20190207 133404
 
“ورھاڱي کان اڳ واري سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“
1884 ۾ سنڌ ۾ پھرين ادبي جماعت ٺھي جنهن جو نالو ھيو “ ميڪس ڊينسو ھال لائبريري ۽ ريڊنگ سوسائٽي“ ھيءَھڪ بمبرج نالي پادري ٺاھي ھئي جنهن ۾ ھفتيوار ادبي گڏجاڻيون ٿينديون ھيون ۽ ڪتابن جو“ اجتماعي مطالعو“ ڪيو ويندو ھيو ۽ انهن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي ويندي ھئي .انهي کان پوءِ “ڊي جي سنڌ ڪاليج“ ڪراچي ۾“ انڊين مجلس“ جي نالي سان ادبي تنظيم جڙي جنهن جو اڳتي ھلي نالو مٽائي “ ڊي جي ڪاليج لٽرري اينڊ ڊراماٽڪ سوسائٽي“ رکيو ويو. سنڌ مدرسي ۾ بہ استادن ۽ شاگردن گڏجي اھڙي جوت جلائي. 1947 تائين مکيہ تعليمي ادارا اھڙيون تنظيمون ٺاھيندا رھيا.پر “ دي رابندرناٿ ٽيگور لٽرري اينڊ ڊراماٽڪ سوسائٽي“، “ساھٿ سڀا“ ۽ “سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“ اھي فعال ۽ اھم ادبي تنظيمون ھيون جيڪي تعليمي ادارن کان ٻاھر ٺاھيون ويون ۽ جن سالن جا سال سنڌي ٻولي جي جهولي ڀري،ثقافت کي سيراب ڪيو ۽ تاريخي تحقيق جا گل ٻوٽا ھنيا .
“سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“، سنڌ  جي ممبئي کان عليحدگي کان ترت پوءِ قائم ٿي،جيڪا ون يونٽ جي لاڳو ٿيڻ کان ڪجه وقت اڳ تائين ڏاڍي فعال رھي ۽ ھن سوسائٽيءَ  سنڌ جي تاريخ تي ايڏو تہ وڏو ۽ اھم ڪم ڪيو آھي جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آھي.
بابا سائين گل حيات ٺاھڻ کان پوءِ جيڪو پھريون پمفليٽ ڇپرايو ھيو ان جو عنوان ھيو “ردي ڏيو ۽ تاريخ وٺو “ مان ان ۾ ھي اضافو ڪرڻ گهران ٿو تہ “ پنهنجي تاريخ پاڻ محفوظ ڪيو نہ تہ اھا ردي جي حوالي ٿي ويندي“. ھئ ڳالھہ مون ان ڪري ڪئي تہ “سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“ جي رڪارڊ جو ھڪ اھم فائيل بابا سائين پراڻن ڪتابن جي لڳل بازار مان ردي جي حساب سان ورتو ھيو . انهي فائيل ۾ سنڌ جي تاريخ جا تمام اھم دستاويزات لک پڙھ جي روپ ۾ موجود آھن. مان ھڪ مثال ڏيندو ھلان تہ 22 مئي 1945 تي ( منهنجي والد ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي ڄمڻ کان 3 ڏينهن اڳ) سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽيءَ ھندستان جي آرڪالاجيءَ جي ڊائريڪٽر جنرل کي خط لکيو تہ “ مھين جي دڙي مان لڌل ڪيتريون اصلي شيون اوھان اتان کڻي پنجاپ ۽ دھلي ۾ رکيون آھن. سنڌ ھاڻي صوبائي حيثيت ورتي آھي ۽ انهن نادر شين جي سنڀالڻ جي اھل آھي،سو اسان جون شيون اسان کي موٽائي ڏيو.“ انهي خط جو عڪس مون ھن پوسٽ ۾ رکيو آھي. مشھور آرڪيالاجسٽ ڊاڪٽر مارٽي ميئر ويلر انهي زماني ۾ ھندستان جي آرڪالاجي جو ڊائريڪٽر جنرل ھيو.ھن 24 جولاءِ 1945 تي “سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“ کي ھڪ تفصيلي جواب ڏنو.جنهن ۾ ھن لکيو تہ “مھين جي دڙي ۽ ٻلھڙيجي واري پاسي ڏاڍي چوراڪاري آھي جيڪڏھن اھي نادر شيون اوھان کي واپس ڪبيون تہ ڊپ آھي تہ انهن مان ڪي چوري ٿي وڃن ۽ اوھان انساني تھذيب جي اھم شاھدين کي گم ڪرڻ جو سبب بڻجو.“ ھي اصلي خط بہ گل حيات اداري ۾ سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي جي فائيل ۾ موجود آھي.
ھسٽاريڪل سوسائٽي جي ھندستان جي ٻين يونيورسٽين ۽ تاريخي تحقيق ڪندڙ ادارن سان خط و ڪتابت رھي.سنڌ مان آثاريہ قديمہ جون ڪھڙيون شيون چوري ٿي ٻين ادارن تائين پھتيون اھي احوال بہ ھسٽاريڪل سوسائٽي جي رڪارڊ ۾ موجود آھن.
ھسٽاريڪل سوسائٽي  جي انهي رڪارڊ  ۽ ان طرفان شايع ٿيل رسالن جي مطالعي ڪرڻ کان پوءِ بابا سائين انهي گڏ  ڪيل مواد ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو آھي.مثال طور “ دي جنرل آف دي ھسٽاريڪل سوسائٽي“ جي ڪيترن پرچن جي بابا انڊيڪس ٺاھي آھي ۽ ان جي عھديدارن خواه ميمبرن جي سوانح لکي آھي سمورن جا نالا ڏيڻ تہ مشڪل آھن پر انهن منجهان ڪجه نالا ھن ريت آھن: سر مانٽيگو ويب،سيد ميران محمد شاھ،مير بند علي خان، فقير جي ڪائوسجي، اي.ايل.پرائيس، ڪي پناھ،سھراب ڪيٽرڪ، ڊاڪٽر ڊئيريٽ، غلام رسول ڪيھر،حيدر بخش جتوئي، جي ايم سيد،حاتم علوي، بولچند راڄپال،ڀيرومل آڏواڻي، آسانند مامتورا، لالچند جڳتياڻي،سوڀراج نرملداس، ڊاڪٽر گر بخشاڻي، روچيرام سڏاڻي،ڊاڪٽر دائود پوٽو وغيره اھي سمورن ميمبرن مان ڪجه ميمبر آھن.
سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي جا 3 قسمن جا ميمبر ھوندا ھئا. پھريون قسم “سرپرست“ جو ھوندوھيو جيڪو سال ۾ 5000 ھزار روپيہ ڏيندو ھيو.اڪثر ڪري سنڌ جا گورنر انهي سوسائٽي جا “سرپرست“ رھيا. ٻيو قسم “تاحيات ميمبر“ جو ھيو  جيڪو سال ۾ 100 روپيہ ڏيندو ھيو . ٽيون قسم “عام ميمبر“ جو ھيو جيڪو سال تي 6 روپيہ ڏيندو ھيو. سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي جون ماھوار انتظامي گڏجاڻيون ٿينديون ھيون پر سال ۾  ھڪڙو ڀيرو جنرل باڊي جي گڏجاڻي ٿيندي ھئي جنهن ۾ عھديدارن جي چونڊ ڪرڻ کان سواءِ گذريل سال جي ڪارڪردگي ۽ ايندڙ سال جي پرگرام جي رپورٽ منظور ڪئي ويندي ھئي. ھر ٽئين مھيني ھڪ  ادبي گڏجاڻي ٿيندي ھئي جنهن ۾ محقق ميمبر پنهنجا تحقيقي مقالا پڙھند  ھئا جيڪي پوءِ سوسائٽي جي رسالي ۾  ڇپيا ويندا ھيا.
ھن پوسٽ لکڻ جو مقصد فقط اھو آھي تہ مان گل حيات ۾ گڏ  ٿيل مواد بابت دوستن کي ڄاڻ ڏيندو رھان .جيڪڏھن مون کي وقت مليو تہ آئون ھن سوسائٽي تي ڪتاب ضرور لکندس. پر جيڪڏھن ڪو محقق ايم فل يا پي ايڇ ڊي لاءِ تحقيق ڪرڻ گهري تہ گل حيات ادارو ڀرپور مدد ڪرڻ  لاءِ پاڻ کي پابند سمجهي ٿو.( ممتاز پٺاڻ)

Good Wishes