” گل حيات ۾ موجود علمي ۽ ادبي گڏجاڻين جو رڪارڊ“
اسان گل حيات اداري ۾ نہ فقط شاندار ماضيءَ بابت دستاويزي شاھديون گڏ ڪيون ٿا،پر پنهنجي دور جي شخصيتن،ادارن ۽ واقعن بابت بہ مواد ۽ معلومات گڏ ڪندا آھيون.اسان جي مواد ۽ معلومات گڏ ڪرڻ جو طريقو اھڙو آھي جو پڙھندڙ يا محقق کي ڪتابن اخبارن ۽ رسالن جا ورق ورائڻا نہ پوندا ۽ وقت ڏيڻو نہ پوندو. پر اھا شئي،اھو مواد ۽ اھا معلومات کين فائيلن ۾ موجود ملندي. اسان اھا معلومات مختلف ڪتابن ۽ رسالن ۽ اخبارن مان گڏ ڪندا ويندس آھيون. اسان جيڪو موضوع چونڊيندا آھيون انهي کي وري ننڍن موضوعن ۾ تقسيم ڪري رکندا آھيون.مثال طور“ اغوائون“ ھڪ موضوع آھي. انهي جا ننڍا موضوع آھن. 1. جيڪي اغوا ٿيا 2. ڌاڙيل ۽ اغوا ڪندڙ 3. اغوائن تي ماڻھن ۽ پريس جو رد عمل. 4. اغوائن جي وارداتائن خلاف پوليس يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو آپريشن. گل حيات ۾ 10 سالن ۾ ٿيل اغوائن جو رڪارڊ موجود آھي. جنهن جو مطلب ٿيو تہ في سال 4 فائيل ٿيا ۽ 10 سالن ۾ انهن جو رڪارڊ 40 فائيل ٿيو.ھاڻي جڏھن ڪو محقق يا شاگرد ايندو تہ ان کي انگريزي،اردو ۽ سنڌي اخبارن جي دفترن ۾ وڃي گوڏا ڀڃي اخبارون پڙھڻ جي ضرورت نہ ٿيندي پر اھو مواد کيس گل حيات مان فقط 5 منٽن ۾ ملي سگهندو.
بلڪل ان مثال کي ڌيان ۾ رکي آئون عرض ڪندو ھلان تہ انگريزن جي دور کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين اڻ ڳڻيون ادبي ۽ ثقافتي جماعتون ٺھيون. جن مان اھم جماعتن يا سوسائٽين تي الڳ الڳ فائيل گل حيات ۾ موجود آھن. اسان پنهنجي دور جي ادبي جماعتن جو تعارف لکي پنهنجي ويب سائيٽ تي رکيو آھي. انهن منجهان “ بزم طالب المولا“ ۽ “سنڌي ادبي سنگت“ جي احوال ۽ ڪارڪردگي کي الڳ الڳ رکي باقي سنڌ ۾ ٿيندڙ مختلف ادبي ۽ ثقافتي گڏجاڻين ڪانفرنسز،سيمينارن،ورڪشاپن ۽ ڪتابن جي مھورتي پروگرامن جا احوال ڪرانالاجيڪل آرڊر ۾ فائيلن ۾ محفوظ ڪيا آھن.
“سنڌي ادبي سنگت “ تي ڊاڪٽر ادل سومري پي ايڇ.ڊي ڪئي ۽ بابا سائين ان جو اگزيمنر ھيو. ڊاڪٽر ادل سومري جو ھي مثالي “ڪم سنڌي ادبي سنگت“ کي ڇپرائڻ گهرجي ڇوتہ ھن وڏي جاکوڙ ڪري ھڪ جامع ۽ مستند ڪم ڪيو آھي .گل حيات وري انهي تحقيقي ڪم کان علاوه سنڌي ادبي سنگت ۽ ان جي ڪارڪردگي بابت لڳ ڀڳ سمورو مواد گڏ ڪيو آھي جنهن کي ڪرانالاجيڪل آرڊر( تاريخ وار) ۾ رکي اسان پنهنجي خرچ تي ڪمپوز ڪرائي پنهنجي ويب سائيٽ تي رکيو آھي. اھا ڳالھ سمجه ۾ مون کي ھن وقت تائين نہ آئي آھي تہ اسان جن فردن يا ادارن جي مواد گڏ ڪرڻ ۾ وڏي محنت ڪيون ٿا،وقت ڏيون ٿا ۽ پئسي جي قرباني ڏيئون ٿا اھي ماڻھون يا ادارا اک کڻي بہ اسان جي ڪم کي نٿا ڏسن،ويب سائيٽ تي رکيل مواد مان فائدو نٿا وٺن ۽ ائين خاموش ٿي ويهن ٿا ڄڻ اسان ڪنهن صديون پراڻي شخصيت يا تنظيم تي ڪم ڪيو آھي جنهن جو ڪو ھن وقت والي وارث يا پونئير ڪونهي.جس ھجي منهنجي والد صاحب کي جيڪو اھڙي صورتحال ۾ بہ مواد ۽ معلومات گڏ ڪري ٿو ۽ ھاڻي تہ اسان کي بہ انهي ڪم ۾ پاڻ سان گڏ کڻي ٿو.ھي اھڙو ڏکيو ڪم آھي جنهن جي ڪرڻ ۾ پنهنجي نفرت خواه محبت جي جذبن کي پاسيرو رکڻو ٿو پوي .جيڪڏھن اسان فقط محبت کان ڪم وٺئون تہ رڳو انهن شخصيتن ادارن ۽ واقعن تي مواد گڏ ڪيئون جن کي اسان چاھيون ٿا يا جن سان محبت ڪيون ٿا.پر اسان تہ اھڙن ادارن ،شخصيتن ۽ واقعن تي بہ مواد جي ميڙي چونڊي ڪيون ٿا جيڪي شايد ھونئن اسان کي نہ وڻندا ھجن. غير جانبداري نفرت ۽ محبت کان گھڻو اوچي ٿيندي آھي ۽ اسان انهئ اصول تحت گل حيات ۾ ڪم ڪيون ٿا.
اڄ هن پوسٽنگ جي ٽائيٽل طور مون جنهن فائيل جو عڪس سنگت سان ونڊيو آھي اهو ان جو جلد نمبر 15 آھي.ھي آخري جلد نہ آھي پر بس جيڪو جلد ھٿ ۾ آيو ان جو کڻي عڪس ڪڍيم .
مان موقعي جو فائدو وٺي پنهنجي علمي،ادبي۽ ثقافتي تنظيمن جي عھديدارن ۽ ڪارڪنن کي گذارش ڪندس تہ اھي جيڪي بہ سرگرميون ڪن ٿا انهن جي رپورٽ بابت ٿيار ڪيل پنهنجوپريس رليز اخبارن کي موڪلڻ سان گڏ اسانکي بہ ڏياري موڪلن تہ جيئن گڏ ٿيندڙ مواد ۾ ان کي بہ شامل ڪري سگهجي .ھي قومي ۽ تاريخي ڪم آھي جنهن ۾ سنڌ واسين کي گل حيات سان سهڪار ڪرڻ گهرجي. آئون پنهنجي ايڊريس ھتي نوٽ ڪرايان ٿو: ممتاز علي پٺاڻ گل حيات ادارو ڳوٺ ۽ پوسٽ خير محمد آريجا تعلقو باڪراڻي ضلعو لاڙڪاڻون.(ممتاز پٺاڻ)