“گل حيات ۾ پاڳارا ڪارنر بابت گڏ ٿيندڙ مواد“
گل حيات اداري ۾ اسان جيڪا مواد ۽ معلومات جي ميڙي چونڊي ڪندا آھيون ان لاءِ ڪي خاص ۽ اھم موضوع اڳ ۾ ئي ذھن ۾ رکي ڇڏيندا آھيون جن ۾ شخصيتون،ادارا ۽ واقعا اچي ويندا آھن.
سنڌ کي پيرن فقيرن جي نگري چيو ويندو آھي ۽ سنڌ واسي قلندر شھباز، مخدوم نوح ،شاھہ عنايت شھيد، لطيف ،سچل سرمست ۽ پاڳارن جي درگاھن جون مٽيون ڀرڻ ۾ سڪون محسوس ڪندا آھن. اسان جو بابا سائين (ڊاڪٽر پٺاڻ) لبرل قسم جو مسلمان آھي پر ڪنهن جو چڳ وڍيو مريد ڪونهي. کيس انهن درگاھن جي نظرياتي،روحاني، سياسي ۽ علمي ادبي خدمتن جو احساس آھي ان ڪري ھن ذميواري محسوس ڪئي تہ انهن درگاھن تي تاريخي تحقيق جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاء مواد گڏ ڪيو وڃي. ان ڪري گل حيات اداري ۾ پاڳارا ڪارنر پڻ ٺاھيو ويو آھي تہ جيئن انهي درگاه جي قيام کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين پاڳارن جيڪا سنڌ جي مذھبي،سياسي ۽ ادبي خدمت ڪئي آھي ان بابت مواد ۽ معلومات کي گڏ ڪيو وڃي.
پير پاڳاري ۽ ٻين درگاهن سنڌ جون جيڪي خدمتون ڪيون آھن انهن بابت درگاه جي معتقدن ۽ مريدن تمام سٺو ڪم ڪيو آھي . پر غير جانبدارانا انداز سان ڪم ڪرڻ جون حالتون پيدا ٿي نہ سگھيون آھن.
اوھان جيڪڏھن اسان جي ويب سائيٽ کي ڏسندا تہ انهي تي پاڳارن بابت چڱو خاصو مواد ملي ويندو. حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي 63 سالن جي آڌار تي ٺھيل ڪرانالاجي پڻ ويب سائيٽ تي موجود آھي جيڪا نہ فقط جامع آھي پر ڪنهن شخصيت تي ڪرانالاجي ٺاھڻ جو ھڪ مثال پڻ آھي.جيئن بابا سائين ھڪ پاڳاري جي ڪرانالاجي ٺاھي آھي تيئن باقي پاڳارن تي بہ ڪم ڪري سگهجي ٿو.
پاڳارا درگاه جو باني پير محمد راشد روزي ڌڻي اسان جي ڳوٺ خير محمد آريجا ۾ علامہ محمد آريجويءَ وٽ بہ پڙھيو ھو .انهي نسبت کي ڌيان ۾ رکندي اسان گل حيات اداري ۾ پاڳارا ڪارنر قائم ڪيو آھي. پاڳارا ڪارنر قائم ڪرڻ جو ٻيو جواز اھو ھيو تہ شھيد سورھيہ بادشاھہ ۽ سندس مريدن گڏيل ھندستان ۾ انگريزن خلاف وڏي مزاحمتي تحريڪ ھلائي ۽ وڏيون قربانيون ڏنيون پر ڏک جي ڳالھہ اھا آھي تہ آزادي جي تحريڪ تي لکڻ وارن شھيد سورھيہ بادشاھہ ۽ سنڌ جي ڪارنامن تي جائز ۽ ڀرپور نموني سان گھٽ لکيو آھي. جڏھن تہ گڏيل ھندستان ۾ حرن جيڪي جاني ۽ مالي قربانيون ڏنيون ۽ تڪليفون برداشت ڪيون ان جو مثال انهي دور جي ڪا بہ سياسي تنظيم ڏئي نہ سگهي آھي.
اڄ جنهن ڪاڳر جي تصوير مون سنگت سان ونڊي آھي اھا انهي ڳالھہ جي گواھي ڏئي ٿي تہ اسان جي ڪم ڪرڻ جي تاريخي ۽ تحقيقي بصيرت ڪھڙي قسم جي آھي. اسان جن بہ سياسي پارٽين تي ڪم ڪيو آھي انهن بابت بہ اھڙائي پروفارما ھزارن جي تعداد ۾ ڇپراياسين تہ جيئن مستند طريقي سان معلومات گڏ ڪري سگهئون.
گل حيات ۾ اسان اھا ئي ڪوشش ڪئي آھي تہ شھيد سورھيہ بادشاھہ کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين پاڳارن جي سياسي ۽ ٻين خدمتن بابت مواد گڏ ڪيون. سورھيہ بادشاھہ جڏھن انگريزن سان ٽڪر کاڌو تہ سرڪاري ايجنسين حر تحريڪ بابت پنهنجي مطلب واريون مخفي رپورٽون تيار ڪيون، جيڪي اڃا تائين اڻ ڇپيون آھن. پر اسان وٽ موجود آھن.سنڌ اسيمبليءَ حرن بابت ايڪٽ پاس ڪيا ۽ انهن تي نظرثاني ڪئي اھڙو مواد پڻ گل حيات اداري ۾ موجود آھي. اھڙي ريت جڏھن سنڌ ممبئي کان الڳ ٿي تہ سنڌ جو گورنر جيڪي سورھيہ بادشاھ بابت ھندستان جي سرڪار کي مخفي خڀ لکيا انهن جو ڪجه حصو پڻ گل حيات ۾ موجود آھي. پاڳارا ڪارنر بابت اسان ھڪ رپورٽ ۽ ان جو تفصيلي ڪيٽالاگ ترتيب ڏئي ڇپرايو آھي جيڪو 16 صفحن تي مشتمل آھي.انهي کي ڏسڻ ۽ پڙھڻ کان پوءِ گهڻن دوستن کي اھو مڃڻو پوندو تہ گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد ۽ معلومات منفرد نوعيت جي آھي.
وقت جي تقاضا اھا ئي آھي تہ سنڌ جي مکيہ درگاهن بابت الڳ الڳ ريسرچ انسٽيٽيوٽ جوڙيا وڃن جيڪي غير جانبداري سان تحقيق ڪن درگاهن جي ڪارڪردگين تي ڪتاب ترتيب ڏين .ھن وقت تائين انهن درگاهن ۽ گادي نشينن بابت جيڪو لکيو ويو آھي اھومواد پڻ گڏ ڪن ۽ انهي مواد جي آڌار تي جامع ببليو گرافي پڻ مرتب ڪن.(ممتاز پٺاڻ)