلتہ صحيحتہ العبد غلام علي بديڻ

هذا حق حقيق والمخالف عنه فهيق العبد محمد سعيد بديڻ.

الجواب صحيح محمد حسين ميرپور بٺورو (ضلع ڪراچي)

الجواب صحيح محمد عمر جتوئي ميرپوربٺورو

الجواب صحيح احمد علي ڊينگاڻ ڀرڳڙي

الجواب صحيح محڪم الدين (ندري) جيمس آبادي

الجواب حق والمجيب حق محمد امين (فدائي) ڊينگاڻ

هذا هوالحق فقير حبيب الله (ميهڙ)

الجواب صحيح فقير محمد عبدالخالق مورائي مقيم ڪراچي

الجواب صحيح محمد صديق مدرسه مظهرالعلوم محله کڏه ڪراچي

اعانتہ الحربي معصيتہ باي وجه کان فقير عبدالرحمان متعلوي

المجيب مصيب فقير الهه بخش عنه ڳوٺ لشاري پوسٽ ٽلٽي.

تقريظ از عالم رباني فاضل لاثاني

مولانا پير محمد حسين جان صاحب

سرهندي (سامارو)

هوالمصوب-آنچہ مولوي محمد صادق درمنع اشتراءِ ثياب از ڪافر محارب نوشتہ صحيح و مقبول است و آنچه مخالفين درجو از آن دلائل مي آرند قبپي و مروددرين خصوص اينقدر نوشته ميشود کہ در اشتراءِ ثياب از کفار نفع کفارو نقصان مسلمانان ظلهر وباهر است کہ موافق و مخالف بران متفق اندراين مخالف اغراض شرع شريف است و ممکن نيست کہ شرع شريف تجويز امري کند کہ موجب نفع کفار و نقصان مسلمانان مي باشد وهرکہ خلاف آن ميگويد شرع را موجب فساد ميداند نه صلاح- و قباحت اين ظاهر است، و آنچ بعش کسان ميگويند کہ اصل در ايشيا حل اوباحت است و مسئله شراءِ ثياب از لعل حرب براصل خود است باطل و مردود است کسيکہ قرآن شريف خوانده باشد چنين نميگويد زير آنکہ بيع و شراءِ باکفارعين موالات آنها است وبرائي منع موالات آنقدر تاکيد شديد کہ در قرآن شريف آمده بعد از شرک براءِ هيچ کبيره نيامده و حديث ثمام بن اثال مصلحتہ صرف فروختن بعض اشياءِ ازکليہ منع متشني ميکند نه خريدن آنها و خريدن رابہ تحکم در استثناءِ فروختن داخل کردن چنانچہ است کہ کسي لات و عزارا ذر استثناءِ لاالہ الا الله داخل کند- و آنچ بقياس جو ازبيع ثپان برآنها جو از اشتراءِ ثياب از انها کرده نيز باطل و مردود است نمي بيني کہ فروختن اسلحہ بر کفار محاربين حرام و خردن اسلحہ ازانٻان حلال پس ازينجان بضراحت معلوم شدکہ بيع و اشتراءِ مخالف يکديگراست نه  مطابق پس قياس خريدن برفروخت کردن غلط فاحش است-ديگر انکہ جون اسلحہ بران حرام شد و خريدن اسلحہ بنا بر مسلمات ايشان حلال لازم آمد کہ درصورت ثياب فروختن آنها بر کفار محاربين حلال گردد خريدن از ايشيا خرام گردد- لان البيع والشراءِ متضادان حڪما کما هو ثايت في مسئلہ الا سلحة وقاعده الامر بالشيءَ نهي عن ضده فاحفظ فانہ نافع جدا- تدفع بہ جميع مڪائدهم.

شعر

فقل للدهر انت اصبت فالبس- بزعيک دوننا ثوب الحداد

اذاقدمت خاتمتہ الزرايا- فقد عرضت سوقک للکساد

کتبہ ڪثير الذين والشين

محمد حسين عفي صنه في الدارين

تقريظ از جناب مولانا صاحبزاده

پير محمد اسماعيل جان صاحب سرهندي

آنچه جناب الحاج مولوي محمد صادق صاحب نوشتہ است لائق قبول موافق کتاب الله و کتاب الرسول است.

ردت بلاغتها دهوي معا رضها

رد الغبوريدالجاني عن الحرام

درين شک نيست کہ آنچ بعض مخالفين بخلاف ”ولا تکونن ظهيرا للکافرين“ باميد صلہ ايمان فروشي بکمال سرجوشي پشتيباني ديوار شرارت مخالفان اسلام آخر زپاءِ افگند قصر دين متين سيد الانام کوشيده و از شوق مذکوره متاع دين و ايمان راحتي المقدو بالائي طلق نهادة.

خانه دين خراب ست کہ ارباب صلاح

در عمارت گري قبہ دستار خود اند

پايد دانست کہ از مخالفت آنها نتيجہ ديگر محسوس نمي شود الا انکہ رونق بازار تجارف اعداءَ مضاعف و دوبالا گردد وبلباس ملکي آينده کسي نه پردازد فلهذا مخالفين اسلام اگربقدر سرموءِ شعرو آدميت ارند واز لباس انسانيت بکلي عاري نيستند بايد کہ دلائل خود بنوع اشتهار بر فرق باب ولايت به آب زر بنگارند و فرزندان هندرا بعشوه شاهد هفوات خود مائل و متوجه خويش گردانند- اما قابل افسوس و حسرت غربت و بيکسي اسلام و مسلمانان ست کہ درين آوان مصيبت اقتران هرکس و ناکس بمخالفت آنان مستعد و طيارو از موافقت ايشان هر کهه و مهه کما قال الله تعاليٰ ”ڪانهم يساقون الي الموت وهم ينظرون“ بري و بيزار.

لمثل هذا يذوب القلب من ڪمد

ان ڪان في القلب ايمان و اسلام.

اللهم اهد الصراط المستقيم والسلام علي اهل الرضا والتسليم العبد الضئيل محمد اسماعيل مجددي ڪان الله لہ.

آنچه جناب مولانا محمد صادق تحرير فرموده است حق است و مطابق حکم کتاب سنت و کتب شرع هست.

انا العبد محمد عاقل العاقلي عفا الله عنه.

المسلئتہ صحيحتہ

ابوالمحامد فتح محمد السيوستاني عفي عنه

الجواب صحيح حاجي عبدالقادر مدرس مدرسه دائودي (ميهڙ)

خادم خلافت مسکين محمد ابراهيم تعلقه ميهڙ ڳوٺ جتوئي

ماهذا الاالحق العبد فتح علي مدرس دارالفيض هاشميه سجاول

استعمال سوديشي کي لئي نهمني اپني رساله سوديشي مين (جو جمعيتہ العلماءِ سنده منعقده حيدرآباد سنده مين پيش ڪيا تها) صاف کرديا هين علاوه اسوه آنحضرت صلي الله عليہ وسلم وسلف صالحين کي اوامر صحيح آنحضرت ڪي نقل گئي هين. جن سي صاف ثابت هوتا هين ڪہ کهدر پهننا اور ديسي اشيا ڪا استعمال ڪرنا نه صرف اوليٰ هين بلکہ مامور من الشارع هين.

ابو تراب محمد نورالحق- صدرالمدرسين درگاه صاحب العلم

هذا المسئلہ صحيحتہ- ابوالفيض غلام عمر عفا عنه رب البشر سونہ جتوئي-لاڙڪاڻه.

اعانتہ الحربي مصيتہ-احقر محمد فاضل متعلوي

هذه المسئلہ صحيحتہ- در محمد حملي (لب دريا)

قد اصاب فيما اجاب- غلام محمد ساکن سونو جتوئي لاڙڪاڻه

هذا هوالحق لاريب فيہ- فقير عبدالرحمان- ميهڙ

هذا هوالحق الصريح-دوست محمد-پتولي ضلع کامل پور حال مقيم سکهر پيش امام مسجد گام حاطہ

الجواب صحيح-معين الدين صديقي سيوستاني

ذلک الفضل من الله-نصيرالدين صديقي سيوستاني

باسم سبحانہ- يا ايهاالدين آمنو خذو زينتکم عند ڪل مسجد-

ولا يخفي ان لازينتہ الابمالہ العزفي القوم وما اجازه الله و رسولہ والمومنون فباي حديث بعده يومنون- و قال جدي رحمتہ الله تعاليٰ

تاج تقوي برسرم ازخشن پوشي عارنيست

خادم القوم والوطن ناصر الدين محمد حسن الصديقي سيوستاني

حرمتہ اعانتہ المحارب منصوص عليہ فلا يتاب في هذا الکتاب محمد سليمان ازپنه ميرپوربٺوره

اصاب من اجاب- عبده ضعيف محمد حنيف الهاشمي ميرڻهي حال مقيم کراچي

ذلک کذلک- تاج محمد نصرپوري

الجواب صحيح- محمد عثمان بلوچ مدرسه ريکسر لائين کراچي

هذا هوالحق-عبدالڪريم الدرس ڪراچي

شک نيست کہ مباشرت احباب تقويت کفار برمجاربه مسلمين حرام ست ودرين زمانه تجارت کفار يورپ از اعظم اسباب قوت ايشان ست پس در اجراءِ معاملات تجارت تقوير ايشان و در مقاطعئه مصنوعات کفار محاربين تضعيف ايشان يقيني ست پس برهر مسلم کہ اعلاءِ کلمتہ الله و توهين اساس کفر مطمي نظر اوست حکم بمقاطعه تجارت محاربين ضرورتي ست- و تحرير مولانا محمد صادق صاحب حق و صواب ست والله اعلم.

محمد کفايت الله غفرلہ

مدرسہ امينيہ دهلي

مافيها ڪلہ صحيح خادم العماءَ دين محمد وفائي

ناظم جميتہ علماءِ صوبه سنده

Printed by Din Mohammad Mistri Chatan  (Alig)

“Al-Wahid” Electric Printing Press, 429, Mc Leod Road Karachi.

And Published by:

Molvi Din Mohammad Molvi Gul Mohammad Secretary

Jamiatul-Ulema Sind, 428. Mc Lead Road Karachi.

Good Wishes