“ گل حيات اداري جون اشاعتي خدمتون“
چوندا آھن تہ “ وڇ ڪڏي ڪلي آھر“ اھڙي نموني سان ادارا بہ ھلائڻ لاءِ ناڻي جا جهول گهرجن. اسان ڪڏھن پين پنو کڻي بابا سائين سان ڪو حساب ڪتاب نہ ڪيو آھي تہ ھن گل حيات کي ھلائڻ لاءِ ڪيترو خرچ ڪيو يا ھن وقت تائين ڪري رھيو آھي. مثال طور گل حيات جي شاندار بلڊنگ تي ڪيترو خرچ آيو؟ ايئر ڪنڊيشن،فوٽو اسٽيٽ مشين،بجلي ۽ گئس جا بل اداري ٺھڻ کان وٺي ڀربا رھجن ٿا. ڪتابن جي خريداري،ڪمپيوٽر آپريٽر جي پگهار،اسٽيشنري جي خريداري،ٽپال تي خرچ ۽ اھڙا کوڙ سارا ٻيا خرچ آھن جيڪي بابا سائين پنهنجي کيسي مان ڀري ٿو ۽ انهي حوالي سان ڪنهن سرڪار يا درٻار کان نہ تہ بابا گهريو آھي ۽ نہ وري ڪو ماڻھو اھا ڳالھہ ڪندو تہ ھن گل حيات اداري کي ھلائڻ لاءِ ڪا مالي مدد ڪئي ھجي. مالي مدد تہ ڇا پر ڪن دوستن ۽ علم جي گهڻ گهرن تاريخي ۽ تحقيقي ڪم تي بابا تي ڇوھ ڇنڊيا آھن ۽ انهن جي ڇنڊن کان اسان بہ ڪو نہ بچيا آھيون. ڪمال آھي عظيم قوم جي ھنن ماڻھن کي جن کي نفرتون ۽ اجايون تنقيدون اسان تي نڇاور ڪرڻ تي ڪا تڪليف نہ ٿي ٿئي.پر بابا سائين انهن ڳالھين تي ڪڏھن توجه ڪو نہ ڏنو آھي.
گل حيات ٺاھڻ جو پسمنظر اھو ھيو تہ بابا جڏھن پي ايڇ ڊي جي ڊگري لاءِ تحقيق ڪندو ھيو تہ انهن ڏينھن ۾ تلخ تجربن، ڪن ماڻھن جي غير فياضي ۽ ڪتب خانن ۾ مواد يا معلومات جي اڻاٺ بابا کي انهي ڳالھہ تي سوچڻ لاء مجبور ڪيو تہ سنڌ ۾ ڪو اھڙو ادارو ھجڻ گهرجي جيڪو ھڪ طرف محققن کي مواد ۽ معلومات فراھم ڪري ۽ ٻئي طرف عام لکيل پڙھيل سنڌي ماڻهن کي اخباري ڪالمن،گڏجاڻين ۽ سيمينارن ذريعي ماضي جي مطالعي بابت چاھہ پيدا ڪجي ۽ تحقيقي لکڻين بابت فني ڄاڻ ڏجي. گل حيات ٺھڻ کان پوءِ بابا سائين “ھلال پاڪستان“ ۾ “ گل-گل حيات جا“ جي عنوان سان پنهنجي ڀاءُ امير بخش پٺاڻ سان گڏجي ھفتي وار ڪالم شروع ڪيو .جيڪو لڳاتار 2 سال ھليو .انهي ڪالم ۾ گل حيات اداري جي ڪارڪردگي بہ ٻڌائي ويندي ھئي،شاندار ماضي جي مطالعي جو اتساھہ بہ پيدا ڪيو ويندو ھيو ۽ تاريخي اھميت واري مواد کي ميڙڻ چونڊڻ جا دڳ ۽ طريقا بہ ڏسيا ويندا ھيا.
گل حيات جو ڪم فقط تاريخي تحقيق جي اھميت جي تبليغ ڪرڻ نہ ھئو پر ان جو اھم ۽ بنيادي ڪم ھي ھيو ۽ آھي تہ تاريخي اھميت وارو مواد گڏ ڪري ان جي عام فھم ۽ آسان ڊاڪيومينٽرين ڪري اداري ۾ رکجي.بابا سائين لڳاتار 10 سال ڏينهن رات ھڪ ڪري مواد ۽ معلومات جا سوين فائيل ٺاھي ورتا جن جي موضوعن بابت آئون وقت بوقت پنهنجي سڄڻ پڙھندڙن کي معلومات ڏيندو ٿو رھان.
انهي بنيادي ڪم ڪرڻ کانسواءِ بابا گل حيات ۾ سماجي نوعيت ۽ اھميت وارا ڪم پڻ ڪيا. مثال طور فري ڪوچنگ سينٽر ٺاھي ھلايائين جنهن جي نگراني سندس ڀاءُ،منهنجو چاچو امير بخش پٺاڻ ڪندو ھيو. پاڙي ۾ چوڪيداري سسٽم مانوس ڪرايائين ۽ اھو پوءِ ٻين پاڙن بہ شروع ڪيو. ان کانسواءِ فري ريڊنگ روم بہ قائم ڪيائين جنهن ۾ ڳوٺ جا نوجوان ۽ لکيا پڙھيا اچي اخبارون پڙھندا ھئا.
گل حيات اداري جي مقصدن ۾ اھو بہ شامل ھيو تہ جيڪا تحقيق اداري ۾ ڪئي ويندي انهي کي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو ويندو. پر ان لاءِ اسان کي ڪو قارون جو خزانو هٿ نہ لڳو جو ڪتابن ڇپرائڻ جي حسرت پوري ڪري سگهجي. پر ان ھوندي بہ گل حيات طرفان ڪجه ڪتاب شايع ٿيا جيڪي ڊاڪٽر بدر اڄڻ، محمد بچل تنئي ۽ علي گل سانگيءَ جا لکيل آھن.ڊاڪٽر بدر اڄڻ بابا سائين جو پڳ مٽ يار ٿئي. ٻئي اسلاميہ ڪاليج ڪراچي ۾ ليڪچراري گڏ ڪندا ھئا ۽ سندن دوستي جو آغاز اتان 1973 کان وٺي ٿيو. مرحوم محمد بچل تنيو بابا سائين جو ٿوري وقت لاءِ ئي سھي پر استاد ھيو. ھن وٽ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو باني پرنسيپال محمد يوسف شيخ ۽ نامياري محقق ۽ شاعر ڊاڪٽر بشير احمد شاد بہ پڙھيا ھيا.جڏھن شيخ محمد يوسف ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو پرنسيپال ھيو تہ مرحوم محمد بچل تنيو ۽ بابا سائين ڪاليج جي “ بورڊ آف گورنرس“ جا ميمبر ھيا ۽ ڪنهن وقت کان پوءِ سندس زور ڀرڻ تي بابا سائين ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو پھريون وائيس پرنسپال ٿيو. علي گل سانگي گل حيات جي ڪم کان ڏاڍو خوش ۽ متاثر ھيو. ھو گل حيات ۾ گهڻو ايندو ھيو. اسان جي اداري انهن ٽنهي مھربانن جو ھڪ ھڪ ڪتاب شايع ڪرايو جن منجهان اڄ علي گل سانگئ جي لوڪ گيتن جي ڪتاب“ گجر پائي گج“ جي ٽائيٽل پيج جي تصوير ونڊي رھيو آھيان .ھي ڪتاب 1998 ۾ شايع ٿيو جيڪو 272 صفحن تي مشتمل آھي .(ممتاز پٺاڻ)