“پيپلز پارٽيءَ کان اڳ پيپلز پارٽي“
گل حيات ۾ گڏ ڪيل فائيل کوليندو آھيان تہ ھڪ طرف تاريخ جون عجيب ۽ انوکيون ھڪجهڙايون ڏسي کلي پوندو آھيان، تہ ٻئي طرف وري بابا سائين(ڊاڪٽر پٺاڻ) جي محبت_ ھاڻيءَ محنت ۽ ميڙي چونڊي ڏسي پريشان ٿي ويندو آھيان تہ ھن شخص اڪيلي سر تاريخي اھميت ۽ افاديت وارو مواد ڪيئن گڏ ڪيو آھي.بابا سائين چوندو آھي تہ “مان محقق نہ آھيان پر ايندڙ دور جي ڪيترن محققن لاءَ ماحول جوڙيان ٿو ۽ مواد گڏ ڪيان ٿو.“ بابا جي اھا انڪساري آھي .ڇو تہ دنيا ڄاڻي ٿي تہ ھو محقق بہ آھي تہ ليکڪ ۽ شاعر بہ آھي.1980 کان وٺي لڳاتار ڪالم لکڻ ڪا معمولي ڳالھہ نہ آھي.سالن کان وٺي روزانو سڀ،شام ۽ رات جا منظوم سلام لکڻ جو مثال اڃا ڪنهن ٻئي شاعر قائم ڪو نہ ڪيو آھي.اھڙي ريت سالن کان وٺي “ ڪاوش“ ۾“ تاريخ جي دري کلي ٿي“ جي سري ھيٺ تاريخي مواد ماروئڙن کي پھچائڻ جو ڪم ڪنهن ٻئي محقق ۽ ليکڪ نہ ڪيو آھي.
بابا سائين طرفان گڏ ڪيل مواد جو ھڪ حوالو مون ھن پوسٽ جي شروعات ۾ ڏنو آھي جنهن ۾ ٻڌايم تہ تاريخ ڪڏھن ڪڏھن ڪنهن روپ ۾ پاڻ کي دھرائي ٿي. انگريزن جي دور ۾ “ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن“ ھئي.انهي نالي سان اسان جي دور ۾ پڻ اھڙي نالي سان تنظيم جڙي جيڪا سالن کان وٺي سماجي خدمتون سر انجام ڏيندي رھي ٿي. اسان جي دور ۾ ذوالفقار علي ڀٽي “ پاڪستان پيپلز پارٽي“ ٺاھي پر 1934 ۾ سندس پيءُ سر شاھنواز خان ڀٽي “پيپلز پارٽي“ ٺاھي جنهن جي پھرين گڏجاڻي جا اصلي ڊاڪيومينٽس گل حيات اداري ۾ موجود آھن ۽ پھرين گڏجاڻي جي ڊرافٽ جو عڪس مون اڄ سنگت سان ھن پوسٽ ۾ ورھايو آھي.
سر شاھنواز خان ڀٽو انهي “پيپلز پارٽي“ جو ليڊر ھيو.جڏھن تہ خان بھادر اللہ بخش سومرو ۽ ميران محمد شاھہ ان جا ڊپٽي ليڊر ھيا. حاتم علوي کي پارٽي جو خزانچي بڻايو ويو ھيو .جڏھن تہ سائين جي ايم سيد ان جو سيڪريٽري ھيو .
ھن پارٽي کي انهي ڪري ٺاھيو ويو تہ جيئن ميمبر سازي ڪري ايندڙ ۽ ٿيندڙ چونڊن ۾ لوڪل بورڊن،ميونسپالٽين ۽ اسيمبلي ۾ پارٽي جي اڪثريت بڻائي وڃي ۽ انهن جي اختيار جو استعمال ڪندي زندگي جي ھر ھڪ شعبي ۾ مثبت تبديليون آنديون وڃن . خاص طور تي سماجي سڌارن ،اقتصادي پروگرامن،عورتن جي ڀلائي ۽ وسيع نظر سياسي نظرئي تي ڪم ڪيو وڃي. ھن پارٽي جا جيڪي“ ڊرافٽس رولس“ بڻايا ويا ۽ ان جو پوليٽيڪل پروگرام تشڪيل ڏنو ويو اھو پڻ اصلي صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آھي.
ھن پارٽي ۾ مٿي ذڪر ڪيل عھديدارن کان سواءِ جن ٻين سياستدانن جا نالا ملن ٿا انهن مان ڪجه نالا اوھان سان شيئر ڪيان ٿو ۽ اھي آھن: مولابخش سومرو، محمد علي شاھ درٻيلائي، محمد علي شاھ مٽياروي، پير بقادار شاھ،خانبھادر چاڪر خان، شاھنواز شاھ، حاجي عبدالرحيم شاھ ۽ خانبھادر غلام النبي شاھ وغيره.
ھڪ ڳالھہ جيڪا منهنجو ذاتي رايو آھي اھا ھي آھي تہ سائين جي ايم سيد انهي زماني ۾ سياسي سرگرمين جو ھڪ فعال سياسي اڳواڻ ھيو. ھن پارٽين ٺاھڻ ۽ پارٽين کي ڪامياب ڪرڻ ۾ جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون انهن کي ڪنهن بہ صورت ۾ نظر انداز ڪري نٿو سگهجي. سنڌ ۾ مسلم ليگ سندس ئي ڪوششن سان ھڪ مقبول پارٽي ٿي ۽ پيپلز پارٽي جي جيڪا 12 آگسٽ 1934 تي گڏجاڻي ٿي ھئي اھا پڻ ڪراچي ۾ “حيدر منزل“ ٿي ھئي ۽ سائين جي ايم سيد جو اھو گھر “حيدر منزل“ سياست جو اھم مرڪز رھيو آھي.
ھئ پيپلز پارٽي تڏھن ٺھي جڏھن سنڌ اڃا ممبئي کان الڳ نہ ٿي ھئي .1936 ۾ جڏھن سنڌ کي صوبائي حيثيت ملي تہ نئين سر سياسي صفبندي شروع ٿي ۽ جماعتون ٺھڻ لڳيون. انهي سلسلي ۾ 1936 ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ٺھي جنهن ۾ سرشاھنواز ڀٽي ۽ سر حاجي عبداللہ ھارون کي قيادت ڏني وئي. پر قيادت ۽ عھدن جي مسئلن تي سنڌي مسلمان سياستدانن ۾ اختلاف پيدا ٿيا. ان ڪري سر غلام حسين ھدايت اللہ ۽ خانبھادر محمد ايوب کھڙي وڃي پنهنجي مسلم پوليٽيڪل پارٽي جي نالي سان نئين ۽ الڳ پارٽي ٺاھي. انهن ٻنهي پارٽين جي ٺھڻ کان پوءِ “پيپلز پارٽي“ جو سياسي عمل دخل ختم ٿي ويو. ھن پيپلز پارٽي جو مواد اسان وٽ موجود آھي ۽ انهي تي ايم فل جي ڊگري لاءِ تحقيق ڪري سگهجي ٿي جنهن دوست کي يا پيپلز پارٽي وارن کي ھن مواد جي ضرورت پئي تہ اسان ڏيڻ ۾ ڪو عار نہ ڪنداسين. (ممتاز پٺاڻ)